تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

باب ٻيو : ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1718ع ــــ 1521ع) :

باب ٻيو : ارغون، ترخان ۽ مغل دور (1718ع ــــ 1521ع) :
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني، مختصر پس منظر:
ڄام فيروز جي حڪومت جي وقت ۾ ڄام صلاح الدين بغاوت ڪئي هئي، جنهن ڪري پوري ملڪ ۾ خانه جنگي جي شروعات ٿي چڪي هئي. ڄام فيروز جي ناقص حڪومت ۽ بيرون ملڪن سان صحيح رابطو نه هئڻ سبب ۽ سرحدن تي فوج جي لاپرواهي سبب شاهه بيگ ارغون موقعي ڏسي سنڌ تي حملو ڪيو ۽ 1521ع ۾ ٺٽو فتح ڪري ورتو ڇاڪاڻ جو ٺٽو سمه دور حڪومت ۾ گاديءَ جو هنڌ هو. تنهن ڪري ارغون مرڪزي ۽ حڪمران جي شهر کي پهريائين قبضو ڪرڻ لازمي سمجهيو ۽ ٺٽي جي شهر تان آزاد سنڌ جو جهنڊو لاهي، ارغوني حڪومت جو جهنڊو جهولايو ويو. اهڙي طرح سنڌ هڪ دفعو وري غير جي چنبي ۾ اچي ويئي، ۽ سمورو ديس ڌارين جي غلامي ۾ گرفتار ٿي ويو. جڏهن ارغوني هت آيا هئا ته پهريائين هنن بلوچستان واري رستي مان اچي سبي کي مرڪز بنايو هو ۽ پوءِ هن ئي علائقي يعني ضلعي شڪارپور واري بولان لڪ رستي هنن سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو. اهو شاهي رستو لکيءَ مان گذري ٿو. هن ئي دور ۾ همايون بابر شير شاهه سوري هٿان شڪست کائي سنڌ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. ۽ ان وقت شاهه حسن ارغوني کيس رهڻ نه ڏنو هو ۽ هتان مايوس ٿي ايران هليو ويو هو. ان وقت ۾ بکر پرڳڻي جو سلطان محمود بکري هن اتر سنڌ جو گورنر هو. مرزا شاهه بيگ ارغون کي ڪابه نرينه اولاد ڪونه ٿي ۽ 1554ع ۾ وفات ڪئي. اهڙي طرح سنڌ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي ۽ هي اسان جي تعلقي لکيءَ وارو حصو بکر پرڳڻي سان ڳنڍجي ويو. ۽ لوئر سنڌ مرزاعيسيٰ ترخان جي ور چڙهي وئي. اهڙي طرح ترخان حڪومت قائم ٿي.1591ع ۾ همايون جو پٽ اڪبر بادشاهه (جيڪو سنڌ ۾ ئي امر ڪوٽ ۾ پيدا ٿيو هو) پاران مرزا عبدالرحيم خانخانان سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ فتح ڪئي. ۽ غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو ويو. ان بعد سنڌ مغليه حڪومت ۾ شامل ٿي ويئي ۽ ان جو حصو شمار ٿيڻ لڳي. وقت بوقت نوان نواب گورنر جي حثيت سان موڪليندا رهيا. محمد شاهه جي زماني ۾ مغل حڪومت ڪمزور ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙا اڀرڻ لڳا هئا. آخر 1719ع ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو راڄ قائم ٿيو ۽ سنڌ هڪ دفعو وري سنڌي حڪمران جي نگرانن جي نگراني هيٺ آئي.
هن دور ۾ سڄي سنڌ ۾ انتشار ڦهليل رهيو. ارغون جي ڦر لٽ مار ڌاڙ سبب سنڌ جو امن امان تباهه ٿي چڪو هو. وڏي ۾ وڏو ۽ ڀاري نقصان اسان جو اهو ٿيو جو جيڪو سنڌي ادب تيزي سان اڀري رهيو هو ۽ هن جي اوسر ٿي رهي هئي، ان سبب اها اوسر بند ٿي ويئي. ڪيترائي سنڌ جا عالم فاضل ۽ اديب شاعر هجرت ڪري مختلف ملڪن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا. ان دور ۾ به ٻين ملڪن کان ڪي عالم هجرت ڪري هت اچي رهيا. ۽ هن دور ۾ لقب، اقطاب حاصل ڪيا. ۽ هن ئي دور ۾ اردو ادب سنڌ ۾ ڦهلجڻ لڳو هو. اسان جا ڪيترائي سنڌي شاعر به ان ٻولي ۾ شاعري ڪرڻ لڳا هئا. هونءَ هن دور ۾ فارسي پنهنجي عروج تي پهتي، جيڪا حڪمرانن جي زبان هئي. هن ئي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ هن ئي دور ۾ سنڌي ٻارڙن کي فارسي زبان ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو ويو هو ۽ نه ڳالهائڻ تي زبانون ڪٽيون ويون هيون. هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا خاص ڪري سنڌ جون تاريخون جوڙيون ويون. ايتري وٺ وٺان واري ماحول ۾ به سنڌي شاعري زندهه رهي ۽ سنڌي شاعر موجود رهيا. حالانڪه سنڌي ٻوليءَ جو تاج ڪري پيو هو. ۽ ان کي گهٽائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون. ان سبب ڪري سنڌي ٻولي گهڻي ترقي ڪري نه سگهي هئي ۽ نه وري ان ۾ ڪو خاص واڌارو اچي سگهيو هو. حالانڪه هن دور ۾ صنف ڪافيءَ جو پايو پيو ان کان اڳ لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪافيون چيون وينديون هيون پر انهن جو ثبوت ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. هن دور ۾ سنڌي شاعر گهڻا پيدا ٿيا، پر انهن جو مواد خانه جنگي سبب زماني جي گردش جي حوالي ٿي ويو.
ان دور ۾ اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ چڱا شاعر پيدا ٿيا، سنڌ جي ٻين حصن ۾ جيڪي شاعر پيدا ٿيا اهي هي آهن: مخدوم نوح هالائي (1505ع ـــ 1590ع)، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو (1537ع ـــ 1622ع)، سيد علي ثاني ٺٽوي (وفات 1573ع)، درس علاوالدين سومرو، خيرالدين جيلاني (وفات 1617ع)، شاهه لطف الله قادري(1611ع ـــ 1679ع) شاهه عنايت رضوي وغيره جهڙا نامور شاعر پيدا ٿيا، جيڪي پنهنجي قوم کي سجاڳ ڪندا رهيا. ۽ سنڌي علم وَ ادب جي چراغ کي روشن رکندا آيا ۽ هن کي وسامڻ نه ڏنو. ان دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ به ڪجهه شاعر پيدا ٿيا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف صنفن جو پايو وڌو ۽ ان کي عروج تي پهچايو، اهڙيءَ طرح سنڌ جي شاعرن جي، هن خطي اڳواڻي ڪئي. هن دور ۾ ڳوٺ ماڙيءَ ۾ هان فقير، ڀرپور شاهه، حفيظ، ڪالو فقير ۽ لکيءَ شهر مان مخدوم پير محمد لکوي (1520ع ـــ 1600ع) ۽ عثمان احساني (1572ع ـــ 1664ع) جهڙا شاعر پيدا ٿيا.
