شاعري هي شعور ڏيندي آ، شاعري هي شعور ڏيندي آ، “ڄڻ ته انڌي کي نور ڏيندي آ”. مُرڪ تنهنجي هزار رنگن جا، منهنجي نيڻن کي پُور ڏيندي آ. عشق تو ساڻ ٿي ويو شايد! ياد تنهنجي سرور ڏيندي آ. جي نه چاهي ٿي، ڇا جي لئه پوءِ، ڇوڪري مون کي سور ڏيندي آ.