باب پنجون : انگريزن جو دور (1843ع ــ 1947ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني مختصر پس منظر:
مياڻيءَ جي جنگ ۾ ميرن جي هار ٿي ۽ انگريزن جي فتح ٿي، 12 مارچ 1843ع تي لارڊ ايلنبرو اعلان ڪري سنڌ تي انگريز راج قائم ڪيو، ٻي جنگ “دٻي” وٽ ميرن انگريزن سان وڙهي جنهن ۾ هوش محمد شيدي شهيد ٿي ويو. جنهن جو نعرو هو “ مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون “ ان آخري لڙائي کان پوءِ مڪمل طور سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي ويئي. ان کان پوءِ انگريزن ملڪ ۾ مڪمل رابطي لاءِ ۽ چڱي طرح ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان وڏا وڏا پراجيڪٽ تيار ڪيا، جنهن ۾ خاص طور، ٻولي، مواصلات، زراعت، آبپاشي، ٽپال ۽ ريلوي جهڙا وڏا وڏا منصوبا تيار ڪيا ويا
ان هوندي به سنڌ جي عوام انگريزن کي سڪون ۽ چين سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني، انگريزن سنڌ ۾ پهريائين گورنري راڄ قائم ڪيو ۽ سنڌ صوبي کي بمبئي سان لاڳو ڪري ڪمشنري بڻايو ويو، جون 1936ع ۾ سنڌ، وڏي جدوجهد ۽ تحريڪ کان پوءِ ڌار ڪئي ويئي، ان دوران انگريزن خلاف زير زمين تحريڪون زور وٺي چڪيون هيون ۽ وري پوري هندستان مان انگريزن کي ڪڍڻ لاءِ جدوجهد جاري هئي، جنهن ۾ مسلمان ۽ هندن گڏجي ڪم ڪيو پر پوءِ 1946ع ۾ مسلمانن جي آزاد حڪومت لاءِ مطالبو ڪيو جنهن ۾ تحريڪ هلائي آزاد ملڪ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون. 1940ع ۾ قرارداد لاهور وارو ٺهراءُ بحال ڪرئڻ لاءِ مسلمانن ويهن ئي آڱرين جا زور لاتا، نتيجي ۾ 14 آگسٽ 1947ع تي هڪ آزاد مملڪت “پاڪستان” نالي قائم ڪئي ويئي ۽ سنڌ کي صوبائي حيثيت سان پاڪستان سان ملايو ويو.
هن دور ۾ سنڌي ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي، هن دور ۾ ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا، نظم خواهه نثر ۾ درسي ڪتاب باقاعده مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويا ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچڻ لڳا، هن دور ۾ سنڌي صحافت تمام گهڻي ترقي ڪئي، باقائده اخبارون نڪرڻ لڳيون ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جون خبرون باقاعده ڇپجڻ لڳيون ۽ ماڻهو ذهني طور هڪ ٻئي جي قريب اچڻ لڳا، هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مستقل صورت ملي، اترادي ۽ لاڙوي ٻولي ۾ جيڪو فرق هو اهو ختم ڪري ٻنهي کي سامهون رکي سنڌي ٻوليءَ کي باقائده ساهتي ٻولي ڪيو ويو، جنهن بعد سنڌي ٻوليءَ جا باقاعده گرامر جا ڪتاب لکيا ويا.
هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪيترائي شاعر مليا آهن ڪن جو ذڪر ته ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ ملي ٿو پر ڪي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن جن جو ذڪر ڪٿي به ڪونه ٿو ملي، جن جو تفصيل هٿ ڪري ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، انگريزن جي دور ۾ ڪي اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جيڪي پاڪستان جي دور ۾ وفات ڪري ويا آهن، انهن جو تفصيل هت ڏنو ويو آهي ۽ انهن کي هن دور ۾ شمار ڪيو ويو آهي، هونءَ ته هن علائقي ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي ۽ نه وري انهن جو ڪلام مليو آهي، جنهن ڪري انهن کي هت شمار نه ڪيو ويو آهي.
هن دور ۾ ٽي شهر مرڪزي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ شمار ٿيڻ لڳا (1) لکي (2) چڪ (3) ماڙي. انهن ٽنهي ۾ بي انتها ادب تخليق ٿيڻ لڳو، پر افسوس جو اسان جي بي قدري ۽ لاپرواهي سبب بي بها ۽ قيمتي ۽ نادر نسخا اسان کان هميشه لاءِ هٿن کان نڪري ويا، اڄ اسين سواءِ هٿن مهٽڻ جي ڪجهه ڪري نٿا سگهون، تنهن ڪري اسان کي ماضيءَ مان پورو پورو سبق وٺڻ گهرجي ۽ مستقبل جي ادبي ذخيري کي هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ کپن.
هن دور ۾ ٻه وڏيون ٻوڏيون آيون جنهن ڪري تمام گهڻو زخيرو مهراڻ جي لهرن جي حوالي ٿي ويو، هن دور ۾ ڪيترائي ڳوٺ يا شهر مهراڻ جي آويڙن ۾ اچي ويا، جنهن ڪري ادبي ذخيري جي حفاظت ٿي نه سگهي. پهرين ٻوڏ (ليٽ) 1843ع ۾ ٻي 1942ع ۾ پر ڪي ننڍيون ٻوڏيون به آيون، 1942ع واري ٻوڏ جو مختصر تفصيل ماهوار پيغام مارچ، اپريل 1981ع ۾ شايع ٿيو هو پر تفصيلي رپورٽ شايع نه ٿي، باقي انگريزن جي دور ۾ تيار ڪيل انگريزن جي رپورٽ قلمي صورت ۾ اڄ به محفوظ آهي. هن دور ۾ ڪيترائي عالم فاضل شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا، هتي ڪجهه شاعرن ۽ اديبن ۽ عالمن جو ذڪر ڪجي ٿو جن جو تفصيل ملي سگهيو آهي، انهن کي هتي شمار ڪيو ويو آهي.
