خوشبُوءَ- نگر
مون کي اُهي شاعر ۽ انهن جي شاعريءِ نه وڻندي آهي، جيڪي غزل جهڙي نرمل، ڪومل ۽ نفيس صنف کي “جانِ عالم ـ انجمن آرا” ۽ “ممتاز ـ دمساز” جي قصي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. هـُو ايڏن ڊگهن (طويل) بحرن ۾ غزل لکندا آهن. جو رسالي جو پورو پيج ويڪر ۾ والاري ويندا آهن ۽ ڊگهائي ۾ ته ٽي چار صفحا يا اڃا به وڌيڪ رسالي جا صفحا ڳڙڪائي ويندا آهن. ڳالهه اها آهي ته انهن دوستن کي ٻوليءَ تي دسترس نه هوندي آهي، مطالعو وسيع ڪونه هوندو آهي ۽ مشاهدي ۾ به “ڪورا” رهجي ويل هوندا آهن. پوِءِ هو غزل جي سوچيل شعرن کي پورو ڪرڻ لاءِ ويندا آهن لفظ وجهندا/وڌائيندا، پيا لکندا، جيستائين جو سوچيل خيال وڃي ڪمپليٽ ٿئي، تيستائين غزل جا شعر ڪوريئڙي جي ڄاريءِ وانگر ڪڇ ـ ماپ جهڙا ناهن رهندا. انهن کي انسانن وانگر اهڙي “الرجي” ٿي ويندي آهي. جنهن ۾ نڪ جو پاڻي سُڪندو ئي ناهي نڪ اُگهي اُگهي ڳاڙهو “ٽماٽو” ٿي ويندو آهي ۽ ناکوٽا پچي پوندا آهن. هر دفعي، هر غزل، ايڏي وڏي وزن ۾ لکڻ سان پڙهڻ واري جو ذهن به پچي پوندو آهي، ۽ هو بور/ بيزار ٿي پوندو آهي. ساڳي طرح ٻٽا (مرڪب) لفظ به ٻولي تي عبور رکڻ وارو شاعر ئي استعمال ڪري سگهي ٿو، سڀڪو نه!!
بهرحال شاعريءِ ۾ اختصار ۽ ٻٽا لفظ مطالعي/مشاهدي ۽ ٻوليِءَ تي پوري پهچ ۽ اُن جي استعمال جو ماهر شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي اُتر واري ڇيڙي تي ڪيئي خوبصورت ليکڪ پيدا ٿي چُڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن؛ “داداسنڌي” (تاريخ دان) “اميربخاري” (اديب/ شاعر) “اظهر گيلاني” مشهور شاعر / ايڊيٽر وغيره ۽ هِن وقت ۾ مشتاق گبول، مبارڪ لاشاري، جبار بوزدار ۽ آڪاش بوزدار وغيره، ادب (خاص ڪري شاعريءَ) جي ميدان ۾ ڪاميابين طرف وکون وڌائي رهيا آهن. انهن جو ئي هڪ دوست به، ساٿي به، هم عصر به، همسفر به، پنهنجي ٽهيءِ (ڪٽيگري) جي شاعرن ۾ چٽو ـ پٽو نظر اچڻ وارو شاعر آهي “پريم پتافي”. هيءِ جَوان ڏاڍي سُهڻي/ ساءَ واري ۽ دل تائين پهچي وڃڻ واري شاعري پيو ڪري/ ڪري رهيو آهي. هن کي پنهنجي تخليقي سگهه سبب اختصار تي اختيار نصيب ٿيو آهي:
سُرمي ۾ ٻُڏل اکڙيون،
ڄڻ گيت غزل آهن.
*
هٿ هوا جا به کيچلا ڪيڏا،
ڳلّ تنهنجا ڇُهي ويا آهن.
تنهنجو سارو بدن شهر وانگي،
نيڻ منهنجا گُهمي ويا آهن.
*
هاڻ ڦُٽندا نوان سلا مون مان،
خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان.
