تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

باب چوٿون : ٽالپر دور (1782ع ــ 1843ع)

باب چوٿون : ٽالپر دور (1782ع ــ 1843ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني مختصر پس منظر:
جڏهن ميان سرفراز ڪلهوڙي، مير بهرام خان کي قتل ڪرايو هو، جنهن ڪري ٽالپرن بغاوت ڦهلائڻ شروع ڪئي هئي. ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ ڦڙڦوٽ پوڻ شروع ٿي. نيٺ ان هنگامي کي روڪڻ لاءِ ميان عبدالنبي 1775ع ۾ ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو پر پوءِ ميرن جي ڪڍ به ڪات ڪهاڙا بڇي ڇڏيائين ان نتيجي ۾ هالاڻِي وٽ جنگ ڇڙي پئي، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت تمام ڪمزور ٿي ويئي نيٺ هنن جي هار ٿي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيو. 1782ع ۾ فتح علي خان سنڌ ۾ ٽالپر راڄ قائم ڪيو. جنهن پنهنجن ڀائرن کي، هر هڪ مير غلام علي، مير ڪرم علي ۽ مراد علي به پنهنجي حڪومت جي ڪاروبار ۾ شامل ڪيو . جيڪا چوياري واري حڪومت” جي نالي سان مشهور هئي. 1802ع ۾ مير غلام علي، 1812ع ۾ مير ڪرم علي خان، 1828ع ۾ مير مراد علي خان تخت تي ويٺو 1830ع ۾ انگريز سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو هو اليگزينڊر برنس سنڌوندي جي رستي سموري سنڌ گهمي ۽ جاسوسي ڪندو وڃي پنجاب نڪتو. 1832ع ۾ انگريزن ۽ ميرن جو پاڻ ۾ هڪ معاهدو ٿيو. 1831ع ۾ مير مراد علي وفات ڪئي، تنهن بعد وري چوياري قائم ٿي. ان ۾ مير نور محمد، مير نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان شامل ٿي ويا. هڪ دفعو وري انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن جو سن سنڌ جي تاريخن ۾ 1834ع ڄاڻايو ويو آهي. اهو عهدنامو پهرين معاهدي کان تمام گهڻو سخت هو. ان معاهدي کان پوءِ انگريزن سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون اهڙي طرح سان اهي سنڌ جي صورتحال کي چاچيندا رهيا ۽ رپورٽون برطانيه سرڪار کي موڪليندا رهيا. اهڙي طرح انگريز سنڌ تي ڇائنجي ويا. نتيجي ۾ انگريز ۽ ميرن جي وچ ۾ 1743ع ۾ مياڻيءَ واري ميدان ۾ جنگ ٿي، جنهن ۾ ڪونڌر هن ڌرتيءَ تان سر قربان ڪري امر ٿي ويا. هن لڙائيءَ کان پوءِ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪيو. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ “دٻي” وٽ انگريزن سان هڪ دفعو وري سنڌين ٽڪر کاڌو. هن ئي جنگ ۾ هوش محمد شيدي بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو، پر هن جي زبان تي آخر دم تائين اهوئي نعرو رهيو. “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” تنهن کان پوءِ 1845ع ۾ سموري سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويئي.
هن دور ۾ پهريائين امن امان رهيو، حڪومت کي سيڪيولر بنايو ويو هو، مير پاڻ علمي ۽ ادبي ماڻهو هئا. جنهن ڪري ادب سان گهڻو چاهه هو خاص ڪري شعر و شاعري هنن جو خاص مشغلو هو. هنن وٽ عالمن ۽ اديبن جي تمام گهڻي عزت هئي. هن دور ۾ فارسي ادب جو به سٺو چهچٽو رهيو. ڪيترائي فارسي گو شاعر پيدا ٿيا. اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ به فارسي جا سٺا ۽ نامور شاعر پيدا ٿيا.
سيد محمد وفا لکوي سيد، محمد شجاع (ثاني) لکوي ۽ مخدوم محمد صالح وزير آبادي جهڙا بلند پايي جا شاعر پيدا ٿيا. مخدوم محمد صالح ته صاحب ديوان شاعر هو.
ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ تعلقو لکي، سنڌي ادب ۾ پٺتي ڪين رهيو. بلڪه هن دور ۾ تمام اعليٰ ۽ شاندار شاعر پيدا ٿيا، جن پوري سنڌ خواهه ٻاهرين ملڪن ۾ به نالو ڪڍيو. مٿي ذڪر ڪيل ٽيئي شاعر فارسي جا شاعر ٿي گذريا آهن، جيڪي ڪلهوڙن جي آخري دور حڪومت ۾ پيدا ٿيا ۽ ٽالپرن جي دور ۾ شاعري ڪئي. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ به هي تعلقو پٺتي ناهي رهيو. سنڌي جا به تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا، ايتريقدر جو سگهڙ زالن به سنڌي ادب ۾ پاڻ ملهايو. انهن مان مائي نوران، خير محمد “خيرو” جهڙا شاعر پيدا ٿيا ٻئي ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخر ٽن سالن اندر پيدا ٿيا. جنهن ۾ مائي نوران جي عمر تمام گهڻي ٿي، هڪ سو ٻن سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، جنهن ٽالپرن جي حڪومت جو سمورو لڪاءُ ڏٺو ۽ انگريزن جي حڪومت به چڱو وقت ڏٺائين ان کان علاوه ٽالپرن جي شروعات واري سال کان ٻئي سال تي سيد غلام مصطفيٰ لکوي جهڙو فارسي ۽ سنڌيءَ جو تمام سٺو شاعر پيدا ٿيو. ان کان پوءِ محمد طالب (ٽيون) بکر فقير، نبي بخش رنگريز ۽ محمد يوسف تنيو جهڙا تمام سٺا شاعر پيدا ٿيا. پر مٿين مان ڪي اهڙا به شاعر هئا جن جو اڳ ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ ذڪر نه آهي.
هن دور ۾ سنڌي عروضي شاعري تمام سٺي ترقي ڪئي. عروضي شاعريءَ جو رواج عام جام هو. عروضي شاعريءَ جي ٻيگهي متل هئي. هن دور ۾ ڪافي تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ پنهنجي عروج تي پهتي. ان وقت جن جو سنڌ ۾ تمام گهڻو نالو مشهور ٿيو، اهي آهن. سچل سرمست (1739ع ـــ 1839ع) جنهن کي سرتاج الشعراء جو لقب حاصل آهي. روحل فقير (1726ع ـــ 1804ع)، مراد فقير (1743ع ـــ 1796ع)، فتح فقير (وفات 1843ع)، پير محمد اشرف (وفات 1860ع)، دلپت (وفات 1841ع) ۽ صديق فقير سومرو، جيڪي ڪافيءَ جا اعليٰ پايي جا شاعر هئا. ان کانسواءِ ڪافي ۽ بيت جا به عظيم شاعر ٿي گذريا آهن. حمل خان لغاري (1810ع ـــ 1878ع)، خليفو نبي بخش لغاري (1776ع ـــ 1863ع)، پير محمد راشد (1756ع ـــ 1817ع)، ڀائي چين راءِ سامي (1750ع ـــ 1850ع)، آخوند محمد بچل “انور” (وفات 1861ع)، ملا صاحبڏنو شڪارپوري (وفات 1834ع)، صدرالدين چارڻ، مخدوم عبدالله نرئي (وفات 1736ع)، مولوي احمد سيد ، خير شاهه، سيد ثابت علي شاهه (1740ع ـــ 1810ع)، آخوند محمد عالم (1800ع ـــ 1870ع)، ۽ مرزا ٻڍل بيگ وغيره جهڙا نامور شاعر پيدا ٿيا.
مطلب ته پوري سنڌ جي شاعرن سان گڏ تعلقي لکيءَ ۾ به ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا، جن جي شاعري ملي سگهي آهي، انهن جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي.
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ادب گهڻي ترقي ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون به وڌڻ لڳيون هن دور ۾ نثر جا ڪي لکندڙ ڪونه ٿا ملن. اسان تائين هن دور جي تعلقي لکيءَ مان سنڌي نثر جو ڪوبه لکت ۾ ثبوت ڪونه مليو آهي. البت مذهبي ڪتابن جو ڳاڻيٽو تمام گهڻو آهي. هٿ سان لکيل قرآن شريف تمام گهڻا مليا آهن ۽ مذهبي طور طريقن ۽ تعويزن جي باري ۾ لکيل ڪتاب تمام گهڻا نظر مان گذريا آهن. ڪن تي نالا لکيل هئا ته ڪن تي لکندڙن جو نالو به ڪونه هو. ٽالپرن جي مادري ٻولي بلوچي هئي سنڌي زبان گهڻي ترقي ڪئي، خاص ڪري هن دور ۾ غزل جي صنف ته گهڻي اڀري آئي ۽ وڏي درجي تي پهتي پر ٽالپر حڪمرانن جي ايرانين سان دوستي هوندي جنهن ڪري فارسي زبان جا دادلا هئا. ان ڪري هنن تي ٻنهي ٻولين جو اثر هو. ڪي ته ٽالپر حڪمران فارسي ۽ سنڌيءَ جا سٺا شاعر ٿي گذريا آهن. پر اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ صرف هڪ غزل گو شاعر راهي نالي ملي ٿو، جنهن جو هڪ غزل مليو آهي جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب سڀ رنگ ۾ ڏنو آهي. باقي هتي بيت جا تمام سٺا شاعر ٿي گذريا آهن ڪي ته ڏور بيت جا شاعر آهن. مطلب ته مجموعي طور تي ارغوني دور کان وٺي ڪلهوڙن تائين چند شاعر مليا آهن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ صرف ٻن شاعرن جا نالا مليا آهن. انهي دور کان ٽالپر دور ڪنهن حد تائين تمام سٺي ترقي ڪئي اڃا ته ڪيترائي شاعر هن دور جا ٿي گذريا آهن، جن جا صرف نالا مليا آهن. پر انهن جي شاعري ۽ سندن تفصيل نه ملڻ ڪري هتي شامل نه ڪيو ويو.
تعلقي لکيءَ جو ٽالپرن جي دور جو تمام گهڻو ادب سنڌو درياهه پنهنجي موج مستيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح گهڻو مواد شاعري جو هو جيڪو ليٽ ۾ لڙهي ويو باقي رهيو سهيو به 1942ع واري ليٽ ختم ڪري ڇڏيو. نه ته هن دور جي شاعري گهڻي قدر لکت ۾ موجود هئي.