لساني لحاظ کان جائزو وٺنداسين ته اسان کي هن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي ترقي ٿي، 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ تيار ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن ۾ مختلف هنڌن جا عالم اديب ويهاريا ويا، ڏهه رڪني ڪاميٽي جوڙي ويئي، جنهن جي سرپرستي سربارٽل فريئر کي سونپي ويئي، سنڌي ٻوليءَ جي سڀني لهجن وارن عالمن کي هڪ جاءِ ڪٺو ڪري انهن جي صلاح سان سنڌي ٻولي کي مستقل شڪل ڏني ويئي ۽ ان صورتخطي ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا ويا، 1853ع ۾ پهريون منشي ننديرام جو ٻاراڻو درسي ڪتاب “بابنامو” ڇپيو، تنهن بعد علم ۽ فن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا ۽ وقت به وقت ڇپجندا رهيا، نظم ۾ پهريون 1866ع ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب جرمني مان “شاهه جو رسالو” شايع ڪرايو، هن دور ۾ سنڌ جا اديب نين صنفن کان آگاهه ٿيا، جهڙوڪ، ناول، افسانو يا ڪهاڻي ۽ ڊرامو، اڳ سنڌ ۾ داستان جي صورت ۾ سنڌي نثر موجود هو جنهن کي اسان ناول جو نمونو ڪوٺي سگهون ٿا. ٻوليءَ کي مڪمل ۽ مستقل شڪل ملڻ سبب هن دور ۾ سنڌي صحافت جو دور شروع ٿيو، ڪيتريون ئي اخبارون نڪرڻ لڳيون.
مجموئي طور تي هن دور ۾ ادبي لساني ترقي ٿي ۽ باقاعده سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪولن جو بنياد وڌو ويو ۽ تعليم کي عام ڪيو ويو، اڳ جڏهن ته مدرسن ۾ صرف ديني تعليم ڏني ويندي هئي ۽ گهڻو ڪري فارسي ۽ عربي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ سيکاريندا هئا، جڏهن ماڻهن کي پنهنجي مادري ٻولي ۾ تعليم ملڻ لڳي ته ماڻهن جو هڪدم توجهه اوڏانهن ڇڪجي ويو ۽ مُدَرِسَنِ کي آهستي آهستي ماڻهو ڇڏڻ لڳا، پر ان هوندي به مدرسن پنهنجو ڪم جاري رکيو ۽ انگريزي تعليم پرائڻ تي فتوائون جاري ڪيائون ته اهڙي تعليم پرائڻ، ڪفر کان گهٽ نه آهي، پر پوءِ گهڻو پوءِ عالمن پڇتايو ته اسان اها فتوى ڏئي وڏي غلطي ڪئي، بعد ۾ هنن محسوس ڪيو، ته اهڙي تعليم پرائڻ تمام ضروري هئي. بحر حال ٻين دورن کان وڌيڪ هن دور ۾ سنڌي ٻولي ترقي ڪئي، اهڙي طرح تعلقي لکيءَ جي ڪن قديم ۽ اهم شهرن ۾ پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا. جيڪي شاعر ۽ اديب مليا آهن، انهن جو مختصر ذڪر ۽ شاعري وغيره ڏجي ٿي.
عبدالعزيز سومرو (1816ع ــ 1920ع):
عبدالعزيز ولد محمد ابراهيم سومرو سون مياڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، ميرن جي دور ۾ ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن مير ڪرم علي خان جي حڪومت قائم هئي، سندس سن 1816ع ٻڌايو وڃي ٿو، سندس عمر هڪ سو چوڏهن سال هئي، سن 1920ع ۾ وفات ڪيائين، پاڻ هڪ هاري ماڻهو هو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي پر قرآن شريف پڙهيل هو، صوم صلوات جو نهايت پابند هو، سهروردي طريقي جو ماڻهو هو.
مير علي نواز علوي ۽ مولوي عبدالغفور همايوني سندس همعصر هئا، اڪثر ڪري پاڻ گوشه نشيني ۾ گذاريندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو سڄو ڏينهن ۽ سڄي سڄي رات الله جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو، سچي رسول الله جو عشق سندس سيني ۾ رهندو هو.
حضور اڪرم ﷺ جن جي چئني يارن سان وڏي عقيدت هوندي هيس، ان عشق ۽ خيال سبب سندس جيڪا به اندر جي آلاپ نڪتي اها حضور ﷺ ۽ چئن يارن جي شان ۾ چئي آهي، سندس هڪ مولود “انتخاب احمد” مان مليو آهي، سندس باقي ڪلام لاءِ چيو وڃي ٿو ته 1942ع واري ٻوڏ ۾ لهرن ۾ لڙهي ويو، ڪلام پوين وٽ محفوظ هو پر ٻوڏ سبب بچائي نه سگهيا. هڪ مولود مليو آهي جنهن ۾ هن رسول ڪريم ﷺ جي شان ۾ دل کولي تعريف ڪئي آهي، نموني طور هيٺ ڏجي ٿو :
جــــيءُ بـــســـم الله، بــــســـم الله، بـــســـم الله،
يـا رسـول الله، يـا حـبـيـب الله، يـا شـفـيـع الله،
ڄـــايـــو ڄـــام عــــرب ۾ ســيــد ســـبـــحـــان الله،
اڀـريـو سـج اسـلام جــو ڪــريــا ڪــفــر قــلــعــا،
پــرڻــي رات رســـول جــي حـــورن پـهـريـا هـلا،
مـلڪن گـهـوران گـهـوريـون مـوڙ ٻـڌا مـرسـلا،
جـتـيءَ ســان جــانــب کــي عــرش گــهرايــو الله،
صاحب صلواتون پڙهيون صلي الله صلي الله،
چـــارئـــي يـــار رســـول جـــا ڀـــلارا ڀـــر جـــهـــلا،
روءِ نه پـسـنـدا رسول جي، جـيـڪي ڪـندا گلا،
عاشـق “عبدالعـزيـز” کٽي کي مان ڏجو مرسلا،
ڪلـمــو پـــاڪ پـــڙهـــي مــــران لاالله الاالله (1)
عبدالعزيز سومرو ميرن ۽ انگريزن جي دور جو هڪ تمام سٺو مولودي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس مولود واريون خوبيون سڀ موجود آحن، پر افسوس جو ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو.
