تعلقي لکيءَ جومختصر تاريخي پسمنظر:
هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪيترائي اهڙا خطا موجود آهن جن جي تاريخ ۽ تهذيب نهايت پراڻي آهي، جيڪي پنهنجي الڳ تهذيب ۽ تمدن رکن ٿا، جن جو مقام نهايت اوچو آهي ۽ جداگانا حيثيت جا حامل آهن. اهڙي طرح سنڌ جي سر زمين به هڪ آهي سنڌ ۾ وري اهڙا خطا ۽ حصا موجود آهن جيڪي هڪ شاندار اهميت جا حامل آهن.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جي ملڪي حيثيت ختم ڪري بمبئي صوبي سان ملايو ويو هو، پر سنڌي ماڻهن تحريڪون هلائي سنڌ جي بمبئي کان آزادي حاصل ڪئي پر وري به سنڌ کي هڪ صوبائي حيثيت ڏني ويئي. انگريزن جي خلاف هلندڙ تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان ۽ هندستان ٻه جدا ملڪ وجود ۾ اچي ويا.
پاڪستاني حڪومت پنهنجي انتظام خاطر ملڪ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. هڪ مشرقي پاڪستان ۽ ٻيو مغربي پاڪستان 1970ع کان پوءِ مشرقي پاڪستان هڪ جدا ملڪ جي حيثيت سان بنگلاديش جي نالي سان وجود ۾ آيو. باقي مغربي پاڪستان، پاڪستان رهجي ويو، جنهن پنهنجو انتظامي ڍانچو چئن صوبن تي مشتمل رکيو. اهڙي نموني سنڌ کي وري به صوبائي حيثيت ڏني ويئي.
صوبو سنڌ پنهنجو اندوروني ڍانچو يا بيهڪ ضلعن ۽ تعلقن تي رکي انهيءَ نئي جوڙ جڪ مطابق شڪارپور کي هڪ دفعو وري پهرين جولاءِ 1977ع ۾ شڪارپور کي ضلعي جي حيثيت ڏني ويئي. شڪارپور کي چئن تعلقن ۾ ورهايو ويو: شڪارپور، ڳڙهي ياسين، خانپور ۽30 جنوري 1979ع ۾ لکي کي تعلقي جي حيثيت ڏيئي شڪارپور جو چوٿون تعلقو شمار ڪيو ويو. سڄي ضلعي کي ٻن سب ڊويزن ۾ ورهايو ويو. ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور. اهڙي طرح تعلقو لکي ڳڙهي ياسين سب ڊويزن سان ملايو ويو.
تعلقو لکي ضلعي شڪارپور جو اهم واپاري مرڪز آهي تهذيب ۽ تاريخ جي لحاظ کان شڪارپور کان به قديم آهي. ضلعو شڪارپور سنڌ صوبي ۾ هڪ اک جي حيثيت رکي ٿو هتي اسان موجوده تعلقي لکيءَ جو مختصر تاريخي پسمنظر پيش ڪنداسين پر سڀ کان پهريائين لکيءَ جو ذڪر ڪنداسين. هن تعلقي ۾ ڪيترائي اهڙا شهر ۽ ڳوٺ آهن جيڪي قدامت جي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت جا حامل آهن. اهڙن شهرن مان لکي، رستم، چڪ ، باگڙجي سر فهرست آهن. باقي قديم ڳوٺن مان: مزارجو، محمدآباغ، ٽنڊو علي شير، کاهي، هوٿي، صرفو، عبدو، ڀرڪڻ، ٻورڙي، کبڙي، طيب، وزيرآباد، بيجلو وغيره. باقي جيڪي،ٻوڏن ۾ بلڪل تباهه ٿي ويا. درانپور، ڌارناپور،خانڻ لوءِ، سون مياڻي، عزت پور، ردي، مهرو ماڙي، لوڊڪي، روپاهه وغيره ڳوٺ سر فهرست آهن. ٻيا به اهڙا ڪيترائي ڳوٺ هئا جيڪي مهراڻ جي موجن جو بَکُ ٿي ويا ۽ هميشه لاءِ انهن جا نالا تباهه ۽ برباد ٿي ويا. مٿيان ڳوٺ يا شهر پنهنجي اناج ۽ هٿ جي هنرن جي ڪري ۽ پيداري شين جي ڪري تمام گهڻو مشهور هئا، ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهم حيثيت رکندڙ هو.