ارغونن جي خوني حڪومت ڪيترن ئي باغي شاعرن کي جنم ڏنو، پر افسوس جو اڄ اهو سمورو اسان تائين پهچي نه سگهيو. ارغونن جي قتل و غارت گري ۽ گهرن کي باهين ڏيڻ سبب اسان وٽان اهو ادب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو، جنهن رک مان نئين دور ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا جن سنڌي علم ادب جو علم اوچو ڪيو ۽ سڄي دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي قوم انهن حالتن مان گذرندي به پنهنجي علم ادب کي سنواري سگهي ٿي. مجموعي طرح هن خطي سنڌي ادب ۾ پاڻ موکيو آهي. پرافسوس اهو آهي جو لکڻ جو رواج نه هئڻ سبب اهو مواد اسان تائين لکت ۾ پهچي نه سگهيوآهي. خاص طور تي هن خطي مان اسان کي لکت ۾ مواد ڪونه مليو آهي باقي سيني به سيني سند طور، جو ڪجهه مليو آهي اهو ادبي تاريخن ۽ تذڪرن جي حوالي سان مليو آهي. جن جو اڳتي تفصيل سان ذڪر ڪيو ويندو.

هان فقير
مقامي روايتن موجب هان فقير ارغونن جي شروعاتي دور ۾ ڳوٺ ماڙي ۾ پيدا ٿيو. سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي. سندس شاعري پٽ پاراتي۽ واقعاتي مواد تي مشتمل آهي. سندس وڌيڪ ڪو اعتبار جوڳو احوال ڪونه ٿو ملي. هن فقير جي باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب: “ تذڪره شعراء سکر” ۾ لکي ٿو ته : “ قديم شاعر آهي، شاهه لطيف کان گهڻو اڳ ٿي گذريو آهي. روايت ۽ سندس بيت جي بيهڪ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته هو شاهه ڪريم کان اڳ جي دور جو شاعر آهي، ڇاڪاڻ جو بيت دوها ڇند تي آهي، جو سنڌي شاعريءَ جو بالڪل ابتدائي تجربو آهي. جيها ذات جي آزار کان تنگ ٿي کين پٽيندي هي بيت چيائين:
جي جـيـهـا آهـن جوءِ ۾، هردن(1) ههڙا حال،
يـــا جـيـهـا وڃــن جــوءِ مـان، يـا مـريـن مـــال.
واقعاتي بيت جو هي هڪ اعليٰ مثال آهي، ۽ قدامت جي لحاظ کان اهميت رکي ٿو.”(2) مٿين بيت مان معلوم ٿئي ٿو، ته شايد هي شعر ارغونن جي دور کان به اڳ جو هجي. هن جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي ۽ نه وري ٻين ادبي تاريخن ۾ ڪو ذڪر آهي.

ڀرپور شاهه:
ڀرپور شاهه ڳوٺ ماڙي ۾ ارغونن جي دور ۾ پيدا ٿيو. هي به هڪ سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي ۽ هان فقير جو همعصر هو. سندس شاعري به هان فقير جي شاعري وانگر، پٽ پاراتي ۽ واقعاتي مضمون تي مشتمل آهي. مقامي روايتن مان فقط ايترو ئي معلوم ٿي سگهيو آهي.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب ۾ هن طرح لکيو آهي، ته : “هن بزرگ جو به فقط هڪ بيت مليو آهي، جو بيهڪ ۽ مضمون جي لحاظ کان”هان” جي بيت جهڙو آهي، ڇاڪاڻ جو فني لحاظ کان دوهي جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ مضمون جي نڪته نگاه کان واقعاتي بيت چئي سگهجي ٿو.
چــــنــــدو چــورن مـــاريــو، اٽــل مـــاريــو اڃ،
ويـا جـيـئـنداڻي جوءِ مان، ٽنڊو ٿيڙوسڃ (3)
هي بيت ٽيڪنڪ ۽ فني لحاظ کان هان فقير جي بيت جهڙو آهي. تنهن ڪري انهن بيتن کي قديم بيت چئي سگهجي ٿو. ان جهڙو هڪ بيت خلجي دور حڪومت جو به مليو آهي:
جــي ڪــٺـئه ته مـٺـيـن، جــي وئــيــن تـه واءِ،
ٻنهي منجهان هڪڙي، هڪ نه آئيه ڪاءِ. (4)
مٿيان بيت به هن بيت سان ٺهڪندڙ آهن تنهن ڪري انهن کي خلجي دور جو ڪوٺي سگهجي ٿو. جنهن کي 14صدي عيسوي جو بيت قرار ڏيئي سگهجي ٿو.

ڀارو ۽ حفيظ :
مقامي روايتن موجب، ڀارو ۽ حفيظ ڳوٺ ماڙي ۾ ارغونن جي آخري دور حڪومت ۾ پيدا ٿيا. ماڙي جا سگهڙ هنن شاعرن کي تمام قديم ترين سگهڙ چون ٿا، ۽ سندن چوڻ آهي ته لوڪ ادب جي فن ڏٺ جو بنياد هنن سگهڙ شاعرن رکيو ۽ هي پهريان سگهڙ شاعر آهن جن “ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڳجهارت ٺاهي هئي. ان کان پوءِ ان تي ڪيترن شاعرن (سگهڙن) طبع آزمائي ڪئي. سندن باري ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون. هنن جي باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب: “تذڪره شعراء سکر”۾ هن طرح رقمطراز آهي.
“هو هڪ ٻئي جا همعصر هئا. البت ڀارو عمر ۾ وڏو هو. سندس استاد هو ۽ نابين هو. حفيظ ڪم ڪار سان لنگهندي پائيندي ڪا شيءِ يا واقعو ڏسندو هو، ته ٺهه پهه ان تي ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏيندو هو: ۽ هو ان کي بيتن ذريعي ڀڃندو هو هڪ دفعي حفيظ ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀن جو مانارو ڏسي، هيٺين ڳجهارت ٺاهي وڃي استاد کي ڀڃڻ لاءِ ڏني:
“گهرن ۾ گهر گهڻا، گهرن ۾ گهر گهڻا.”
ڀارو ٺهه پهه چيو، “ چٻيندي چڻا ڏينڀو ڏٺا هوندءِ ڏار ۾ ” ڀارو ۽ حفيظ جا اهڙا گڏيل ڳجهارت تي بيت ڪيترائي ملن ٿا.(5)
مٿين شاعرن جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه ئي انهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جو سن وغيره معلوم ٿي سگهيو آهي، پر هنن شاعرن لاءِ ڪيترن ڪتابن ۾ روايتون ملن ٿيون. عطا حسين شاهه موسوي پنهنجي ڪتاب سڳنڌ ۾ هن ريت لکي ٿو، ته: مامي ۽ ڀاڻيجي جون “ڏٺ پروليون” هڪ دفعي پنهنجي نابين فقير مامي کي سندس ڀاڻيجي ڪنهن ڀت جي ڏار ۾ ڏينڀو ويٺل ڏسي گجهارت ٺاهي ڏني.