سيد محمد وفا لکوي (1753ع ــ 1833ع):
سيد محمد وفا ولد عبدالغني شاهه 1753ع ۾ لکيءَ شهر ۾ پيدا ٿيو فارسي زبان جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي نه صرف شاعر هو، پر سندن ورثي ۾ آيل پنهنجن وڏن کان مليل حڪمت ۾ به ڀڙ هو. سندن خاندان، لنواري واري بزرگ جا مريد هئا. پر پاڻ حاجي فقير الله علويءَ جو مريد هو ۽ خاص شاگرد هو. پاڻ فارسي، عربي جو تمام بلند پايي جو عالم هو. فارسي ٻوليءَ جو رواج ته سومرن جي دور کان وٺي پئجي چڪو هو. هنن جي خاندان جو شجرو وڃي سيد علي مڪي جي شجري سان ملي ٿو، جيڪو سومرن جي شروع واري زماني ۾ سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو هو. کيس تمام گهڻو اولاد ٿيو، جيڪو وڌيو ويجهو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي مختلف هنڌن ڏانهن پکڙجي ويا، جن مان هڪ شاخ لڏي اچي لکيءَ کي پنهنجو مسڪن بنايو هو. تنهن زماني ۾ لکي هڪ تمام وسندڙ شهر هو. پنهنجي استاد وَ مرشد جي وفات تي هڪ قطع لکيو آهي، جيڪو حاجي فقير الله علويءَ جي مقبري تي لکيل آهي. تعليم وَ ترتيب به پنهنجي استاد وَ مرشد کان ورتائين.
“سيد وفا پنهنجي مرشد کان مڪتوبات جي ذريعي به علمي نڪتا ۽ تصوف جا راز پڇندو هو. هڪ دفعي اسمائي حسنيٰ پڙهڻ جو طريقو پڇيائين، جو هن نهايت وضاحت سان سمجهايس سيد صاحب وڏو عالم ۽ تصوف جو ماهر هو. “مڪتوبات حضرت فقير الله” مان سندس بلند مرتبي جو اندازو ٿئي ٿو. محمد صالح وزير آباديءَ پنهنجي تصنيفن ۾ سندس ڏاڍي تعريف ڪئي آهي. سيد صاحب وڏو نامور طبيب هو. سندس علاج معالجي جون ڪيئي ڳالهيون مشهور آهن. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، فارسيءَ جو شاعر به هو. سندس شعر سادو، پر اثر ميٺاج وارو آهي.”(1)
سيد محمد وفا لکوي جو پنهنجو هٿ سان لکيل هڪ اوراد تي مشتمل قلمي نسخو غلام محمد شاهه عرف بابو شاهه ولد باغ علي شاهه لکوي وٽان نظر مان گذريو. نهايت خوشخط لکيل آهي ۽ مٿس سون جو پاڻي چڙهيل اٿس. هي قلمي نسخو 120 صفن تي مشتمل آهي هڪ مشهور وظيفو، “الحزب اليماني” . جيڪو دعا سيفيءَ جي نالي سان مشهور آهي، حضرت شاهه فقير الله علوي جي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي ۽ اها سَنَد هن طرح نقل ٿيل اٿس: “اجازلي بهه الشيخ العلامه محمد هاشم التتوي غفر الله تعليٰ قال اجازلي شيخنا عبدالقادر مفتي مکه عن شيخه العلام ابي البقاعه حسن بن علي العجيمي ..... الخ ص 10 کان 12 . سيد وفا لکويءَ جو عبارت سان گڏ فارسي ترجمو به لکيل آهي. جيڪو صفي 14 کان 79 صفحي تائين آهي. سيد محمد وفا لکوي ان جي اجازت حضرت مخدوم محمد ٺٽويءَ جي پوٽي حضرت مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي (1162ع ـــ 1225ع)، کان ورتي.”(2) سيد محمد وفا لکوي رح پنهنجي وقت جو مشهور طبيب ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي. جدا جدا ڪتابن ۾ سندس نسخن جا نالا موجود آهن.
سيد محمد وفا لکوي ڪيترائي رسالا طب جي موضوع تي تحرير ڪيا، پر افسوس جو زماني جي گردشن جي ڪري اهي گم ٿي ويا. سندس هڪ رسالو “نسيم الصبا” جي نالي سان احقر کي ملي سگهيو آهي. جيڪو پڻ “مخطوطات مير حامد علي ۾ نقل ٿيل آهي. هي رسالو ازدواجي زندگي گذارڻ بابت لکيل آهي. فارسي زبان ۾ ڇهن صفحن تي مشتمل رسالو آهي. هي رسالو مير حامد الحق علوي رجب 1251 هجري سن ۾ نقل ڪيو هو. اهڙي طرح سندس طبي نسخا بياض مير عبدالاحد علوي قلمي “جميع الفوائد” تصنيف ميان محمد امين ولد ميان سومر وغيره ڪتابن ۾ تحرير ٿيل آهي. طب جي لحاظ کان حڪيمن جيڪو ڪجهه اهل النساء جي عمر نسبت لکيو آهي. ان کي سيد محمد وفا لکوي فارسي شعر ۾ نهايت عمدگي سان نظم ڪيو آهي. ڪل 18 شعر آهن. هنن اشعارن ۾ 10 ورهين عمر کان 100 ورهين جي عمر تائين عورتن جي صفت بابت دلچسپ نموني ۾ بيان ٿيل آهي. اهي اشعار “مخطوطات” مير حامد الحق علوي جي 381 ــ 382 صفن تي تحرير ٿيل آهن.(3)
سيد محمد وفا لکوي جي شاعري، سادي سليس ۽ سلوڻي آهي. حضرت مولانا مير فخرالدين علويءَ، حضرت پير نظام الدين سرهندي رح ۽ ملا صاحبڏني سان ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي.
ايتري قدر جو مير فخرالدين علوي پنهنجي اشعار ۾ به سندس ذڪر ڪيو آهي ته فخرالدين جي شعر جو طرز وفا جي نظم لاءِ زيور آهي:
طـــرز شــعـر فخرالـدين، نـظـم وفا راز يورست،
گـرز روئي حسن دانش حرف حرفش بنگري.(4)
سيد محمد وفا جي شادي خانه آبادي سيد محمد فاضل بن سيد محمد احسان بکري جي دختر نيڪ اختر سان ٿي، (جيڪا تاريخ معصومي جي مصنف مير معصوم بکري جي ڀائٽي هئي. محمد فاضل صاحب ڏهين صدي هجري جو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي). جنهن مان کيس پنج پٽ تولد ٿيا. سيد غلام مصطفيٰ سيد غلام مجتبيٰ سيد غلام مهتديٰ سيد غلام منتقيٰ سيد غلام مزڪيٰ سندس پنج ئي فرزند پنهنجي دور جا عالم، وڏا حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريا آهن.(5)
هيٺ سندس نموني طور ڪجهه شاعري ڏجي ٿي.
غــــــزل
جامِ شراب ڪهنم آرزو است، گـفتن شـيـريـن سخنم آرزوا ست،
چـنـد زد شـنـام ڪـنـي تلح ڪلام، بوسئه شيرين دهنم آرزواست،
بــلـبـل ايــن گــلـشــن ڪـثـرت مـنم، وحدت جنت چمنم آرزواست،
باش “وفا” حاضر چون گفت بار، طوطئي شعر شڪنم آرزواست.(6)

قــصيــدو
وعدها ميڪني، و وفا نه ڪني، اي پرير وچرا حيا نه ڪني،
مــن پئي بــوسه آمــد هـيـهـات، بـازبـان خشڪ مرحـبانه ڪني،
بـا “وفـا” مـيـڪـنـي هـزار جــفا، ادب آلِ مـصـطفيٰ نه ڪني.(7)

غـــــزل
کـجــام معيت جـان است چــون جـانـان نـمـي بـيـنـم،
قـرار قـلـب ڪي گـردد چـون جـان جان نـمي بــيــنــم،
بــچاهـهِ هـجـر مــهــجــورم ز مصر وصل وي دورم،
بــقــيــد درد رنــجــورم مــههِ کــنعــان نــمــي بــيــنــم.
بـــروحِ روح افـــزا گـــل شـــده مـــحـفــوظ هر بـلـبـل،
بــروح کي رســد راحــت گــلِ ريــحـان نــمـي بـيـنـم،
“وفـا” بـا درد مـهـجــوري کـنـد حـق دل به سـروري،
اگـرچه ازچنين دوري درين امـڪان نـمـي بــيـنـم.(8)

ٽالپر دور جو غزل جو تمام عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سموري شاعري يا طبي نثري ادب يا مذهبي نثري ادب جيڪو به مليو آهي اهو عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ مليو آهي. سندس تصنيفون تمام عمديون آهن خاص ڪري طب تي جيڪي به آهن نهايت ئي شاندار آهن. لکي شهر جو تمام وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. سيد محمد وفا اسي سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان 1253هه مطابق 1833ع ۾ وفات ڪئي سندس مزار مٿان هڪ ڦٽل ٽڪيل حالت ۾ ڪتبو لڳل آهي جنهن تي “قطب محمد وفا” لکيل آهي پر سن وارو حصو ختم هو. پر پوءِ سندن خاندان مان احوال ۽ ڄم موت جا سال معلوم ٿي ويا.
پيرل سومرو (1762ع ـــ 1820ع):
محمد پيرل ولد ساٿي (ٽيون) سومرو، ڳوٺ ڌاران پور(9) ۾ 1182هه مطابق 1762ع ۾ احمد شاهه ابدالي جي دور ۾ پيدا ٿيو، ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کانپوءِ ٿي گذريو آهي. شاهه عبداللطيف رح جي وفات کان ڏهه (10)سال پوءِ پيدا ٿيو، پنهنجي شاعري ۾ پيرل تخلص استعمال ڪيو آهي.
هي اصل وڏي ساٿي (اول) جي خاندان مان ئي گذريو آهي، جنهن جي نالي پٺيان ساٿاڻي پاڙو سڏبو اچي ٿو. ميرن جي دور جو هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس وفات مير ڪرم علي خان جي دور ۾ٿي. مير ڪرم علي خان جي وفات کان اٺ سال اڳي وفات ڪيائين اڻونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1820ع ڌاري هن فاني دنيا مان وفات ڪئي. سندس ڪجهه بيت مليا آهن، هڪ ته مڪمل بيت آهي، پر ٻه بيت اهڙا آهن جيڪي الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي آهي. الف اشباع واري ٽيڪنڪ ارغوني دور کان اڳ جي ايجاد ٿيل صنف آهي پر ارغوني دور پير محمد لکوي جو شعر مليو آهي جنهن کي الف اشباع جو موجد چيو وڃي ٿو. ڪلهوڙن جي دور ۾ اها صنف عام جام هئي پر ڪلهوڙن جي دور ۾ بيت تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، فني ۽ فڪري لحاظ کان ڪاميابين جي چوٽيءَ تي رهيو.
هن شاعر به ڪلهوڙن جي زوال وقت شاعري شروع ڪئي، پر افسوس جو سندس ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي جنهن ڪري پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو البته جيڪي بيت مليا آهن اسين انهن بيتن کي قديم مرثيو ڪوٺي سگهون ٿا. مرثيي لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ لکي ٿو ته “مرثيو انهيءَ نظم کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي وفات تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو وڃي ۽ فوتيءَ جون خوبيون ۽ خصوصيتون نروار ڪيون وڃن”(10)
سندس ٽي بيت مليا آهن، جيڪي پنهنجي پيءُ جي وفات تي چيا آهن، ان ۾ پنهنجي دلي جذبات جو اظهار ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهي سنڌي مرثيي جا شروعاتي نمونا آهن.
چيو وڃي ٿو ته پيءُ جي وفات تي رڙيو يا رنو ڪونه هو، پر هن رڙڻ ۽ روئڻ بجاءِ پنهنجو اظهارِ غم، بيتن جي (مرثين) صورت ۾ ڪيو هو، پر افسوس جو سڀ بيت ملي نه سگهيا آهن، جيڪي بيت مليا آهن اهي به زباني روايتن مان مليا آهن، جيڪي سندس خاندان مان هڪ سگهڙ زال مائي سڀائي ٻڌايا آهن، جنهن سيني به سيني ياد ڪيا هئا.
مرثيي جي شروعات ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ چئي وڃي ٿي، ان دور ۾ ڪن شاعرن ڪيڏاري جا بيت چيا آهن، ان کان سواءِ ابوالحسن واري سنڌيءَ جي الف اشباع واري قافيي ۾ شعرن ۽ بيتن ۾ حضرت امام حسين جي شهادت تي چيل ملن ٿا، اهڙي طرح شاهه لطيف جي بيتن ۾ به اهڙو مضمون ملي ٿو. نموني طور بيت ڏجن ٿا:
ســــــاٿـــــي مـــئـــيـــن ســــاجـــهـــر، جـــــو ڪـــيـــئـــه ســـــڏا الله،
ادا ســـنــــگـــتـــي ڪـــونه ٿـــيـــئـه، جـــو هــيــکــلـن ســاڻــا الله،
ڀـــونــگــيــون ٺــاهــيــون يـــار بــهـشــت ۾، اتـي مـليـسـا الله،
ســــلامـــن ســاڻ يــار “پــيــرل” چــئـي لــڏاينداسين لڏسا الله.
وڃــڻ وايـــــــون ڪــــــن، هــــلـــڻ هــــــاڻـــــا ســــــپـــــرنــــيـــــا،
سـوڙهـي گـهـٽـي هـئـي سڄڻا، مون کي گونگا ٿي م گڏيا،
مـاڻــهــن جــي مـهـلاز کــان، مــون کــي ڳــالــو ڪـيـن لــڳا،
“پــيــرل” اهــو سـانـگـو ئـي ٻـل، جـيـڪي سـانگ لڏا سڄڻا.
ســـکـــــر بــــکــــــر شـــهــــر جــــا نـــهــــاريــــــم ســـــڀ ســـيــــــر،
ڀــــائـــــن ڀــــڳــــو ڀـــيـــرو، مـــنــجــهــن ادن ڪـــــيــــم اويــــــر،
هــــيءَ نه هـــيءَ ويـــــر، “پـــيـــرل” اڄ ســــڀ نـــهـــاريـم سـڄـڻـا.

