سُور اُڻي ٿي سار اُڻي ٿي. سُور اُڻي ٿي سار اُڻي ٿي. سوچ به ڪيڏا ڄار اُڻي ٿي. منهنجي مَن جي موسم تولئه، تانگهه اُڻي ٿي تار اُڻي ٿي. منهنجي ڪَوتا سُهڻي وانگر، ساهڙ جا سينگار اُڻي ٿي. ڇوري سُونهن سدوري تُنهنجي، ڇورن لئه ڄڻ دار اُڻي ٿي.