قديم زماني ۾ ماڻهو اڪثر ڪري درياءَ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا. ۽ اتي ئي پنهنجا ڳوٺ ٻڌي، پاڻيءَ جي سک جي ڪري، پنهنجو گذران ڪندا هئا. ۽ واپاري سلسلو به درياهي رستن ذريعي ڪندا هئا. ان ڪري درياهي رستن کي وڏي اهميت حاصل هئي. ماڻهن جو گذر سفر مهراڻ جي پاڻيءَ تي هوندو هو، جنهن جي ذريعي زمينون آباد ڪندا هئا. ان اپائي ٻين شهرن تائين پهچائيندا هئا. اهڙيءَ طرح قديم مزار جو ڳوٺ درياهه جي ڪناري آباد هو ۽ سندس هڪ پتڻ/ درياهي بندر هو جنهن جي ذريعي پنهنجو مال اروڙ ۽ بکر جي بندرن تائين پهچائيندا هئا. اهڙيءَ طرح وري اتان مال ڀنڀور جي بندر تي پهچندو هو. جتان وري سامونڊي رستن ذريعي وڏا واپاري ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليندا هئا.
“قديم بابل جي شهر “ار” جون قومون هتي آيون، ۽ شهر آباد ڪري ويهي رهيون هي قومون عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ هتي پهتيون ۽ پنهنجي رهڻ لاءِ جيڪي شهر آباد ڪيائون، انهن جي پويان پنهنجي وطن جي يادگار طور “ار” پچاڙي ۾ ڳنڊيائون،سنڌ جي اهڙن قديم شهرن مان ڪشمور،الور،يا اروڙ، جهڪر ۽ ڀنڀور قابل ذڪر آهن. انهن ڏينهن ۾ موجود شڪارپور جو شهر ته ڪونه هو، پر ان جي ڀرسان ماڙي نالي شهر موجود هو، جيڪو هيئنر به ننڍڙي ڳوٺ جي صورت ۾ قائم آهي. بولان لڪ کان رستو “ماڙي” تائين ايندو هو. اتان به رستا ڦٽندا هئا، هڪ رستو “لکي” ۽ “فراش ڳوٺ” کان ٿيندو سکر ويندو هو. ساڳيو رستو درياهه ٽپي اورڙ تائين ويندو هو، جتان وري هڪ رستو مٿي ملتان ويندو هو، ۽ ٻيو هيٺ ڀنڀور تائين ويندو هو. ماڙي وٽان ٻيو رستو جهڪر، موهن جو دڙو،سيوهڻ ۽ آمري کان ٿيندو ديبل يا ڀنڀور تائين ويندو هو.” (1)
اهڙيءَ طرح “لکي” جو شهر مرڪزي شهر هوندو هو، جتان ٻيا به رستا نڪرندا هئا. هڪ رستو اتر ۽ اوڀر جي ڪنڊ کان نڪرندو هو، جيڪو سڌو رستم شهر ۾ اچي پوندو هو. وري ساڳيو رستو اتان شهر رستم کان نڪري اتر طرف ويندو هو ۽ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. هڪ حصو ڪشمور واري رستي “سنڌو شاهراهه” سان وڃي ملندو هو. ۽ ٻيو خانپور شهر سان وڃي ملندو هو. رستم شهر کان اوڀر طرف هڪ طرف رستو ويندو هو، جيڪو قديم ڳوٺ مزارجو سان مليل هو، جنهن سان واپاري آمدرفت ٿيندي هئي ۽ سمورو مال مزار جي واپاري بندر تي پهچايو ويندو هو. جتان اهو مال سنڌو درياءَ جي رستي ٻيڙين وسيلي، بکر ۽ اروڙ جي بندرگاهن تائين نيو ويندو هو.(2)
خشڪ رستن وارو سلسلو ٻين ڳوٺن سان به مليل هو، ماڙي ڳوٺ وٽان ڪيترائي رستا نڪرندا هئا. اهڙي طرح جڏهن چڪ شهر وجود ۾ آيو، ته رستي کان جيڪو رستو عزتپور (هن وقت اهو ڳوٺ موجود نه آهي، جيڪو مهراڻ جي موجن جو کاج بڻجي ويو) ويندو هو جتان هڪ رستو نڪرندو هو ۽ جيڪو ور وڪڙ ڪندو چڪ شهر سان وڃي ملندو هو.