اسماعيل سومرو (1765ع ــ 1820ع):
محمد اسماعيل ولد ساٿي (ٽيون)(11) سومرو، ڳوٺ ڌاران پور ۾ 1765ع ۾ پيدا ٿيو، هي محمد پيرل جو ننڍو ڀاءُ هو. سندس وفات جو سن به محمد پيرل وارو ٻڌايو وڃي ٿو، پنهنجي شاعري ۾ “اسمائيل” تخلص استعمال ڪيو آهي. اسماعيل ڪلهوڙن جي زوال ۽ ميرن جي عروج واري زماني جو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس سموري عمر پنجونجاهه سال هئي، سندس ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي مائي سڀائي (جيڪا سندس خاندان مان هڪ پيرسن عورت آهي) کان زباني طور مليا آهن، سندس گهڻو ڪلام ياد هو پر گهڻو وقت گذرڻ سبب وسري ويو آهي، جيڪي به بيت مليا آهن، سندن والد بزرگوار ساٿي (ٽين) جي وفات تي چيل آهن، جن کي اسين شروعاتي قديم مرثيه چئون ته بيجا نه ٿيندو.
سندس ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، سمورو ڪلام ياد هوندو هوس ۽ ياد چوندو هو. لکت ۾ ڪو به اسان تائين بيت يا شعر ڪونه مليو آهي، لکڻ جو هنر نه هئڻ ڪري پنهنجو ڪلام لکي نه سگهيو، سندن خاص مشغلو رات جو سڀ گڏجي ڪچهري ڪرڻ ۽ انهن ۾ بيت بازي ڪرڻ هو، اهڙين ڪچهرين کي اسين مشاعري سان ڀيٽ ڏئي سگهون ٿا. ڪچهري جو ڪوڏيو محفل جو مور هوندو هو. سندس بيت تمام گهڻا مشهور هئا پر پشت به پشت ياد نه ڪرڻ ڪري هميشه لاءِ دفن ٿي ويا.
“سنڌي شاعريءَ ۾ مرثيي جي ابتدا ڪڏهن ٿي، اهو يقين سان چئي نٿو سگهي، البت سنڌي ادب رزميه ڪلام يا قديم مرثيه قريب قريب ڪلهوڙن جي دور ۾ (سن 1700ع ـــ کان 1783ع) ملي ٿو، انهي سبب جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ مرثيي کي ٻن دور ۾ ورهائي سگهجي ٿو.هڪ سنڌي مرثيي جو قديم دور ٻيو سنڌي مرثيي جو جديد دور”(12)
اسماعيل جي بيتن کي قديم مرثيي جي دور ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، يا کڻي هنن کي نوحه جو ابتدائي نمونو سڏي سگهجي ٿو. اسمائيل جا همعصر سيد محمد وفا لکوي، ۽ پنهنجو وڏو ڀاءُ پيرل سومرو هئا، اسمائيل ۽ پيرل ٻئي هاري هئا‏، سندن خاندان مان ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا آهن، ساٿي (اول) ته هڪ بلند پايي جو شاعر هو پر افسوس جو سندس ڪو، هڪ به بيت ڪونه ٿو ملي. سندس نموني طور ڪجهه بيت هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي هن پنهنجي والد ساٿيءَ جي وفات تي چيا آهن.
اسلام عليڪم ساٿيءَ جي قبر، توکي ڏيانءِ ٿو سنهيڙو،
اهي ڪن ڪڙڪا نه ڪجاءِ، متان يار ٿئي درهڙو،
پڄاءِ جانءِ پهچ ساڻ، جتي داخل آهي درڙو،
واهر ٿيندس وسيلڙو، “سماعيل” چوي پهچانجاءِ پرينءِ کي.
ميلو هوندو محبوبن جو، جاٿي ساٿي هوندو کڙو،
حسن حسين جي هنج ۾، يار کي مان پهچايان پرو،
“سماعيل” چوي تون ڪر صبرو، پاڻهي يار وڃي پهچندو.
اڙي “پيرل” چپ ڪر، ابي کي ڪفن ڏنو ته سي کٿوريءَ جو،
توڙي لڏيه لوءِ ته به هوري هوءِ “سماعيل” چوي ساجهر.(13)

سندس ڀيڻ لعلان جي شاديءَ تي چيل بيت جنهن ۾ پنهنجي ڀيڻ کي هدايت ڪري ٿو.
پيرل پٺ ڀر لعلان جي، متان لعل وڃئه لوئي،
پٽ ڄمندس ٽي ئي، پوءِ ورهائي کڻندا ڪيئي،
عمر، سومر، سانولو، هوندا دودا ديهي،
پيرل چپ ڪر تون هاڻي سدا ويهي،
ڏئي بيت ڀيڻ تي پوءِ صبر ڪر سهي “سماعيل” چوي.
لعل تون لوءِ چڱي، پنهنجي گهر ۾ چڱيءَ طرح گهر،
مڙس ڏنو آٿسئي مينڌرو، تون راڻي ڪاڻ نه رڙ،
متان چڙهين ڪاڪ، تي ڪرين ڪو قهر،
اٺ اوٺي، اوٺار اوٺي، اهي سنگتي نه ٿيندءِ سر،
پوءِ سڪ منجهه مر، “سماعيل” چوي ساريان ويٺي سانئڻ(14)

سيد شجاع (ثاني) (1773ع ــ 1846ع):
سيد شجاع (ثاني) ولد پير محمد شاهه لکوي 1193هه مطابق 1773ع ۾ لکي شهر ۾ تولد ٿيو، هن خاندان ۾ وقت به وقت وڏا عالم، اديب، شاعر ۽ نامور حڪيم ٿيندا آيا آهن. محمد شجاع (ثاني) به هن خاندان جو مشهور عالم، اديب ۽ فارسي زبان جو اعليٰ درجي جو شاعر ٿي گذريو آهي، شعر تمام سٺا چيا اٿس جنهن ۾ سٺي رواني آهي ۽ اثر ڇڏيندڙ شعر آهن، عروضي شاعري جو ماهر هو، پاڻ هڪ غزل گو شاعر هو هن دور جو هي تمام وڏو غزل گو شاعر هو، ۽ صاحب ديوان شاعر هو. سندس تعليم وَ تربيت پنهنجي والد بزرگوار جي سرپرستي هيٺ ٿي، جيڪو هڪ تمام وڏو حڪيم هو، سندس خانداني شجري ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته: “سيد محمد شجاع پنهنجي والد بزرگوار سيد پير محمد جي ٻي گهرواريءَ مان ڄايو جيڪا قاضي فيروز ٺٽويءَ جي دختر نيڪ اختر هئي”(15)
هي صاحب پيدائشي شاعر هيو، طب ۾ به سندس گهراڻو اڳ ۾ ئي مشهور هيو، هن ڪل ٽي شاديون ڪيون، “پهرين شادي سيد غلام مصطفيٰ بن سيد محمد وفا لکوي جي نياڻيءِ سان ٿيس جنهن مان هن کي ٻه پٽ مير اڪبر ۽ مير ظفر علي ڄايا ۽ هڪ نياڻي پڻ ڄايس، ٻي گهر واريءَ مان احمد علي شاهه پيدا ٿيو ۽ ٽين گهرواري نورالدين خان جي نياڻي هئي جنهن مان حسن علي شاهه پيدا ٿيو، آخر الذڪر لکيءَ جي موجود سيدن جو ڏاڏو آهي”(16)
تذڪره لطفي ۾، مرحوم لطف الله بدوي صاحب لکيو آهي ته “علم حڪمت ۾ سندس پري پري تائين شهرت هئي، ايتري قدر جو وقت جا تاجدار به سندس سلامي هئا”(17)
سندس مهر تي هيٺيون فارسي شعر لکيل آهي:
غنچئه بوستان نبيءَ متاع، هست گل مير محمد شجاع(18)
سندس شعر تمام سادو ۽ سليس آهي، پڙهڻ سان هڪدم اثر ٿيو پوي، سندس تخلص “شجاع” آهي
“يار ڪر دم دل بيقرار نيست، عالم تمام گشتم مثل تو يار نيست”
فارسي جي شاعرن وانگر سندن ڪلام ۾ ساقي، مئي، جام ۽ دلبر جو داستان جام آهي: سندن هڪ رباعي هن طرح آهي:
ويس است عقد مهر جهان باکنار ريخته،
نقشي دگر نه برد دم دل گنج دوست،
خوش آنکه ساقي و مئي جام صراحي او،
پيو ست کرده درلعل گسار دوست(19)

شجاع جي ڪلام ۾ نصيت و اخلاق ۽ حضور صلعم جي محبت ملي ٿي ۽ خداوند ڪريم جي تعريف و ثنا به موجود آهي. سندس شعر ۾ لذت ۽ شيرني تمام گهڻي آهي ۽ ڪلام نهايت بلند پايي جو اٿس، مير عبدالاحد (1819ع ـــ 1890ع) حامدالحق بن شاهه فقيرالله علوي رحه جي تولد جي تاريخ به لکي اٿس.
شجاع جي ڪلام ۾ سوز و گذار ۽ فراق جون ڳالهيون گهڻيون آهن، سندس شعر گهڻو ڪري عشق و عاشقيءَ سان پر ۽ رواني وارو آهي.(20)
شجاع هڪ غزل ۾ پنهنجي محبوب لاءِ لکيو آهي ته سندس زلفن جي بند، هزارين انسانن کي قيد بڻائي حيران و پريشان ڪيو آهي، جتان به سندس گذر ٿئي ٿو، ته هڪ وڏو حشر برپا ٿي وڃي ٿو، سندس تابان جي اڳيان ڪنهن کي مجال آهي جو اک کڻي ڏسي، شجاع جي دل ۾ تباهي آڻي ڇڏي اٿائين ۽ عابدن جون عبادتون وسري ويو آهن ۽ سندس جلوي انسانن جي لشڪر ۾ غارتگري آڻي ڇڏي آهي، چوي ٿو:
زلـــــف تـــو زنـــجـــيـــر عـــشــقــت درگــلـو انـــداخـــتــه،
بـــســـت طـــوق بــنــدگــي درگـــر دنـــم چـــون فــاخــتــه،
تـــيـــز مـــزگــانـــت سـنــــان عـــشـــق تـــو در ســيــنــرام،
تـــاقـــيـــام حــــشــــر در صــــحــــن دلــــم افــــــراخـــــــتــه،
مــهــــر تـــابـــان تـــو در بـــرج دلـــم شــــد خــــائـــگــيـــر،
خـــــاور خـــس اغـــيـــار از قـــيـــصــــر دلــم پــر داخـــته،
چــشـم بـيـمـار بيمار تو پر افسون و غـارتـگـر جهان،
زاهـــــدان رارخــــنــه انـــــدر ديـــــــن و ايـــمـــان تـــاخـــته،
عـــــشــــق م نــــازو کــــرشــــمــه، غـــمـــزه هــــنــــدوتـــــو،
بـــر “شـــجـاع” از هـر طـرف لـشـڪر بغاوت تاخته.(21)

نموني طور هڪ غزل ٻيو به ڏجي ٿو، جنهن ۾، جڏهن فراق ۽ انتظار حد کان وڌي وڃي ٿو ته شجاع پنهنجي محبوب کي جلد اچڻ لاءِ چوي ٿو، ته خدارا جلد اچ، مان توکان سواءِ هڪ گهڙيءَ به گهاري نٿو سگهان، ۽ توکان سواءِ منهنجو سڀ ڪجهه حرام آهي.
اي يــــار خـــوش خـــرام، خـــدارا بــــيــــا بــــيــــا،
مـــــهــه پــــاره تـــــمـــــام، خـــــدارا بــــيــــا بــــيــــا،
مـطـرب مـي و ڪـبـاب و گـل مولانا ميسراند،
بـــي تـــو مــــرا حــــرام، خــــدارا بـــــيـــــا بــــيــــا،
از تـــشـــنـــگـي فراق تـو جانــم بــلــب رسيــد،
بــــرڪــــف نــــهــــاد جـــام، خـــدارا بـــيـــا بـــيـــا،
اي شـــهــســوار تــومــن نــڪره بــڪــشــتـگان،
ازدســت ڪـــش لــگـــام خـــدارا بــيــا بــيــا.(22)

ان کان سواءِ هڪ غزل ٽيون به نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ سوزو گداز ۽ فراق جون ڳالهيون آهن، جنهن ۾ درد ۽ هجر سمايل آهي.
صبا بلطف زان روشنم آگهي آورد،
چه مڙه است کر آن ما فرومي آورد،
به رخصت فصل خزان و گزشت عهد،
فراق بهار شد زگل وصل آگهي آورد،
تن ضعيف من ازصحت به جزطبيب،
نگر چه تازگي و نيڪ فربهي آورد،
به عيش باش دلا روز وصل گشته وار، شب فراق نگر يک روز شهي آورد، “شجاع” بيدل مسکين جزبن بود کنون،
ازوصل دلبر دل راز غم تهي آوردِ(23)