گــهـر ۾ گــهــر، تـنـهـن ۾ گــهـر گــهڻـا،
کڻي اک کڻان نه ناهي بس بهير کي. (6)
مٿين ڏٺ پرولي جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب به ڪيو آهي. پر عطا حسين شاهه موسوي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي لکيل پرولي ۾ فرق آهي، پر مطلب ٻنهي جو ساڳيو آهي. موسوي صاحب سڳنڌ جي “سنڌي ڏوهيڙا” ۾ پرولي جي ٺاهيندڙن جا نالا نه ڏنا آهن. پر انهن جو رشتي وارو ذڪر ڪري، “ ماموــ ڀاڻيجو” لکي خاموش ٿي ويو آهي. پر مقامي روايتن مطابق انهن جا نالا “ڍارو ۽ خفيف ٻڌايا وڃن ٿا. ۽ انهن جو رشتو پاڻ ۾ ڀائر ٻڌايو وڃي ٿو، مگر سڳنڌ ۾ موسوي صاحب مامو ڀاڻيجو لکيو آهي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي تذڪره شعراء سکر ۾ استاد شاگرد ڪري لکيو آهي. پر مان (راقم) انهن ٻنهي محققن جي راءِ سان اتفاق نٿو رکان، ڇاڪاڻ جو اڪثر سگهڙن انهن ٻنهي کي ڀائر ڪري سڏيو آهي.
ذاتي تحقيق موجب ڪيترن سگهڙن کان انٽرويو دوران پڇا ڪئي ويئي ته انهن جا نالا “ڍارو ۽ خفيف” ٻڌايا ويا، ۽ سندن رشتو ڀائر ڪري ليکيو وڃي ٿو، تنهن ڪري آءُ انهن سگهڙن جي اڪثريت راءِ کي نظر ۾ رکي انهن سان اتفاق ڪريان ٿو. ۽ مقامي روايتن کي وڌيڪ موزون سمجهان ٿو. “ ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڏٺ پرولي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو. اها پرولي خفيف ڏني ۽ ڍاري ڌڪا هڻي، شاعراڻي انداز ۾ ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڳجهارت جو نمونو هن ريت هو.
هڪ ڀيري ڀاڻج (خفيف) ڳوٺ ۾ پنندي ڏٺو ته هڪ زال ڪٽيءَ جو وٽو کنيون ٿي ويئي ته گهٽيءَ ۾ ڪتي سٽ هنيس: جنهن ڪري وٽو ڪري پيس ۽ ڪٽي هارجي ڌوڙ ۾ گڏجي ڌوڙ ٿي ويس. ان تي ارمان ۾ مٿو پٽيندي ۽ ڪرم ڪٽيندي گهر ڏي موٽي، اها واردات ڏسي ڀاڻج (خفيف) مامي (ڍارو) کي اچي ڳجهارت ٺاهي ڏني، ته ڪٽيون ويٺي ڪٽي”.(7)
۽ ان پرولي کي ڍاري (جيڪو اکين کان نابين هو ۽ هڪ هنڌ ويٺو هوندو هو.) ڀڃڻ جي ڪوشش هن ريت ڪئي.
مـــــنـــڌ پــرائــي مـــعــرڪــي وڃــــــي نــار بـيـٺـي نـــچـــي،
مــلاحــظـي مــاڻــهـن جي بـــيـٺو مـڙس پڙ ۾ پــاڻ پــچـي،
آئـي گــهـر ته مـار ڏئـي ڪـڍيــائــيـنـس دٻــڙ دونـس دسـي،
مـتـان تـيلـهه ڪٽيون ڪٽي، چي، اڃا ڪٽيون ڪٽي!(8)
پـــــنـــهـــون نــــاهــي هـــنـــڌ تـــي، ڏٺـــائـيـن اک پــٽي،
جـــاڳـــي ڪـــيـــن جـــتـــن لاءِ، صـــبـــح ٿــيــس ســتــي،
جــاڳــي لــڳــس ٻــاڻ ٻــروچ جــو اورڻ جــتـي ڪٿي،
ڪــــــيــــــن جـــــتـــــن لاءِ صـــــبـــــح ٿــــــيـــــس ســـتــي،
کـنـيــو پــيــر پـــنــهــونءَ جــو ونــــدر ۾ ٿــــي وتـــــي،
مــــــــتــــــان تـــــــيـــــلـــــهـــه ڪـــــٽـــــيــــون ڪـــٽـــــي،
چـــــــــي، اڃـــــــــا ڪـــــــــــٽيــــــــــون ڪــــــــٽــــــــــي!
عــــمــــر آنـــدي مـــارئــي مـــٿان جـــهــنــگ جــهٽــي،
ويــــــهـــي ڪـيـن مـــاڙيــن ۾ جــاٿــي روئــي پـٽـــي،
مـتان تيلهه ڪٽيون ڪٽي،چي، اڃا ڪٽيون ڪٽي!
ســــاز رکي سـرنــدي کـي ٿــي ڳــوٺ مــٿــان ڳــٽــي،
وڍي ســر راجــا جــو ٿــي چــائـــنـــٺ مـــٿي چـــــٽــي،
مـــــــتـــــان تــــيــــلــــهــــه ڪـــــٽــيــون ڪـــٽـــــي،
چــــــــي، اڃـــــــا ڪـــــٽـــــــيـــــــون ڪـــــٽــــــي!

مامي : هتي مامي جو مطلب ڍارو سمجهڻ گهرجي جنهن کي عبدالحسين موسوي صاحب نابين ڪري لکيو آهي.
ٽـــوئي سـنـدو جنگ پـڪـائين مـکـڻ وڌائين وٽــي،
کــــنــيــــو ٿي ويـئي مڙس ڏي، جــهـلي ڏاٻڙ ڪــتي،
مـاريـا ڪــتــا ائين نه ڪرين ها! وڃڻ ڏين هـــا اتي،
مــڙس مـنـهنجـو پيهي تي ويٺو بک ۾ پــچي.
مـتـان تــيـلـهــه ڪــٽــيـون ڪـٽـي،
چـي! مـامـا! مــون به ڏنــــي هــــئي اتــــــي،
تـــه ائــيـن پـئــي ڪـٽـيـو ڪٽي.(9)

مٿي ڏنل پرولي جا ٻيا به ڏوهيڙا بيان ڪيا ويا آهن، عطا حسين شاهه موسوي صاحب، پنهنجي ڪتاب سڳنڌ جلد پهريون ۾ ڪل ڏهه ڏوهيڙا ڏنا آهن. مگر هتي صرف نموني طور پنج ڏوهيڙا ڏنا آهن. آخري ڏوهيڙو پرولي جي ڀڃڻي آهي جنهن ۾ خفيف قبول ڪيو ته اهو واقعو ائين ئي هو. ان کان سواءِ هنن ٻنهي ڀائرن جون ٻيون به ڪيتريون ئي ڏٺ پروليون بيان ڪيون ويون آهن. جنهن جو ذڪر ڪيترن ئي لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ملي ٿو.