چڪ شهر مان ٻه رستا ڦٽندا هئا. هڪ اولهه طرف کان نڪرندو هو. ۽ ٻيو رستو اوڀر طرف کان نڪرندو هو. جيڪو قديم ڳوٺ صرفو کان ٿيندو وڃي مزارجو ڳوٺ سان ملندو هو. انهن رستن جي ذريعي ان وقت آمدرفت ٿيندي هئي. چڪ وارو رستو جيڪو عزت پور سان ملندو هو، ان مان وري ڪيترائي رستا ڦٽندا هئا ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندا هئا. چڪ واري رستي سان، جيڪو لکي واري عظيم شاهراهه سان ملندو هو، ان سان آسپاس ۽ ڪناري تي ڪيترائي قديم ڳوٺ آباد هئا، جيڪي اڄ تائين پنهنجي تاريخي عظمت برقرار رکيو اچن، جن مان زماني جي لاهن چاڙهن سان ڪيترائي انقلاب ڏٺا، ۽ ڪيترائي دفعا ته سنڌو درياءَ جي بي لغام لهرن جو بَکُ بڻجي ويا، پر وري وري آباد ٿيڻ لڳا، جيڪي ڳوٺ سنڌو درياءَ کان تمام گهڻو دور هئا، انهن جي آبادي کوهن جي پاڻي ءَ ذريعي ٿيندي هئي. پر ان وقت گهڻا ڳوٺ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد هوندا هئا. جيڪي درياءَ جي ويرن اچڻ سبب ٻڏي ويندا هئا، ۽ وري وري آباد ٿيندا هئا. ان سبب ڪري ڳوٺن جي بناوٽ ڪچي هوندي هئي، ڪاٺ ۽ ڪانن جا گهر ٺهيل هوندا هئا. اهو انهيءَ ڪري ته جڏهن به اوچتو ٻوڏ اچي ته ماڻهو انهن ڪاٺن ذريعي ٻاهر پڪي تي نڪري سگهي، تنهن ڪري ڪکانوان گهر ٺاهيندا هئا، نه ته گهڻو ڪري اوڏڪيون ڀتيون اوساري پوءِ مٿان ڪاٺين سان ڍڪي اجهو ٺاهيندا هئا. پر جيڪي ڳوٺ وري ٿورو پر ڀرو هوندا هئا ته انهن کي سڄي ڳوٺ جي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هوندو هو. جهڙيءَ ريت “لکي” شهر کي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هوندو هو. عزت پور کي ڪچو قلعو ڏنل هو، ماڙي ڳوٺ جي چوڌاري ڪچو قلعو تعمير ٿيل هو. جڏهن شڪارپور جو شهر وجود ۾ آيو هن تعلقي جي رستن ۾ نئين واڌ آئي. شڪارپور جو هڪ رستو لکيءَ سان ڳنڊيو ويو، ۽ بولان لڪ سان ملايو ويو. ٻيو رستو رستم کان ڪڍيو ويو، جيڪو وڪڙ ڪندو وڃي شڪارپور شهر سان ملندو هو. جيڪو بولان لڪ واري رستي سان پئي مليو. اهڙي ريت خانپور شهر جو رستو به تعمير ڪيو ويو جيڪو شڪارپور سان ملايو ويو. انهن نون رستن سبب شڪارپور شهر ۾ آمد رفت وڌڻ لڳي ۽ شهر ترقي ڪرڻ لڳو. جنهن ڪري ٿوري عرصي ۾ ترقي ڪري سٺو شهر ٿي ويو. شڪارپور شهر ٺهڻ ڪري اپت ۽ واپاريءَ جي لحاظ کان لکيءَ جي شهر کي وڏو ڌڪ رسيو، جنهن ڪري شهر ويو اجڙندو ۽ پٺتي پوندو. ڏينهون ڏينهن آمدرفت وئي گهٽبي. تقريبا سمورن شهرن ۽ ڳوٺن جو مال شڪارپور ۾ ڪٺو ٿيڻ لڳو، ان سب ڪري هڪ واپاري مرڪز بڻجي ويو. شڪارپور شهر جي خبر کٽوريءَ وانگر پوري هندستان ۾ پکڙجي ويئي، جنهن ڪري شهر بين الا قوامي حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو. ان دور ۾ شڪارپور کي سنڌ جو پئرس ڪوٺيو ويندو هو. ان مشهور عظيم شاهراهه بولان لڪ رستي ٻاهران سياح هن شهر ۾ آيا ۽ هن شهر جي ساراهه ڪندي نه پئي ڊاپيا، جن پنهنجن سفرنامن ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
ان وقت ۾ شڪارپور هڪ جداگانه رياست بڻجي چڪي هئي، جنهن ۾ سندس پنهنجو سڪو هلندو هو. ان طرح تعلقو لکي به شڪارپور رياست سان ڳنڍيل رهيو. پر سندس ڪجهه حصو بکر سرڪار جي زير نظر رهيو. رستم جا اڪثر هندو لڏي اچي شڪارپور ۾ ويٺا جن وڏو نالو ڪمايو.
