ڍوليا! تون هُن پار، ڍوليا! تون هُن پار، آءٌ اڪيلي تو سوا!. تو جي لاتا ڏينهڙا، هيڪل هينئڙو بار. آءٌ اڪيلي تو سوا!. هي جي پارا پوھ جا، ساجن! گڏجي گهار. آءٌ اڪيلي تو سوا!. ياد ڪري پئي ٿي رُئان، ڳالهيون ماکيءَ- لار. آءٌ اڪيلي توسوا!.