فقير الهه رکيو (1820ع ــ 1915ع):
فقير الهه رکيو بن محمد عثمان بن الهه رکيو مهر، ڳوٺ صادق وانڍ(2) (عيسيٰ جي وانڍ) ۾ تاريخ 22 مئي 1820ع ۾ ڄائو، سٺو سالڪ ٿي گذريو آهي، سندس خاندان ساڳئي پنهنجي آبائي ڳوٺ صادق وانڍ ۾ اڄ به موجود آهي. سندس لکت ۾ ڪلام وغيره ڪونه ٿو ملي پر جيڪو ڪجهه مليو آهي سو زباني روايتن مان مليو آهي، چار بيت مليا آهن جيڪي سندس پڙپوٽي فقير محمد بخش مهر (جيڪو هڪ خود سگهڙ شاعر هو) ٻڌايا آهن، سندس بيت هندي ڇند وديا واري وزن تي ملن ٿا، جن ۾ ٻه دوها ڇند تي ٻڌل آهن ۽ هڪ سورٺو ڇند تي ٻڌل آهي، باقي چوٿون بيت چئن مصرعن تي مشتمل مليو آهي، جنهن کي اسان ڏوهيڙو چئي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته آخري مصرع (سٽ) جي اڌ ۾ قافيو ملي ٿو، سندس بيتن ۾ جيڪو مضمون سمايل آهي، اهو پٽ ۽ پاراتي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن کي وقت جي وڏيرن سالار ۽ شهلي کان رنجش پهتي، جنهن ڪري هن پٽ پاراتو ڏنو آهي، چئن مصرعن واري ڏوهيڙي ۾ 1842ع واري ليٽ (ٻوڏ) جو ذڪر ڪيو آهي. سندس شاعري ۾ استاد، بکر سومرو هوس، جنهنجو اڳي ذڪر ڪري آيا آهيون، هن سالڪ جو وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نه وري لکت ۾ ڪو ڪلام ميسر ٿي سگهيو آهي، فقير صاحب 3 مارچ 1915ع ۾ وفات ڪئي، چيو وڃي ٿو ته هن ڪافي ڪلام چيو هو، پر افسوس جو اهو قلمبند ٿي نه سگهيو، جنهن سبب محفوظ رهي نه سگهيو.(3) جيڪي بيت مليا آهن اهي ڏجن ٿا.
تـــون ســـالار مـــهـــر جــو کـوهه ڀـانــوڻـي کـان ڀِڪَ،
ته ڏانـــــد پــــٽــــيــــلــــو پــــاڻ ، ريـــــٻـــــڙي ۽ رِڪَ.
واڌو وَڃَـــرُ، لـــڳـــس پَـــڃَـــرُ، مــــر مــــر ان کــــائـــي،
هـــڪ اٿـــس ڌيءَ ســـابه ، رکـــيـــي کــي پـــراڻــائــي،
شـهـلـي پَــوءِ ڇــائــي، ڪـلــر لـــڳـــنــدءِ ڪـــوٽ کــي،
ايــنــدءِ پــرديــس ڦــاهــي، پــر ويــنـديـن مــفــت مـري،
ويــــهــــن مـــان واڪـــو ڪــري نــڪــتــو دُٻ دريــاءُ،
چَڪَ کان چوران ماري، کاهيءَ سان رکيائين کاهُه،
وڪـــڙ ڏئـــي وزيـــر آبــاد کــي، ســمــي پــيــو ســاههُ،
زور ڀريائين گهڻو، وڃي لاهه ڪيائين منڇر ۾.(4)
انگريزن جي دور جو هڪ بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري تي هڪ نظر وجهنداسين ته اسان کي فني لحاظ کان پختي نظر ايندي، پراڻي ٽيڪنڪ تي چيل شاعري آهي، پهريون ۽ ٻيون بيت ته دوها ڇند جي وزن تي ٻڌل آهي، قديم شاعرن وانگر دوهو چيو آهي، ٽيون وري سورٺا ڇند واري وزن تي ٻڌل آهي ۽ چوٿون مڪمل بيت آهي، جيڪو فني لحاظ کان به ٺيڪ ٺاڪ آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير صاحب هڪ سٺو شاعر هو، کيس فن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس شاعري تي بکر سومري جي شاعريءَ جو رنگ نظر اچي ٿو.
ميان نور محمد پيرزادو (1820ع ــ 1902ع):
ميان نور محمد پيرزادو پنهنجي آبائي ڳوٺ عبدو ۾ 1820ع ڌاري پيدا ٿيو، جنهن ڪري عبدوي به سڏائيندو هو، مخدوم شاهه عثمان (1170ع ـــ 1243ع) فراشن واري جي خاندان مان ٿي گذريو آهي، تمام سٺو عالم فاضل ماڻهو هو، سندس تعليم پنهنجي خانداني استادن وٽ ٿي، جتان هن عربي، فارسي علمن تي دسترس حاصل ڪئي، پاڻ نقشبندي طريقت جو ماڻهو هو. سندس باري ۾ مولانا دين محمد وفائي هن طرح لکي ٿو، ته : “شاهه عثمان جي اولاد کي پيرزاده سڏيو ويندو آهي، هي ميان نور محمد صاحب به عثمان چوٿون پيرزادو آهي، مگر جئين عام پيرزاده شيخ ملتاني جي خلافت ڪري سهروردي طريقي جا مريد رهندا آيا آهن تئين ميان نور محمد نه هو، پر هو صاحب لکي جي ساداتن جي علمي سنگت سبب لنواري واري بزرگن سان بعيت ڪري نقشبندي طريقي جو فقير ٿيو ۽ ذڪر اشغال ۾ پوري ڪماليت حاصل ڪيل هوس، مگر بي حد بي نفس ۽ خاموش زندگي گذاريندو هو.
ڄمار به وڏي حاصل ڪيائين، هن سنڌ ۾ انگريزن جو قبضو ۽ ميرن جو زوال به ڏٺو، فارسي شاعري ۾ خاص قطعات تاريخ جو ڏاڍو ماهر هو، هن پنهنجي خاندان جي ڪيترن بزرگن جي وفات جون نظمون فارسي ۾ لکيون آهن، ٽالپرن جي زوال ۽ مير صاحبن جي گرفتاري جي تاريخي واقعي کي جنهن انداز ۾ نظم ڪيو اٿس سو هيٺ ڏجي ٿو”.(5)
چــون بــيــفــتــاد ار مـراتـب جـاهه، صـوبـيـدار ولـد غـلام علي،
ديــگــر مـــيـــر مـــحـــمـــد خــان، پـــور عـالــي تــبــار فــتــح علي،
مــيـر شــهــزاد خـــان، مـيـر نــصــيــر، ابـن الابـن بـن مراد علـي،
حيدرآباد و ملڪ سنـدهه تمام، هـم زانـصاف سان مدام جلي،
هـمـه حـسـن آهــمــان کــرده، مـــلـــڪ شــان رادگـــر نــمــود ولي،
سـال تـاريــخ يــکــهــزار دوصـــد، چهل دو ونه زي اســت جلي،
گفت هـاتـف زسـال آن مردان، ڪه کنار بکشت سيل علي رضه(6)
“تاريخ وارو مصرعو ميان نور محمد جي بياض تان اڏوهي کائي چڪي هئي، جنهن ڪري پوري سمجهه ۾ نه آيو”.(7)
ميان نور محمد جي وفات 13 محرم الحرام سن 1322هه مطابق 22 اپريل 1902ع اڱاري ڏينهن ٿي، سندس ڪنهن عقيدتمند شاگرد شاعر مرتيي تي مرثيو لکيو آهي، جنهن جا بند هيٺ ڏجن ٿا، ميان صاحب جا ڪافي شاگرد هئا، جيڪي مختلف هنڌن تي وڃي فيض ڦهلائي رهيا آهن، سندن خاندان جا وڏا، توڙي پاڻ ڳوٺ جي پيش امامي ڪندا هئا، عيد نماز به اهي ئي پڙهائيندا هئا، سندن سمورو خاندان علمي خاندان هو، سندس پويان اڃا عبدو ڳوٺ ۾ ويٺا آهن پر اهو علمي مقام ماڻي نه سگهيا آهن.