جڏهن سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽائي تمام پري هليو ويو ته اتان وارا ڳوٺ ويران ٿي ويا. مزارجو ڳوٺ وارو بندر به ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڳوٺ کي ڪچو قلعو تعمير ڪيو ويو هو. پوءِ کوهن رستي آبادي ڪرڻ لڳا. تقريبن 1620ع ڌاري درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽايو هو، ۽ تمام پري هليو ويو. جنهن ڪري مزارجو واري علائقي جو سمورو مال رستم واري رستي ذريعي شڪارپور ۽ لکيءَ وڃڻ لڳو، پر شڪارپور نزديڪ هئڻ ڪري گهڻو مال ايڏانهن موڪليو ويندو هو، جنهن ڪري شڪارپور مرڪزي واپاري منڊي جي حثيت سان اڀري آئي هئي. رستم جا هندو ۽ مزارجي جا هندو لڏي وڃي شڪارپور شهر وسايائون.
مزار جي واري بندر جو ذڪر ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. البت مقامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته مزارجو ڳوٺ کي هڪ قديم بندرگاهه يا پتڻ هوندو هو. جڏهن کان وٺي مهراڻ پنهنجو وهڪرو مٽايو ته ماڻهن پنهنجا ڳوٺ، مکيه وڏن رستن جي ڀرسان اڏڻ شروع ڪيا. ۽ کوهن ذريعي پنهنجون زمينون آباد ڪرڻ لڳا هئا. ان سبب ڪري ڪيترائي کوهه هن تعلقي مان مليا آهن، جن جو تعداد لکن ۾ آهي. پر پوءِ جڏهن آبپاشي نظام کي سڌاريو ويو ۽ نوان واهه ۽ نهرون کوٽايون ويون، ۽ زرعي نظام کي سڌاريو ويو ۽ کوهن وارو طريقو ختم ٿيڻ لڳو. پر ڪٿي ڪٿي اڄ به کوهن تي زمينون آباد ٿين ٿيون. پر اتي گهڻو ڪري سبزي ڪئي وڃي ٿي . ان زماني ۾ کوهن رستي ٽپال جو نظام هلندو هو.
لکي تعلقي ۾ هٿ جا هنر مشهور آهن. ۽ ڪيتريون ئي شيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، جهڙوڪ: واڻ، ڀرت جو ڪم، واڍڪو ڪم، لوهارڪو ڪم وغيره.
لکيءَ جو شهر ڪيترو پراڻو آهي ۽ ڪڏهن آباد ٿيو ان لاءِ محقق جدا جدا رايا ڏين ٿا. تاريخ جي ورقن مان لکيءَ جي اڏاوت جو سن ڪٿان به ڪونه مليو آهي. البت ايترو چيو ويو آهي، ته لکي عرب دور حڪومت کان اڳ قائم هئي. ۽ لکومل جي نالي پٺيان شهر لکي سڏجڻ لڳو، جيڪو هندن جو ٻڌايل شهر آهي.
رستم : رستم شهر جو سن ڪٿانبه ڪونه مليو آهي پر چيو وڃي ٿو ته لکيءَ ۽ خانپور شهرن جو همعصر شهر آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته قديم شهر آهي. جيڪو رستم نالي هندوءَ آباد ڪيو هو. جنهن جي نالي پٺيان رستم نالو پيو ڏسجي ٿو. هندن جي گهڻائيءَ سبب هن شهر کي مسلمان ڪافر قلعو ڪري ڪوٺيندا هئا.
