مان محاذ تان موٽيو آهيان
تون جهاز تان لٿي آهين
شايد تون به وڇوڙي واررو سڄو عرصو
زندگيءَ کان ٻاهر ويل هئينءَ
اڄ پاڻ گڏيا آهيون
ته سورج مکين جو سيلاب آيو آهي
رابيل مکڙين جو مينهن وسيو آ
جانان! جنگ جو احوال پڇين ٿي ته ٻُڌ
وڇوڙي جو سڄو عرصو
مان برف ۾ دفنايل لاش هيس
محاذ تي هلايل منهنجي هر گولي
مون کي ئي پئي لڳي
سچ پڇين ته جنگ ۾ ڪو به ناهي کٽيندو
سچ ته اهو آهي محبت ۾ ڪوبه هارائيندو ناهي
توکي الوداع ڪندي مهل ائين ڀانيو هيم
شام سمي ٻيڙيءَ تي سج سوار ٿي
سمنڊ جي ٻئي پار وڃي رهيو آهي
هميشه هميشه ڪڏهن به نه ورڻ لاءِ
آهه ڪيتيون نه يادون آهن
جيڪي اڄ مان توسان دُهرائڻ ٿو چاهيان
پرين ياد ٿو پويم ته
مان توکي پهريون دفعو
اسٽيشن تي ڏٺو هو
تون خوابن جي ريل سوار ٿي رهي هئينءَ
پنهنجو پيار هوائي اڏي تي پروان چڙهيو هيو
ساڀيان جي جهاز ۾ سفر ڪندي
۽ پاڻ بندرگاهه تي وڇڙيا هئاسين
قي منهنجا محبوب
هونئن به ريلوي اسٽيشنون
سامونڊي بندرگاهه ۽ هوائي اڏا
عشق لاءِ ڏاڍيون موزون
۽ شاعراڻيون جڳهون آهن
آههُ!
پر تا حياتي انهيءَ ڳالهه جو افسوس رهندم
مان تنهنجي لاءِ اسڪول مان ته گُسائي وٺندو هيس
پر الائي ڇو جنگ تان گسائي نه سگهيس
*.*
4.2017