*
جيڪا دنيا جو درد ڳالهائي،
سوچ اهڙي زبان ڳولي ٿي،
ڀٽ تي ڳائي ٿو علڻ
شاھ جي بيتن مان.
خوشبو جهومي ٿي پئي.
شاعريءَ ۾ اختصار کان سواءِ به ڪافي صلاحيتون ۽ ذهانتون قدرت هن کي سونپيون آهن. اڳتي هلي انهن جو ذڪر به ڪنداسين. في الحال مٿي ڪوٽ ڪيل شعرن ۾ ڏسو ته ڪيڏيون وڏيون ڳالهيون “پريم” مختصر/ مناسب ۽ ٺهڪندڙ گهربل لفظن ۾ ڪيون آهن. “سُرمي پاتل اکين” کي “گيت غزل سمجهڻ”. هوا جا هٿ”! ڇا هوا کي هٿ هوندا آهن؟ ها! هونداآهن کيچلا/ شرارتي. اُهي ڪنهن جا ڳل ڇُهي ٿا وڃن. هڪ خوشبودار بخملي بدن کي؛ پريم جا نيڻ “پيرس” (شيشي جي شهر) وانگي گهمي ٿا اچن، پريم ڪنهن جي برھ جي باھ ۾ جلي خاڪ ٿي ويو آهي، پر اها خاڪ رائگان نه ويندي. اُن خاڪ مان ققنس پکيءَ وانگر، پريم وري وري سَلن جي روپ ۾ پيو ڦُٽندو، “دنيا جو درد” بيان ڪرڻ لاءِ “سوچ کي هڪ نئين زبان” جي ضرورت آهي. علڻ فقير ڀٽ تي ڳائي يا ڪٿي به “شاھ جا بيت” ۽ “علڻ جو آواز” خوشبو ئي خوشبو نه هوندو ته ٻيو ڇا هوندو. علڻ هونءَ به نه وسرڻ/ وسارڻ جهڙو آرٽسٽ آهي. ‘پريم’ جي هن وائيءَ علڻ کي امرتا ڏني آهي/ سداحيات بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ شعر هي به؛ جيڪو عاشق جي آواز ۾ “نرمي ۽ ميٺاج” جي عيوض “گرمي ۽ ڪڙاڻ” جو خود اعتراف ٿو ڪري؛
“ڪيڏا ڪوڙا سوال هن منهنجا،
ڪيڏا مٺڙا جواب ڏيندي آن”
محبوبا با اخلاق با مرّوت/ مان ۽ مرجات واري هوندي آهي، نه ته عاشق جون اکيون”ڪانگن” وٽ. “جي ٻي در واجهائين ته ڪڍي ڪانگن کي ڏيان”. (شاھ)
يا: ڪاگا! سب تن کهائيو، چُن چُن کائيو ماس
دو نينا مَت کهائيو، انهين پيا ملن ڪي آس”
انهن شعرن ۾ اختصار سان گڏ نوان استعارا، نڪور محاورا، ادراڪ کي سُهڻيون لڳندڙ ترڪيبون ۽ اصطلاحون به آهن. اهڙي ئي شاعري کي نرمل به چئبو آهي نازڪ به ۽ نفيس به. “نازڪ خيالي” به شاعريءَ جو هڪ سُندر انگ آهي. ۽ اهو ڪنهن فطري ڏاهي شاعر وٽان ئي اظهار جي سگهي ٿو.
اسان رات تنهنجي شهر ۾رهياسين،
پرين! ڄڻ ته خوشبوءَ-نگر ۾ رهياسين.
