لهرون ٿو ٺاهي. لهرون ٿو ٺاهي. ڪيڏو شور سمونڊ کي. پنهنجي هستي پاڻ ئي، ٺاهي ۽ ڊاهي. ڪيڏو شور سمونڊ کي. گيت اسان جي پيار جا، لهر لهر ڳائي. ڪيڏو شور سمونڊ کي. ڪنهنجا پير چُمڻ جي لئه، ڊوڙون ٿو پائي. ڪيڏو شور سمونڊ کي.