آن ڪه بُـــد خـــلـــق را امــــام زمــــان،
صــاحـــب شـــرع هـــم يـــگـانه زمـــان،
چـون ڪه رقـت ازجـهـان بجنت خلد،
جــســتــم از سـال انــتــقــال نـــشــان،
نــــاگـــهه ازهــــا تــــفـــم رســيــد آواز،
ڪه به جنت الخلـد شدا مام زمان.(8)
سيد غلام مجتبيٰ لکوي (1823ع ــ 1885ع):
سيد غلام مجتبيٰ ولد سيد محمد وفا لکوي، پنهنجي آبائي ڳوٺ لکيءَ ۾ 1243هه مطابق 1823ع ۾ تولد ٿيو، سندس والد سڳورو پنهنجي وقت جو بهترين فارسي گو شاعر ٿي گذريو آهي، کين شاعري خانداني ورثي ۾ مليل آهي، سندس وڏو ڀاءُ غلام مصطفيٰ به تمام سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، ان کان سواءِ سندس ننڍو ڀاءُ غلام مهتديٰ به فارسي جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي، مطلب ته سمورو خاندان ئي شاعر هو.
پاڻ فارسي جو شاعر هو، سندس داد فارسي دان ئي ڏئي سگهن ٿا، نه صرف فارسي جو شاعر هو پر سنڌي جو به شاعر هو، سندس هڪ قصيدو مرشد لنواري واري بزرگ جي شان ۾ چيل مليو آهي.
مخدوم ابراهيم “خليل” ٺٽوي صاحب پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب “تڪمله مقالات الشعراءِ” ۾ سندس لقب سيادت رتبت نجابت منقبت تحرير ڪيو آهي.(9)
هي لنواريءَ وارن بزرگن جو معتقد ۽ مريد هو، حضرت پير محمد سعيد لنواري جي ڪتاب “صقال الضمائر والمسامرت للسرائر” مان ائين خبر پوي ٿي ته لکيءَ وارا بزرگ سيد لواري شريف جا پراڻا معتقد هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو رستو سيد عبدالنبي لکوي کان شروع ٿيو هجي.(10)
“سيد غلام مجتبيٰ جي شادي خانه آبادي سيد محمد حنيف بن سيد محمد عارف ساڪن آريجا جي نياڻيءَ سان ٿي جنهن ۾ کيس ٻه نياڻيو تولد ٿيون ۽ نرينه اولاد ڪين هيس” (11)
سيد مجتبيٰ لکوي ٻاهٺ ورهين جي ڄمار ۾، 1305هه مطابق 1885ع ۾ وفات ڪئي، پاڻ نظم ۽ قصيدي جو بهترين شاعر هو، سندس ڪلام ۾ غزل به ملي ٿو، پر تقريبن ڪلام پنهنجي مرشد جي شان ۾ مدح ڪيو
آهي، سندس همعصر شاعر، غلام مهتديٰ شاهه، سيد احمد علي شاهه ۽ ميان نور محمد هئا، سندس شاعري نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.
هڪ نظم، مخدوم خليل صاحب پنهنجي ڪتاب تڪمله مقالات الشعرا ۾ نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ مرشد جي شان ۾ ساراهه ٿيل آهي.
چون نمازت نيست الا با حضور،
در حضور پير رو، کانجا حضور،
پير مباشد، وسيلہ سوي دوست،
مرترا ساکن کند، درکوي دوست،
و ابتغوا امرست در قرآن بخوان،
ايـن طـلـب از پـيـر بـاشد بـيگمان،
از ڪلام، اوشفا يا بدسقيم،
از نگاه اوست احياءَ الرميم،
ايــن چـنـيـن سـيـرت اگـر مطلوب هست،
در “لـواري” روکـہ، آن محبوب هـست.(12)
سيد غلام مجتبيٰ فارسي جو وڏو شاعر هو، پر ان سان گڏ سنڌي جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس هڪ قصيدو، جيڪو لنواري واري بزرگ جي شان ۾ چيل آهي، جيڪو ڪتاب گلستان، طريقت، سلسله مظهريت جي ٽين ڪتابن ۾ ڏنل آهي، جنهن کي هفتيوار اخبار پيغام ڪل، ٽنڊو جان محمد جي ايڊيٽر مرتب ڪيو آهي.
