تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

باب ڇهون :

باب ڇهون :
(الف) انگريز دور جي لکيءَ جي ادبي تاريخ جو جائزو جنهن ۾ اهي شاعر ۽ اديب اچي وڃن ٿا، جن ورهاڱي کان پوءِ وفات ڪئي:(1880ع ـــ 1967ع):
هن حصي ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جو ذڪر ڪجي ٿو جن انگريزن جي دور ۾ جنم ورتو ۽ انگريزن جي دور ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ نثر خواهه نظم ۾ لکيو.
ورهاڳي کان پوءِ ويهن سالن اندر جن، هن دور ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن وفات ڪئي انهن کي هن باب ۾ شمار ڪيو ويو آهي، ٻولي ترقي ته ڪئي پر ورهاڱي سبب لڏ پلاڻ جا اثرات مرتب ٿيا. ۽ سنڌ ۾ سنڌي شاعرن ۽ اديبن جو هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. جنهن ڪري ادب جي ارتقا جو سفر سخت متاثر ٿيو.
سياسي طور وڏو بحران رهيو. سنڌي ٻولي سرحد پار به ٿپي ويئي پر وڇوٽيءَ سبب طاقت کي ڇيهو رسيو. سماج جي حوالي سان به سماج ڀڃ ڊاهه جو شڪار رهيو. ۽ انا رڪيءَ جنم ورتو. جنهن ڪري ادب ۾ مزاحمت جو عنصر وڌيو ۽ ادب ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ۽ هجر وَفراق جون ڳالهيون، ۽ صوفيانه انداز فڪر وڌيڪ پختو ٿيو. ڪافيءَ جي صنف گهڻي ترقي ڪئي، جنهن ۾ سوز و گداز آهي.

سوامي گنگارام (1860ع ــ 1950ع):
سوامي گنگارام پٽ شري ڀاونداس پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 22 جون 1860ع ۾ پيدا ٿيو، سندس ٻه ڀائر شري سهجرام ۽ شري بيکچند به هئا، جيڪي زميداري جو ڪم ڪندا هئا، سندن هڪ دڪان به هو، جنهن تي شري گنگارام کي ننڍي هوندي ئي ويهاريو ويو هو، سندس ماءُ جو نالو اڱڻ ٻائي هو، پر هن جي دل ڌنڌي سان نه لڳي هئي، ننڍي هوندي ئي هن جو لاڙو سنتن ڏانهن تمام گهڻو مائل رهيو. جنهن سبب ڪاروبار تي ايترو ڌيان نه ڏنائين، هن کي سدائين لنو ۽ لوري پرڀوءِ جي هوندي هئي، جيئن جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن نام جي راهه ۾ وڌيڪ وڌيو ۽ جيءَ ۾ جهوري وڌندي ويس.
گنگارام صاحب کي جڏهن رسمي ٻنڌڻن ۾ ٻنڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي تڏهن شري گنگارام صاحب انهن ٻنڌڻ کان نابري واري، پر پوءِ والدين جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي هن اها ڳالهه قبول ڪئي، کيس صرفو ڳوٺ لڳ چڪ مان هن جي شادي مائٽن مان ڪرائي ويئي، سندس گهرواري جو نالو ڌرمي ٻائي هو، کيس ٽي پٽ ڄايا.
هڪ دفعي بهاولپور جو سنت چانڊورام جو اچڻ ٿيو ان سان ملي کائنس گر اپديش وٺي سندس شش ٿيو، پوءِ ته گنگارام صاحب ڏاڍي شرڌا ۽ لگن سان گروءَ جي سيوا ڪندو رهيو، گروءَ جي سيوا ۽ سنگ ۾ سندس رام جو رنگ لڳو، سندس اندرين اک کلي پيئي، پوءِ ته دنيوي ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي تارڪ الدنيا ٿي ويو ۽ سائين جي سمرڻ جو سچو ڌنڌو اختيار ڪيائين.
سندس ڀائرن تمام گهڻو ستايو ته سنسار کان ايڏو ڪنارو نه ڪر، پر هن سچيکنڊ درٻار قائم ڪئي، ان درٻار ۾ پريمين کي نام جو امرت پيئاريو، هن سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي نام جو پرچار ڪيو، دکي دلين کي روحاني راحت ڏني، شرڌا وچان پريمين کيس سوامي گنگارام ڪري سڏڻ لڳا ۽ “سوامي” جو اعزاز ۽ لقب ماڻيو.
سوامي صاحب لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ لکي ٿو ته “چڱو شاعر هو ڪيترو ئي شعر چيو اٿس، جو سلوڪن، ڀڄنن، سه حرفين، 35 اکريءَ، ڪافين، هفتي جي ڏينهن ۽ مهينن جي سلسلي وارن بيتن تي مشتمل آهي، سندس سکيا جو مطلب آهي ته پنجن دشمنن يعني، ڪام ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار کي جيتي، من کي صاف ڪري، نامي روپي امبرت جو پيالو پيئڻ گهرجي، سندس ڪلام مضمون توڙي لفظن جي سلوڻائيءَ ۽ سوڌائيءَ جي ڪري نظم جو چڱو نمونو پيش ڪري ٿو.”(1)
ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي ڪتاب “سنڌ جا سنت” ۾ لکي ٿو ته “سوامي گنگارام هڪ سچو ساڌڪ هو، ساڌڪ مان سنت ٿيو، ڀڳتي ساڌنا جي پٿ تي پنڌ ڪندي. جي ويچار هن جي من ۾ پيدا ٿيا تن کي هن صاحب سلوڪن ۽ ڀڄنن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي”.(2)
ڪوي سوامي صاحب 40 سال پرچار ڪرڻ بعد 2 جون 1950ع مطابق 15 شعبان 1369هه مطابق 20 ڄيٺ 2007 بڪرمي، جمعي رات، هن دنيا کي هيشه هميشه لاءِ ڇڏي وڃي ڀڳوان جي نگري ۾ داخل ٿيو.
سوامي گنگارام صاحب تمام بلند پايي جو شاعر هو، سندس سلوڪ، سامي چين راءِ لنڊ شڪارپوري کان پوءِ ٻئي نمبر جي حيثيت رکن ٿا، سندس مضمون به ساڳيو ئي سامي صاحب وارو شامل ڪيو آهي. جيئن سامي صاحب چيو آهي:
مــايــا مــنــجــهه مـستـان، مُـورکَ رهن ڪيترا،
ڪال نه ڏسن ڪنڌ تي، ڪـشـيـو بـيـٺـو ڪــانُ.
ورتــن ويــد ويــچــار ســان، نـيـهــي نــر اَڀـمـان،
ڀڳت ڏنـي ڀـڳـوانُ، جـن کـي پـرچـي پانهنجي.(3)
اهڙي ئي انداز ۾ گنگارام صاحبه به چيو آهي :
مـــــايـــــا ۾ مــســـتــان، ســـڀــئــي جـــيءَ جـــهـــان جـــا،
ٿـــــورو ٻـــــل پــــائي ڪــــري، انــــڌا ڪـــن اڀــــمـــان،
ٻـــوڙا ٻــــڌن ڪــيــنــڪــي، ٿــيــنــدو ڪــوچ مـڪـان،
سـڀـنـي جـو جـهـان، “گـنـگـارام” مڃي ويٺو مت ري.(4)
ڪوي گنگارام صاحب کي شاعري جي فن ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هئي، کيس وڍڪٽ ۽ لفظن جي ڀلي ڀت پروڙ هئس، سندس شاعري صوفيانه رنگ ۾ رڱيل آهي، تنهن ڪري هن کي سنت سوامي ڪوي ڪري سڏيندا هئا، سندس شاعري تي سامي صاحب جو اثر نمايان نظر اچي ٿو، سندس همعصر شاعر تيجومل هو جيڪو چڪ جو ويٺل هو ٻنهي جي زندگي گڏ گذري، سندس ڪجهه شاعري هيٺ نموني طور ڏجي ٿي.
پــر پـيـتـو سـي جـام، انـڀـئـي آب حـيـات جــو،
جـوت سـڃـاڻي جـوت ۾، رڳ رڳ ٻولي رام،
مست ٿياسي مئخاني ۾، ڪٽي ڪلپت ڪام،
ڪـــهــي “گـنگارام” اسـتـت رهـون آڪاس ۾.
چـکـي بــيــحــد بــونــد، عـاشـق اڏاڻـا عـرش ۾،
لا غــــرض لــڳـا لــک ۾، مـنـي ســڀ فــرمــود،
دريـــا ٽــــپــــي ســـمــــونــــڊ، گــنگـارام پـار پـيـا.
ادب ســــان ٿــــي آءُ، اڳـــيــــون عـجــيــبــن جـي،
مــــڪــــر مـــــوڙا مـــــن جــــا، ڪــڍي ديــتـا ڀــاءُ،
هـيڪـڙائيءَ جـي هـل ۾، تــون مـري ٿـي ماهه،
“گـنگارام،” گـنـاهه، عيب نه رهـي هيڪڙو.(5)