سندس ڪلام مان خبر پوي ٿي ته هو بلند پايي جو شاعر هو، پر افسوس جو سندس ديوان زماني جي گردش سبب گم ٿي ويو ۽ ڪي گل ۽ شهپارا باقي وڃي بچيا، جيڪي اسان کي ملن ٿا.(24)
شجاع نه صرف وڏو فارسيءَ جو شاعر هو پر حڪمت ۾ به نهايت حد تائين دسترس حاصل هئي، مخدوم محمد صالح وزير آباديءَ سان سندس شاعرانه ڏي وٺ ٿيندي رهندي هئي، طبي علاج ۾ ڪمال حاصل هيس ۽ ان ڪري ملڪان ملڪ مشهور هيو، غريبن جي علاج لاءِ پيسو اصل نه وٺندو هو. سنڌ توڙي پنجاب ۽ بلوچستان جا ماڻهو ڪهي وٽس علاج لاءِ ايندا هئا. هڪ ڪتاب “دستور العلاج” طب جي علم ۾، جو قلمي نسخو احقر کي سيد حاڪم علي شاهه صاحب وٽ نظر آيو، جيڪو لاهور ۾ 1148هه سن ۾ لکيو ويو هو، اهو ڪتاب 1254هه ذالقعد ۾ سيد محمد شجاع ڇهين رپئي ۾ خريد ڪيو هو. ڪيترن ئي قلمي ڪتابن تي سندس طبي نسخا نقل ٿيل آهن، حضرت امام غزالي رحه جي ڪيميائي سعادت جو قلمي جزء اول پروفيسر ظهور احمد سومرو جيڪو شڪارپور جي مشهور خليفن جي خاندان جو هڪ فرد آهي، وٽ احقر کي نظر آيو، جيڪو نهايت خوشخطيءَ سان لکيل هو، جيڪو حڪيم شجاع لکوي جي ڪتب خاني جو هو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته شجاع کي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به وڏو شوق هو ۽ ڪافي وڏو ڪتب خانو گڏ ڪيو هو. نه ائين پر افسوس جو هن وقت ناپيد آهي، جو اهو ڪتب خانو سندس پوٽي حڪيم سيد غلام محمد شاهه (1265هه ــــ 1342هه)، 1942ع واري ٻوڏ ۾ لکيءَ مان کڻائي لنواري، پنهنجي مرشدن وٽ رکيائين افسوس جو هينئر ان مان ڪوبه مستفيض ٿي نٿو سگهي.(25)
سيد محمد شجاع نه صرف فارسي جو بلند پايي جو شاعر هو بلڪه سنڌيءَ جو به هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ٻيو ڪلام ته ڪونه مليو آهي پر هڪ مولود زباني روايتن مان مليو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.
مـــــولــــــود
حـــال چـــئـــجــو هــي، مـنـهـنـجـو مـيـر مــڪـي شـاهه کـي،
او ادا! اي ميان حاجيو!
رحمت آهي رسول تي، ڪيئن ٻاجهه گهران کئون ٻئي،
او ادا! اي ميان حاجيو!
مـــــيـــــلاپــــي جــــا مـــيـــنـــهـــڙا مــــر ســــدا وســــن ســـــي،
او ادا اي ميان حاجيو!
ســلـيــان ســورن ڳـالــهـڙيــون آءُ جــانـــب پـنـهـنـجي کـــي،
او ادا اي ميان حاجيو!
شــافــي شــاهه “شــجـــاع” کــي، اچــي دوســت دلاســو ڏي،
او ادا اي ميان حاجيو!(26)
مٿيون مولود جيڪو وائيءَ جي گهاڙيٽي تي آهي، جنهن ۾ مضمون حضورﷺ ڏانهن ويندڙ حاجين کي چئي ٿو ته منهنجو حال مير مڪي شاهه کي چئجو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، سيد محمد شجاع پنهنجي آبائي ڳوٺ لکيءَ ۾ 1266هه مطابق 1846ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾ آهي، جنهن تي ڪتبو وغيره لڳل ته آهي، بلڪه خسته حالت ۾ اجڙيل هو. راقم خود سندس مزار تي وڃي ڏسي آيو پر پوءِ خاندان جي هڪ فرد غلام محمد شاهه عرف بابو شاهه جيڪو پاڻ شاعر ۽ اديب هو. جنهن کان جنم ۽ وفات جو سن مليو. سندس مولود به ان جي مدد سان ڪن ماڻهن کان انٽرويو دوران مليو.

مخدوم محمد صالح وزير آبادي (1778ع ــ 1851ع):
مخدوم محمد صالح وزير آبادي ڳوٺ وزير آباد ۾ 1198هه مطابق 1778ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ نقشبندي طريقي جو ماڻهو هو، عربي ۽ فارسي علمن جو وڏو ڄاڻو هو، نهايت ئي هڪ نيڪو ڪار بزرگ هو، نقشبندي طريقي ۾ خواجه نظام الدين مجدد شڪارپوري جو مريد هو، نه صرف هڪ بزرگ ۽ بهترين انسان هو، پر ان سان گڏ اعليٰ درجي جو حڪيم به هو. فارسي زبان جو بلند پايي جو صاحب ديوان شاعر هو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي مقالي “ لکي جا شاعر” ۾ هن طرح رقم طراز آهي، “ لکيءَ جي ڀر سان وزير آباد جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، نهايت متقي، زبردست عالم ۽ بلند پايي جو پارسي شاعر هو، حڪيم محمد شجاع لکويءَ ۽ خواجه نظام الدين جو همعصر هو، خواجه نظام الدين جو بيحد معتقد هو، ان جي شان ۾ ڪيترو ئي شعر چيو اٿس، جو سندس ديوان ۾ موجود آهي، پنهنجي مرشد جي وصال جون تاريخون به ڪيتريون ئي چيون اٿس، سندس ٽي تصنيفون معلوم ٿيون آهن، نعتيه ديوان، گلشن معجزات ۽ ديوان درقطعات”(27)
تذڪره مشاهير سنڌ جو مصنف هن طرح لکي ٿو، ته “مخدوم محمد صالح ٻين انساني خوبين سان گڏ فارسي جو نهايت عمدو ۽ قادر الڪلام شاعر هو، سندس نظمون گهڻي حد تائين نعت النبي ۾ آهن. مخدوم محمد صالح جهڙو فيض بخش ۽ فيض رسان، عاشق رسول هن فاني دنيا مان سن 1268هه مطابق 1851ع ۾ وفات فرمائي دارجاوداني ۾ وڃي آراميو ۽ عشق جي طفيل پنهنجي محبوب جي جوار ۾ جاءِ لڌائين سندس تاريخ وفات جو قطعه ميان نور محمد پيرزاده عبدوي هن ريت فرمايو آهي”.(28)
زهي واصل حضرت ذوالجلال، پسنديده مصطفيٰ در حضور،
وسيله جهان رهبر خاص و عام، از و فيض حق گشت هر جا ظهور،
عجب خاور آفتاب علا، که رخشان کند سينه راز نور،
چو آهنگ ترحيل دنيائي دون، نموده بحڪم خدا، باسر
و زهاتف شيندم صداي بگوش، از و گشت راضي خدا اي غفور.

سن 1268هه(29)

مخدوم صاحب وزير آباد ڳوٺ ۾ ئي وفات ڪئي ۽ اتي ئي دفن ٿيل آهي، سندس مقبري ۾ ميان نور محمد وارو چيل ڪتبو لڳل آهي، سندس هيٺ نموني طور ڪلام ڏجي ٿو، جنهن کي فارسي دان ئي داد ڏئي سگهن ٿا.
نعتيه ديوان مان هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو.
ســاغــر به مـــي و مــي بـحـريـفـان مـــزه دارد،
بــلــبــل به گــل و گــل به گــلستـان مــزه دارد،
بـــاعــشــق چــون حـيـوان بود انـسـان سـراپــا،
طـــــارم به مه و مه بـــشـــبــتـان مــــزه دارد،
درهم مڪش آن روئي زنا صح ڪم خدارا،
ڪــشــور بـه شـه و شـه بـه احــــســان مــزه دارد،
پــايــان به ڪـــنـي “صـــالـــح” بــــجــــز عــشــق،
وه شــوي بـجانان وجـان بـــجـانــان مـــزه دارد.(30)

گلشن معجزات مان هڪ مناجات:
خـــدايــا ز لــطــف امـــيـــد م قــــوي،
مــجـيـب دعــايــم بــلاشــڪ شـــوي،
مـڪـن رد دعايـم ز درگاهه خويش،
بـــه ايـــن هــمـــه آلِ شـــاهِه قــــريـــش،
دگـــر آرزوئــــي دلــــم هــــر زبـــــان،
مــراهــســت اي خــالــق انـس وجان،
مــــرا در مـــديــنــه مـــبــارڪ رســـان،
زاحــســان و ازمــنــت بــــيــڪـــران،
به بينم به اين چشم خود درحيات،
خـوش آن روضـئه سرور ڪـائـنـات،
بــه مــزگــان بــرويــم حــريــم حــرم،
ســيــم ســر بــران عـتـبـئه مـحـتـرم،
بـــر آرام زدل الـــغــيـــاث و درود،
بـــگــويـــم ڪه اي مــجــتــبــيٰ ودود،
قـدم نـهه ز روضـه برون در حريـم،
به بـيـن درحـرم عـاشـقـانِ سـقـيم.(31)


ديوان قطعات ۾ 79 قطعا آهن، جن مان هر قطعو سندس مرشد خواجه نظام الدين جي وفات جي تاريخ تي آهي، انهن مان ڪي تاريخون ڏجن ٿيون.
جـسـت “صـالــح” چــو سال تاريـخش،
عـقـل گـفـت “ آهه بـود او مــرغــوب”
“بــصالح” خـرد گــفـــت تــاريـــخ وي،
ڪه “هي بود قطبِ معظم عجيب”(32)



خير محمد “خيرو” (1781ع ــ 1840ع) :
خير محمد “خيرو” ولد صابر (اول) سومرو، سندن اصل ماڳ “دڳ”(33) هو پر پوءِ لڏي اچي ٽنڊي علي شير(34) ۾ ويٺا، سندس جنم جو سال هن ريت ٻڌايو آهي وڃي ٿو ڪلهوڙن جي زوال جي آخري سال ۾ پيدا ٿيو، يعني جڏهن هالاڻي واري جنگ ٿي هئي، جيڪا ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ ٿي هئي، ان مطابق 1781ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اڻهٺ سالن جي ڄمار ۾ 1840ع ۾ وفات ڪيائين. سندس خاندان اڃا تائين نالي پٺيان “خيراڻي” پاڙي(35) سان سڏبو اچي ٿو.
ميرن جي دور جو هي هڪ تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو لکت ۾ ڪلام، بياض يا قلمي مواد وغيره ڪونه مليو آهي، پر هڪ بيت “انتخاب احمد” ۾ نقل ٿيل آهي، ڪجهه وقت اڳ ڪن پوڙهن کي بيت ياد هوندا هئا پر انهن جي وفات سبب زباني مواد به هميشه لاءِ دفن ٿي ويو.
سندس بيت ۾ ديس جي خوشحالي ۽ ديس واسين جي خوشيءَ جو اظهار آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪافيون به چوندو هو، جنهن جو نمونو اسان تائين نه پهتو آهي ۽ ڪوشش جي باوجود به ٻيو مواد ملي نه سگهيو آهي، نهايت بهترين شاعر هو، پنهنجي ڪلام ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڪتب آندا آهن.
سندس شاعري ۾ جمالياتي عنصر نظر اچي ٿو، پرافسوس جو سندس وڌيڪ ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو.
خير محمد جي ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، پر سندس ڪلام ياد هوندو هوس، سيني به سيني واري طريقي ذريعي ڪافي ڪلام پري پري ڦهلجي ويو، سندن خاندان جي پوين مان ڪنهن کي به ڪلام ياد ڪونه آهي.
خيرو صاحب حضرت سچل سرمست جي وقت ۾ ٿي گذريو آهي، سچل سائين جي وفات کان هڪ سال پوءِ وفات ڪيائين، سندس مزار ٽنڊي علي شير ۾ آهي. سندس وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي، نموني طور هيٺ بيت ڏجي ٿو:
اڄ پـــــڻ اتـــــر ڏانـــــهـــــن آيـــــو ڪـــــري گـــــوڙ گــــــجـــي،
وسـي واهه وهـــائــيـنــديــون، ويــون ڀـــٽـــان ئــي ڀـــرجـــي،
خـــوش ٿــــيــــا هـــن “خــــيـــرو” چـــوي عـــالـــم آهــــر جــي،
پـو جڏهن والي ڪيئهِ ورجي، ٿي سڻائي سڀ ديس ۾(36)