طويل سنڌي قصيدو نموني طور هيٺ ڏجي ٿو، پر هتي صرف قصيدي جو پهريون بند (جيڪو اڙهن مصرعن تي مشتمل آهي) ۽ آخري بند (جيڪو سورهن مصرعن تي مشتمل آهي) ڏجي ٿو. ڪل اٺ بند آهن.(13)
(1)
حـمـد هـمـيـشه هــادي کـي جــو قــادر آ هه ڪــريــم، قــديــر،
والـــي واحـــد مـــولـــو مـــاجـــد خـــالـــق رزاق رب خــبــيــر،
پـيـدا ڪـيـو جـنـهـن پـاڪ پـيـغـمـبـر مير محمد مهر منير،
عــربــي احـمـد ارحـم اجـود بـخـشــش جـو سـوبـحر بـشـيـر،
آل تـنـهـيـن جـو اعـلـيٰ افـضـل صحب سڀئي صاف سرير،
وارث تـنـهـنـجـو پـارس پـيـرن لـعـل لـواري شـاهه شـهـيـر،
تاج طريقت شمس شريعت حامي حـضـرت ڪرم ڪـثـيـر،
نــافــع نــرمــل عـــارف اڪــمــل عــالــم عـــامـــل آهه امــيــر،
راســخ رهـبـر داڙو دلــبــر صــاحــب صــفـــدر نـيـڪ نـظـيـر،
شــوڪـت شــاهــي اٿــس الاهــي لا يــتــنــا هـي فـيـض وفير،
جــلــوه تـنـهـنـجـو حـالـي جـسـمـن انـدر اَسـود جـو اڪـسـيـر،
هـاتــف حــامــي حـاضـر هــر دم حـبـر حبيب نـڪـو نـحـريـر،
مـلڪ مـريـد مـدامـي تـنـهـنـجـا سـڀ صـبـوحـي عشق اسيـر،
جان فـدا ٿـا جـن پـريـون ڪــن ديــو ســڀــڪــو دامــن گــيــر،
آهه ڪـلام تـنـهـيـن جــو اعـلـيٰ شـيـريـن شافي شڪر شير،
بــهــتــر بـــالا عـــارف اعــلــيٰ مــهــر مــعــلــيٰ مــهــدي مــيـر،
مـرشـد مـشـفـق غوث غـضـنـفـر لـعـل لـواري قـطب ڪبير،
پــيـر تــنـهـنـجـا پـيـر چــمــن ٿــا، پـيـر اســان جـو پـيرن پــير،
(2)
نــيـهه تـنـهـنـجـو نـاسـو تن کي، ملڪو تي ٿيا مست مدام،
جـبـرو تـن کي جـوش تنهن جــو لاهوتي سڀ تنهنجي لام،
هــاهــوتــن کــي هــوءِ هــمــيـشه تـنـهـنـجـي آهـه طـلـب تـمــام،
پــيــر سـڀـئـي پـيـرو تـنـهـنـجـا، سنجهي صـبـح ڪـن سـلام،
قـــطــب جــهـان قـيـوم زمان سوڪلي تنهين تي آهه قوام،
عـــالــم آبــاد ان تـنـهـيـن سـان غـوث غـريـبـن نـور نــظــام،
“مــجــتــبــيٰ” مـشـتـاق مـدامـي گـولـو تـنـهـنـجـو آهه غـلام،
مهـر ڪـنـدو شـل مــيــر عـربـي پـڄـنـدا مـقـصـد سڀ مرام،
والـد مـنـهـنـجـي کي ٿـئي، وهندو ابدي صحبت جو انعام،
تينون هشت بهشت تهين جو نيڪ رکيو مون نوري نام،
قربـي وٽ قـبـول پـوي شـل شـعـر شـڪـسـتـو خـامـي خام،
پـيرن پـيـر پـسـنـد ڪــري هــي ڪــچــو تــوڙي آهه ڪــلام،
جــوهـر ســـڀ جــيــاري جـــانـــب عـــارج فـــرمـــائـــي عـــلام،
واصـــل والــــيءَ وٽ ڪــــري ســــو آگــــي وٽ ڏئــــي آرام،
مرشد مـشـفـق غـوث غـضـنـفـر لـعـل لـواري قـطـب ڪبير،
پير تنهنجا پير چمن ٿا، پير اسان جو پيرن پير.(14)
سيد غلام مجتبيٰ لکوي، پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ غلام مصطفيٰ لکوي جي زير نگراني تعليم ۽ ترتيب ٿي، عربي فارسي جو علم پرايائين، پنهنجي وقت جو سٺو عالم هو، سندس ميان نور محمد جي سنگت هوندي هئي، ٻئي همعصر شاعر هئا، لنواري جي بزرگن جو مريد هو، تنهن ڪري نقشبندي طريقو اختيار ڪيو، ميان نور محمد به نقشبندي طريقي جو هو.
سيد غلام مهتديٰ لکوي (1825ع ــ 1900ع):
سيد غلام مهتديٰ ولد سيد محمد وفا لکوي پنهنجي آبائي شهر لکي ۾ سن 1825ع ۾ پيدا ٿيو، سيد غلام مجتبيٰ جو ننڍو ڀاءُ ۽ محمد وفا لکوي جو ٽيون نمبر فرزند هو، وقت جو وڏو حڪيم ۽ شاعر هو، هي به پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ وانگر فارسي گو شاعر هو.
هي صاحب به پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، “جمع الفوائد” ۾ سندس ڪيترائي نسخا تحرير ٿيل آهن، سيد محمد وفا لکوي جي هٿ اکرين لکيل اولاد جي ڪتاب تي پڻ سندس مهر مثبت ٿيل آهي، خانقاهه لنواري جي بنياد رکندڙ حضرت محمد زمان لنواري شريف جي وفات تي قطعات پڻ لکيا اٿس.(15)
سيد غلام مهتديٰ انگريز دور جو فارسي جو بلند پايي جو شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري ۽ حڪمت خانداني ورثي ۾ مليل هئي، لنواري واري بزرگ سان عقيدت هئڻ ڪري نقشبندي طريقو اپنايائين، سندس تعليم و تربيت پنهنجي ڀاءُ غلام مصطفيٰ ۽ غلام مجتبيٰ جي زير نظر ٿي، حڪمت جو علم به اتان ئي پرايائين، سندس ڪيترائي ڪيميائي ۽ طبي نسخا مشهور آهن، شعرو شاعري جي سکيا پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد غلام مجتبيٰ شاهه کان ورتائين، پاڻ پنجهتر ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، سن 1900ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين، تقريبن سمورو ڪلام مرشد جي شان ۾ چيل آهي، ان جي شان ۾ قصيده ۽ مرثيا ۽ قطعات لکيا آهن. نموني طور هيٺ فارسي ڪلام ڏجي ٿو :
شاهه محمد زمان حبيب خدا، مرشد است و مجدد ثاني، بود مظهر زنور ذات الله، آمده در لباس انساني،
باز خواهش ز اصل خويش نمود، زانکه اوبود نور سبحاني،
ماهه ذيقعده را چهارم بود، خواست نزغ لباس جسماني، آمد هاتفي زعنيب پديد، گفت اي شاهه جان جاناني،
هر دو عالم شده است غرض بتو، کن قبول ازيکي که به داني.
گفت اورا جواب وهم تاريخ، بده زهذا وصال عريافي.