ٻئي ڀائر (سگهڙ) ڏٺ جو بنياد وجهندڙ ڀائر لکيا وڃن ٿا. ان کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب “ پروليون، ڏٺون، معنائون ۽ ٻول” ۾ مٿين سگهڙن بابت هيٺيون روايتون نقل ڪيون آهن. دارو ۽ خفيف، ڀارو ۽ حفيظ دارا ۽ ڪفيل لکيو آهي.(10)۽ انهن نالن سان مختلف روايتون لکيون آهن. وري ٻئي هنڌ انڌو ۽ سڄو ڪري،(11) انهن متعلق ساڳئي ڪتاب ۾ روايت نقل ڪئي آهي. پر وري هڪ هنڌ احمد ۽ ولو،زال ۽ مڙس ڪري لکيو آهي.(12)
ان کان سواءِ ماهنامه “نئين زندگي” فيبروري 1955ع واري پرچي ۾ به اهڙي روايت نقل ڪئي ويئي آهي. “ ڪٽيون ويٺي ڪٽي” واري ڏٺ انهن مٿين سڀني نالن پٺيان منسوب ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ ولو چاچو ته احمد ڀائيٽيو آهي.

ڪالو فقير:
ڪالو فقير لاءِ مقامي روايتن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته: ڳوٺ “ماڙي” ۾ ارغونن جي پڇاڙي ۾ يا ترخانن جي حڪومت جي پهرين ٻن سالن اندر پيدا ٿيو. ان دور جو ڪافي جو شاعر چيو وڃي ٿو. ۽ ان کان علاوه بيت جو به سٺو شاعر ليکيو وڃي ٿو. بيت سڀئي ڏور جا چوندو هو. سندس ڏور جي بيتن جو پهريون مؤجد چئي سگهجي ٿو. هن ئي شاعر ڏور بيت جو بنياد وڌو ۽ پوءِ بعد ۾ ٻين شاعرن سندن ٽيڪنڪ تي تتبع ڪئي.
هن جي لاءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب “تذڪره شعراء سکر” ۾ هن طرح بيان قلمبند ڪيو آهي: “تمام قديم چيو وڃي ٿو، سندس تفصليوار حالات نه ٿا ملن. البت ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ملتان جي غوث بهاولحق جي درگاهه جو مريد ۽ پانڌيئڙو هو. ماءُ جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ ان جي حڪم کان ٻاهر نه ويندو هو شادي به ڪانه ڪيائين، سندس هڪ مولود مليو آهي، جو وائي جي رنگ ۾ سسئي جي سر ۾ آهي. مولود جي بيهڪ، ٽيڪنڪ ۽ مضمون مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي مخدوم عبدالرئوف ڀٽي جي مولودن کان اڳ جو آهي”.(13)سندس نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
جيڏيون مون جانب لائي ويو، آءٌ ڏوريان پئي ڏونگر،
ٻڌي سچ جو سندرو، پئي آهيان پٺيءَ پيغمبر،
نالي نانءِ الله جي، هن کي دوست مليو دلبر،
اول نور نبيءَ جو جيڪو پيدا ڪيو پرور،
اهڙو ڪن فيڪون هو، جيڪو الله ڪيو اڪبر،
ڪرڙا اٺ ڪيچين جا، هي ڀوري ڪيئن لنگهي بر،
پيڪن ڏاج ڳڻايو، هن کي ڏکيءَ لاءِ ڏونگر،
وئڙي منجهه وڻڪار ۾، هي بي بي ڏسي بر،
پنهل ساڻ پريت هئي، جن کي جيءَ لڳي آهه جر،
ڪلمو پاڪ رسول تي، جن هت پڙهيو هيڪر،
جڙين جاءِ جنت ۾، جن کي ڏيواري ڏاتر،
“ڪالو” چوي ڪارڻي، منهنجي ساراهه سرور،
عرشن مٿي ڪارڻي، ٿيندين حامي منجهه حشر. (14)

مٿين مولود کي ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب وائي جي ٽيڪنڪ وارو مولود سڏيو آهي، پر هي وائي نه بلڪه سنڌي ڪافيءَ جو شروعاتي نمونو آهي. ڪافيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ مولود جو مضمون سمايو ويو آهي. حالانڪه هن دور کان اڳ ڪافي جو رواج پئجي چڪو هو، پر افسوس جو ان جو نمونو اڄ اسان وٽ ڪونه آهي. وائي ۽ ڪافيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ وڏو فرق آهي. وائيءَ ۾ وراڻي ايندي آهي جڏهن ته ڪافيءَ ۾ وراڻي ڪونه اچي. مٿي ڏنل مولود جي آخري بند جي پهرين مصرع ۾: “ڪالو چوي ٿو ڪارڻي، منهنجي ساراهه سرور” لکيو ويو آهي. پر اها سٽ هن طرح ٻڌائي وڃي ٿي. “ ڪالو چوي ٿو ڪارڻي، منهنجي پت رکج پرور.” موضوع جي لحاظ کان اها پوئين مصرع صحيح ٿي لڳي.
ان کان سواءِ ڪالو فقير جي بيتن جو نمونو به مليو آهي جيڪو ڏور جي فن تي ٻدل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان جي مرتب ڪيل لوڪ ادب جي سلسلي جي پندرهين ڪتاب ڏور ۾ هڪ بيت ڏنو آهي.

مولا جي ملڪ ۾ هئي هڪ زمين،
سج ڏٺائين هڪ ڏهاڙي، قدرت ساڻ ڪريم،
وري ڏسندي ڪين، قيامت تائين “ڪالو” چوي.(15)

مولا= حضور جن، ملڪ=بدن مبارڪ
زمين= مهر نبوت، سج= مهر نبوت ڏسڻ ظاهر ٿيڻ.
مراد: حضور ﷺ جن جي جسم مبارڪ تي مهر نبوت جو لڳل نشان عڪاسه اصحابيءَ، جي پنهنجي عيوضي وٺڻ جي بهاني سان، هڪ ڀيرو ظاهر ٿيو ۽ وري قيامت تائين نه ظاهر ٿيندو.(16)
ارغون ۽ ترخان دور ۾ ئي علامتي شاعري زور ورتو. هونئن ته علامتي شاعري سمن جي دور ۾ ئي شروع ٿي چڪي هئي. هن دور ۾ علامتي شاعري جي ترقي ان ڪري ٿي جو ڌاري سامراج جي خوف کان ماڻهن علامتي نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته جيئن ڌاريو سامراج اسان جي مام کي پروڙي نه سگهي. سمجهه وارا، ته سمجهي ويندا هئا پر ڌاريا سمجهي ڪين سگهندا هئاعلامتي شاعري ۾ ڪيترائي موضوع سمائجي چڪا هئا. مٿيون بيت به علامتي شاعري جو نمونو آهي.
ڪالو فقير جو وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي ۽ نه وري ڪو ادبي تاريخن ۾ ان ڪو تفصلي يا حوالي طور ذڪر ملي ٿو.