سوامي گنگارام صاحب جا پويان لڏي، هندستان هليا ويا ۽ اتي ئي وڃي ويٺا، تنهن ڪري سندس شاعري جا لکيل مجموعا هتان کڻي ويا.
شـــبـــد
بـنـا مـلـي مـحـبـوب جـــي، روئـــــڻ زارون زار،
سـسـئي کـي سـڪ پنهل جي ڏاڍي برهه ڪئي بيزار.
زلـيـخــا يــوســف لــئــي، ڇــوڙ ديــو گــهــر ٻــار،
عـاشـق مـجـنـون لـيـلان، سـرجـي نـانـهـه سـنـڀـار.
سـهـڻـي گهري سـير ۾، لڳس ميهڙ جي تنوار،
هـير مئي رانـجـهـوءَ لـئـي، مـائـٽـن جي نه ميار.
نـوبـت وڳـي نـيـهـن جـي، اچي عاشق پاڻ اجار،
بلـوچـوي بـرهه آهـي اڻـانـگـو، پل پل پري پچار.(6)

سندس نالي هڪ ننڍو مندر چڪ شهر ۾ رٽائرڊ ماستر ڪوڙومل جي گهر ۾ اڄ به موجود آهي. سندس چڪ جي ششن ۾ ڪوي تيجومل، ڀائي شوترام مست نڙائي، ڪشنچند نيوندرام، پهلاج راءِ، وغيره هئا. انڊيا ۾ چترڀڃ موٽومل پرياڻي 1990ع ۾ (امرت واڻي) نالي هڪ ڪتاب ، ليکڪ ڪشنچند نيوندرام پرياڻي جو ڇپرايو جنهن ۾ سوامي گنگارام جي شاعري پڻ ڏنل آهي. جيڪا راڳن جي سرن، سر پرڀاتي ڪوهياري، آسا، سورٺ، سارنگ، حسيني، جوڳه، ڌناسري وغيره تي آڌاريل آهن.

تيجومل (1865ع ــ 1950ع):
تيجومل پٽ ورندرام پٽ ٻڍارام، تيجومل پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1865ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي هڪ پاٺ شالا ۾ حاصل ڪئي. جتي سنڌي ۽ هنديءَ جي تعليم ورتائين. گيتا جو گهرو مطالعو ڪيو جنهنجو برزبان ڪيترو ئي حصو ياد هوندو هو. ڌرمي تعليم ملڻ ڪري هن جو خيال سنتن طرف ڇڪجي ويو. سنتن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ ساڻن سنگت رکيائين. دنيا جا سڀ ڪاروبار ڦٽا ڪري ڌرمي پرچار شروع ڪيائين پاڻ سوامي گنگارام صاحب جو شش بڻيو ۽ ان جو پيروڪار ٿيو. سوامي گنگارام صاحب جي سنگت ۾ اچڻ ڪري هن جي دل جي دري کلي پيئي ۽ ٽين اک، شعور واري نظر عطا ٿي. ان نظر سان هن جيڪو ڪجهه ڏٺو ان کي هن سلوڪن ۽ ڀڄنن جي صورت ڏني. سندس شاعري ۾ گنگارام صاحب استاد هو ۽ مٿس ان جو گهرو اثر هو. نهايت ئي عمدا ڀڄن لکيا آهن. تيجومل ڊگهي ڄمار ماڻي ۽ پنجا اسي ورهين جي ڄمار ۾ 1950ع ڌاري وفات ڪيائين.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب هن ريت لکيو آهي:
چڪ جو ويٺل هو، ۽ چڪ جي سوامي گنگارام صاحب جو شش هو. گهڻو ڪلام پنهنجي سوامي جي ساراهه ۾ چيو اٿس. سندس والد جو نالو ورندرام هو، چڪ جي مکي ٻڍارام جو پٽ هو. ويجهڙائيءَ واري دور جو آهي. گنگارام کانسواءِ وسڻ رام، ۽ ڪنوررام جي ساراهه ۾ ڀڄن چيا اٿيس. ان کان سواءِ عشقيه ڪلام به چيو اٿس، ۽ سماجي اوڻاين جو ذڪر به ڪيو اٿس مثلاَ: ڏيتي ليتيءَ جي رسم کي هن طرح ٿو نندي”ڏيتي ليتي گهر گهاٽ وڃائي، جا وير وروڌ ڇڏي وڌائي، ڇو ڦندي پاڻ ڦاسايو، اها ڏيتي ليتي هٽايو”.(7) فني لحاظ کان “ڀڄن” ڪافيءَ جو ئي هڪ نمونو آهي. نموني طور سندس هڪ ڀڄن هيٺ ڏجي ٿو:
لعل عيبن ڀريل آهيان، مان ڪهڙو حال سڻايان.
عـــمـــر ســــاري مـــون ويــهــي،
وشــــــيـــــن ۾ ته وڃــــــــائــــــــي،
ڪـيـئـي کـوٽـا ڪـرم ڪمايان.
راتــيــان ڏيــهـان ڪـچ ڪمايم،
ڪوڙ ڪـپــت ۾ عـمـر وڃايم،
تـوکي بـديـون ئـي بـخـاشـايـان.
در تـنـهـجـي “تيجو” آيم ڪاهي،
وشـيـن کـان تـون وٺ بـچائي،
نــت ڳــڻ تـــنـهـنــجـا ٿي ڳـايـان.(8)

ڪوي تيجومل صاحب گهڻو ڪلام چيو سندس همعصر شاعر ابوشوڪت حمزو ۽ گنگارام هو جيڪو کيس استاد به هو، سندس پويان هندستان هليا ويا پر سندس مائٽ ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ٻڍاڻي ۽ ٻيا هن وقت به چڪ ۾ آهن. تيجومل جي اولاد انڊيا جي شهر اجمير ۾ رهي ٿي.