سيد غلام مصطفيٰ لکوي (1783ع ــ 1843ع):
سيد غلام مصطفيٰ ولد سيد محمد “وفا” لکوي بن حضرت عبدالنبي (جنم 1130هه، وفات 1180هه) پنهنجي آبائي شهر لکيءَ ۾ 1783ع ۾ تولد ٿيو. پاڻ هڪ فارسي زبان جو بلند پايي جوشاعر ٿي گذريو آهي. ميرن جي دور جو نهايت اعليٰ درجي جو شاعر هو، چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجي هٿن سان لکيل هڪ مڪمل بياض هو، پاڻ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽ حاصل ڪيائين، شعرشاعري جي سکيا به پنهنجي والد سڳوري کان ورتائين، تمام وڏين خوبين جو مالڪ هو، هن پنهنجي والد کان حڪمت جي تعليم ورتي ۽ ان جي هوندي ئي هڪ نامور حڪيم ٿي ويو هو، سندس والد صاحب محمد وفا لکوي به فارسي زبان جو بلند پايي جو شاعر هو ۽ تمام وڏو حڪيم هو.
غلام مصطفيٰ لکوي صاحب شعر و شاعري ۾ پنهنجو ساڳيو نالو غلام مصطفيٰ ئي استعمال ڪندو هو، مرثيي ۽ نعت جو اعليٰ پايي جو شاعر هو. فارسي غزل تي تمام سٺي طبع آزمائي ڪئي، جنهن ۾ محبت، درد، هجر ۽ فراق جون ڳالهيون نهايت لذيذ انداز ۾ بيان ڪيون آهن، سندس همعصر محمد شجاع، مخدوم محمد صالح، طالب ٽيون بکر سومرو، خير محمد “خيرو” جن هئا ۽ پاڻ لنواري شريف جي بزرگن جو مريد هو.
سيد محمد وفا لکوي جو وڏو فرزند ارجمند آهي. سيد محمد وفا، جيئن ته حضرت حاجي فقيرالله شاهه علوي جو وڏو معتقد ۽ ارادتمند هو، ان ڪري هن اهڙن تعلقاتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي فرزند ارجمند سيد غلام مصطفيٰ لکوي جو رشتو حضرت حاجي فقيرالله علوي جي دخترنيڪ اختر بيبيءَ سان ڪرايو، سيد غلام مصطفيٰ لکوي کي هن بيبي سڳوريءَ مان پٽ سيد صفي الله ۽ سيد قدرت الله ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، سيد غلام مصطفيٰ نه صرف حڪيم هو پر هڪ سٺو شاعر به هو، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سندس شعر زماني جي گردش سبب باقي نه رهيو، سندس اولاد مان صرف سيد صفي الله کي ٻه پٽ سيد ولي الله ۽ سيد علي مراد نالي ڄايا پر اهي ري اولاد رهيا.(37)
غلام مصطفيٰ لکوي جي شاعريءَ تي مذهبي رنگ تمام گهڻو رچيل آهي، ان جو واحد سبب ماحول جو اثر آهي، علوي خاندان سان رشتيداري ڪري ۽ والد صاحب جو به ان خاندان ڏي لاڙو هئڻ سبب، مذهبي رنگ چڙهيل آهي، سندس هڪ نعت ملي آهي. جنهن کي مولوي عبدالڪريم صاحب “درس” ڪراچي واري سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي، جو هيٺ ڏجي ٿو اصل ڪلام نه ملڻ سبب هتي اهو ئي نموني طور ڏجي ٿو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه لکوي صاحب سٺ سالن جي ڄمار ۾ سن 1843ع ۾ لکيءَ ۾ وفات ڪئي سندس قبر مبارڪ پنهنجي آبائي قبرستان لکيءَ ۾ موجود آهي. نعت 12 ٻارنهن بندن تي مشتمل آهي، جيڪا ڪتاب “گلشن وحدت “ ۾ 1940ع ۾ ڇپي.
اي وجـود انـور سـندءِ ٿــيـو رحــمــت رب ســلام،
مـعرفـت جي خانقه کي تـو کان مضبوطي تمام،
روضه عالي تي تنهنجي ٿيو طواف خاص و عام،
هر گهـڙي ماڻهو مـلـڪ ڪـن ٿا طواف و سلام،
عرشين ۽ فـرشـيـن جـي وات هـي اطـهـر ڪلام،
الـــســلام اي اولــيــا جــا شــاهه ســـلــطان اســـلام.
ســرور عــالــم امــانــت ڪـئـي عـطا صـديـق کـي،
ڏس ته سـو گـنـج امانت ڪيئن هٿون هٿ تو ملي،
مـشڪ سـلـمـان ساري دنـيـا تي ويو پهرين ڇٽي،
ويــو بـخـارا واســجـي سـرهــنــد دارالـفــيـض ٿـي،
آخــــر آخــــر ســـا لـــواريءَ ۾ امـــانـــت ٿـــي اتــي،
الـسـلام اي اولــيــا جــا شــاهه ســلــطــان الـسـلام.
ڏس لـــواريءَ نــــور ســو شـــاهه نــبــيـــان آئـــيـــو،
نــــور آدم نــــور نــــوح ونــــور رحـــمـــان آئـــيـــو،
ڏس لـقـا جــي طــور تـي مـوسيٰ بن عمران آئيو،
ڏس لــبــاس بـنـدگـي ۾ پـــاڪ ســـلـطـــان آئـــيـــو،
سـاهه جـي سـج ڪـاڻ هـر ذره کـي جــولان آئــيــو،
الــســلام اي اولـيـا جــا شــاهه سـلـطــان الــســلام.
اي مـــقـــلـــب ســـان مــحـمــد ســيــد شــاهه زمـــان،
اي امـام الــرسـل مـظـهـر حـق آهـيـن تـاج شـهـان،
ســـيـــد اولاد آدم ســيــد هــــر انــــــس وجــان،
تنهنجي پيشاني جي سج کان روشن آهن ٻئي جهان،
سـوز دل ســان چــون عــاشــق پـتـنـگن وانـگيـان،
الــســلام اي اولــيــا شــــاهه ســـلـــطـــان الــســلام.
خـاتـم الاولـيـا ٿــئــيــن اي ســڀـئـي ان جـا دلــيــل،
ٿي ڳلي تنهـنجي سبيل ڪعبه هر نعم السبيل،
تـنـهنجي دريائي سخا جـو ٿـيـو اڃايل رود نـيـل،
تنهنجي درجـو ڏئـي ٻـهارو مالڪ سـو سلسبـيل،
تنهنجي رحمت ڪاڻ منهنجي آهه هي سڀ قال قيل،
الـســلام اي اولـــيـــا شـــاهه ســـلــطــان الــســلام.
آ هـئـيـن محـبـوب حـق الحـق، سـنـدءِ عزو اعليٰ،
لامڪان تنهنـجو مڪان اي شمس بــرج اعــتــلا،
اوج رفـعـت جـو ٿئين سـج شـاهه سـلـطـان اولـيـا،
نور وحدت جي سندو مـلـک تـقـا جـو ٿيئن شها،
حــق کـان نازل مٿي تو سوءِ صلواتـون مـرحــبــا،
الــســلام اي اولــيــا جـا شـاهه سـلـطـان الــســلام.
خلـق ۾عـهــد ازل کان جنهن جي قسمت ٿئي نصير،
تـنـهـن اچـي يــڪـدم لــواري ۾ ڏٺو مـاهه مـنـيـر،
عــاجــزن ۽ اڙيـــن جـــو آهـــه بــيـشــڪ دسـتـگـيـر،
ذات حـق جــو آئــيـنـه ســـر تــا قـــدم نـــور قـــديـــر،
اولـيـا ان جـي اڳيان مـشـغـول بـاعـجـز وڪـثـيـر،
الـــســلام اولــيــا جــــا شــاهه ســـلـــطـــان الــسـلام.ٿـي مـريــدن کـي مــبــارڪ شــاهه شــاهــان آئــيــو،
اولــيـــا جـو شـاهه سـلــطــان راز ســبــحــان آئــيــو،
وارث ورث نـــــــبـــــــوت ۽ ولايــــــــت آئـــــــيـــــــو،
نــــور بــــاقــي دار فـــانــي ۾ مــجـــســم آئـــيـــو،
خــلــق جــي قـطـيـن اچـي اڳيانس هــنــپــر گـائـيـو،
الـــســـلام اي اولــيـــا جــا شـاهه سـلـطـان السـلام.
شـڪر حــق هــر دم ڪريـان ٿـو مـرشـد جان آئيو،
والــئـــي راهه خـــدا شـــاهه ولــيــان آئـيـو،
حــاڪــم مــلـڪـوت يـعـنـي غـوث رحـمـان آئــيـو،
وارث تــخــت نــبــي ۽ ديـــن بـــرهـــان آئـــيـو،
ان جـــو نــائــب تــاقـيـامـت صـاحـب شــان آئــيـو،
الـســلام اي اولــيـا جــا شـــاهه ســلــطــان الـسلام.
تنهنجي در جو شاهه خادم آهه سو شمس الهديٰ،
شـل هـجـون جيئري مـُئي خــادم تنهنجا اي شها،
سر تي سڀني جي هـجي، سايه شـها تنهنجو سدا،
توکان پيالا نزع ۾ پيون شل صحو ۽ سڪر جا،
قـــبـر ۾ مـنـڪـر نـڪيـر آيا ته چـونداسون صـفـا،
الـسـلام اي اولــيـــا جــا شــاهه سـلـطـان الــسـلام.
ڏيـنـهـن قيامت جو سٽاڻو سخت ٿيندي دارگير،
ٿيندي خلقت جي اتي بي شبو شڪ حالت تغير،
بعض هوندا ناز نعمت هوندا ڪئي غم ۾ اسير،
ٿــي پــسـنـدي انـبـيـا تـنـهـنـجو لــقـا اي دل پـذيـر،
مـان به حاضر ٿـي چـوان شـاهه بــا عـجــز ڪـثـيـر،
الــســلام اي اولــيـا جــا شــاهه سـلـطــان الــسـلام.
گـهـورو آهي لـطـف تـنـهـنـجي جـو “غـلام مـصطفيٰ”
تـنـهـنـجـي درد عـشـق مـان ذروئـي ڪر ان کي عطا،
دل کان مـنـهـنـجي محو ٿئي، اي شاهه نـقش ما سوا،
جيڪي تنهنجي درجا خادم ٿئي، مڙن لطف و رضا،
منهنجي هڪ هڪ وار مان نڪري، اها سهڻي سـدا،
الــســلام اي اولــيـا جــا شــاهه ســلـطـان الــسـلام.(38)
بکر فقير (1787ع ــ 1845ع) :
بکر فقير ولد صاحبڏنو (اول) (1760ع ـــ 1890ع) سومرو پنهنجي آبائي ڳوٺ ڌاران پور(39) ۾ پيدا ٿيو، سندس والد سڳورو مياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو پر، پوءِ پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي لڏي اچي ڳوٺ ڌاران پور ۾ ويٺو هو ۽ اتي ئي بکر ڄايس، کيس ٻه پٽ ٻيا به هيا. محمد بليل، محمد ڪامل انهن ٻنهيءَ کان بکر ننڍي ۾ ننڍو هوس.
درياءَ کي ڪوبه جوڳو بچاءُ بند نه هئڻ سبب ڪچي وارا ڳوٺ سدائين خطري ۾ رهندا هئا، ان سبب ڪري ٽيئي ڀائر لڏي اچي وري ڳوٺ مياڻي ۾ ويٺا، جتي سندن ٻيا خاندان جا ماڻهو آباد هئا. بکر اصل طالب (اول) جي خاندان مان هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والد صاحب به هڪ سٺو شاعر هو جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو شاعر ليکيو وڃي ٿو.
1837ع واري ليٽ کانپوءِ لڏي اچي ڳوٺ ٽنڊو علي شير وسايو،سندس ٻيا ٻئي ڀائر به گڏجي اچي ٽنڊي علي شير ۾ويٺا، ان وقت سندس هڪ پٽ سوٽ آخوند محمد دائود(40) پنهنجي دور جو فقير تن اهل الله بزرگ هو، جيڪو اصل مهرن جي ٻنڊي تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر ۾ ويٺو هو، پر پوءِ 1792ع ۾ لڏي اچي حاجي خان ڪلهوڙو جي ڳوٺ ۾ سڪونت پذير ٿيو. پر پوءِ 1792ع ۾ لڏي اچي حاجي خان ڪلهوڙي جي ڳوٺ ۾ اچي ويٺو.
بکر فقير به اهل الله ماڻهو هو، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو سالڪ ماڻهو هو، سندس ولادت باسعادت 1787ع مطابق 1207هه ۾ ٿي ۽ اٺونجاهه سالن جي ڄمار ۾ 1845ع مطابق 1265هه ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هڪ ڳنوار ماڻهو هو، سندس ڳئن جو جو ڌڻ هوندو هو جنهن کي جهنگل ۾ چاريندو هو، سمورو وقت الله جي عبادت ڪندي گذاريندو هو، چيو وڃي ٿو ته سندس ڪفن سدائين سر سان ٻڌل هوندو هو، جيڪي لفظ زبان مان ڪڍندو هو، سي پورا ٿيندا هئا، سندس ڪافي ڪرامتون ٻڌايون وڃن ٿيون، سندس ڪجهه بيت مليا آهن.
جن ۾ پٽ پاراتي وارو مضمون ملي ٿو. ٽنڊي علي شير(41) ۾ ئي وفات ڪيائين، سندس مزار مبارڪ به اتي ئي آهي پاڻ وصيت ڪري ويو هو ته منهنجو نالو خاندان جي ڪنهن به فرد تي نه رکندا، ان مطابق عمل ڪيو ويو، نتيجي ۾ سڄي خاندان ۾ اڄ تائين ان نالي سان ڪوبه فرد نه آهي، پاڻ شادي ئي نه ڪيائين، سڄي ڄمار ائين گذاري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ڪجهه بيت سيني به سيني واري انداز ۾ مليا آهن. نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

ســـاجــن تــنــهــنــجــي ســـاهه جــو ســوهــو نــاهي ســڀــاءُ،
راڻــــــا ايـــــنــــديــــن رات جـــــو، اٿـــــي ويـــــهه الله،
آهـــي مـــنـــجـــهه الله، ڏيــــان ڌري پـــهه پـــچـــاءِ،
راڻــا “بــکــر” چـــوي ســنــجــهــاءِ، ويـنـدو سـاءِ سـپـريــن.
ســمــهـــڻ، پـــيـــر ڊگـــهـــا ڪـــرڻ اهـــو ڪـــم ڪـمـيـنـن،
نــــنــــڊ نـــــڀـــــاڳــــي گــــهــــوريــــو، اولا نـــــڀـــــا به اچـــــن،
اهي پرين ڪيئن پسن، جيڪي سڄي رات سمهي پيا.
هـــــــلائــــــــيـــــــن ته هــــــــلاءِ، بــــــــهــــــــاريــــــــن ته بــــــس،
واڳ پــــريــــن وس، جــــيــــڪــــي آل پــــاڻ وهـــيـــڻـــيـن.