مخدوم پير محمد لکوي (1520ع ــ 1600ع) :
مخدوم پير محمد لکوي ولد محمد هارون بن محمد الياس پنهنجي اصل شهر ٺٽي ۾ 1520ع ڌاري تولد ٿيو. پنهنجي وقت جو وڏو عالم، فاضل ماڻهو هو. غالبا 1550ع ڌاري لکيءَ جي شهر کي اچي پنهنجو مسڪين بڻايو. هي نه صرف عالم فاضل هو پر هڪ تمام سٺو حڪيم به هو. لکيءَ جي سادات حڪيمن جو نالو ٻڌي کين دوستي ٿي ۽ پوءِ لڏي اچي هميشہ لاءِ لکي جو شهر وسايائين. وفات به لکيءَ ۾ ڪيائين، سندس مزار مبارڪ لکيءَ جي ٻاهران ٺهيل آهي. تذڪره لطفي جي لکت موجب 1590ع يا 1600ع ڌاري وفات ڪيائين.(17)
الف اشباع جي قافيي تي نظم چوندڙ، پهريون شاعر سڏيو وڃي ٿو ۽ نظم جو پهريون پهريون مخدوم صاحب ئي بنياد وڌو. مخدوم صاحب جي باري ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ لکي ٿو، ته: “قاضي قاضن کانسواءِ ارغوني دور جو ٻيو سنڌي شاعر آهي: مخدوم پير محمد لکوي. مخدوم صاحب سنڌي زبان جو اعليٰ درجي جو شاعر آهي، سندس هڪ طويل نظم مليو آهي، جو الف اشباع جي قافيه تي آهي. سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ قديم صنف تي پهريائين مخدوم صاحب جو شعر مليو آهي. کائنس پوءِ انهيءَ ٽيڪنڪ تي مخدوم ابوالحسن، ضياء الدين، محمد هاشم، ميين عيسيٰ وغيره طبع آزمائي ڪئي. انهيءَ هوندي به ائين چئي نه سگهبو ته هن فن کي مخدوم پير محمد شروع ڪيو. فن جي لحاظ کان مخدوم صاحب جو شعر ايترو ته پختو ۽ برجستو آهي جو ان صنف جي ترقي يافته صورت چئي سگهجي ٿو. هن قسم جي نظم کي اسان “نظم معريٰ” چئون ته بيجا نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هن ۾ نه قافيه جي پابندي آهي، ۽ نه وزن جي پابنديءَ جو ئي ڪو خاص لحاظ رکيو ويو آهي. البته ايترو آهي، ته هڪ ماڻ ضرور رکيو ويو آهي، جيڪو جڏهن شاعري ڀري کڻي ٿو ته ڪڏهن ان ۾ ڪڻا داڻا وڌيڪ ٿا اچن ته ڪڏهن گهٽ. قافيه جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هن ۾ فقط پويان آ جو اضافو ڪيو ويو آهي. هن صنف تي جن پوين طبع آزمائي ڪئي آهي انهن جي نظم کان مخدوم پير محمد جو نظم وڌيڪ سپڪه، سلوڻو ۽ سادو آهي. منجهس هڪ سوز ۽ درد کان سواءِ بلا جي رواني پڻ آهي. سه حرفي جو استعمال به ڪثرت سان ڪيو اٿس. هن نظم ۾ هو صبا کي حضورﷺ جن ڏانهن قاصد ڪري موڪلي ٿو، ۽ پيغام ۾ رسول اڪرم ﷺ جن جي روضي اقدس جي ديدار جو ڏاڍو اشتياق ڏيکاري ٿو.”(18)
مخدوم صاحب جي طويل نظم مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جي والد جو نالو “هارون” ۽ ڏاڏي جو نالو “الياس” هو. مخدوم صاحب جو طويل نظم بياض خادمي (امام بخش خادم بدوي) مان نقل ٿي تذڪره لطفيءَ جي جلد پهرين ۾ آيو آهي، تنهن کان پوءِ ٻين ادبي تاريخن ۾ تبصري هيٺ آيو ۽ مختلف محققن هن جي نظم تي پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا آهن. مخدوم صاحب جي باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب هن ريت ذڪر ۽ تبصرو ڪيو آهي.
“هي بزرگ هڪ طويل نظم جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ اهم آهي. هن جو نظم، جنهن کي بدوي صاحب “آزاد نظم” سڏي ٿو. حقيقت ۾ الف اشباع تي آڌاريل آهي نظم ڪبت، جي دفعي ۾ اچي ٿو. پير محمد کان پوءِ جي ڪن عالمن انهيءَ طرز جا شعر لکيا، جن کي ڪبت يا عالمن جون “ سنڌيون” سڏجي ٿو. جيئين ابوالحسن جي سنڌي وغيره نظم جو هي نمونو آهي، جيڪو ڪن قديم عالمن پنهنجي خيالن جي اظهار جي لاءِ اختيار ڪيو. پير محمد انهن ۾ پهريون آهي. هن نظم جي سٽاءَ ڇند تي بيٺل آهي. هن صنف کي آزاد نظم نه چئبو. آزاد نظم ته ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي. پير محمد “ آ ” سان ۽ مروج زبان ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ نظم جو هي آسان نمونو ڪم آندائين، جيڪو پوءِ ٻين اختيار ڪيو.”(19)
هيٺ مخدوم صاحب جو طويل نظم ڏجي ٿو.
اي صـــبـا واءُ صـبوح جــا خاطـي خـيــر هــٿــا،
تـون ريـٻـارو رحـمـان جـــو ۽ قـاصـد قريـــبــا،
تـون مــيـاجي محبوبن جو پــيڪ سندو پـريـا،
تون پـــانــدي پــــيـــارن جـــو اَولـــي اَکــــڙيــــا،
تـون ســاٿــي سـڪــايــن جـو مـاهـــر مــشـتـاقـا،
آڻــــي عــجــيــب جـون خـبـرون خــوشــحــالا،
نــــــي نـــيــاپـــــا نـــيـــهـــن جـــــا واڍوڙن وٽـــــا،
ڦـــــڪــي ڦــــوڙايــــن جـــي تــــوکـــي آهــــه ادا،
اَچـــــي اوڀــــر ڏيــهــه ڏهــــون اُســـهـه اولاهـــــــا،
نـه مــــون ســـڪـــڻ ســـاهه ۾، ڏکــڻ جي ڏيـــهــا،
نـه مــــون اور اتــــرســيــن، پـــرت نه پـــچـــــارا،
اولـــهـــنـــدي آهـــيــن مــون دلـــبــر دل گـهريـــا،
“آنـا اَمـُـلـحُ” قــول جــنـيـن سـلـــوڻـا سـڄـڻــــــا،
حـــــب جــنــيــن جــي هــيــريـو، هـنيون حيرانا،
سـڪ تنـيـن جـي سـاهه کـي سـڪايـو سوڪــا،
وَن تـــــون مـــــٺـــا واؤڙا واقــــــف واٽــــــڙيــــــا،
هــــل هــتـــون هــيـــج پــئــي لالـــن لـــکـي کــــا،
ويـــلـو ڪـج مَ واٽ تـــي ويــــرمَ ڪــنـهـن ويـرا،
ســــــــڌي واٽ ســـڌاءِ تـــون ڳـــلــــي کــــان ڌارا،
واڍوڙن جــي واٽ تـون، لـــــڪــــون لــنـگـهـيـجـا،
ڪـشتيـون ڪـرائـي ڪــيــون آهــن او بــيـٺــا،
تـنـهـنـجـي اچڻ آسري، ٿـا چـون حب مـنـجـهـا،
قه قـادر ڪشتي آڻ تـون سـڻـايـون سـنـهـنـجـا،
ســورت کـــان ســمـونــڊ ڏي هـلي گــهــڙيــجــا،
ٻــيـڙا ٻــيــڙيـون، دنـگيـون، جي جـنگ غرابـا،
سي سـڀ سـلامـت مـيـڙئـيـن، منزل مقـصودا،
مــڪـي کـان مــيـــڙج تــون مــديــنـي مـهـنـدا،
وڻـــن اُتــون واڪائــيــــو، هــلــيــو وڃ هــوتــا،
