بگهڙ جي اوناڙ وانگي
چنڊ اڀريو آهي
جيئن جي سرسراهٽ وانگر ستارا
جڳمڳائڻ لڳا آهن
اڪيلائيءَ جي خالي پئماني ۾
مان تنهجي تصور کي اوتي
سوچن جي چپن سان
سرڪيون ڀري رهيو آهيان
مون کي اهو وقت ياد آهي
جڏهن محبت جي رات ،ميهونڳيءَ ۾
پنهنجا جسم
ميڻ بتين وانگر پئي ٻريا
جوانين جو سوجهرو هيو
تون پنهنجي وارن مان اُڻي ريشمي ڪپڙو
ان مان منهنجي لاءِ وڳو سبي کڻي آئي هئينءَ
۽ مان پنهنجي وارن مان ٺاهي
توکي تحفي ۾ ڏني
۽ خوابن جي منڊيءَ ۾
مان پنهنجيون اکيون مڙهائي
محبت جي مڱڻيءَ مهل توکي پارائيون هيون
اسان هر ستاري تي هر سال
هني مون ملهائڻ جو سوچيو هو
پاڻ طئه ڪيو هيوسين ته سڄي حياتي
سيلانين وانگر گذارينداسي
خيمو پنهنجو گهر هوندو
جيڪو هتان پٽي هُت هڻبو
رڳو جيئبو ۽ رُلبو
زندگيءَ جي شاهراهه تي هلندي
اوچتو اهڙو طوفان اچي ٽڪرايو
جو هٿن مان وصل جي ڇٽي ڇڏائجي وئي
وڻ اسان جي رستي تي ڪري پيا
ٽٽي پيون دلين جو تارون
عشق ارٿ ٿي ويو
ارمانن جون ڇتيون اڏامڻ لڳيون
حسرتن جون ڀتيون ڪري پيون
۽ پاڻ وڇوڙي جي کاهيءَ ۾ ترڪي ڪرياسين
۽ صديون اسان کي وهائي ويون
*.*
1.2015