سندس ڏور جي بيتن مان به هڪ بيت مليو آهي، جيڪو دوهي جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ اسان کي دوها ڇند تي ٻڌل چئي سگهون ٿا.
اوڀاريون ٿي اڀريو، حـڪمت ڀريو سج،
ٻارهن هٿ ٿيو گدرو، تيرهن هٿ هو ٻج.
سندس شاعريءَ ۾ اسان کي شاهه لطيف رحه جي بيتن جي جهلڪ نظر اچي ٿي، مٿي بين ڪيل ٽنهي بيتن ۾ خاص ڪري پوين ٻن ۾ ته شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ جو مضمون نظر اچي ٿو. سندس چار بيت ٻيا به مليا آهن جيڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
حـج جـا حـاجـي کــوڙ، پرڪي ڪي ڏٺم حاجي،
پر هاڻي نه ويندي گاجي، ڪرم سان “بکر” چوي،
ساڳيو بيت هن طرح به ٻڌايو ويو.
پـرڪي ڪي ڏٺـم حـاجي، حـج جا حاجي کوڙ،
ڪرم سـان “بـکـر” چوي هاڻي نه ويندي گاجي.
اسان ان کي دوها سورٺا وارو بيت چئون ٿا، جنهن ۾ وزن ۽ ٽيڪنڪ جون سڀئي خوبيون منجهس موجود آهن، وري ٻيا بيت مليا آهن، جيڪي ٽن ٽن مصرعن تي مشتمل آهن.
زمــونءَ جــي کـــوهه تـــي اچ ته پـــٽــيــون پــٽ،
ڪاري نه بچي ڪٻريءَ کي، ڍور نه بچي ڍڪ،
پــاڻــي نه بــچــي ســـٽ، زمـــونءَ جــي کــوهه ۾.
من مـــهنجو محمد آباغ ۾، ٽـنـڊي ڪين ٽڪي،
سـنـهــڙو به شــهــپــر ۾، اونـــڌل ڪـــوٽ وســي،
راڻـا ڪـيــئــن رسي، سڄي رات سمهين پئين.
درانـــپــور(42) دڙو ٿــيــو، کـريــو خــانــڻ لــــوءِ(43)
اٿي شـاهـو روءِ، جو ڪوران تنهنجو ڪلر ٿيو.

آخري بيت، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ “قبا جامي” جي هڪ انڍڙ فقير جو ڄاڻايو آهي، جنهن جو نالو وغيره ڪونه ڏنو اٿس، حقيقت ۾ اهو بيت بکر فقير جو آهي، جنهن ۾ هن خانڻ لوءِ ۽ شاهو وڏيري کي ۽ درانپور ڳوٺ ۽ خانڻ لوءِ ڳوٺ کي پٽيو آهي.
درانپور ۾ شاهو نالي جتوئي ذات جو هڪ ظالم ماڻهو رهندو هو جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس هو، خانڻ لوءِ ۾ انڍڙ وڏيرو رهندو هو، جن فقير بکر کي تنگ ڪيو هو، سندن پنهجي زمين جي حصي ۾ مال چارڻ نه ڏيندا هئس. ان ڪري هن بيت ۾ کين پٽيو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو پٽ پاراتو پورو ٿيو. درانپور ختم ٿي دڙي جي صورت اختيار ڪئي ۽ خانڻ لوءِ هڪ وسندڙ ڳوٺ ويران ٿي ويو.
بکر فقير جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه وري ڪنهن ادبي تاريخ ۾ ڪو نموني طور يا نالي ماتر ذڪر ملي ٿو. ڏٺو وڃي ته بکر فقير کي بيت جي فن جي پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي. جنهن دوها ڇند، سورٺا ڇند ۽ دوها سورٺا ميل جي هيئت تي بيت چيل آهن. ان کان سواءِ چندرايڻ جي ماترائن تي به بيت ملي ٿو، ان مان صاف ظاهر آهي، ته فقير صاحب انهيءَ فن کان چڱيءَ ريت واقف هو ۽ ڀلي ڀت پروڙ حاصل هئس. هونءَ ڏٺو وڃي، ته اهي قديم صنفن واري هيئت تي ٻڌل بيت آهن. هي ٽالپرن جي دور جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي شاعري ۾ اهو فن ملي ٿو. نه ته اڪثر ڪري هن دور ۾ بيت جي صورت تبديل ٿي چڪي هئي.
جنهن ۾ قديم بيت وانگر ٻه مصرعون نه رهيون، پر ٻن کان وڌيڪ مصرعن جو استعمال ڪثرت سان ٿيو آهي. اڪثر ڪري هن دور ۾ ٽن مصرعن جي بيت ڪاميابي حاصل ڪئي.
بکر فقير جي سموري شاعري ڪونه ٿي ملي پر ڪجهه بيت مليا آهن، جيڪي اهي زباني طور مائي سڀائي کان مليا آهن.


مائي نوران (1778ع ــ 1880ع):
مائي نوران ڌيءَ حضرت محمد ڄام چنيسر سومرو (1759ع ــ 1854ع) سندس مڙس جو نالو محمد ڪامل هو، جيڪو صاحبڏنو جو ٻيون نمبر پٽ هو، جيڪو آخوند محمد دائود جو سوٽ هو، آخوند وقت جو بزرگ ۽ اهل الله هو. بکر سومري جي ڀاڄائي هئي، جنهن جو ذڪر اڳي ڪري آيا آهيون، اصل ڳوٺ “ مهرن جي ٻنڊي” تعلقو پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو هو، جتان سندس والد ڪچي واري علائقي کي چڏي اچي پڪي علائقي ۾ ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙي(44) تعلقو خانپور ۾ سڪونت پذير ٿيا. مائي نوران حضرت مولانا مولوي محمد ڄام (1844ع ـــ 1925ع) سومري جي پڦي هئي، جيڪو مولانا عبدالله سنڌي جو هم ڪلاسي هو.
مائي نوران ڪلهوڙن جي دور ۾ تڏهن ڄائي جڏهن ٽالپرن بغاوت ڪئي، ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري ٻن سالن ۾ هن دنيا ۾ قديم رکيا، ان مطابق سندس جنم 1771ع ٿئي ٿو، مائي نوران ٽالپرن جو عروج ۽ زوال چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ انگريز جو اوج به ڏٺو، سن 1880ع ڌاري هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي هن بکر جي مال کي پٽيندي پاراتو ڏنو اٿس، چيو وڃي ٿو ته اهو پاراتو پورو ٿيو هو، نهايت ئي تمام سٺي سگهڙ زال هئي.
هڪ بيت ته سورٺا ڇند تي ٻڌل آهي، جيڪو انهيءَ هيئت تي پورو لهي ٿو. چوي ٿي:
بکر باهه لڳئه، جو نوران آهي نپٽي،
پوءِ سور پوءِ، گابن کي جو ڪل وڃئه مري.
سندس هڪ ٻيو بيت جنهن ۾ بکر کي مهڻو ڏيندي چوي ٿي ته پٽن کان سواءِ مان پنهنجو ور ڪاڏي ڪيا، (جڏهن ته بکر نوران کي پاراتو ڏنو هو، جنهن ۾ کيس پٽن کي پيٽيو هئائين، جيڪي مري ويا هئا، اهو بيت ملي نه سگهيو آهي، باقي نوران وارو بيت مليو آهي) چوي ٿي:
بکر ڪيئه بر، سڃا پٽن کان سواءِ ڪاڏي ڪيان ور،
“ڪــــامــــل” “نــــوران” گــــهــر ۾ ڪيهو ڀــڃــن ڪر،
ڏٺــــئــــــه نه يـــــونـــــس(45) کــــــي پــــــو ويــــــو اهـــــو ور،
بـکر هـاڻــي تنهنجو آ ڪم ڪهڙو، ڪـيـئه اهڙو قهر،
چــوءِ ٿـي “نـوران” ڪر واهـر، هـاڻي ڪجهه تون وهه.
بکر جي وفات تي هڪ بيت چيو:
بـــکـــر بـــس ڪـــر پــاڻ ئـي ايـنـداءِ الله،
لــڏيــو اڃا لڏ سان، توڙي وڃيئه درياهه،
ته قدرت سان الله، تاري وڃي تر ٿيئـن
سندس وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي، شاعري تي بکر جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، بکر سندس همعصر شاعر هو، سندس شاعري مائي سڀائي کان زباني طور ملي آهي.

نبي بخش “ رنگريز” (1802ع ــ 1853ع):
نبي بخش سومرو متخلص “رنگريز” (کٽي) “نبي بخش” ڳوٺ ڌارانپور ۾ تولد ٿيو، ڄمڻ جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته ميرن جي دور ۾ مير فتح علي خان جي وفات وقت ۽ مير غلام علي خان جو تخت تي ويٺو. ان مطابق سندس ڄمڻ جو سن 1802ع ٿئي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، اصل طالب (اول) خاندان مان ٿي گذريو آهي.
ميرن جي دور جو تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جا ڪافي شعر مشهور آهن، پر سنڌي ادب جي تاريخ جي ورقن کان وانڍ رهجي ويا آهن، محققن هن عظيم شاعر کي وساري ڇڏيو آهي، اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ ڄڻ ته اڌوري ٿي محسوس ٿئي، اهڙا شاعر تعلقي لکيءَ ۾ مليا آهن، جن جو ذڪر ته ڇا پر ڪٿي ڪو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نالو به ڪونه آهي، اهڙا شاعر سدائين گمنامي جي گوشي ۾ رهندا آيا آهن، انهن گمنام شاعرن مان نبي بخش سومرو به هڪ هو، سندس وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي، البت ايترو چيو وڃي ٿو ته هي ڪپڙن کي رڱائي جو ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري رنگريز نالي سان مشهور هو.
سندس 9 بيت کن مليا آهن، جيڪي اڪثر چئن مصرعن تي مشتمل آهن، پر ڪي پنج مصرعن وارا به مليا آهن ۽ ڪي ٽن مصرعن وارا به مليا آهن، جن ۾ بيت جون سموريون خوبيون سمايل آهن، سندس بيت ۾ رنگيني ۽ چاشني موجود آهي، فني ۽ فڪري لحاظ کان به اعليٰ درجي جا بيت آهن. ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس شاعري جو ڪو رسالو هجي.
جيڪي به بيت مليا آهن سي، پشت به پشت ۽ سيني به سيني واري روايت ۾ مليا آهن ۽ ڪي شعر اهڙي انداز ۾ حاجي احمد بخش سومري پنهنجي مرتب ڪيل قلمي ڪتاب “انتخاب احمد” ۾ نقل ڪيا آهن، سندس ڪلام تمام گهڻو چيو پر ڪٿي به سندس ڪو لکت جي صورت ۾ نه مليو آهي، جنهن کي اسان نبي بخش جو رسالو چئي سگهون.
هونءَ هن دور جي لکت جا تمام گهڻا نمونا مليا آهن ۽ هن دور ۾ لکڻ جو رواج عام هو، پر سنڌي شاعر ۾ لکڻ جي عادت تمام گهٽ هئڻ سبب گمنامي جي باب ۾ شمار ٿيندا ويا، اڪثر ڪري سنڌي شاعرن کي پنهنجو ڪلام سمورو ياد هوندو هو، پوءِ اهو پنهنجي سڄي علائقي ۾ ته مشهور هوندو هو پر علائقي جي سرحدن کان ٻاهر وڃي نه سگهندو هو.
“رنگريز” نبي بخش صاحب حمل فقير لغاريءَ جو همعصر هو، پر حمل فقير سندس عمر ۾ ٿورو ننڍو هو “رنگريز” بيت جو هڪ اعليٰ پايي جو شاعر گذريو آهي، سندس ڪلام ۾ مختلف رنگ ڀريل آهن، پر افسوس جو چند بيتن کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪلام ڪونه ٿو ملي.
نبي بخش“رنگريز” “کٽي” جي وفات جو سن هن طرح ٻڌايو وڃي ٿو “جنهن سال انگريز ۽ ميرن جي وچ ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ جنگ لڳي ان کان ڏهه سال پوءِ وفات ڪيائين ۽ مير نصير خان جي وفات کان اٺ سال پوءِ وفات ڪيائين، سندس ڪل ڄمار 51ورهيه هئي، ان مطابق سندس وصال جو سن 1853ع ٿئي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، سندس اصلي آبائي ڳوٺ درياءَ جي سپرد ٿيڻ کانپوءِ ٽنڊي علي شير ۾ رهڻ لڳو، ۽ وفات به ٽنڊي ۾ ڪيائين، سندس مزار مبارڪ ٽنڊي علي شير آهي. سندس مليل بيت هيٺ ڏجن ٿا:
ســاجــن آيــم ســامــهــون، مــنــهــنــجــا ســرهــا ٿـيـڙم سير،
قـدم ڪـول قـريـب جــو، گــهــوٽ لـنـگـهـائـيـنـدم گــهــيـر،
اونــدهه انــهــيءَ ويـــر، نــگاهـه ســان “ نــبــي بـخـش” چوي.(46)
نــــمــــن مـــــٿــــان نــــور، ســــدا وســــي ســــبــــحــــان جـــــو،
نـــــــــــدا مــــاڻــــيــــن نـــوح جـــو، مـــديـــنـــي ۾ مـــذڪــــور،
مديني جا مير، ڀريون ڏي ڀرپور، نگاهه سان “نبي بخش” چوي.(47)
بـــــرتـــــي چــــڙهــــي بــــام، ڪــــري ســــڏ ســـاٿـــيـــن کـي،
هـــلـــي وڃــــي ٿــــي حــــب مــــان، پـــنــــهـــل ڪــارڻ ڄــام،
روهـــــن تـــــي “رنـــــگـــــريـــــز” ڏاڍا ڏيــــنـــهـــن ڏگــــهــــام،
نه ڇـڏج نــنــگ “نــبـي بـخـش” چوي، سـيـد تنهنجي سـام،
لـــــڙهه لـــــڳـــــيءَ جـــــا لام، هــــوت نه ڇــــڏج هـــيــکــلـــي.