قادر بخش فقير (1881ع ــ 1951ع:
فقير قادر بخش ولد محمد بخش ميمڻ پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ سن 1881ع ڌاري تولد ٿيو. غريب خاندان جو ماڻهو هو، شاهه لطيف چواڻي: “ڏٿ ڏهاڙي سومرا آڻين ۽ چاڙهين” واري ڪار هئي. پاڻ اڃان پنجن سالن جو مس هو جو مٿي جي ڇانو ۽ شفقت کان محروم ٿي ويو سندس والد سڳوري هميشه لاءِ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. اوڙي پاڙي جي ٽڪرن تي پلجي وڏو ٿيو. غربت سبب تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. سندس ننڍي هوندي کان ئي لاڙو فقيريءَ طرف هوس. پاڻ هيڻائي واري حال ۾ ڇڙي زندگي گذاري ستر سالن جي ڄمار ۾ 1951ع مطابق 1370هه ڌاري رحلت فرمائي.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن طرح لکي ٿو ته: “پاڻ اڃا ننڍو ئي هو،ته سندس والد وفات ڪئي، جنهن ڪري سندس پرورش چڱي طرح ٿي نه سگهي. هڪ اڳي ئي هو نٻل ٻيو وري ننڍي کان ئي ڏک ۽ ڏاکڙا ڏٺائين انهيءَ ڪري بدن ۾ ڀرجي نه سگهيو. بدن جي هيڻائيءَ جي ڪري ڪرت ۾ به ڪمزور هو: جنهن ڪري سندس ڪمائي ٿوري هئي، اهڙي هيڻي حال جي ڪري مائٽن کيس سڱ ڪونه ڏنو، جنهن ڪري سڄي حياتي شاديءَ کان محروم رهيو، اهوئي سبب آهي، جو سندس ڪلام ۾ سوز ۽ درد آهي. هو هڪ بي پرواهه ۽ خوددار انسان هو. ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جو ٿورو کڻڻ ۽ مفت کائڻ عيب سمجهندو هو. هڪ وڏو ناصح غريبن ۽ ڏکولين جو همدرد هو. ڪنهن کي مصيبت ۽ ڏک ۾ ڏسي سندس هڏ پيو ڪرڪندو هو. سندس تڪليفون دور ڪرڻ ۽ سندس مدد ڪرڻ لاءِ پڄنديءَ وارن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائي کين امداد لاءِ جتن ڪندو هو. ننڍي هوندي کان ئي راڳ ٻڌڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق هوندو هوس. سگهڙن ۽ سپورنجن جون ڪچهريون شوق سان ٻڌندو هو. فقير هو، راڳ جو شوقين هو، پر عالمن جو صحبتي ۽ شريعت تي هلندڙ به هو. جيتوڻيڪ صفا اڻ پڙهيل هو، پر عالمن جي صحبت جي ڪري چڱيءَ ٻڌ وارو هو. سندس حافظو تمام تيز هو. پاڙي جي مسجد جو بانگو به هو: ۽ بانگ ڏيڻ فخر جو باعث سمجهندو هو. آزاد خيال وري اهڙو هو جو هندن جي مندرن ۾ وڃي ڪٿا به ٻڌندو هو. مطلب ته فقير صاحب ڪيترن ئي صفتن ۽ خوبين جو مالڪ هو. ڍ
چڱو شاعر هو، سندس ڪلام سادو پر رس ڀريو ۽ پاڪيزه ۽ پراثر آهي. شاعري نه ڪنهنکان سکيائين ۽ نه ڪنهن شاعر جي شعر جو مٿس اثر پيو، جو ڪجهه پرايائين، سو طبع جي توانائي ۽ فهم جي تيزيءَ سان سندس شعر سادو، سلوڻو ۽ سندس دل جو آواز آهي. نهايت حساس طبع هو: انهيءَ ڪري جڏهن به ڪو اڻ سهائيندڙ واقعو ڏسندو هو ته هڪدم ان تي ڪافي جوڙيندو هو: يا جيڪا ڳالهه دل کي نه آئڙندي هئس ته هڪدم ان کي منظوم ڪري ويندو هو. سندس ڪافيون مشهور هيون، ۽ ڪيترا بند چوڻيون ٿي ڪتب ايندا هئا. سندس ڪلام ۾ تصوف متعلق به ڪجهه قدر اشارا ملن ٿا. هيٺين ڪافيءَ ۾ پنهنجو اصلي ماڳ ۽ مڪان، ساٿي ۽ ڏوٿي ياد ڪندو نظر اچي ٿو، جنهن کي صوفي “عالم الارواح” چوندا آهن.”(9)

ڪـــافـــي
سرتـيـون سـانـگين لئي سڪان، ويٺي ساريان،
عـــمـــر هــيءَ پــنــهـنـجـي، ڏکـــن ۾ گــــذاريــــان.
اديــــــــون ابـــــــاڻـــــــــا، ٿـــــــيــــــــم ڏور ڏوٿـــــــي،
جـيــئــڻ ڪـهـڙو مـنـهـنـجـو، پـريـنءَ جي پڄاڻان.
قـســمــت آهه مــون کــي، ڪــيــو هــتــڙي قـابـو،
روئـان رات ڏيــنــهـان، وطـن ڪئـين وسـاريــان.
مـون کي تـات مــارن جـي، طــلــب تـات تــن ۾،
پــنـهـنـجـو ساهه سـارو، ڳـڻـتـيـن ۾ ٿي ڳـاريـان.
“قــادر بـــخــش” آهــــن، امــــيـــــدان، الله¬¬¬¬¬¬¬¬¬ ﷻ ۾،
ڪري سـوال سـڪ مــون، پـريـنءَ کي پڪاريان.(10)

واحد جي واکاڻ هن طرح ٿو ڪري:
وڏائي تيري سائين، وڏائي تيري ديکيم دل سان دلبر.
جِــنَ، انــســان، حــيــوان هــزاريــن،
سڀ ساراهه ڪن ٿا سدائي تيري.
عـــرش، زمــيــن بــاري تــو بـنـايـو،
خــــوب بــــڻــــي آ خـــدائـــي تــيـري.
دولــــت دنــيـــا ڪــن کــي مـــلــي آ،
عـاشـــق ڪـن ٿــا گــدائــي تـــيـــري.
“قادر بخش” سان ڪر محب ملڻ جي،
جــانـــب مــاري ٿـي جـدائـي تـيـري.(11)

فقير صاحب ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام تمام گهڻو چيو پٺيان ڪو وهي وارث نه هئڻ سبب شاعري جو بياض محفوظ رهي نه سگهيو، خبر ناهي ته سندس ڪلام ڪٿي آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي ۽ ڪهڙي حالت ۾آهي؟ فقير صاحب زندگي جي پڇاڙي ۾ صفا صوفي ٿي ويو هو. سندس ڪلام ۾ اهوئي رنگ ڀريو هو. ۽ ڪافيءَ جي فن ۾ ڀڙ هو پر افسوس جو سندس پڇاڙي وارو ڪلام ملي نه سگهيو آهي. فقير صاحب جي قبر مبارڪ ڳوٺ ماڙي واري قبرستان ۾ آهي.