“مهتدي” سائل است برد رتو، از وصول مقام عرفائي.(16)
سيد غلام مهتديٰ لکويءَ جي شادي سندس سوٽ، يعني پير محمد لکوي جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس اولاد ڪابه ڪانه ٿي.(17)
سندس همعصر شاعر سيد احمد علي شاهه، سيد غلام مجتبيٰ، ميان نور محمد پيرزادو، تڳيل فقير، فقير الهه رکيو مهر، عبدالعزيز سومرو ۽ عبدالله سومرو جهڙا شاعر هئا، جيڪي پنهنجي وقت جا تمام سٺا شاعر هئا، مگر افسوس جو انهن جو ادبي تاريخ ۾ ڪٿي ڪو حوال نموني طور، يا حوالي طور ڪونه مليو آهي. سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾اڄ به موجود آهي.
تڳيل سومرو (1828ع ــ 1888ع):
محمد تڳيل سومرو ولد احمد بخش سومرو وڏي گُهريي(18)جي خاندان مان مينهون(19)نالي جي اولاد مان هو، جيڪي ڪي گهرياڻي سڏجن ٿا ته ڪي وري مينهاڻي پاڙي سان سڏجن ٿا، اصل سندن وڏا ڳوٺ شيخ صاحب انڍڙ جي ڪوٽ ۾ رهندا هئا، جيڪو ڪچي ۾ اندر هڪ وسندڙ ڳوٺ هو، پر پوءِ بعد ۾ سندن وڏا لڏي اچي “ردي” نالي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳا، جيڪو ڪچي ۾ اندر موجود محمد آباغ ڳوٺ کان ڪافي اوڀر طرف اندر واقع هو، هن وقت اهي ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن ۽ سندن نالو نشان ئي نه رهيو آهي.محمد تڳيل سومرو “ردي” ڳوٺ ۾ ڄائو سندس ڄمڻ جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت مير ڪرم علي خان وفات ڪئي هئي ۽ مير مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو هو، ان مطابق سندس سن 1828ع ٿئي ٿو.
“مـيـنهون چئي مختيار ٿيو، درياهه منجهه دڙي،
نـه جـــهــــولــــي هــــنــــيـــو ٺــــاهـــهه ٺــهــيــن ٿــڙي،
اهـــو تـــار مــنــجـــان تــري، جــو ٽــپـي پـار پـئـي”
(مينهون فقير)
جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي، پاڻ سٺ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، ان مطابق سندس سن 1888ع بيهي ٿو. چيو وڃي ٿو ته غوث بهاول الحق ملتان واري جو مريد هو، ايتريقدر جو سندس سڪ ۾ پيرين پنڌ ملتان ويندو هو، سندس ڪا خاص تعليم ڪونه هئي، راهڪ ماڻهو هو ۽ کٽڪو ڪم به ڪندو هو، ڪپڙن کي رڱائي ڪرڻ ڪري کٽي ذات سان سڃاتو ويندو هو، سندس ٽي بيت مليا آهن، هڪ بيت ته زباني روايتن مان مليو آهي باقي ٻه بيت “انتخاب احمد” (قلمي) ڪتاب تان مليا آهن. تڳيل فقير جو بيت فڪري ۽ فني لحاظ کان پختو نظر اچي ٿو، انگريزن جي دور ۾ بيت جو هڪ شاندار شاعر آهي، سندس شاعري ۾ جمالياتي عنصر موجود آهي، سندس شاعري تي شاهه لطيف جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، روايتي انداز ۾ ٽن مصرعن وارا بيت مليا آهن، جنهن ۾ چڱيءَ طرح پاڻ نڀايو آهي، سندن وڌيڪ ڪا معلومات نٿي ملي، چيو وڃي ٿو ته هن جو پنهنجو بياض هو جيڪو پوين جي لاپرواهي سبب اڏوهي جو کاڄ ٿي ويو. نموني طور بيت ڏجن ٿا :
مــون جــهــڙ ڏٺــو اڀ ۾ ڪـــڪـــر ڪــئـي چـوٽــي،
مــيــنــهــن مــانــڊاڻ ڪـــيـــــا، کــــنــــوڻ نه کــــوٽــــي،
آءُ لالــڻ تـــون مـــوٽــي، ته گـــڏ گـــذاريـــون ڏيــنــهــڙا.
اڄ پــڻ اتــر پــار ڏانــهــن ڪــڪــر ڪــئي ڪڪور،
مــيــنــهــن مــانـڊاڻ ڪـيـا، جـهـڙن ڪـئي جـهـڪور،
سـارنگ ٿي موڙ، جـو وڃـن گهوران گهوريون.(20)
مـــان جـــيـــهــي سـاتــيــهــي، ٻـانـهـي ٻـاروچــل جـي،
هــو جــا پــائــن پــيــر ۾، آتــڻ مــان جـتـي جــيـهـــي،
اڄ وسـاري ويهي، تن ڪچين کي ڪيئين ويهان.(21)
سيد احمد علي لکوي (1830ع ــ 1900ع):
سيد احمد علي ولد سيد محمد شجاع (دوم) بن حضرت پير محمد بن حضرت عبدالنبي پنهنجي آبائي شهر لکيءَ ۾ 1830ع ۾ پيدا ٿيو، پاڻ فارسيءَ جو تمام سٺو عالم شاعر هو، شاعري ۾ غزل، قطع ۽ قصيده ملن ٿا، سندس تعليم پنهنجي والد بزرگ وٽ ٿي، شعر و شاعري جي سکيا به پنهنجي والد صاحب کان ورتائين، پاڻ نه صرف هڪ سٺو شاعر هو پر بهترين حڪيم به هو، پنهنجي وقت جو عالم فاضل انسان هو، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل هيس، ٻنهي ٻولين تي دسترس حاصل هئي، پاڻ عربيءَ ۾ به شاعري ڪئي آهي. مخدوم “خليل” صاحب (وفات 1317هه) پنهنجي ڪتاب “تذڪره تڪمله مقالات الشعراءِ” ۾ سندس لاءِ لکيو آهي، ته هو لنواري وارن بزرگن جو مريد ۽ معتقد هو. ۽ احمد تخلص ڪري لکيو آهي. احترام وچان هنن لفظن سان لکيو آهي “سيادت، مرتبت، نجابت، منقبت” تنهن کانپوءِ نالو مير سيد احمد علي صاحب ڪري لکيو آهي.(22)
سيد احمد علي ستر ورهين جي ڄمار ۾ 9 رمضان 1320هه مطابق پهرين جنوري 1900ع ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار مبارڪ آبائي قبرستان ۾ موجود آهي، سندس نموني طور غزل هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي “خليل” صاحب تذڪره ۾ نقل ڪيا آهن.