هــوت نه ڇــڏج هـــيـــکـــلـــي، ڪـــج ولـــهـــيءَ جــي واهـــر،
مـن جـا ســاٿــي ســاويــرا، ويــا هـلـيـا، پـهـريـن ئـي ته پـهـر،
نٻـر سـٻر ننگ “نبي بخش” چوي، گهوٽ تنين جي گهر،
پـــرور پـــــڙدو ڪـــــر، روهـــــن تــــي “رنـــگـــريــــز” چـــوي.

بـــــــاقــــــا ڀـــــڙڪــــائـــــي، آڌيءَ رات آڳ اچــــــي مـــــيـــــان،
لاڏا لائــــــي تـــــنــــهـــــن جــــــا، لــــهــــڪــــڙ لــــهــــڪــــــائــــي،
تــوريءَ کاڄ “کـٽـي” چـوي، ڪين ســگـــهــان مــان کــائــي،
ســــانـــــوڻ ســـــدائـــــي، اکـــيـــون انـــهـــيءَ پـــار ڏي مــيــان.

مـــــون ۾ ســـــڀ گـــــهـــــٽ، تــــوڏي حــــرف نه هـــيـــڪــڙو،
مــــولــــج مــــڙر مــــٿــــانــــدرا، گــــهــــارج گــــهـــوريءَ وٽ،
جـيـڪي حـــرف حـسـاب جـــا، سـي ڪاڪ مـٿائـون ڪــــٽ،
مـــاڏانـــهـــن مــِهَـر نه مـــٽ، کـــلـــنـــدي کــوءِ “کــٽي” چــوي.

اديــــون ڪـــنـــدس آج، جــي تـــون مــيــنــڌرا مــوٽــي اچــي،
مــيــر ته مـــن جــا مــنـهــنــجـا پـــريـــن، تـــوڪـــي راڻــا راڄ،
ور تــو مـــٽ وهه ڀــانــيــان، کـــائـــڻ “کـــٽــي” چـــوي کـــاڄ،
تــنـهـن جي محبـت آهـي، مـٺـاڄ، مـنـد مـاکـيءَ کان ڀـانـيان.

جـــا تــــو وجــــهــــي جــــاراڻــــي، مـــوســــان مــــون ڪـــيــــو،
هــــنــــن نــــهـــاريــــو هـــيـــکـــلا ٿـــي، روءِ زارون زار،
ڪـــامـــڻ ڪــــانــــگ اڏاريـــــا، پـــــارس تـــنـــهـــنـــجـــي پـــار،
ورنـــهـــن ڪــيــن وســار، ڪــيـــئه خــريـــد “کـــٽــي” چـــوي.
ســــوداگـــــر ســــــاٿ ڀـــــــري، ڏس آراڻـــــــيءَ ڏي آيـــــــو،
ڏي پـــنــهـــون پــٽ پـنـهـنـجـن، ٿــئــيــن سـونـهـون سـجـايـو،
لـعـل لــنــگـائـيـنـدم لــڪــيــون، ٿــيــنــدو بــرمــان بــورائـــو،
سـاٿـين جو سايو، ڪندو “کٽي” تي، مير محمد مصطفيٰ ﷺ(48)
فقير محمد يوسف تنيو (1805ع ــ 1855ع):
فقير محمد يوسف تنيو جيڪو خاڪل فقير(49) جو پيءُ هو، ڳوٺ ڌارانپور ۾ ڄائو، جيڪو هڪ وسندڙ ڳوٺ هو، جنهن کي سنڌو درياءَ پنهنجي آغوش ۾ سمهاري ڇڏيو. نبي بخش “رنگريز” سومري جو يار ۽ همعصر هو، جنهن سان پنهنجن ڀاتين وانگر رهندو هو، نبي بخش کان عمر ۾ ٽي سال ننڍو هو، سندس جنم جو سن 1805ع ٻڌايو وڃي ٿو، پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ سن 1855ع ۾ وفات ڪيائين، سندس قبر پنهنجي آبائي ڳوٺ ڌارانپور ۾ هئي، درياهه جي آويڙ ۾ اچي وڃڻ سبب ڳوٺ جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو، سندس پويان خاندان جا ماڻهو مهرو ماڙي تعلقو خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ويٺا آهن، سندس اصل وڏا مهرو ماڙيءَ جا ئي هئا.
ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي شروعاتي دور جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، فقير صاحب بيت جو تمام زبردست شاعر هو، پاڻ بيت جي فني خوبين کان چڱيءَ طرح واقف هو، سندس بيت جو فن و فڪر اعليٰ درجي جو آهي، شاعري ۾ “يوسف” تخلص استعمال ڪيو آهي. سندس پنج کن بيت مليا آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
مــون تــي هــن مــيــار، ڪــامــل تــنــهــنــجــا ڪـيـتـرا،
اڱـــــڻ عــــبـــيـــدار جـــــي، ڀــــيــــرو ڪـــــج ڀــــــوتـــــار،
مـون تـان وڃـن مـوءِ ٿـي، تـوڙي هـجن حـرف هــزار،
هـاڻـي “يـوسـف” چَــوءِ يــار، وجـهه نه ويچـوها وچ ۾.

ســـــوڍا ڏئــــي ســـــاءُ ســـکـــيـــن ريــــــت رســـــڻ جـــي،
کـــرن جــي کـــاهه پــئــي، ڪــــايـــل هـــيـــري ڪــــواءُ،
يـــاري جـــو “يـــوســـف” چـــوي، تـــپـــي ڪَـــجُ نهَ تـــاءُ،
هــاڻـي الله ڪــارڻ آءُ، هــن جــوشــن جــيــرو جـلايــو.
جــيءُ جــيـــئــان ٿـي جــڳ ۾، ســوڍا تـنـهـنـجـي ســاءِ،
يـــاري جـو “يـوسـف” چـوي، مـون تـئـون مهر نه چـاءِ،

قــــــــادر ڪــــارڻ ڪـــاڪ تـــي، وري واڳ وراءِ،
ســــانـــدهه ســـانـــوڻ آءِ، اکــــيــــون انـــهـــيءَ پـــــار ڏي.

راڻــــــا رُســــــامــــــو نه ڪــــر هــــيــــڪــــر هــــيــــڏي آءُ،
پـــــڇـــــي پـــــاڙي واريــــون، ســــوڍا لـــهـــج ســـمـــاءُ،
خون کٿوري نه لڪي، نه لڪي ڇپر ۾ شمس شعاءُ،
تـــوڙيءَ ڀــايــان ڀــاءُ، مــڙس نه هــئــيــن مـن مــيـنــڌرا.

جي جـند جـوشـن هـياس، هـونـد نه ڪـريـن هـا اهـڙي،
پــنـــڌ ڪـــشــالا ڪــانــڌ جــا، ڏکــيءَ ڪــيــئــن ڏنــاس،
يــاري جــو “يــوســف” چــوي، تــو حق ڪيئن ڀڳاس،
ڏاهـــــون ڏم لـــــڳـــــاس، ڏاتـــــا ڏم ڏهـــــاڳ جـــــا.(50)

فقير صاحب جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته هن سروار بيت چيا آهن، مٿيان بيت سر مومل راڻي ۽ سسئي مان آهن، چيو وڃي ٿو ته سندس پنهنجو مڪمل ڪلام هو جيڪو رسالي جي صورت ۾ موجود هو، ان رسالي ۾ نبي بخش “رنگريز” جا به ڪافي بيت موجود هئا. فقير صاحب جو ڪلام ۽ احوال زندگي تمام ٿورو ملي سگهيو آهي.
فقير يوسف ميرن جي آخري دور جو شاعر هو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ علمي ۽ معاشرتي حالت سٺي هئي، حڪومت جا دروازا مسلمانن خواهه هنڌن لاءِ کليل هوندا هئا، مير پاڻ به سٺا علم دوست هئا، شعر و شاعري سندن خاص مشغلو هو، ان وقت سندس همعصر شاعر، فتح فقير (وفات 1843ع)، پير محمد اشرف (وفات 1860ع)، دلپت (وفات 1841ع)، صديق فقير سومرو، حمل فقير (1810ع ـــ 1878ع)، آخوند محمد عالم (1800ع ـــ 1870ع)، نبي بخش “رنگريز” (1802ع ـــ 1853ع) هئا.
مٿي ذڪر ڪيل شاعر ڪافيءَ سان گڏ بيت جا به سٺا شاعر ليکيا ويندا هئا، فقير يوسف به ڪافيون چيون پر سندن سمورو ڪلام درياءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو، ڪجهه بيت مليا آهن، جيڪي مٿي ڏئي آيا آهيون، “انتخاب احمد” تان نقل ڪيا آهن، جيڪڏهن اهڙو قلمي مواد نه ملي ها ته شايد هن شاعر جو نالو هميشه لاءِ مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ها، چيو وڃي ٿو ته سندس سمورو ڪلام ابوالحسن واري صورتخطي ۾ لکيل هو، جيڪو سندس جيئري ئي 1843ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو.