پــريــــنــدي پـسـيــن جـڏهــن مــديــنـي مــنـارا،
ڪـــــج فريادون فغان گهڻيون هڻي تنهن هنڌا،
دانـــهـــڙيــــا ڌوڙ کــــڻــــي، اوتـــج پــــــاڻ اُتــــا،
روضـــي پــــيـــش رسـول جــي اڀــج سين عــجزا،
ته پـــــــيـــرو پـــــٽ هـــارون، جو پوٽو الـــيـــاسـا،
ســـنـــڌي ســـاڪــن ســـنـــڌو شـائــق شـفــيـقــا،
جـــنـهــن قــسـمــت قـيـد ڪيو لکي جي لاما،
ورهـه ويـــڙهـــيـــو آهـــيــان، مــٿــي پــيــرن لا،
ويـــلو وجـــــهـــه مَ وچ ۾ ســـــٻـــڙ سـاٿـيـــڙا،
“پـــيـــرو” جـــا پــهچائـيـن ســلامت ساٿا.(20)

مخدوم صاحب سنڌي زبان سان گڏ فارسي زبان به ڄاڻندو هو، پر سنڌي زبان جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس طويل نظم، جنهن ۾ مناجات جو مضمون سمايل آهي: جيڪو “ آ “ جي قافيي تي مشتمل آهي. هيءَ سنڌي “نظم” جي قديم صنف آهي، ۽ سنڌي “نظم” جو پهريون پهريون “ نظم” آهي. مخدوم صاحب جو وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي. ٿي سگهي ٿو ته مخدوم صاحب کان اڳ ڪنهن هن نموني جي نظم جي شروعات ڪئي هجي پر انهن جو ڪو اسان وٽ ثبوت هٿ ٿي نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب پنهنجي فن ۾ ڏاڍو پختو نظر اچي ٿو، ائين ٿو محسوس ٿئي جو ڄڻ اها صنف اڳ وجود ۾ آيل هجي ۽ مخدوم صاحب ان تي طبع آزمائي ڪئي هجي، ۽ ان طبع آزمائي ۾ مخدوم صاحب نهايت ئي سهڻي انداز ۾ نڀايو آهي. هن مصرع ۾ پنهنجو نالو لکيو آهي ۽ پيءُ جو نالو هارون ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي ڏاڏي جو نالو الياس ٻڌايو اٿس.
عثمان احساني (1572ع ــ 1664ع ):
محمد عثمان متخلص “ احساني” پنهنجي آبائي شهر “ ڀاڳ ناڙي” ۾ 1572ع ڌاري پيدا ٿيو. پنهنجي وقت جو سٺو حڪيم هو. کيس عربي ۽ فارسي جي به ڄاڻ هئي. عالم فاضل ماڻهو هو. حڪمت جي حوالي سان لکيءَ جي ساداتن سان سنگت ٿيس، ان ڪري، تذڪره لطفي موجب 1640ع ڌاري لڏي اچي لکيءَ جي شهر کي پنهنجو ماڳ بڻايو. تذڪره شعراء سکر جي لکت موجب هو شاهه ڪريم کان ٿورو پوءِ ۽ شاهه لطيف کان اڳ ٿي گذريو، ڇاڪاڻ جو شاهه جي ولادت 1690ع ۾ ٿي.(21)
قاضي قاضن کان پوءِ هي ٽيون نمبر شاعر آهي: جنهن جي نظم جو ڪتاب “ وطن نامه” لکت جي صورت ۾ مليو آهي.
“احساني صاحب سنڌيءَ جو هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس نظم جو ڪتاب “ وطن نامه” اڏوهي کاڌل حالت ۾ “ تذڪره لطفيءَ “ جي مصنف جي نظر مان گذريو آهي، جو 12 صدي هجريءَ جو لکيل آهي ۽ ڪنهن ٻي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. ان ۾ موت جو ذڪر نهايت پراثر ۽ درد انگيز نموني ڪيل آهي.
ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هن صاحب “ آ “ جي قافيه کان هٽي، صحيح قافيه سان گهڻين مصراعن واري بيت جو تجربو ڪيو آهي. هي پهريون ئي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ چئن سٽن کان مٿي سٽن واري بيت جو پهريائين پهريائين تجربو ڪيو، جيڪو قديم سنڌي شعر حاصل ٿيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته کائنس اڳ ڪنهن به شاعر، چئن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارو بيت نه چيو آهي. سندس بيت هندي ڇند وديا تي نه آهن، پر هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي نئون تجربو ڪيو آهي. سندس ابيات الف اشباع جي نظم وانگر طويل نه آهي، بلڪه ڏوهيڙي جي نموني محدود مصرعون وري ڏوهيڙي جي ٽيڪنڪ تي نه آهن، پر الف اشباع واري قالب وانگر ساڳي الحان تي آهن. قافيو به ڏوهيڙي وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ ڪونهي. يعني هر مصرع جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو.
ان مان معلوم ٿيندو ته هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي اهو تجربو ڪيو آهي، جو صحيح قافيو ڪتب آندو اٿس، ۽ مصرعن جو تعداد ڏوهيڙي وانگر پنجن ڇهن تائين محدود ڪيو اٿس.
ان وقت جي لحاظ کان سندس تجربو انوکو ۽ نئون هو.”(22)
عثمان احساني صاحب جا شاهه ڪريم، ۽ مخدوم نوح سندس همعصر بزرگ ۽ شاعر هئا. انهن جا بيت وڌ ۾ وڌ ٽن سٽن تائين آهن. انهيءَ دور جو هڪ ٻيو بزرگ سيد علي ثاني ٺٽوي به ٿي گذريو آهي، جنهن 92 ورهين جي عمر ۾ 981هه ۾ وفات ڪئي. ان بزرگ جو هڪ ڏوهيڙو “ معارف الانوار “ جي صاحب نقل ڪيو آهي جو چئن سٽن وارو آهي. ان مان معلوم ٿيندو ته اهو عثمان احساني ئي هو، جنهن پنجن، ڇهن سٽن واري بيت جو تجربو ڪيو. جئين ته انهيءَ قسم جو سندس پهريون تجربو هو، تنهن ڪري پوئينءَ سٽ جو قافيو اڌ ۾ آڻي نه سگهيو.(23)
عثمان احساني صاحب کي سنڌ جو پهريون گهڻ سٽو بيت جو موجد چيو وڃي ٿو. جنهن “ آ “ جي قافيي کان هٽي صحيح قافيو استعمال ڪيو آهي. پر هن کان اڳ بزرگ طالب، جيڪو سمن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي جنهن جو اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون. جنهن جو شعر ملڻ کان پوءِ ائين چئي نٿو سگهجي ته احساني صاحب پهريون گهڻ سٽو بيت چوندڙ شاعر هو. جڏهن ته هن کان اڳ طالب فقير جو بند جيڪو 17 مصرعن تي مشتمل آهي. ۽ احساني صاحب جو ڇهن سٽن تي مشتمل ڏوهيڙا مليا آهن. بزرگ طالب جي شعر وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيو ملائي نه سگهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ پوئين سٽ جي اڌ ۾ قافيه ملائڻ جو رواج نه هجي. بهرحال بزرگ طالب سنڌ جو سڀ کان پهريون گهڻ مصراعو شاعر هو. عثمان احساني صاحب جا ڪجهه ڏوهيڙا هيٺ پيش ڪن ٿا، جن ۾ ڇهن سٽن سان گڏ پنجن ۽ چئن سٽن وارا به آهن.