دف بدســت نگار مــيــزيـبـد، يـار انـدر کـنـار مـيـزيـبـد،
بـوسه چـنـد هـر صبـاح ومـسـا، ازلـب لـعـل يـار مـيـزيـبـد،
همـچـو انجم بگرد ماهه رخش، خال مشک تتار ميزيبد،
کــاکـل اوســت خــم بــخـم آري، سنبل پيچيدار ميزيبد،
بـادههُ نـاب دريــهـار خوش است، ليک با گلعذار ميزيبد،
“احـمـد” حرف حرفِ نظم تو، چون گهر شاهوار ميزيبد. (23)
ديدهه ام دوش پري پيکر حوري عجبي، ماهه مظهر عجبي، مهر ظهوري عجبي. کَي شود تا بکشم ازکني آن شاهِه جهان، پر سريري عجبي جام سروري عجبي.
عشق يا قوت سرپنجہ بہ يکپاي نهاد،
دست زيري عجبي بازوري زوري عجبي.
“احمدا” هرکه رسد روشن پيدا بيند،
با حضاري عجبي شمع حضوري عجبي.(24)
سيد احمد عليءَ جي شعر جو بياض (قلمي) محترم سيد حسام الدين راشدي مرحوم وٽ موجود هو.(25)
ان کان سواءِ هڪ بياض “انتخاب ابيات احمد” نالي سان مرحوم مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي جي ڪتب خاني ۾ موجود هو، جنهن جو ذڪر پاڻ پنهنجي ڪتاب تذڪره تڪمله ۾ حاشيه ۾ ڪيو آهي، سندس اولاد نرينه ٻه پيدا ٿيا، عالم شاهه ۽ امين شاهه.
عبدالله سومرو (1844ع ــ 1908ع):
عبدالله ولد پيرل سومرو پنهنجي ڳوٺ سون مياڻي ۾ 1844ع ۾ پيدا ٿيو،سندس اصل وڏا “دڳ” ڳوٺ تعلقو ڪنڌڪوٽ جا ويٺل هئا، پر پوءِ بعد ۾ لڏي اچي سون مياڻي ڳوٺ وسايائون، پاڻ راهڪي ڪندو هو، سندن تعليم ڪا خاص ڪونه هئي، البت قرآن شريف ناظره پڙهيل هو، پاڻ سهروردي طريقت جو هو ۽ ملتان واري بزرگ شيخ غوث بهاءُالدين ذڪريا جو مريد هو، سندس نصرپور جو مصري شاهه رضوي (وفات 1906ع) جو همعصر هو. مصري شاهه کان ٻه سال پوءِ وفات ڪيائين ۽ بچل شاهه (وفات 1906ع) به همعصر شاعر هو شاعري ۾ عبدالله تخلص استعمال ڪيو آهي.
عبدالله هڪ سٺو مولودي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس حضورﷺ جن جي سڪ سيني ۾ تمام گهڻي هوندي هئس، جنهن ڪري هن تقريبا سڄو ڪلام ان جي نذرانه عقيدت ۾ چيو آهي، سندس پنهنجو لکيل ڪوبه ڪلام لکت ۾ نه مليو آهي، البته هڪ مرثيو “انتخاب احمد” مان مليو آهي، عبدالله جا مولود ڪيترن ئي ماڻهن کي ياد هئا، پر افسوس جو اڄ اهي دنيا ۾ موجود ڪين آهن، سندس زندگي بابت، وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي، نموني طور هيٺ مرثيو پيش ڪجي ٿو.
هــئـي هئـي ڙي جـيـڏيـون وتـــــن ڇـڏيو ويـچـارن،
امــر مــڃــيــائــون الله جــو، رضــا مـــنـــجــهـه رهـن،
ڪـربــلا جـــي پــــڙ ۾، ٻــــاڏايــــو مــــعــــصــــومــــن،
دانــهـــون ڪــيــائــون درد مـــان نـــانـــون نــوڪــن،
بـــيـبـي پـئـي دهــمــان ڪـيـو، حـوران رت روئــن،
اچـي واهـر ٿيڙءِ وسيلا، منهنجا گوشا گام گسن،
ســڏڙا ســڻـي “عـبـدالله” جـا مـن سـيـد سـار لهن،
حــشـر ڏينهن قيام جي، منهنجا امتي امتي ڪن،
نيڻ ڀرجي آئيا، اتي رت روئن،
باري آ بي پرواهه، ته منهنجا جاني جدا ٿا ٿين.(26)
سن 1908ع ۾ وفات ڪئي ۽ چوهٺ وريهه ڄمار ماڻي، هن دنيا کي الوداع چئي هليو ويو. مزار مبارڪ ڳوٺ ۾ ئي هئي پر اهو ليٽ جي اچڻ سبب سڄو مقام لَٽجي ويو.
عبدالله انگريزن جو اوج پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏنو ۽ ان ئي دور ۾ وفات ڪري ويو، سندس شاعري مولودن، قصيدن ۽ مرثين تي مشتمل هئي، شاعري ۾ بحروزن جو خيال ڪونه ڪندو هو، جئين جو تيئن ئي چئي ڏيندو هو، نه ته هن دور ۾ بحروزن جي شاعري جو چرچو هلي رهيو هو. ان سبب ڪري مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي شاعري جيڪا ڇند تي ٻڌل هئي، تنهن کي بحر وزن تي نه ڏسي جهنگلي شاعري ڪوٺيو آهي. حقيقت ۾، عوام ۾ مقبول شاعري پنهنجي ديسي وزن واري ڇند تي آڌاريل آهي.
صاحبڏنو “صابو” (1845ع ــ 1905ع):
صاحبڏنو متخلص “صابو” (ٻيو) ولد بليل (ٻيو) (1780ع ـــ 1880ع)، محمد طالب (ٽيون) (1700ع ــ 1799ع) جو پڙپوٽو هو. آخري محمد طالب (چوٿون) (1862ع ــ 1942ع) جو وڏو ڀاءُ هو، سندس خاندان جا ڪافي فرد شاعر ٿي گذريا آهن، سندس جنم جي روايت هن طرح ٻڌائي وڃي ٿي، ته “اُن وقت پيدا ٿيو جڏهن، مير نصير خان وفات ڪئي ۽ انگريزن جي شروعاتي ٻن سالن اندر جنم ورتو.” ان مطابق سندس سن 1845ع بيهي ٿو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي.