عبدالعزيز شاهه بخاري (1883ع ــ 1953ع):
عارف با الله فقير مولوي سيد عبدالعزيز شاهه ولد مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)(12) بخاري عرف يعقوب علي شاهه بخاري ولد سيد گل محمد شاهه بخاري چڪ جي اهلبيت عالم فاضل گهراڻي ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا ڪنهن زماني کان وٺي چڪ شهر ۾ سڪونت پذير هئا. ائين کڻي چئجي ته ستين پيڙهي کان آباد آهن. مولوي عبدالعزيز شاهه جو والد سڳورو مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) عرف يعقوب علي شاهه بمبئي جي دارالعوم ديوبند ۾ مُدرس به ٿي رهيو، ۽ اتي مقيم ٿي ٻه حج ڪيائين، جت مولوي عبدالعزيز شاهه 1883ع ڌاري پيدا ٿيو، جڏهن ٻارهن ورهين جي ڄمار جو ٿيو ته چڪ ۾ موٽي آيا. ٿوري عرصي کا پوءِ سندس والد صاحب هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ وڃي حقيقي مالڪ الاهي سان مليو. ان کان پوءِ مولوي عبدالعزيز شاهه، پنهنجي وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاهه جي زير نگرانيءَ ۾ سومراڻي شريف واري مدرسه ڪنزالعوم لڳ رستم ۾ عربي، فارسي جي تعليم ورتائون، سندس وڏي ڀاءُ مولوي غلام رسول شاهه سومراڻي واري مدرسي ۾ ئي دستاربندي ڪئي، پر مولوي عبدالعزيز شاهه ٽيهن سالن جي عمر ۾ اتان نڪتو، ۽ نڪري بنگل ديري ضلع لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ تعليم مڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. اتان واپس وري پنهنجي شهر چڪ جي هڪ مسجد ۾ مدرسو کوليائين. اٺن ورهين جي درس و تدريس کان پوءِ مدرسو ڇڏي پنهنجي گهر ۾ تصنيفات جو ڪم شروع ڪيائين، ويندي مرڻ گهڙيءَ تائين گهر کان ٻاهر نه نڪتو. پاڻ علم ابجد جو وڏو ڄاڻو هو، جنهن جي سکڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئا. پر ڪيترا ماڻهو وٽن ايندا هئا ته اسان جي چوري ٿي ويئي آهي ان جو حساب لڳائي ٻڌائيندا ته ڪنهن ڪئي آهي؟ يا وري ٻين ڪمن ڪارن لاءِ اچڻ ٿيندو هو. جن جو علم ابجد وسيلي حل ڳولي ڏيندو هو.
عبدالعزيز شاهه هڪ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات مان هڪ شاعري جو بياض مليو آهي باقي تصيفن جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويون؟ ڇاڪاڻ جو پوين کي ايتري سرت ڪونه هئي جو سنڀاري رکن، چيو وڃي ٿو، ته هڪ ڪتاب: شرعي مسئلن تي لکيو هو جنهن ۾ منجهيل مسئلن تي روشني وڌل هئي. ان کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي تصنيفات هيون مگر انهن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي. سندس لکڻيءَ ۾ زبردست رواني هئي پر افسوس جو سندس شاعري کان علاوه ٻي ڪابه ڪاوش اسان تائين پهچي نه سگهي آهي. سندس شاعري ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتيون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا چيا آهن. سندس ڪتاب “علم ابجد جا اصول” جنهن ۾ علم ابجد تي تفصيلي روشني وڌل هئي، جيڪو به گم آهي. پوين وٽ به سواءِ شاعري جي بياض جي ٻيو ڪجهه به موجود نه آهي. باقي سندس لکيل خط ۽ ٻيون تحريرون هيون ۽ خطن جا جواب آيل هئا، جيڪي اُن وقت جي عالمن ڏانهن لکيا هئا. اهي سڀئي پوين تيلي ڏئي ساڙي ڇڏيا. ڪيڏي نه ستم ظرفي چئبي جو سندس نچوڙيل نور مان اڄ ڪوبه مستفيض ٿي نٿو سگهي.
مولوي صاحب ستر ورهين جي ڄمار ۾ سن 1953ع مطابق 1372هه ۾ رحلت فرمائي. هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ خبرباد چئي وڃي حقيقي مالڪ سان مليو ۽ ابدي آرمي ٿيو. پٺيان هڪ پٽ ڇڏي ويو، جنهن جو نالو انور علي شاهه (1917ع ـــ 1972ع) هو. جيڪو هڪ ڪلاسيڪل فنڪار ۽ شاعر هو.
مولوي عبدالعزيز شاهه نهايت هڪ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. پاڻ شروع ۾ هن مولود لکيا پر پوءِ سندن خيالن ۾ تبديلي آئي ۽ شاعري تان مذهبي رنگ کڄندو ويو. تان جو وڃي صوفين واري منزل تي رسيو، سندس شاعري سٺن شاعرن جي صف ۾ ليکي وڃي ٿي. سندس شاعري جي اصولن ۽ پابندين جي پوري ڄاڻ حاصل هئي، ۽ صنفن جي گهاڙيٽن کان به باخبر هو. کيس تمام وسيع مطالعو هوس.
سندس نالي پٺيان چڪ شهر ۾ ستين جولاءِ 1975ع ۾ “العزيز ادبي انجمن” قائم ڪئي ويئي هئي. جنهن جو بنياد وجهندڙ دوست،غلام علي چنو، نذير “ناشاد” سومرو، رشيد سومرو،هارون چنو ۽ شوڪت سيٺارهئا. پر افسوس جو اها ڪجهه وقت هلي بند ٿي ويئي. ادبي انجمن قائم ٿيڻ ڪري ادبي ماحول وڌڻ لڳو. ۽ انجمن جي عهديدارن، پهرين ڪم، “عبدالعزيز شاهه جي شاعري” هٿ ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو . نتيجي ۾ ڪجهه ڪلام ڪٺو ڪيو ويو پر مڪمل ٿي نه سگهيو. جيڪو ٿيو سو اهو سنگت وٽ محفوظ آهي. تنهن بعد وري “چاس” چڪ ادبي سنگت وجود ۾آئي. عبدالعزيز شاهه جا همعصر شاعر: فقير قادر بخش ماڙي وارو، سوامي گنگارام، تيجومل، مهر عيسو فقير وانڍائي جن هئا. پاڻ مولانا همايوني واري بزرگ مولانا عبدالغفور صاحب جو مريد هو، ۽ ان جي ئي خيالن جو پيروڪار هو ۽ ان جو ئي شاگرد هو. سندس وصيت مطابق ڪارو ڪفن ڏئي چڪ جي وٽنري اسپتال ۾ دفن ڪيو ويو. اهڙو اظهار پنهنجي هڪ ڪافي ۾ ڪيو هو. سندس ٽي ڏوهيڙا ماهوار رسالي اديون ۾ استاد غلام علي چنو صاحب جن موڪليا هئا، جيڪي شايع ٿيا. ان کان سواءِ مولوي صاحب مرحوم سنڌيءَ سرائڪي ۽ فارسي ۾ به شاعري ڪئي آهي. هن هيٺ سندس شاعري جو نمونو ڏجي ٿو:
آتـــــڻ جــن اجـــاريـــو، ســــگــــهــــڙ ان ســـي ســـڏجـــن،
مــيــڙي مــيــر مــحــمــد جــي، مــنــڌان ســي مــرڪــن،
جــــنـــــت ۾ جـــــرڪـــــن ائــــــٽ تـــــنـــــي جــــــا اجـــــرا.
ڪـوڙي ڪـتـيـن نه پــاءُ، تــون سير ٻڌائين سڀ کي،
اٿــئــيــن نه اســر ويــل جــو تــوکي ســمـهـڻ ڏنـو سـاءُ،
ســـڀـــنـــي ســــرتــــيـــــن کـــــان اٿـــــي آتـــــڻ تـــــــون آءُ،
متان وٺي وڃيهءِ واءُ، انهيءَ آرس “عبدالعزيز” چئي.
ويــٺــي چـــرخــــو چــور، تــــون ابـــرو عــجـيــبــن جــو،
ســنـهـــو ٿـــلـــهـــــو ســـفــرو، ســڳــڙو ويــٺـــي ســـــور،
مـــتـــان ڇـــنـــيـــن ڏور، ته تـــوکـــي آتـــڻ اچـــڻ نه ڏي.(13)
سرائڪي بيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
گــهــو نـگـهـٽ مـار مـسـلـي ٻـهـنـدي وچ مـسـجـد ملان قاضي،
عـــلـــم ابــلــيـــس شــر شــيــطــانــي، ظـــاهـــر نـــيـــڪ نـــمـــازي،
اتا مرو نناس بل بروتنسئون انفسڪم يارو ويکو طلسم بازي،
نـــمـــرودي شــيــطــانــي ٽـولـي رکـنـدي نـال نـبـي دي نـاسـازي،
رب هوسئي هردم راضي، “عزيز” انهان نون ڇوڙي منهن جا موڙي.(14)

ڪـــافـــيون
ڪيـئــن باب ب ـــ ت جـو پــڙهــن، جـيـڪـي مـحـدث عشق جا،
هـو حـق پڙهيل آهن اصل کان هيءُ اٿو پڙهيل رنج عشق جا.
تـــوحــيــد جـــي تـخـتـي پــڙهـي جـــن الــف کـي اثـبـات ڪــيــو،
سـي وري ڪــاڏنــهــن ســکــيــا ڦــيــريــون، ڦــڏا، ڦـنـد فـشـق جـا.
عـــــالــــمـــــن ۽ عـــــشـــــاقـــــن وچــــــم، آهـــــي وڏو ڏاڍو فـــــرق،
تـــوڙي گـــلابـــي گـــل جـــون ڪـــاڏي مـــراتـــبـــا مـــشــڪ جـــا.
ســاقي هٿان ساغر پيتو، جنهن اهل دِل “عبدالعزيز”
سـي وري ڪاڏنهـن پـيـئـن، ڪامل پيالا ڪشڪ جا.(15)

طالب تـوکـي سـالـڪ صوفي ويهه ته سر سمجهايان ٻول ٻڌايان.
وفــي انــــفــــڪــســم ڳـول ڳـجـهـارت روح الله بــرهه بــشـــارت،
رنـــدي رمــــز رلايـــــان، ســـــر ســــمـــجـــهـــايــــان ٻــــول ٻــــڌايــــان.
عــابــد به تـون مـعـبـود به تون آن، طالب تون مطلوب به تون آن،
ان الــــحـــق اَلايــــــان، ســــــر ســــمـــجـــهـــايـــان ٻــــول ٻــــــڌايـــــــان.
“عـبـدالـعـزيـز”سـڪي ٿـو سـڪ ۾، نـوڪـر چـاڪـر آهي چڪ ۾،
تـــوڙي کـــل کــــلايـــان، ســـرســـمــجــهــايـــان ٻــــول ٻــــڌايــــان.(16)

