اي ٻچڙا!
مان بچائڻ رڌل آهيان
هڪ ڪتابي وڻن جو جهنگل
جنهن ۾ ڦٽندڙ هر پن تي آهي
ڪا ڪهاڻي ڪو نظم لکيل
انهيءَ ڪتابي جهنگل ۾ رهندڙ
هر پکي جيت جڻيو ۽ جانور
آهي پڙهيل لکيل
جنهن کي علم جو ويري
وقت جو ابوجهل
باهه ڏئي ساڙڻ ٿو چاهي
اي ٻچڙا!
مان بچائڻ ۾ رُڌل آهيان
هڪ موسيقيءَ جو شهر
جنهن ۾ هر گهر آهي سازن جو ٺهيل
جنهن جا سڀ رهواسي آهن راڳي
۽ رستا رقص
هنن جي تهذيب ترنم
هنن جي ثقافت شاعري آهي
مصوري هتان جي موسم
قرب هتان جو قانون آهي
اي ٻچڙا!
منهنجي رت جو گروپ
الف کان ي تائين واڌو به آهي
ته ڪاٽو به
مان ڪنهن جي روح کي
روشنيءَ جو رت ڏئي سگهان ٿو
پوءِ اهو روح
رات جو هجي
يا ابليس جو
اي ٻچڙا!
مان شاعريءَ مان پنهنجي ضرورت جي
هر شيءِ جوڙي وٺندو آهيان
عشق جي اسم اعظم سان
سرڪش حسن جهڪائي وڌو اٿم
قرآن جهڙو گلدستو آهي دل منهنجي
جنهن جي ڪا ڌڙڪن گيتا جو شلوڪ
ڪا ڌڙڪن بائيبل جي آيت
ڪا زبور جو ذڪر
ڪا توريت جو ترانو آهي
مان دوزخي عورتن جو اوتار شاعر آهيان
او ٻچڙا!
مان خلا ۾ جهنگ پوکيا آهن
مان لفظن جي رٻڙن سان
ملڪن جو ن سرحدي لڪيرون ٿو ڊاهيان
او ٻچڙا!
اڃا مڪانن جي مونجهارن مان ڪڍي
انسانن کي ٿانيڪو ڪرڻو اٿم
هوائن جي گهرن ۾
رهڻ سيکارڻو آ سڀن کي
وجودن جي جاگرافي
وحدانيت سمجهائڻي آ انهن کي
انهن کي هڪ اهڙي ٻولي سيکارڻي آ
جنهن ۾ سڀ ٻوليون ڳالهايون ۽ سمجهيون وڃن
تيزيءَ جي تهذيب کان آشنا ڪرائڻو آ سڀني کي
انهن جي جسمن کي روحن وانگر
۽ روحن کي جسمن وانگر بنائڻو آ
خيال جهڙو ڪيئن ٿيو آ
انهيءَ۾ مهارت ۾ ڀڙ ڪرڻو آ سڀن کي
اي ٻچڙا!
ماڻهو ماڻهوءَ ۾ ملائي
ائين سڀ گڏائي
ٻيهر هڪ آدم ٺاهڻو آ مون کي
****
2017