منهنجي جلاوطنيءَ جي ڪهاڻي
ڏاڍي ڊگهي آهي
مون کي پٺيءَ تي پرن بدران
کُليل ڪتاب ڦٽي پيو
ته پرستان مان لوڏي ڇڏيائون
ڪهرام مچي ويو
جنهن مهل منهنجي دل ڌڙڪي
ته مئل ڄاڻائي
دفنائي ڇڏيائون
مون منجهه هئو ساحلي شهر جهڙو ڇوڪرو
جيڪو منهنجي سوچن جي سمنڊ ۾
غرق ٿي ويو
مان اهو خواب آهيان
جنهن کي ڏسڻ لاءِ
ڪابه اک راضي نٿي ٿئي
ايماندار آفيسر وانگر
جنهن جي هڪ اک کان ٻي اک
بدلي ٿيندي رهي ٿي
مان اها ڌڙڪن آهيان
جيڪا هڪ دل کان
ٻي دل دربدر ٿيندي
ٿُڏجندي ٿي رهي
ائين سمجهه
مان اهو اڻڄاڻ ٻار آهيان
جيڪو هر عورت کي منٿون ڪري رهيو آهي
ته مونکي پنهنجي پيٽ ۾ جاءِ ڏئي
پر ڪابه عورت
مون کي ڄڻڻ جو جوکم نٿي کڻي.
*.*