چڪ : چڪ شهر جيڪو ڪلهوڙا دور حڪومت جي آخر ۾ ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ آباد ٿيو. 1942ع واري ٻوڏ کان پوءِ هن شهر جي آدمشماري وڌندي رهي. هن شهر لاءِ ٽي روايتون مشهور آهن. پهرين ته هي ڪنڀرن شهر آباد ڪيو، جن کي چڪ هوندا هئا، جنهن تي ٺڪر جا ٿانو جوڙيندا هئا. ٻي روايت آهي ته: ڪنهن زميندار کي اهو زمين جو ٽڪرو “چڪ” يعني ورڇ ۾ مليو هو. اتي ماڻهو رهندا ويا ۽ نالو ساڳيو چڪ ئي قائم ٿي ويو. ٽي روايت آهي، ته: هتي ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ميرن جي شروعاتي دور ۾ چاچڪ ذات جا ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا، جنهن ڪري چڪ نالو پئجي ويس.(3)
ماڙي: ماڙي ڳوٺ به لکي ءَ جو همعصر ڳوٺ هو. سندس بنياد جو سن وغيره ڪٿي به نه ٿو ملي، البت تاريخن ۾ صرف مختصر احوال ملي ٿو.
مزارجو: هي ڳوٺ سمن ڄامن جي دور ۾ ڄام نظام الدين جي دور جو ٻڌايل آهي سن 1435ع ڌاري آباد ٿيو هو. مزار نالي هڪ ماڻهو اچي هتي ڳوٺ ٻڌي ويهي رهيو هو، جنهن جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. سندس چوڌاري هڪ ڪچو قلعو به تعمير ٿيل هو ۽ هڪ درياهي بندر هن ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو.(4)
چنڊ ڳوٺ: هي ڳوٺ به لکيءَ ڳوٺ جو همعصر آهي، جتي دائودپوٽن ۽ مهرن جي وچ ۾ لڙائي سن 1414ع جي شروعات ۾ لڳي هئي. هن ڳوٺ کي چنڊ نالي ڪنهن ماڻهوآباد ڪيو هو، جنهن ڪري سندس نالي پٺيان پيو سڏجي.(5)
باقي ٻيا ڳوٺ به تاريخي لحاظ کان قديم آهن. جيڪڏهن هتي هر هڪ ڳوٺ جو ذڪر ڪبو ته تمام گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي، لکي تعلقي ۾ هڪ وڏو ٻيلو آهي، جنهن ۾ هر قسم جا وڻ بيٺا آهن. جنهن ۾ ڪيترائي جهنگ جا جانور به رهن ٿا. هن ۾ ڪيترائي پکي به آباد آهن. پکين جو شڪار ڪري ڪيترائي نسل تباهه ڪيا ويا. جهڙوڪ هرڻ جو نسل هن ٻيلي مان ختم ڪيو ويو. تتر جو نسل ختم ڪيو ويو. ان جهنگل ۾ هن وقت ڪافي ڳوٺ آباد آهن. هن جهنگل ۾ ڪيتروئي قيمتي ڪاٺ موجود آهي. لکي تعلقي جي ڳوٺ مان ڪونه ڪو سامان ضرور ٺهي ٿو. ان ڪري ڳوٺ پنهنجي فن جي لحاظ کان مشهور آهي. مثلا: لکي مان سوسيون، انگوڇا ۽ کير پيڙا مشهور آهن. رستم مان ٺڪر جا ٿانو، سنڌي گيهه، پتران (ڪانن جون ٺهيل) ۽ ڀرت وغيره تمام گهڻو مشهور آهي. پراڻي زماني ۾ ته مرچ، تماڪ، پٽاٽا،ٺڪر جا ٿانو ۽ گيهه وغيره پوري هندستان تائين مشهور هو. سکن جي گهڻائي سبب لوهارڪو ڪم به گهڻو مشهور هو.
مجموعي طور معاشي لحاظ کان هن تعلقي جي ماڻهن جو گذر سفر مويشي،زراعت ۽ واپار تي مبني هو. هن وقت به گهڻو دارمدار ان تي ئي آهي. واپاري مرڪز تمام گهڻا آهن، جن ۾ اناج جا گودام به آهن. ستر سيڪڙو ماڻهو زراعت تي دارومدار رکن ٿا. ۽ 20 سيڪڙو ماڻهو واپار تي ۽ 10 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري ملازم آهن.