غـــزل
هــــن بــــاغ ۾ مــــان پــــنــهــنــجـــو گـــل نـــٿــو ڏســان،
ٻـــيــا گــــل ســڀــئــي ڏســان ٿـــو ســنــبــل نــٿــو ڏسان.
ڪـٻريون ڪن ٽرين ٽرين، هيڙها فوسيون هـزاريـن،
ڀــــنــــورڀـــــلارو عـــــاشـــــق بـــلـــبـــل نــــٿــــو ڏســــــان.
چــلــمــان چــروٽ، ٻــيــڙيــون لــکــيــن ٿــا پين دنيا ۾،
خـــون شـــراب ســــاقــــي ڪــــل ڪــــل نــــٿـــو ڏســــان.
ســڌڙيـا سـويــن ڏســان ٿــو، عاشق سون ۾ ڪو ڪو،
وئــــي آ بــــازار ڀـــرجـــي، هــــلــــچــــل نــــٿــــو ڏســـان.
“عــبـدالـــعـــزيـــز” ڇـــا گـــل وڃــي، بــاغ پـاڻ بـڻـجـي،
هـــــڪ آ قــــصــــور تـــــوم، تـــوڪــل نـــــٿـــــو ڏســــان.

سندس شاعري ۾ تصوف جا نڪتا ۽ صوفيت جا نڪتا سمجهايل آهن. غزل ۾ ڪٿي ڪٿي ڪچايون نظر اچن ٿيون. غزل تي سندس دسترس حاصل نه هئي. هڪ الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي غزل مليو آهي. سندس الف اشباع وارو غزل هتي ڏجي ٿو:
هــر رنـگ وچ وهــيــن تـون، رنگي بـادشـا،
ڪــنــهـن جــاءِ شـهـنــشـاهه، ڪنهن جـاءِ گـدا.
عــجــب آ جــو آذر قــديــمــيــن هــو ڪــافــر،
ڪــيـــئـــن نــــاز گــــلـــــزار خــــلـــيـــلا تـــشــا.
ڪڏي جمنا ڪناري ڪڏي ڪاسي کي دواري،
ڪــڏي مــنــزل مـديـنـه ڪـڏي بـيـت الـعـضـا.
عبراني توڙي عربي گيراني توڙي غربي،
ڪن سـاراهه صـفـت تــنـهـنـجـي جـــاءِ بــجــا.
مـولـوي نـاهـيـن مـحـال رنـدي ڪيل مقال،
بـــس ڪــر بــــس “عـــبــدالــعــزيــز” عـاجــزا.(17)

عيسو فقير (1889ع ــ 1954ع):
فقير جو اصل نالو محمد عيسيٰ ولد نظر محمد بن سچيڏنو بن محمد عيسيٰ (اول) مهر آهي. سندس وڏا اصل رستم جا رهاڪو هئا. پر پوءِ رستم شهر مان لڏي وڃي ٿوري پنڌ تي جهنگ ۾ نئون ڳوٺ رستم کان پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف ٻڌي وڃي ويٺا.جيڪو اڄ به “صادق جي وانڍ” جي نالي سان مشهور آهي. پر هن ڳوٺ جو اصل نالو “عيسيٰ جي وانڍ” آهي.
فقير صاحب سهروردي طريقت جو هو. سندس جنم 17 جنوري 1889ع مطابق سن 1309هه آهي. پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق جي وانڍ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم تمام ٿوري هئي. مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي شريف ۾ حضرت مولانا عبدالقادر صاحب جن وٽ تعليم ورتي. جنهن ۾ قرآن شريف ناظره پڙهيو ۽ هڪ فارسي جو به ڪتاب پڙهيو. پر پوءِ وڌيڪ تعليم ڪونه پرائي ان جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس والد صاحب کي ڪافي چوپايو مال هوندو هو، ان ڪري هن کي انهن جي چارڻ لاءِ وقف ڪيو ويو. ۽ تعليم کان منع ڪئي ويئي. پوءِ ته فقير صاحب سڄو ڏينهن جهنگ ۾ پيو لين لاڻين، ٻوٽن ٻارن، ڍنڍن ڍورن واهن، لاهن سان پيار ڀريون رهاڻيون ڪندو رهندو هو. فقير صاحب ننڍي هوندي کان ئي با اخلاق ۽ بهترين گفتار جو مالڪ هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي درويشي خيالن ڏانهن لاڙو هوس. کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي، جنهن سبب فقير صاحب جي دل ۾ شڪتي پيدا ٿي، جنهن سندس ننڊ آرام ڦٽائي ڇڏيو. پوءِ فقير صاحب ان اندر جي آلاپ کي شاعري جو روپ ڍڪايو. پاڻ ڪافيءَ جو قلندر شاعر هو.
فقير صاحب ٻڍل فقير جو همعصر هو، ۽ شاعري، هٻڪئي کي ٻڌائيندا هئا. فقير صاحب 18 ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو. مرندي دم تائين شاعري ڪندو رهيو. پڇاڙي واري وقت ۾ مستي ۾ اچي ويو هو، پوءِ خبر نه پوندي هيس ته مان ڇا چوان ٿو. اهو سڄو ڪلام سندس عزيزن ۽ پاڻ لکيو. آخري گهڙين ۾ فقير صاحب شريعت، طريقت ۽ حقيقت جا ماڳ لتاڙي وڃي معرفت جي ماڳ تي رسيو. ان جي ثابتي سندس ڪلام مان به ملي ٿي. فقير صاحب جي شروعاتي شاعري تي ديني رنگ رچيل هو. پر بعد ۾ صفا صاف صوفي ٿو نظر اچي. جيئن پاڻ هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:
پنهنجي سرکي سالڪ سڃاڻ، اهو ڄاڻي ڄاڻ،
پـــرزاڪــــري پـــاڻ، وڃـــائـــي ڇــڏ وجــود کــي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو:
عــشــق جــنــيــن ســر آيــو، نـانـگـن هنيو نعرو،
غــازي گــم ٿـي وڃــن،وٺــي دڳ حـسـن وارو،
الله ڏي “عــيــسـو” چـوي، سـامـن خيال سارو،
هڻي هل هوڪارو، اهي گرسين گڏيا ڪاپڙي.

ان کان سواءِ فقير صاحب پڇاڙي واري وقت ۾ مذهبي فرقن ۽ دنياوي معاملن کي دور ڪري ڇڏي ٿو ۽ چوي ٿو:
عـشـق جن سر آيو، ڪل ڪٺا ڪڇن ٿا ڪين،
هــادي ســان وڃـي هـڪ ٿيا، وساري دنيا دين،
عـرش روءِ زمـيـن، عاشق پسن “عيسو” چوي.

وري هڪ هنڌ چوي ٿو:
جــي سـڃـائـيـن پـاڻ کـي، آءُ نـسـوروئـي نـور،
تــو ۾ ڪــعبــو تـو۾ قـبـلـو، توم حج حضور،
تـــو ۾ تـــجــلــوطــور جـــو، تــو ۾ آهــي طــور،
مـحـبــت جـو مــذڪور انـدر ۾ “عيسو” چوي.

فقير صاحب هڪ تمام سٺو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري ۾ اها ڪيفيت رکيل آهي. جيڪا هر وقت محسوس ڪئي وڃي ٿي. فقير صاحب پنهنجي وقت جي ترجماني سان گڏ هن وقت جي به ترجماني ڪري ٿو. محنت ۽ مشفقت جو درس ڏئي ٿو، جنهن جو اظهار هن ريت ڪري ٿو.
اٿـــي اســــرويـــــل جــــو، ڪـائـنر تون ڪـتُ،
ســـٽ ســنـهـي سـهـڻـي تـي، هـريل هـجهءِ هٿُ،
اٺـئي پـهـر “عـيسو” چوي، سچو ٻڌ تون ستُ،
چـــرخـــو چــور چــاهه مــان، روز رڙ تــون رتُ،
ڏاتار ڪنـدءِ ڏتُ، اگـهـاڙي ٿيندينءَ نه عيد تي.

