سجّ ته لهندو ٿو وڃي. سجّ ته لهندو ٿو وڃي. پاڇن پويان ڪو. ڪيڏو ڊوڙي ٿو! رشتا ٽُٽڻ لئه هُيا، رشتن پويان ڪو، ڪيڏو ڊوڙي ٿو! رستا کُٽڻا ڪو نه ها، رستن پويان ڪو. ڪيڏو ڊوڙي ٿو! سپنا، ساڀيان ڪو نه ٿيا، سپنن پويان ڪو. ڪيڏو ڊوڙي ٿو!