اٿي ويـهه مَ ويـلـو، اٿـــي دنـيـا ڪــوئي دم،
ســــانـــبــاهه جــو سـاٿـيـا، فـڪـر ڪــر فــهـم،
تــون وڻـجـارو آهـين، کـٽـي وجـــهه م خــم،
سسـتـي ڇــڏ سعيو ڪري دل جو ڪـر اُدم،
روپ پــسي تون پنهنجو گــوندر لاهه غم.
ڳـالهه اڻـانـگي گــورجي، ويهه مَ ساروهــي،
تـرس مَ ويـهـه تــيار ٿي، سـاٿيئڙا سنـبــهي،
هــيءَ حــد هـيـبـت جهڙي، ويندءِ گـور ڳـهي،
سپون وڇون سهنس، ٽنڊڻ نانگن ساڻ نهي،
ڏنـــگــي جــا ڏنــگــن ســان، ويــنــدءِ ڏيــل ڏهـي،
ڳــــري ويـــنـــدءِ گـــور ۾ لــڱــيــن لــحــم لـهـي.
وهـــاء ِ ڙي وسيـلـو ٿـي، اٿـي بـــنـــدا جــاڳ،
جـــنــهــن مــحــمــد مــڃــيــو سـدا تـــن ســـهــاڳ،
“ احــساني” عـثـمـان چـوي ڀـريـو تن جو ڀاڳ،
ڪـلـمــي جـي قـرارسين، لـطـفـون لـهـنـدا لاڳ.
جــن سـفـر سـاٿــيــو، سـي ڪن سـمر جي سـار،
اُٺ ڳـــچــي ۾ گــهــنـــڊ جــو وڄـي ٿو وڻــجــار،
وهــائڻ جو ويـلو اٿـئـي بندا ٻـڌ سفـر جو سار،
ساٿــيــڙا ســمــجــهه تــون اِهــا نـنـڊ تــنـــوار.(24)


(ب) ادبي جائزو:
ارغون، ترخان ۽ مغل دور تي جيڪڏهن هڪ نظر وجهي ڏسنداسين ۽ ادبي جائزو وٺنداسين ته سموري پروڙ پئجي ويندي. جيئن ته هتي صرف اسان کي تعلقي لکيءَ جي ادب جو جائزو وٺڻو آهي، تنهن ڪري ان جو ئي ذڪر ڪنداسين.
هن دور ۾ حڪمرانن جي زبان فارسي هئي، تنهن ڪري هنن سنڌي زبان کي نظر انداز ڪري فارسي زبان جي ترقي ۽ ان جي واڌاري لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي. جنهن ڪري هن دور ۾ ڪيترائي ٻاهران آيل اديب ۽ مقامي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا، جن فارسي ادب تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن دور ۾ نه صرف سنڌ جو سنڌي ادب تباهه ٿيو پر ان سان گڏ سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي ڍانچو به تباهه ۽ برباد ٿي ويو. سڄي سنڌ ۾ قتل، خون ۽ لٽ مار جي بازار گرم هئي. ان ڪري ماڻهن جو سڪون تباهه ٿي ويو هو، جنهن ڪري خاص ادب تخليق ٿي نه سگهيو. ان دور ۾ ڪافي باغي شاعر به پيدا ٿيا جن صرف انهن جي خلاف عوام کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ پاڻ به هڪ گوريلي جي حيثيت سان ڪم ڪيو. پر افسوس جو اهڙن شاعرن جو مواد محفوظ ٿي نه سگهيو ان جو واحد سبب اهو ئي هو ته ان وقت لکڻ جو رواج گهٽ هو، ۽ وري دشمنن جي مٿان حملو، ان خوف ۾ ماڻهن ڪابه شيءِ لکڻ جي بجاءِ زباني روايت کي قائم رکندي جاري رکيو. ۽ پنهنجو حال احوال مختصر لفظن ۾ شاعريءَ جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ علامتي طور هڪ ٻئي ڏي موڪليندا رهيا. ان وقت صوفي شاعرن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي ۽ عوام کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهن جو سمورو ڪلام قلمبند ٿي نه سگهيو. هن دور ۾ فارسي شاعري تمام گهڻو زور ورتو. ۽ سنڌي شاعري ان سبب ڪري گهڻو وڌي ويجهي نه سگهي.
هن دور ۾ ڪيترائي هنڌ ساڙيا ويا جن ۾ سنڌ جا ڪتب خانا ۽ اهم جايون شامل هيون جن ۾ رکيل سمورو مواد سڙي رک ٿي ويو. پر ان هوندي به اهڙن حالتن هجڻ جي باوجود به اسان جي سنڌي شاعرن جا نالا ملن ٿا، جن وَسان ڪين گهٽايو آهي. اهڙي طرح سان اسان جي تعلقي لکي به پاڻ ملهايو آهي. جن ۾ ڇهن شاعرن جو احوال ۽ شاعري ملي آهي، ڪن جو احوال گهٽ مليو آهي ۽ شاعري به نموني طور هڪ يا ٻه شعر ملي سگهيا آهن. جن جا نالا ملن ٿا اهي هي آهن: هان فقير جيڪو ماڙيءَ ۾ ڄائو ڀرپور شاهه جيڪو هان فقير جو همعصر هو ۽ هڪ ئي ڳوٺ جا هئا. ڀارو ۽ حفيظ جيڪي اهي به ماڙي ڳوٺ جا هئا، ۽ ٻئي ڀائر هئا جن کي ڪيترن نالن سان سڏيو وڃي ٿو ۽ انهن جا ڪيترائي رشتا ٻڌايا وڃن ٿا. جن ڏٺ پرولي جي فن جو بنياد وڌو ۽ علامتي انداز ۾ پنهنجو فن پيش ڪيائون مخدوم پير محمد لکوي جيڪو ان وقت جو سٺو عالم ۽ فاضل هو نه فقط عالم فاضل هو پر سنڌي شاعري جو هڪ بلند پايي جو شاعر هو جنهن الف اشباع واري شاعري جو طويل نظم جو بنياد وڌو. نظم جو موجد چئجي ته بيجا نه ٿيندو. هن جي شاعري کان متاثر ٿي ٻين شاعرن طبع آزمائي ڪئي پر مخدوم صاحب جهڙي دسترس حاصل ڪري نه سگهيا ۽ نه ئي ان جهڙي ڪلام ۾ رواني ۽ سادگي رکي سگهيا.