مطلب ته فقير صاحب جي شاعري ۾ آفاقي پيغام آهي. سندس شاعري ۾ ڌارين ٻولين جي لفظن جواستعمال نالي ماتر ملي ٿو. ڪوشش ڪري پنهنجي زبان جا ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن. جنهن ڪري فقير صاحب جو ڪلام ادبي لحاظ کان توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي. نون اصطلاحن، تشبيهن ۽ لفظن سان ٽمٽار آهي. سندس ڪلام ڳايو ويندو هو، خاص ڪري ٻڍل فقير جي درگاهه تي.
فقير صاحب پنهنجي ڪلام ۾ تشبيهن جو استعمال اعليٰ نموني ڪيو آهي، ۽ تشبيهن سان گڏ تجنيس حرفي جو استعمال به بهتر انداز ۾ ڪيو آهي: مطلب ته سندس ڪلام ۾ فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ جدت آهي. مثلا:
“اک الـــٽـــيـــري جــن جي، سـي ڪـيــئــن ٻــارن شـمع”،
“اک الــٽـيـري جــن جــي، ســي ڪـيـئـن ٻــارن لالـٽين”،
“چـــشـــم چــــراغ جــــن جــو، سي ڪـيـئـن ٻــارن ڏيـئـا”.
“سڪ سدائين سانگين، ساهه سدائين سنگهارن ساري”
جــيءَ ۾ جهـوري جـيـڏيـن جي، مون کي محبت ماري.

فقير صاحب جي ڪلام ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعر ۾ هونديون آهن. فقير صاحب سر وار، ۽ متفرقه بيت، ڪافيون، لاڏا، سه حرفيون، مولود، نظم ۽ هفت روزي وغيره صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. فقير صاحب جي نظم جي ٽيڪنڪ هڪ جداگانه ٽيڪنڪ آهي، جنهن تي ڪنهن به شاعر جو اثر ڪونه ٿو نظر اچي. جنهن ۾ هن چيو آهي:
ســوءُوار قـربـان وڃـان انـهـن تـان، جــن ڪـيـا فڪر دنيا جاڦٽي،
هــــزاروار قــــربـــان وڃــــان انــــهـــن تـان جــن لامــڪــانــي ڏٺــي،
لــک وار قــربــان وڃــان انـــهـن تـان جيڪي، حضورون وٺن ٿا چٺي،
ڪروڙوار قربان وڃان انهن تان، عيسيٰ جيڪي هجن سون سڏائين مٽي.

مٿيون نظم نون (9) بندن تي مشتمل آهي، جنهن جو هر بند چئن مصرعن تي مشتمل آهي، جيڪو پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل چوءُ سٽو آهي. فقير صاحب جون قافيون، ڪي ته بحروزن تي به ملن ٿيون، پرڪي موسيقيءَ جي فن تي ملن ٿيون. مطلب ته فقير صاحب کي شاعري جي اصولن جي پوري پوري ڄاڻ حاصل هئي. ان کان علاوه نڙ جا بيت به ملن ٿا، جيڪي سر سورٺ ۾ موجود آهن. فقير جا بيت، روايتي بيت کان مختلف آهن، جيڪي گهڻ مصرعن تي مشتمل آهن. ڪي ته ڏهن سٽن جا به ملن ٿا. جيئن سانوڻ فقير جا بيت.
فقير صاحب جو ڪافي ڪلام، پوين جي لياني سبب ضايع ٿي ويو، پر جيڪو ڪجهه مليو آهي اهو هڪ سنڌي ادب لاءِ هڪ شاهڪار حيثيت رکي ٿو. فقير صاحب کي ڪافيءَ تي تمام سٺي دسترس حاصل هئي. پر افسوس جو ايڏي وڏي شاعر جو اڄ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر ڪونه ٿو ملي.
عيسو فقير 23 شوال 1373هه مطابق 25 جون 1954ع تي ڇنڇر رات هن فاني دنيا کي الوداع چئي، هميشه لاءِ وڃي ابدي آرامي ٿيو. فقير جي قبر مبارڪ مينهون پير مقام لڳ رستم ۾ آهي.(18)
سندس نموني طور ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون جنهن ۾ زبردست رواني آهي.
ڪـــافـــي
تـو مـيـخ مـاري، عــشـق واري، بيقراري، اي صنم،
ڏي ڏيــکاري، ٿـئـي بـهـاري، ڪر تـيـاري، اي صنم.
آب هــاريـان ڳوڙها ڳاڙيان، نت روز روز نهاريان،
نــيــڻ جـاري روئـــان زاري، ڳـــل ڳــاري اي صـنــم.
امــڙ ٻـــرن ڌوڌ دکــــن، ســــوزســيــنــي کــي ســاڙن،
بـرهه باهه ٻاري آڳ اٿاري، ٿي چمڪاري اي صنم.
لائـي نــيـنــهــن نـــاتـــو پــــاڻ، اڳ نه ڄــــاٿــــم ڄـــاڻ،
ڳڻتين ڳاري وو جان ساري، ڏي دلداري اي صنم.
سڪ ۽ سـور گــهـائـن گـهـور، پـون پـريـنءَ جا پور،
دل ويـچـاري ڏکـن ڏاري، مرضن، مـاري اي صـنـم.
ڪري “عـيـسو” آهون درد دانهون، روئي نهاري روز راهون،
ڏي خبر ساري هيڪواري، وجهه نه گهاري اي صنم.

ڪـــافـــي
جـنـهـن مــهـل مـارن جـا پـون خـيـال عـمـر،
وهــي ٿـــو نــيــڻــن مـــان جَــل جــال عــمــر.
ڪـــــوٽ گـــــهـــــاٽ ۾ نه گـــــهـــــاريــــــنــــــدس،
قــــيــــد جـــــيـــــل ۾ نه جــــالــــيــــنــــدس مــــان،
نه ته پـــــاڻ کـــــي پـــــاڻ ڪــــهــــنــــدس مـــــان،
ڏي مـــوڪـــل مـــلـــيـــر، ســـڻ ســوال عـــمــر.
ســـــڃـــــيءَ ســــــراءِ ۾ نه رهــــــنــــــدس مــــــان،
مــــــــارن ريءَ مــــــــري ويــــــــنــــــــدس مـــــــــان،
جـــــيـــــڏيـــــن بـــــنـــــا نه جـــــيـــــئــــنــــدس مــــان،
ڪــــري قــــيــــاس ڏس، هـــيـــڻـــا حــال عــمــر.
مـــــٺـــــن مـــــارن ڏي ڏاڍا مـــــيـــــنــــهــــن وٺــــا،
ســرتــيــون ســاهــيــڙيــون کــائــن کــيــر مــٺــا،
ونــــــڊن ورهــــــائـــــن ڀــــــري ڀـــــيـــــنـــــر وٽـــــا،
پــيــئــن ڌنــؤرا دکـن مـان، نـــنـــڍا ٻـال عـمـر.
سـکـين سانگهين ڏي ٿيون وطن واسيون،
جـهـنـگ جـهر نڪتيون کنڀيون خــاصيــون،
جـــيـــڪــــي مــــان هــــت بــــاســــان بــاســيــون،
ورهـائـيـنـدس ويـڙهـيـچـن سُکان شـال عـمـر.
“عــيــســو” چــوي ســنــگــهــار ســاريــان ٿــي،
ڳــــــوڙهــــــا ڳـــــلـــــن تئـــــون ڳــــاريــــان ٿــــي،
روز نـــــيــــــڻ کــــــڻــــــي نــــــهــــــاريــــان ٿــــي،
ٿــيــا ســـڪــنـــدي مـــون کـــي ســال عــمــر.(19)


