نيڻ تنهنجا چُمي ويا آهن، نيڻ تنهنجا چُمي ويا آهن، خط سمورا بچي ويا آهن. هٿ هوا جا به کيچلا ڪيڏا، ڳلّ تنهنجا ڇُهي ويا آهن. ڪو به سپنو رهيو نه آ باقي، لُڙڪ ٿي سڀ وهي ويا آهن. تنهنجو سارو بدن شهر وانگي، نيڻ منهنجا گُهمي ويا آهن.