انگريزن جي وقت ۾ هن خطي جو قديم روپ مٽائي ڇڏيو ۽ ڪيترائي نوان رستا تعمير ڪرايا ويا ۽ ريلوي لائين وڇائي ويئي. جنهن ڪري پراڻا پيچرا ختم ٿيندا ويا. ڪٿي ڪٿي ته انگريز فوجن، مرڪزي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجون ڪئمپون لڳايون ۽ ننڍيون ننڍيون فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون هيون. ۽ نئون سرشتو قائم ڪيو هو. آمدرفت لاءِ ڪافي سهولتون پيدا ڪيون. سنڌو درياءَ کي به بچاءُ بند تعمير ڪرايو. جنهن ڪري ٻوڏيون. هن علائقي مان آئينده لاءِ ختم ٿي ويون. هن خطي ۾ هونءَ تمام گهڻيون ٻوڏيون آيون پر هڪ 1700ع ڌاري ٻوڏ آئي هئي ۽ ٻي 1739ع ۾ ۽ ٽين 1800ع ڌاري ۽ چوٿين 1836ع ۾ آئي ۽ پنجين 1843ع ۾ آئي ۽ ڇهين 1930ع ۾ آئي ۽ ستين10 جولاءِ 1942ع تي آئي، جنهن تمام گهڻي تباهي مچائي ۽ هن خطي جو تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ورثو هميشه لاءِ لوڙهي ڇڏيو. ۽ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا. 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ انگريز سرڪار هڪ تمام وڏو منصوبو تيار ڪيو هو ته وڏو بچاءُ بند تعمير ڪيو وڃي. جنهن جي پلاننگ 1843ع واري ٻوڏ کان پوءِ ڪئي ويئي. مگر عمل ٿي نه سگهيو هو.1943ع کان پوءِ اهو حڪم عمل هيٺ آيو ۽ وڏو بند تعمير ڪيو ويو. ۽ ننڍا ننڍا گودا (خال) ٺاهيا ويا ته جيئن، جيڪڏهن پاڻيءَ جو زور به پوي ته آهستي آهستي ڪري اهي گودا ڀرايا وڃن. اهڙي طرح پاڻيءَ جو زور ٽوري سگھجي ٿو ۽ پاڻيءَ کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائي طاقت کي ختم ڪري سگهجي ٿو.10 جولاءِ 1942ع واري ليٽ (ٻوڏ) ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙيندي وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو هو. سنڌو درياءَ کي 10 جولاءِ 1942ع ۾ 9 بجي رات جو اوچتو محمدآباغ جي لڳ آرائين لوپ بند کي نئين آرائين جي اتر پاسي کنڊ پيو. ان وقت پاڻي اٽڪ ۾ 26 فوٽ هو. مگر ان کان اڳ جيڪو موجود هو سو پنجاهه فوٽ هو. بند جي مٿان پاڻي ڪراس ڪري ويو هو ۽ اڌ ڪلاڪ جي اندر کنڊ وڌي ويو هو. هن ٻوڏ ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو. جنهن جي مختصر رپورٽ 1980ع واري ماهوار پيغام رسالي ۾ ڏني ويئي. ان کان پوءِ ڪابه ٻوڏ نه آئي، جنهن ڪري ڪيترائي پڪا ڳوٺ تعمير ٿيڻ لڳا. هن ٻوڏ کان پوءِ ڄڻ هن خطي جي نئين سر تعمير ٿيڻ لڳي هئي ۽ معاشي لحاظ کان تمام ڪمزور ٿي ويو هو، ٻوڏ بعد تمام گهڻيون بيماريون پيدا ٿيون جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا. ان ڪري انهيءَ سال کي ماهي وارو سال به ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو. ان وبا کي روڪڻ لاءِ حڪومت به فيل ٿي ويئي هئي. سرڪاري اسپتالن ۾ دوائن جي قلت شدت سان محسوس ڪئي ويئي. پر جوڳو بندوبست ٿي نه سگهيو، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا پر ڪيترا ته ٻوڏ ۾ ئي مري ويا. مال متاع ۽ ڍور ڍڳا به ان ۾ لڙهي ويا هئا. مطلب ته نقصان جي تلافي ڪرڻ ممڪن نه هو.