سنت رگهورام/ رگهو (مل) (1889ع ــ 1966ع):
مهاشيه رگهورام پٽ شري چوهڙ مل ايشرا مينگهاڻي جو جنم پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1889ع ڌاري ۾ ٿيو. پنهنجي شهر چڪ ۾ ئي شروعاتي ٻن درجن جي تعليم ورتائين ۽ هندي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيائين، سنتن جي سنگت ۾ اچي لعل ٿي ويو. ساڌو ٿي رهڻ کان ساڌڪ ٿي رهڻ ئي وڌيڪ پسند ڪندو هو. شري رگهورام تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڻ ڪيترا ڀيرا جيل ۾ به ويو. 1919ع جي جليا نوالا ڪوس سبب سندس رڳ رڳ روئي اٿي. 1921ع ۾ تحريڪ ترڪ موالات (عدم سهڪار) ۾ حصو ورتائين. جنهن ڪري کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو، جيل ۾ رهندي هن روحاني علم جو اڀياس ڪيو، پنهنجي ديس سان اٿاهه پيارهوس. ان بعد 1930ع ۾ لوڻ جي قاعدا ٽوڙ هلچل ۾ ڪافي بهرو ورتائين. ٻيا قومي ڪارڪن آزاد ٿيا، مگر هن کي آزاد نه ڪيو ويو. 1947ع تائين سرڪار کيس نظر بند رکيو.
پاڻ طبعيت ۾ سادو هوندو هو ۽ سادگي کي وڌيڪ پسند ڪندو هو. ايتري قدر جو کاڌيءَ جا ڪپڙا پهريندو هو ۽ هڪ وڳي کي الائي ڪيترا سال هلائيندو هو. هن وٽ صرف ٻه وڳا هوندا هئا جنهن ۾ گذارو ڪندو هو. ۽ جوئر جي ڍوڍي ۽ هڪ سبزيءَ کان سواءِ ڪوبه کاڌو ڪونه کائيندو هو. سندن چوڻ هوندو هو، ته “هڪڙا جيئن ٿا کاڌي لاءِ ۽ ٻيا کاڌو کائن ٿا جيئڻ لاءِ” پاڻ اڍائي روپين مان سڄي مهيني جو گذر ڪندو هو.
سنت رگهورام گهڻو وقت شاهپور چاڪر ضلعي نواب شاهه ۾ رهيو. هاري سجاڳ تحريڪ ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو. سماجي براين کي دور ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ابو شوڪت حمزي صاحب جو ساٿاري هو. هندستان جي ورهاست کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي هندستان جي سميه جئه پور ڪجهه وقت سميه سوامي ٽيئولرام آشرم الهاس نگر پنج ۾ رهيو. سوامي ليلا شاهه ۽ سوامي شانتي پرڪاش سان سندس گهاٽو نينهن هو. جيڪو کيس ڏاڏو ڪري سڏيندو هو.
سنت رگهورام صاحب ويدن، اُپنشدن، گيتا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڌرمي گرنٿن جو گهرو اڀياس ڪيائين. ويهن ورهين جي عمر ۾ گيتا سولي سنڌي ۾، چوپائين ۽ ڇهه پائين ۾ لکيائين جيڪا لکت پوين وٽ محفوظ آهي. ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب : “سنڌ جا سنت “ ۾ رگهورام صاحب لاءِ لکي ٿو، ته : “هو صاحب گيان گلزار هو. سندس واڻي ٻڌي من پرسن ٿيندو هو. تياڳي به مهان درجي هو. سادگي، سيوا، سچائي، حليمائي، ڀڳتي گيان اڪيچارگڻن جو مجسم هو”. ۽ 16 فيبروري 1966ع مطابق 24 شوال 1385هه مطابق 5 ڦڳڻ 2022 بڪرمي ۾ وفات ڪري ويو.(20) رگهورام صاحب جي عقيدت ۾ ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي عقيدت جو اظهار هن شعر ۾ ڪيو آهي.
رشـي رگـهـورام هـو سنت سچو گياني،
ڀڳتي، ڪرم ويراڳه جي صورت لاثاني،
ڇـڏي جــڳ فــانـي، پـريـو پــورب پــارڏي.(21)

گيتا اڌويا جو ڪجهه حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس جيڪو “سٿتي پرگيه” ارٿات آدرشي انسان (گيتا اڌويا 12 شلوڪ 54 کان 72 )نالي ڇپيل آهي جيڪو پهرين ڀيرو جون 1943ع ۾ شري ڀراتري منڊل شهدادپور وارن ڇپائي پڌرو ڪيو، مذڪوره ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي. سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي ۽ افسوس جو اڄ اسان وٽ هن جو ڪلام نموني طور به ڪونه آهي، جو هت پيش ڪجي. سنت رگهورام هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ سٺو شاعر به هو.

قاضي گل محمد (1895ع ــ 1967ع):
قاضي گل محمد پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ علمي ادبي ۽ عالم فاضل گهراڻي ۾ 10 رمضان 1312هه مطابق 2 جنوري 1895ع تي تولد ٿيو. گهڻي وقت کان سندس گهراڻو ڳوٺ ۾ درس وَ تدريس جو سلسلو روان رکيون اچي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پرايائين. شڪارپور جي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ به پاس ڪئي. ان کان اڳ 1911ع ۾ فائينل جو امتحان پاس ڪيو هو. ۽ ٻه سال تپيداريءَ جو ڪورس ڪري نوڪري ۾ گهريو. تپيدار ٿي رهيو، پوءِ سپروائيزر به ٿي رهيو. نهايت هوشيار ۽ تيزفهم ماڻهو هو. ڪيتروئي ڪلام چيو. ڊگهي نظر رکڻ وارو انسان هو. کيس مطالعو وسيع هوس. خاص طور تي شاهه لطيف رحه جو گهرو اڀياس ڪيائين. کيس پنهنجو ڪتب خانو به هو. شعرو شاعري خاص مشغلو هو.
پاڻ نوڪريءَ تان رٽائرڪري با قائده اچي شعرو شاعري کي لڳي ويو. تنهن بعد ڪافي ڪلام لکيو. جيڪو سندن پوين وٽ ڪجهه محفوظ رهيو باقي خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويو. پاڻ ٽيهتر ورهين جي ڄمار ۾ 5 فبروري 1967ع مطابق 24 شوال 1386هه آچر ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، بعد ۾ سندس پويان لڏي اچي شڪارپور شهر ۾ ويٺا. سندس پٽ جو نالو شير محمد هو.
سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب جن پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن ريت لکيو آهي: ته چڱو شاعر هو. بيت ۽ ڪافيون چيون اٿس، سندس گهڻو ڪلام مدحيه ۽ دعائيه آهي، البت ڪجهه واقعاتي بيت به چيا اٿس. شاهه لطيف جي ڪلام کان متاثر آهي” سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.(22)
دهشت ڌوم درياهه جي، جتي واڳن جا ولر،
مڇيون مانگر ڪيترا، ٻيا سوين آهن سيسر،
ٻيڙي هلاءِ ٻاجهه سين، تون پاڻ ڌڻي پرور،
اچي سولي ڪج سرور، لانگهو لنگهائج لطف سان.
ڏسي دهشت درياهه جي، اچي جيءُ جهريو،
ڪو جو قهر ڪن ۾، جتان ويو ڪونه وريو،
ٻـــيـــڙو ڪڍي ٻـاجـهه سان، ڪـنـڌيءَ ڀـر ڪـيو،
هن نڌر کي نيو، سلامتيءَ سان سيَدا.(23)

1962ع ۾ سارين کي اچي ڪيئون لڳو، جنهن ڪري فصل مارجي ويا. ماڻهن ڏاڍا حيلا هلايا، پر ڪيئون ختم نه ٿيو. اها مصيبت معاف ڪرڻ لاءِ قاضي صاحب متلجي آهي.
ٻــڌ اسـان جـي دانــهـن، تـون آن خـلـق جـو خـاونـد،
اسـان جـي روزيءَ ۾ ٿـيـا، ڪئـيـان اچـي پـيـوند،
فـصل کــاڄــي نــاس ٿــيــو، گـاهه سـڄـوئـي گــنــد،
تنهنجو نام آ بلند، تون راحم پنهنجو رحم ڪر.
ڪڍ ڪيـئـن کـي ڪـريـم تـون، ٿـي مـولا مهربان،
حڪم تـنـهـنـجو هٿ ۾، تنهنجو فائق ٿيو فرمان،
ته سـڀ گـوڙ گهمسان، لحظي منجهه لهي وڃي.(24)