پرين پاڻ ته الائي ڇا هوندو آ، پر پرينءَ جو شهر به “خوشبوءَ- نگر!!”“اسحاق سميجي” منهنجي نئين آيل ڪتاب”ڇا چيس آئيني” جو مُهاڳ لکندي، لکيو آهي ته: “آثم جي شاعري هڪ نئون جهان”نينهن ـ نگر” تخليق ڪيو آهي”. ۽ مان وري چوان ٿو ته پتافيءَ به ساهت جي ساڻيهه ۾ خوشبو ـ نگر اڏيو آهي. ۽ ائين هُن به سنسڪرت شاعر “دامودر گپت” واري “ڪاشي- نگر” جي اڏاوت ۾ ڪُجهه حصو ضرور ورتو آهي؛ جهڙو نگر هُن پنهنجي نظم “نٽمني متنم” ۾ ڏيکاريو هو.
جڏهن کان اوهان کان جُدا ٿي ويا هون،
تڏهن کان اسان ڀي حصا ٿي ويا هون،
ڪڏهن نانءُ تنهنجو پُڇيو ڪنهن کان ناهي،
شهر تنهنجي مان سو دفعا ٿي ويا هون،
اوهان جي شهر ۾ اسان جا حوالا،
لڳي ٿو ته هاڻي قصا ٿي ويا هون.
*
ڳالهه تنهنجي سونهن جي ۽ تذڪرو ٻيو سنڌ جو،
شاعريءَ ۾ کير، ماکيءَ سان ملائي ٿو ڇڏيان،
*
هن ڪچي اوڏڪي ڪوٺڙيءَ جي اندر،
هڪ بتي آ، جا ڪنهن کي سڏي ٿي پئي،
*
ڪيڏي ڪمري ۾ ماٺ ڇانيل آ،
پاڻ جيئري مزار ۾ آهيون،
*
اوهان جي بدن تي جا گذري هئي،
سڄي رات چنڊ تي رهيا هون پرين!
*
تنهنجي پويان هي ڏس غزل منهنجو،
نئين جوانيءَ سان “جُون” جاڳي ٿو،
*
آءُ پاسي ۾ ويهه تون منهنجي،
هيڪلائي خُدا کي سونهي ٿي،
*
لڙڪ ناهن اهي، جي سمجهي ڪو،
منهنجي اکڙين جون آيتون آهن،
*
ڇالئه پارا پوھ جا،
گهارين هيڪل وو!
مُند نه سارين ٿو!؟
سُهڻا سُر ساري پئي،
منهنجي پايل وو!
مُند نه سارين ٿو !؟
*
ڪيئن ٿو نيڻن سان ڇهان،
پنهنجي نيڻن کان،
پُڇجان منهنجي پيار جو.
*
ڏات ـ نگر کان ڏور ڪٿ،
ڪوي ـ ڪويتا،
ٿڪ نٿا ساهن ڪڏهن.
*
تنهنجي سونهن سنديون
ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.
تنهنجي هرهڪ لفظ منجهان ڄڻ،
نڪرن، نينهن ـ نديون
ڪيڏيون ڳالهيون ڳوٺ ڪري ٿو.
*
هي جو پنهنجو پيار ڳهيلي
ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو
جيئن ڪائي خوشبو وکري،
تيئن تنهنجو پيار ڳهيلي،
ڳالهيون ڳالهيون ڳوٺ ٿيو.
*
توريءَ منهنجا گيت اڌورا،
من ۾ کامن ڪيئي کُورا،
قلم هٿن ۾،
ديد دڳن ۾،
اڻپورا ڪي گيت ٿا سڏني،
او سڄڻي! هيل ته اچ ني.
آثم ناٿن شاهي
____________________________
مٿيان شعر هن ڪتاب جا اُهي اسم آهن، جن کي سائين آثم ناٿن شاهي هن ڪتاب جي پيشِ لفظ لاءِ چونڊي ته ڇڏيو هو، پر سائين اُنهن تي پنهنجو رايو ڏئي، اُنهن ۾ ڪُجهه لکي، وقت کيس اها مهلت ڪانه ڏني ۽ هُو، هِن ڪتاب جو پيشِ لفظ اڌورو ڇڏي ويو. هي سائين جي آخري لکڻي آهي.
پريم پتافي