مهاڳ
سنڌي شاعريءَ جا ڪيترائي تذڪرا ۽ تاريخون موجود آهن، اُن کان سواءِ مقالن جي صورت ۾ به، جائزا آهن اهڙا جائزه، اڪثر ايم اي سنڌي جي مونوگراف جي صورت ۾ آهن. اهڙو ذخيرو سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي. اهي مقالا ۽ مونو گراف ايراضيءَ وار لکيا ويا آهن. زير نظر مقالو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن مقالي بعنوان: “ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي” ۾ محمد شريف “شاد” سومرو ابتدا ۾ تعلقي لکي جو مختصر تاريخي پس منظر لکڻ کان پوءِ قديم شاعرن کان وٺي ادبي تاريخ لکڻ شروع ڪئي آهي. هن تاريخ ۾ پهريون شاعر محمد طالب، قاضي قادن جو همعصر آهي. ان دؤر جو لساني، ادبي ۽ سياسي پس منظر به بيان ڪيو ويو آهي. هن تاريخ ۾ چند ابتدائي دؤر جا شاعر اُهي آهن، جيڪي اڳ به بيان ٿيا آهن انهن کي بذريعه پروفيسر لطف الله بدويءَ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي بيان ڪيو ويو آهي. شاعرن جي سوانح عمري ۽ انهن بابت ٻيو مواد هٿ ڪرڻ ۾ ليکڪ جوڳي محنت ڪئي آهي. اڪثر ايم. اي لاءِ لکيل مونو گراف مواد جي لحاظ کان اڻ پورا هوندا آهن، پر جناب محمد شريف “شاد” ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ مواد هٿ ڪيو آهي. اُن سان گڏ هر دور جو پس منظر ۽ ادبي جائزو پيش ڪيو اٿس. هيءَ هڪ طالب علم جي ڪوشش ۽ ڪاوش آهي، تڏهن به هن جو معيار نهايت اعلى آهي. هن ڪاوش تي آءٌ ليکڪ کي داد ڏيان ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته هي مونو گراف طباعت جي زيور سان آراسته ٿي رهيو آهي. يونيورسٽين ۾ اڃان به ڪيترائي مونوگراف قلمي صورت ۾ پيا آهن. يونيورسٽيون يا ليکڪ انهن جي اشاعت جو انتظام ڪن ته ادب ۾ گهڻو واڌارو ٿيندو.
9 فيبروري 2009ع ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بدين