(ب) ادبي جائزو:
هن دور ۾ انهن شاعرن ۽ اديبن جو جائزو وٺنداسين جيڪي انگريزن جي دور ۾ پيدا ٿيا ۽ ان ئي دور ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. يعني انگريز دور جا اهي شاعر جن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. هتي 1880ع کان 1967ع تائين جائزو وٺڻو آهي. هن دور ۾ ڪل ست شاعر ملي سگهيا آهن. جن جو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي.
سوامي گنگارام صاحب جنهن جا سلوڪ ملن ٿا. جيڪي اعليٰ درجي جا سلوڪ آهن سامي کان پوءِ ٻئي نمبر تي حيثيت رکن ٿا. تيجومل جنهن جا ڀڄن ملن ٿا جڪي ڪافيءَ واري ٽيڪنڪ تي آهن. هونئن ڀڄن به ڪافي واري ٽيڪنڪ تي لکيا ويندا آهن پر فرق اهو هوندو آهي جو انهن جو مضمون، جدا جدا هوندو آهي. هندو شاعرن جو لهجو ۽ مضمون هڪ عليده حيثيت رکي ٿو.
قادربخش فقير ڪنهن به شاعر جو اثر قبول نه ڪيو. سندس ڪافيون مليون آهن. ڪافين جو تمام بهترين شاعر هو. سندس ڪافين ۾ تصوف جا نڪتا ملن ٿا. عبدالعزيز شاهه بخاري صوفي شاعر جنهن جو شاعري جو بياض مليو آهي. جنهن ۾ شاعري کان علاوه نثر به لکيو، پر نثري ادب جي ڪتابن جا نالا ملي سگهيا آهن. هڪ “شرعي مسئلن تي” ٻيو “علم ابجد جا اصول”.شاعري ۾ هن ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا لکيا آهن ان کان علاوه الف اشباع جي نوع تي هڪ غزل به لکيو آهي. عبدالعزيز شاهه اڪيلو شاعر هو. جنهن الف اشباع تي غزل لکيو. ۽ هڪ دفعو وري پراڻي صنفن کي سنڌي ادب جي تذڪري هيٺ آندو. ڏوهيڙي ۽ ڪافيءَ جو مظبوط شاعر هو. ان کان علاوه فارسي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، فارسي جو نمونو ملي نه سگهيو آهي. عيسو فقير به ڪافيءَ جو قلندر شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن نڙ جا بيت به چيا آهن، جيڪو صوفي شاعر هو. ان کان علاوه سه حرفيون، لاڏا، مولود، نظم،هفت بيتي به چيون آهن. مطلب ته فقير صاحب هڪ ڪلاسيڪل شاعر هو. سنت رگهورام صاحب به سٺو شاعر هو پر سندس شاعري جو نمونو ملي نه سگهيو آهي. جيڪو واڻي جو تمام سٺو شاعر هو واڻي هندي شاعريءَ جي صنف آهي. قاضي گل محمد صاحب بيت جو سٺو شاعر هو. سندس بيتن جو نمونو مليو آهي. جنهن ۾ مضمون مدحيه وَ دعائيه آهي ۽ واقعاتي بيت به مليا آهن. شاهه لطيف کان تمام گهڻو متاثر هو.
مجموعي طور، هن دور ۾ ڪافيون، بيت، نڙ بيت، ڀڄن، سلوڪ، سحه حرفي، لاڏا، مولود، نظم، هفت بيتي، مناقبا، نعت، غزل، الف اشباع تي غزل وغيره جهڙيون صنفون شاعرن جي زير طبع رهيون. ۽ ڪافيءَ جا چڱا شاعر ملن ٿا. بيتن جا به شاعر مليا آهن، نڙجي بيت جو هڪ شاعر مليو آهي. ڀڄن ۽ سلوڪ جو هڪ شاعر مليو آهي جيڪو ساميءِ کان ٻئي نمبر تي حيثيت رکي ٿو. سه حرفين جو به هڪ شاعر مليو آهي. لاڏن جو به ساڳيو سه حرفين وارو شاعر آهي، جنهن جا مولود به آهن. ۽ سندس نظم به آهي. مولود جا ٻه شاعر مليا آهن. هفت روزي جو به شاعر مليو آهي ۽ انهن جو نمونو به ملي ٿو جيڪا سسئي پنهون واري سرتي چيل آهي. مناقبن جو به هڪ شاعر مليو آهي جنهن جا نمونا مليا آهن. نعتن جو به شاعر مليو آهي، پر هن جا لکيل غزل به مليا آهن، پر ايترا پختا غزل نه آهن ان جوئي الف اشباع واري ٽيڪنڪ تي هڪ غزل مليو آهي. مجموئي طور سنڌي شاعري سان گڏ نثر به لکيو ويو. هن دور تائين فارسيءَ جو اثر به نظر اچي ٿو.

باب ڇهون
حوالا:
(1) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي “تذڪره شعرا سکر” سال 1965ع ص ص 214، 215.
(2) ديال آشا ڊاڪٽر ــــ سنڌ جا سنت ــــ سال 1987ع ص 108.
(3) ناگراڻي بي ايڇ پروفيسر (مرتب) ساميءَ جا سلوڪ ڇاپو پهريون سال 1987ع ص 17 مطبوعه سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي،تذڪره شعراءِ سکر،سال 1965ع ص 215.
(5) ايضاً.
(6) پرياڻي ڪشنچند نيوند رام (مرتب)امرت واڻيڇاپو پهريون 1990ع.
(7) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون سال: 1965ع ص 206.
(8) ايضاً ص ص 206، 207.
(9) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون سال: 1965ع ص ص 217، 218.
(10) ايضاً ص 219.
(11) ايضاً.
(12) مولوي عبدالڪريم شاهه 1285هه جي لڳ ڀڳ، چڪ ۾ پيدا ٿيا. سندس گهڻي تعليم سومراڻي ۾ ٿي ۽ ڪجهه ڪتاب مولانا عبدلاغفور همايوني وٽ به پڙهيا. پوءِ دالعلوم ديوبند ويا اتي پڙهيا ۽ پوءِ مدينه عاليه هليا ويا. اتي ڪافي وقت پڙهائيندا به رهيا. حڪمت جا به ماهر هئا. راسخ العقيده سني هئا ۽ مسئلن ۾ مولانا همايوني جا هم خيال هئا. 1365هه ۾ اسي ورهيه عمر ۾ فوت ٿيا. (ماهنامه شريعت ــــ سوانح حيات نمبر ايڊيٽر: مولوي عبدلاوهاب چاچڙ 1981ع ص ص 159، 160.) مولانا عبدالواهاب چاچڙ صاحب مولوي عبدالڪريم شاهه جا ڄمڻ ۽ مرڻ جا سن غلط ڄاڻايا آهن. جيڪي درست ڪري پوين سان ملي ٺاهي لکيا ويا آهن. درست سن هن ريت آهن: جنم 1245هه مطابق 1825ع وفات: 1325هه مطابق 1905ع.
(13) بخاري عبدالعزيز شاهه ـــ بياض عبدالعزيز (قلمي) 1930ع چڪ.
(14) ايضاً.
(15) خاصخيلي قربان علي “قربان” صوفي ساڃاهه ـــ چاپو پهريون 1983ع ص ـــ 170.
(16) ايضاً.
(17) بخاري عبدالعزيز شاهه ـــ بياض عبدالعزيز شاهه (قلمي) 1930ع.
(18) سومرو محمّد شريف “شاد” (مرتب) ـــ رسالو عيسي فقير جو(قلمي) 1985ع .
(19) ايضاً.
(20)آشا ديال ڊاڪٽر ــــ سنڌ جا سنت ڇاپو ٻيو 1987ع ص ،20، 203.
(21)ايضاً.
(22)ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون 1965ع ص 279ع.
(23) ايضاً.
(24) ايضاً ص 280.