(ب) ادبي جائزو:
ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ادب چڱي ترقي ڪئي، هن دور ۾ شاعري جيڪا ترقي ڪئي اوتري نثر نه ڪئي، هن دور ۾ شاعري جو تعداد تمام گهڻو ملي ٿو، پر هتي اسان کي صرف تعلقي لکيءَ جي شاعرن اديبن جو جائزو وٺڻو آهي ۽ ان دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو ان جو ئي جائزو وٺڻو آهي.
هن تعلقي ۾، هن دور ۾ تمام گهڻا شاعر پيدا ٿيا پر جن جو تفصيل ملي سگهيو آهي انهن جو جائزو ڏجي ٿو. هن دور ۾ چند شاعر اهڙا مليا آهن، جڪي ڪلهوڙن جي دور ۾ پيدا ٿيا، انهن ۾ سيد محمد وفا لکوي (1753ع ــ 1833ع)، پيرل سومرو (1762ع ــ 1820ع)، اسماعيل سومرو (1765ع ــ 1820ع)، سيد محمد شجاع لکوي (1773ع ــ 1846ع)، مخدوم محمد صالح وزير آبادي (1778ع ــ 1851ع)، خير محمد “خيرو” (1781ع ــ 1840ع) جا نالا ملن ٿا.
ان کانسواءِ ٽي شاعر اهڙا آهن جيڪي ٽالپرن جي دور ۾ پيدا ٿيا ۽ انگريزن جي شروعاتي دور ۾ وفات ڪري ويا، اهي آهن، بکر سومرو (1787ع ــ 1845ع)، نبي بخش “رنگريز” (1802ع ــ 1853ع)، محمد يوسف تنيو (1805ع ــ 1855ع)، سيد غلام مصطفيٰ لکوي (1783ع ــ 1843ع) ٽالپرن جي دور ۾ ڄائو ۽ ان ئي دور ۾ وفات ڪري ويو، ان کان علاوه مائي نوران، جيڪا ٽالپرن دور ۾ ڄائي ۽ انگريزن جي دور ۾ وفات ڪيائين، ان کان علاوه مخدوم محمد صالح ۽ سيد محمد شجاع لکوي به انگريزن جي دور ۾ وفات ڪري ويا.
هن دور ۾ فارسي شاعر به پيدا ٿيا، جن فارسي ادب لاءِ شه پاره تخليق ڪيا ۽ فارسي ٻولي کي به ديوان ڏنا، هتي چار فارسي شاعر ٿي گذريا، جن مان ٽن جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي، جيڪي لکيءَ شهر جا سادات آهن ۽ چوٿين جو واسطو به ان خاندان سان گڏيل رهيو جيڪو لکيءَ جي ڀرسان وزير آباد جو هو، جنهن فارسي ادب کي هڪ ديوان ڏنو، اسين سنڌي ادب ۾ انهن شاعرن کي شمار ڪري نٿا سگهون پر پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي علائقي جي شاعر جي حيثيت سان اسين انهن کي پنهنجي ڳاڻيٽي ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، انهن شاعرن مان هڪ سيد محمد شجاع (ثاني) لکوي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ به هڪ مولود مليو آهي، جنهن کي اسان ٻنهي ٻولين جو شاعر ڪوٺي سگهون ٿا، سندس هڪ مولود جيڪو وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهي.
هتي جي شاعرن، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ڪثرت سان ڪيو آهي، پر اتي هن دور ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪندڙ شاعر به مليا آهن، هتي ڪي اهڙا شاعر مليا آهن جن جو ذڪر ڪنهن به ڪتاب يا ادبي تاريخ ۾ ڪونهي. تنهن ڪري اسان انهن کي گمنامي جي گوشي مان ڪڍي ادبي تاريخ ۾ شمار ڪريون ٿا
پيرل سومري جي شاعري ۾ الف اشباع واري قافيي ۾ ڇپيل بيت مليا آهن، ان مان صاف ظاهر آهي ته هن دور ۾ الف اشباع عام جام صنف هئي. اسماعيل ۽ پيرل جا چيل بيت مليا آهن جن کي اسان سنڌي ادب جا پهريان مرثيا چئي سگهون ٿا.
خير محمد بيت سان گڏ ڪافي جو به شاعر هو صرف ان جو بيت مليو آهي. سيد غلام مصطفيٰ مسدس جو بلند پايي جو شاعر مليو آهي. جنهن جي شاعري جو سنڌي ترجمو مليو آهي، هونئن هي فارسي ٻوليءَ جو شاعر آهي.
بکر اهو شاعر هو جنهن جي شاعري هندي دوهي ڇند ۽ سورٺا واري هيئت تي آهي. هي پهريون شاعر آهي جنهن پراڻي انداز واري هيئت تي طبع آزمائي ڪئي آهي، دوها سورٺا ميل جو به تجربو ڪيو آهي، پر ان سان گڏ ٽن سٽن وارا بيت به ملن ٿا جنهن ڪري کيس بيت جي فن جو هڪ اعليٰ شاعر سڏي سگهون ٿا.
ان کان سواءِ عورتن ۾ به هي علائقو پٺتي پيل ناهي، اهڙي طرح مائي نوران جنهن جو واسطو هڪ علمي گهراڻي سان هو، جنهن جي شعر ۾ به پراڻي بيت وارو وزن هندي ڇند وارو ملي ٿو، هن سورٺا ڇند تي ٻڌل بيت چيا آهن. پر انهن کان هٽي ٻن مصرعن کان وڌيڪ به بيت چيا آهن.
نبي بخش “رنگريز” جهڙو بيت جو بلند پايي جو شاعر مليو آهي، جنهن جي شعر ۾ لست، رنگيني ۽ چاشني آهي، گمنامي واري باب جو شاعر آهي، هن جو ئي هڪ دوست فقير يوسف تنيو به مليو آهي، جنهن جي شاعري ۾ سر مومل راڻي ۽ سر سسئي ۾ چيل بيت ملن ٿا جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن جو ڪو مڪمل رسالو هو، سندس بيتن ۾ دلڪشي آهي.
باقي نثر ۾ ديني ادب مليو آهي جيڪو اڪثر عربي ۽ فارسي ٻولي ۾ ملي ٿو، باقي سنڌي نثر جا نشان تمام گهٽ مليا آهن. مجموعي طور هن علائقي ۾ نظمي ادب ٻين دورن کان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. هن ۾ ڪن اهڙن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي جن جو ذڪر سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ ڪونه ٿو ملي.


باب چوٿون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1)ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “لکيءَ جا شاعر” (مقالو) نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص 30.
(2)علوي امين الله پروفيسر ـــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ايڊيٽر: غلام مصطفيٰ قاسمي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 14.
(3)علوي امين الله پروفيسر ـــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص ص ص 15، 16،17.
(4) ايضاً.
(5) ايضاً ص 19.
(6)بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي( جلد ٻيو) ـــ ص 163 + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 30.
(7) ايضاً.+ماهوار الرحيم سنڌي ـــ جولاءِ آگسٽ 1973ع ص، ص، 18، 19.
(8) ايضاً.
(9) هي قديم ڳوٺ موجوده تعلقي لکيءَ جي حدن ۾ ڪچي طرف آباد هو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ڳوٺ ۾ اَنَ جي ٽوئي جيتريون ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. محمد آباغ ڳوٺ کان گهڻو اندر درياءَ جي پراڻي وهڪري واري ڪپ تي آباد هو جيڪو درياهي ٻوڏ ۾ تباهه ٿيو.
(10) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽرــــ سنڌي ادب جو تاريخي جائزوـــ ڇاپو ٽيون 1976ع ـــ ص 121.
(11) ساٿي (اول) جي خاندان مان ٿي گذريو آهي جيڪو ساٿاڻي پاڙي سان مشهور آهي.
(12) بلوچ غلام رسول ـــ سنڌي ـــ مرثيه نويسي ــ ڇاپو پهريون 1970ع ص 29 مطبوعه انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
(13) مائي سڀائي کان زباني طور مليا.
(14) ايضاً.
(15)شجره طيب سادات لکوي (قلمي) فارسي.
(16) ايضاً.
(17)بدوي لطف الله تذڪره لطفي ـــ (ڀاڱو ٻيو) ڇاپو ـــ 1946ع ص 164.
(18) بياض باغ علي شاهه لکوي (قلمي) فارسي.
(19) بياض باغ علي شاهه لکوي (قلمي) فارسي.
(20) علوي امين الله پروفيسر “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ــــ مارچ اپريل 1975ع ـــ ص 44.
(21)بدوي لطف الله، تذڪره لطفي ــ (جلد ٻيو) ڇاپو ـــ 1946ع ص 144.
+ ماهوار نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31 + ماهوار الرحيم سنڌي مارچ ـــ اپريل 1975ع ص 46.
(22) بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي ــ ڇاپو: 1946ع ص + نئين زندگي جنوري 1972ع ـــ ص، ص 30، 31.
(23) بياض مير باغ علي شاهه لکوي (قلمي) + ماهوار الرحيم سنڌي مارچ، اپريل 1975ع ص 43.
(24) ماهوار الرحيم سنڌي مارچ اپريل 1975ع ص 45 ـــ پروفيسر امين الله علوي جو مقالو.
(25) ايضاً ص 47.
(26)راقم جي ذاتي تحقيق.
(27) ماهوار نئين زندگي جنوري 1972ع ص 32 ـــ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد جو مقالو.
(28)وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1985ع مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد ص 96، 98.
(29) وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1985ع ص 96، 98. مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد.
(30)بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) 194ع ص 172 + ماهوار نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص32.
(31) بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي (جلد ٻيو) ڇاپو 1946ع ص 174. + ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ لکيءَ جا شاعر (مقالو) نئين زندگي ڪراچي جنوري 1972ع ص 32.
(32) ايضاً.
(33)ڍڳ تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، جيڪو ڪشمور روڊ کان اندر طرف آهي.
(34) ٽنڊو علي شير، تعلقي لکيءَ ۾ محمد آباع ڳوٺ کان اتر ۾ چئن فرلانگن تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي.
(35)“خيراڻي پاڙو” جنهن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب سومرن جو دور ۾ ذڪر ڪيو آهي (سومرن جا موجوده پاڙا ۽ راڄ) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پنهنجن جدا ڳوٺن ۽ توڙي ٻين سان گڏ سومرا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. ضلعو شڪارپور، خيراڻي ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو تعلقو شڪارپور، پوئين ويجهي دور جو پاڙو) (سومرن جو دور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1980ع ص 371) ان کان علاوه بچل شاهه مياڻي ۾ به آباد آهن جيڪي حاجي خان ڪهوڙن جي ڳوٺ کان لڏي ويل آهن. ڊاڪٽر صاحب تعلقو شڪارپور غلط ڄاڻايو آهي، پر اهو تعلقو خانپور آهي.
(36) سومرو احمد بخش حاجي (مرتب)، انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(37) علوي امين الله پروفيسر ـــ“لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي ايڊيٽر غلام مصطفيٰ قاسمي، جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 19.+ شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي (قلمي).
(38)گلشن وحدت (سلسله مظهريت جو ٻيو ڪتاب) مرتب ۽ پبلشر حاجي باغ علي شاهه لکوي، (ايڊيٽر اخبار “پيغام ڪل” ٽنڊو جان محمد) سال 1940ع ص 2 کان 6 تائين.
(39)ڌاران پور هڪ ڳوٺ هو جو ڪچي جي طرف درياءِ جي ڪناري تي آباد هو. هي هڪ قديم ڳوٺ آهي جيڪو محمد آباغ کان تمام گهڻو اندر جي طرف ٻڌل هو. هي ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو ان جي باري ۾ ڪابه خبر ناهي ، البت ايترو ٻڌايو وڃي ٿو ته 1837ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو.
(40)حضرت آخوند محمد دائود صاحب سن 1845ع مطابق 1256هه ۾ وفات ڪئي. سندس ڳوٺ واري قبرستان “حاجي مستقيم” ۾ واقع آهي، آخوند صاحب جي ولادت 1759ع مطابق 1179هه ۾ ٿي هئي. سندن عمر 95 سال هئي، آخوند صاحب کي نرينه اولاد ٻه فرزند ۽ پنج نياڻيو هيون، آخوند صاحب ڳوٺ موٽاڻي مهر (مهرن جي ٻنڊي) تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر مان سن 1792ع مطابق 1212هه ۾ هجرت ڪري حاجي خان ڪلهوڙه تعلقو خانپور ضلعو شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو.
(ماهوار پيغام ڪراچي ڊسمبر 1980ع ص 28 کان 31). مقالو ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو.
(41) ٽنڊو علي شير سومره خاندان جو ٻڌايل هڪ قديم ڳوٺ جيڪو محمدآباغ کان ٻن ٽن فر لانگن تي اتر طرف آباد آهي، محمد آباغ جيڪو رستم شهر کان اٺ ڪلو ميٽر اوڀر طرف آهي سومره خاندان مان علي شير نالي فرد هو جنهن اهو ڳوٺ ٻڌايو هو ۽ آباد ڪيو. ننڍي واهڻ هئڻ ڪري کيس ميرن جي دور ۾ ٽنڊو سڏيو ويو.
(42) درانپور: هڪ قديم ڳوٺ هو، جيڪو 1837ع واري ٻوڏ ۾ مهراڻ جي موجن جو بک ٿي ويو. اهو ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو؟ ان لاءِ ڪو ٺوس ثبوت ڪونه ٿو ملي. هن ڳوٺ ۾ ٻروچ (بلوچ)، انڍڙ ۽ مهر ذات جا ماڻهو آباد هئا. اهو ڳوٺ محمد آباغ ڳوٺ کان گهڻو اندر درياءَ جي ڪناري تي آباد هو.
(43)خانڻ لوءِ: هڪ قديم ڳوٺ هو، جيڪو درانپور جي ويجهو هو، ٻنهي جي وچم جهنگل جو حصو هوندو هو. جيڪو بعد ۾ درانپور ڳوٺ سان گڏ تباهه ٿيو. هن ڳوٺ ۾ خانڻ نالي انڍڙ ذات جو چڱومڙس رهندو هو جنهن جي نالي پٺيان خانڻ لوءِ پئي سڏجي. جيئن صاحبن جي لوءِ ميرن جي لوءِ نالي اڄ به ڳوٺ آباد آهن.
(44) حاجي خان ڪلهوڙو “ هي ڳوٺ دريا ءَ جي ڪپ کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي اولهه طرف چوٽي شاخ جي ڪناري واقع آهي، شڪارپور کان ڪنڌڪوٽ روڊ لائين جي ڀرسان آهي، شڪارپور کان 14 ميلن ۽ خانپور کان اٺن ميلن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آهي” (ماهوار پيغام ڊسمبر 1980ع ص 31). مقالو ڊاڪٽر عبدالخالق “راز” سومرو.
(45) يونس مائي نوران جو پٽ جيڪو وفات ڪري ويو هو.
(46) مائي سڀائي کان زباني طور مليو.
(47)ايضاً.
(48) سومرو احمد بخش انتخاب (قلمي) 1956ع.
(49) خاڪل فقير هڪ سٺو سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو ميرن جي دور ۾ ڄائو هو ۽ انگريزن جي دور ۾ وفات ڪري ويو هو. پر افسوس جو ان جو ڪلام ڪٿان به ملي نه سگهيو آهي.
(50) سومرو احمد بخش حاجي ــــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.