ڏٺو وڃي ته هر دور ۾ هن خطي ۾ اهڙا به حڪيم،شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن سنڌ جي حڪيمن شاعرن ۽ عالمن جي اڳواڻي ڪئي آهي، ۽ نوان رستا گهڙيا ۽ اڳتي لاءِ اتساهيو. مزار جي ڳوٺ مان “طالب” (اول) نالي شاعر مليو آهي، جنهن جو جنم سمن جي دور ۾ ٿيو. جنهن سڀ کان پهريائين گهڻ سٽا بند (نظم) چيا، پر سندس ذڪر ڪنهن به تاريخ يا تذڪري ۾ ڪونه ٿو ملي. ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ به شاعر مليا آهن، جن جو ذڪر تذڪرن ۾ ملي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ به شاعر مليو آهي، جنهن جو صرف ٻن سٽن جو هڪ بيت مليو آهي. اهو طالب (اول) جي خاندان مان طالب (ٽيون) ٿي گذريو آهي.
ٽالپر دور ۾ تمام گهڻا شاعر پيدا ٿيا مگر ٻارهن شاعرن جو احوال ۽ ڪلام مليو آهي. ڪن جو ته تاريخن ۾ تذڪرو اچي ٿو پر ڪن جو وري نالو به ڪونه ٿو ملي.
انگريز دور ۾ شاعر گهڻا مليا آهن، ڪن جو احوال ملي سگهيو آهي ته ڪن جو وري ملي نه سگهيو آهي. ڪن شاعرن جو احوال تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ملي ٿو پر ڪن شاعرن جو احوال ڪونه ٿو ملي. انگريز دور جا اهي شاعر ۽ اديب به آهن جن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. هن دور ۾ نهايت پختا ۽ سٺا شاعر ۽ اديب مليا آهن، جن ۾ تمام گهڻيون ادبي خوبيون هيون. لکي تعلقي ۾ ڪيترائي قديم ڪتب خانه موجود هئا جهڙو، ڳوٺ سومراڻي، رستم، چڪ، عبدو، باگڙجي،لکي،وزيرآباد، ماڙيءَ ۾ قديم ڪتب خانه هوندا هئا، جن مان صرف سومراڻي وارو پنهنجو وجود برقرار رکندو اچي، باقي سڀ زماني جي گردش ۽ لاهن چاڙهن سبب ختم ٿي ويا. سومراڻي وارو ڪتب خانو به مدرسي سان گڏ هئڻ ڪري بچندو آيو. جنهن جي سنڀال وقت به وقت مدرسي ۾ زير تعليم طالب العلم ڪندا آيا آهن. هونءَ ته ذاتي ڪتب خانن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، طوالت سبب هت انهن جا نالا به ڏيئي نٿا سگهجن.
ان کان سواءِ پوري تعلقي ۾ ادبي ۽ سماجي تنظيمون به آهن. جهڙوڪ، لکي،رستم،چڪ،عبدو، ُوغيره ۾ قائم آهن. انهن شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت جا يونٽ به قائم آهن. محمدآباغ،لکي،باگڙجي،ڀرڪڻ،ڄامڙا وغيره ڳوٺن ۾ به سماجي تنظيمون قائم آهن. ان کان سواءِ ثقافتي تنظيمون به قائم آهن، جن جون سرگرميون به پنهنجي وقت تي ٿينديون رهن ٿيون. تنهن کان سواءِ هن تعلقي ۾ ڪيترائي قديم مدرسه قائم آهن. جن ۾ ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. هن دور ۾ ته هيڪاندا وڌي ويا آهن. پر ديني تعليم وٺڻ وارا اڳ واري زماني کان هن دور ۾ تمام گهڻا آهن.
موجوده دور ۾ ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو احوال ملي سگهيو آهي انهن کي هن ادبي تاريخ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه موجود دور ۾ زنده شاعر به مليا آهن. هتي جن جو احوال مليو آهي، تن کي هت شامل ڪيو ويو آهي.
موجوده تعلقي جي، سال 1981ع جي ڳڻپ مطابق آدمشماري هڪ لک اٺهتر هزار ست سو ٽيتاليهه آهي. موجود تعلقي ۾ ڪل چار سو ٽيويهه ڳوٺ آهن ۽ (4) ٽائون ڪاميٽيون آهن،۽ اٺ (8) يونين ڪائونسل آهن.
موجوده دور ۾ ڪيترائي نوان رستا تعمير ڪيا ويا آهن. جنهن ڪري تعلقي جو پراڻو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڪافي رستا پڪا ڪيا ويا آهن. جنهن سبب آمدرفت جي سهولت ٿي پئي آهي. ڳوٺ ۽ شهر پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا آهن.