هن دور ۾ بيت سان گڏ ڪافي عام مقبول صنف هئي جنهن جي شروعات سمه دور ۾ ئي ٿي چڪي هئي پر ان وقت جي ڪافي جو نمونو نٿو ملي.
باقي ارغوني دور جي ڪا ڪافي نٿي ملي پر هن تعلقي لکي ۾ ڪالو فقير جي هڪ ڪافي ملي آهي، جنهن کي وائي چيو ويو آهي، پر اها ڪافي آهي ۽ ڪافي جي شورعاتي شڪل آهي، جنهن ۾ مولود جو مضمون سمايل آهي. اهڙي قسم جون ڪافيون جن ۾ مولود وارو مضمون هجي، پوئين دور جي شاعرن جي ڪلامن ۾ ملن ٿيون. جهڙي طرح شاهه عنايت رضويءَ واري رسالي ۾ مثال ملن ٿا.
عثمان احساني لکيءَ وارو به هن تعلقي جو اهو شاعر آهي جنهن گهڻ سٽا بيت چيا. جيڪي فني لحاظ کان، سمه دور کان ڪنهن قدر سڌريل لڳن ٿا. اهڙا بيت عام ملن ٿا، جن جو قافيو پوئين سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو. پر اڌ ۾ ملائي نه سگهيا آهن. ٿي سگهي ٿو ته ان دور ۾ قافيو پوئين سٽ جي اڌ ۾ ملائڻ جو رواج نه هجي، جهڙيءَ طرح سمه دور ۾ اهڙو رواج ڪونه هو. جو قافيو سٽ جي اڌ ۾ ملائن. سمه دور جا جيڪي به شعر مليا آهن انهن جا قافيا سٽ جي آخر ۾ اچن ٿا. اسان وٽ عثمان احساني صاحب ان قسم جو شاعر ملي ٿو.
مضمون جي لحاظ کان هن دور جي شاعرن ۾ تصوف جو رنگ به ملي ٿو، ته حسن وَ عشق، هجر ۽ وصال جو ذڪر ڪثير تعداد ۾ ملي ٿو. ان سبب جي ڪري اڳين دور جي بيتن جي ڀيٽ ۾ هن دور جي بيتن ۾ وڌيڪ رچاءُ، رنگيني ۽ شگفتگي ۽ سادگي ملي ٿي.
ڏٺو وڃي ته ٻوليءَ جي لحاظ کان شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ ڪم آندا ويا آهن. حالانڪه فارسي ادب جو ان وقت گهوارو هو، پر حڪمران ٽولي جي زبان هئڻ سبب ۽ ڌاري سامراج جي ٻولي هئڻ سبب ان کان نفرت ڪئي ويئي. شاعرن جي شاعريءَ مان ئي نفرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. عربي، فارسي جي لفظن جو استعمال اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
هن دور جي شاعريءَ ۾ مخدوم پير محمد لکوي جي شاعري ۾ نعتيه رنگ نظر اچي ٿو، سندس هڪ طويل نظم جو الف اشباع جي قافيي تي هڪ مناجات آهي، ۽ قالو فقير جي ڪافي ۾ حضورﷺ جن جي صفت آهي، پر ڪالو فقير جي بيت ۾ علامتي انداز آهي: جنهن ۾ حضورﷺ جي مهر نبوت جو ذڪر آيل آهي. جنهن کي اسان ڏور جو بيت چئي سگهو ٿا، ڪالو فقير کي ڏور جو پهريون پهريون شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو.
هن دور جي شاعريءَ ۾ دنيا جي بي ثباتي جو ذڪر ملي ٿو، جنهن کي عثمان احساني صاحب تمام اثرائتي نموني پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ نا اميدي جي ڪيفيت نظر اچي ٿي. اها ڪيفيت ان وقت جي ملڪي حالتن، خراب هئڻ سبب پيدا ٿي هئي. ڌاري سامراج جي قبضي جي ڪري ڪجهه وقت مايوسي ڇانيل رهي هئي. مجموئي طرح هن دور تي نظر وجهنداسين ته اسان کي سنڌ جي، هن خطي ۾ ڇهه شاعر مليا آهن. ٿي سگهي ٿو ته اڃان به وڌيڪ شاعر هجن نثر جو به ڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي هن تعلقي ۾ ڪهڙن ماڻهن نثر لکيو؟ پر لکت جو رواج گهٽ هئڻ سبب مواد محفوظ ٿي نه سگهيو. وري به شڪر آهي جو سيني به سيني واري سَنَدَ تحت، ڪجهه نه ڪجهه مليو آهي.



باب ٻيو
حوالا:
(1) هرد: هندي لفظ “اڙد” جي بگڙيل بناوت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي مانهن، جنهن جي دال ٿيندي آهي.
(2) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ اپريل 1965ع مطبوعه سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر ص: 18 .
(3) ايضاً ص: 19.
(4) ايضاً ص 16.
(5) ايضاً ص 20.
(6) موسوي عبدالحسين شاهه ــ سڳنڌ ـــ جلد پهريون ڇاپو ــ 1958ع ــ ص 108.
(7) ايضاً ص 109.
(8) ايضاً.
(9) ايضاً ص،ص،ص، 110، 111، 112 .
(10) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) “پروليون ڏٺون، معمائون ۽ ٻول” ڇاپو ٻيو 1983ع ص 139 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(11) ايضاً ص 142.
(12) ايضاً ص 182.+¬ لغاري ايم قليچ بيگ ـــ “ڪچي جون ڪچهريون” (مضمون) نئي زندگي ڪراچي فيبروري 1955ع ص 21.
(13) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون اپريل 1965ع ص 20. 21
(14) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر ــ تذڪره شعراء سکرـــ اپريل 1965ع ص 21.
(15) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب)، ڏور ـــ ڇاپو پهريون سال 1970ع ص 542.
(16) ايضاً.
(17) بدوي لطف الله ــــ تذڪره لطفي جلد پهريون ڇاپو ٽيون ــــ 1963ع ص ـــ 155 مطبوعه: آر ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
(18) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون ـــ اپريل ـــ 1965ع ص ص ــ 25 ـــ26.
(19) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ــــ سننڌي ادب جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٻيو 1983ع مطبوعه زيب ادبي مرڪز حيدرآباد ص ص65، 66.
(20) بدوي لطف الله ـــ تذڪره ـــ لطفي ـــ ج 1 ڇاپو ٽيون سال 1963ع ص ص 156، 157 مطبوعه: آر ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.
(21) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ــــ ڇاپو پهريون ــ اپريل 1965ع ص 28.
(22) ايضاً ص ص 28، 29.
(23) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ــــ “لکيءَ جا شاعر” (مقالو) ماهوار نئين زندگي ڪراچي ــــ جنوري 1972ع ص 29.
(24) بدوي لطف الله ـــ تذڪره لطفي جلد پهريون ڇاپو ٽيون سال 1963ع ص ص ص 213،214،215. (تذڪره لطفي جي جلد پهرين ۾ 12 بيت ڏنل آهن. جن ۾ قافيو مصرع جي آخر ۾ ڏنو آهي. بيت جيان، ۽ ان جي دستور موجب قافيو سٽ جي اڌ ۾، آخري سٽ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي).