تارخون مدي خارج دوائن
۽ کريل گهڙالن جا ڍير آهن
اسان جو اڄ
ڪالهه گذري چڪو آهي
ماضي ئي اسا ن جو مستقبل بڻجي چُڪو آ
اسان موت وٽ مسواڙي آهيون
اسان وٽ کوٽو وقت آهي
جيڪو ڪٿي کپي ئي نٿو
ان ڪري اسان خريد ڪرڻ کان معذور آهيون
خدا به اسان کي پالينٿو سگهي
بدقسمستي به اسان جو ساٿ ڇڏي وئي آ
اسان زندگيءَ کي پاراتو آهيون
جيڪا به اک اسان کي ڏسي ٿي
اها سڙي ٿي پئي
بُک کي به اسان مان ڀوء ٿو ٿئي
ته متان اسان ان کي به کائي نه وجون
اسان اهي لاوارث آهيون
جيڪي پنهنجي پاڻ جي وارث هجڻ جي
ڇڙي دعويٰٰ به نٿا ڪري سگهون
اسان جي ملڪ جو منظر نامو ڪو اسان کان مختف ناهي
وڻ اداس روح آهن
جن ۾ ويرانيءَ جا جِن
واسو ڪري ويٺا آهن
انسانن جون دليون
اٺن جي پاڇولن جيان رڙنديون ٿيون وڃن
اکين جي ڦاٽل ٻورين مان
ڳوڙهن جو ان وهندو ٿو رهي
پئي پئي خواب گُسا ٿي ويا آهن
آسمان مٿان سينور چڙهي ويو آهي
ڪيئن وسن
ڪڪر به زنگجي ويا آهن
ستارن کي به ڏندن جيان
ماڪوڙي کائي ويئي آهي
چنڊ جي بدن تي ڦُرڙيون نڪري پيون آهن
سج کي اڌرنگو ٿي پيو آهي
ماکيءَ مکيون شگر جون مريض ٿي پيون آهن
پاڻيءَ جا مجسما
صحرا ۾ جلا وطن ڪيا ويا آهن
ان کان وڌيڪ ڪهڙي ڪٺورتا ٿي سگهي ٿي جو
ڦوڪڻن مان ڦُٽل ٻارن کي
معاشرو ڦاڙي ڇڏي ٿو
۽ انهن جا جيڪي والدين نه ٿي سگهيا
انهن جي عزت بچي وڃي ٿي
مهاڻا ٻيڙيون کپائي
اُٺ خريد ڪري رهيا آهن
وقت چريائپ جي رفتار سان اڳتي پوئتي ڊوڙي رهيو آهي
دل جي ديوار تي
وهمي ڪِرڙيون چنبڙي پيون آهن
ڪرائي جي ملڪ ۾
خيراتي قوم رهي ٿي
آدم خور نقابن
بکايل بگهڙن وانگر
انساني چهرن تي حملو ڪري ڏنو آهي
پاڇا جسمن کي چيرن ڦاڙن ٿا
جيئري جسمن سان
مڙدن جي مهمانوازي ڪئي وڃي ٿي
تلوارن جي طوفان ۾
وڻ منش ڪٿان بچندا
هر ڪنهن وٽ قانوني جواز آهي
ته اهو ٻئي کي ماري سگهي ٿو
هر ڪنهن وٽ آسماني اجازت نامو آهي
ته اڳليو واجب القتل آ
*.*
6.2017