جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
نظم هليا ويندا آهن
۽ شاعري وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳندي آهي
جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
درد دهلجي ويندا آهن
۽ وڇوڙي کي پنهنجي
سِرَ جي اچي لڳندي آهي
جڏهن به مان توکي سڏيندو آهيان
ته لونءَ لونءَ مان
تنهنجون وراڻيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن
۽ مان پڙاڏن جي
ڪائنات بڻجي ويندوآهيان
جڏهن به مان
توکي ساهه کڻندي ڏسندو آهيان
مون کان ساهه کڻڻ وسري ويندو آهي
پر مون ۾ ساهه پئجي ويندو آهي
جڏهن به مان
تنهنجن چپن تي
پنهنجي آڱر رکندو آهيان
ته اها لپ اسٽڪ بڻجي پوندي آهي
جڏهن به مان تنهنجي وارن تي هٿ ڦيريندو آهيان
ته اهو هٿ هيئر ڪيچر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي
جنهن کي تنهنجون سهيلون حسرت منجهان ڏسنديون آهن
*.*