ڪوي “صابو” پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊو علي شير(27)لڳ محمد آباغ ۾ جنم ورتو. ۽ ان ئي ساڳي ڳوٺ ۾، سال 1905ع ۾ سٺ سالن جي ڄمار ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. پاڻ سٺو شاعر ۽ عالم هو، عربي ۽ فارسي علم جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئس. پاڻ مدرسي ۾ معلم طور ڪم ڪندو هو. قرآن جي تعليم ڏيندو هو. هن دستاربندي ڪونه ڪئي هئي، ان ڪري مولوي ٿي نه سگهيو. هن عربي فارسي جي تعليم محمد آباغ جي جهوني مدرسي ۾ ورتي هئي. انگريز دور جو بهترين بيت گو شاعر ٿي گذريو آهي. غلام محمد شاهه “گدا” جو همعصر شاعر هو، جيڪو غزل جو تمام وڏو شاعر هو. سندس شاعري جو بياض وغيره ڪونه ٿو ملي پر زباني طور بيت مليو آهي ۽ ساڳيو بيت “انتخاب احمد” ۾ به نقل ٿيل آهي. سندس زندگي بابت وڌيڪ تفصيل ڪونه ٿو ملي. نموني طور هيٺ بيت ڏجي ٿو.
نـــفــس نه جــاڳــيــو نــنــڊ مــان، پـر ته نه رهـئـيـن پــل،
صراط الذين “صابو” چوي، وٽ ڪاف پنهونءَ جي ڪل،
پــيــر گــهــمـايـا هـا بـادشاهه، مير مـڪـي جـي مـرسـل،
مــيــر مـڪي جـي مـلُ، ته ڪـئـي جــاري واٽ جــبــل،
ايـــڏا خـــوف خـــلـــل، لـــٿــا شـــهـــر ڀـــنـــڀـــور تـــان.(28)
صوفي سيد هاشم شاهه بخاري (1859ع ــ 1939ع):
سيد هاشم شاهه ولد سيد ٻڍل شاهه بخاري، متخلص “هاشم شاهه”، ڳوٺ الياس(29) تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ تاريخ 27 جولاءِ 1859ع ۾ والادت ٿي. تنهن بعد سندن وڏا اچي هميشه لاءِ ڳوٺ ماڙي(30) تعلقي لکي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندس تعليم فقط قرآن ناظره ۽ فارسي ۾ ڪريمه تائين، مولوي حافظ نور محمد ڳڙهي ياسين واري کان حاصل ڪيائين.پاڻ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو هو، صوم صلوات جو پابند ۽ تهجد نماز ۽ اشراڪ پڙهندڙ هو، زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو وقت قضا نه ڪيائين. سندس ڪافي مريد هوندا هئا، ان سان گڏ پاڻ محنت ۽ مزدوري به ڪندو هو. انگريزن جي دور جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪجهه ڪلام مليو آهي، جيڪو پاڻ قلمبند ڪيو هو، جيڪو قلمي صورت ۾ سندن پوين وٽ محفوظ آهي. قلمي ڪتاب ۾ نقش وظائف، طبي نسخا، دعائون ۽ سندس ڪجهه ڪلام جيڪو قافين تي مشتمل آهي. جنهن جو موضوع صوفيانه آهي ۽ همه اوست جي پرچار ڪري ٿو. ان ۾ صوفيانه نڪتا نهايت ئي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. سمورو ڪالام ڪيترو چيو ۽ لکيو، ان لاءِ يقن سان چئي نٿو سگهجي، ته ڪلام ڪيترو هو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي. جيڪو ڪلام مليو آهي، سو سنڌي ٻوليءَ ۾ سليس لفظن ۾ ادا ٿيل آهي.
سيد هاشم شاهه اسي ورهين جي ڄمار ۾ 27 مارچ 1939ع مطابق 5 صفر 1358هه سومر ڏينهن ڳوٺ ماڙي ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مرقد درگاهه حضرت نهال شاهه بخاريءَ (جيڪو سندن وڏو ڏاڏو هو) جي مقام ۾ آهي، جيڪو الياس جي سامهون مونگر واهه جي ڪناري تي آهي.
سندس نموني طور هيٺ ڪافي ڏجي ٿي:
آئـي مــوج مــنـصـوري مــدام، درد ونــد دل کـي دام،
سـر ڏيـڻ سـوليءَ چـڙهـڻ، اصل هـو مـنـهـنـجـو انجام.
ان الا الــحـــق الايـــــم، ســــولـــيءَ پـــاڻ ســــلـــهـــايـــم،
مــحـبــت مــچ مـچــايـم، ٻـاريـو عـشق آتش جو حمام،
مـــن خــدا، مــنـصـور ٿـي مــوج ۾، مــون چــيــو هــــو،
تـــو مــلان ســان مــقــابـلو ٿـئـي، جـن ڀـانـيو ٿي خام،
وري شـمـس الـحـق ٿـي آيـس اتـي، پـنـهنجو کيل کلايم،
بـيـخـوديءَ جـو بـار اٺـايـم، ڪاٿي گـولـن جــو غـلام،
بــيـرنـگ دي وچ رنـگـڙا لايم، هـر مظهر وچ پاڻ ڇپايم،
“هـاشـم” شاهه پنهنجو اسم ڌرايم، ڪاٿي عشق ها امام.(31)
صوفي سيد هاشم شاهه جي ڪافي تمام بلند پايه جي آهي. گمان غالب آهي ته هيءُ ڪافي سندس شروعاتي زماني جي هجي. جنهن ڪري فني لحاظ کان پختي نه آهي.
هونءَ به ڪي شاعر، جن تي قدرتي شعرالهام ٿيندو هو انهن ۾ خيال جو خاص خيال رکيو ويندو هو. باقي بحر وزن کي ثانوي حيثيت ڏئي ڇڏيندا هئا. سنڌي شاعرن وٽ ته پنهنجا وزن بحر ۽ گهاڙيٽا آهن. جن اهڙيون شيون چيون ۽ ٺاهيون آهن، جيڪي ٻين قومن جي ادب ۾ ڪونه ٿيون ملن يا جيڪڏهن ٻين ڌارين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ته به ان ۾ اهڙو رنگ ۽ ڍنگ ڀريو آهي، جو اصل شيءِ جو مزو ڏيندي، ائين محسوس نه ٿيندو ته هيءَ ڪا ڌاري صنف آهي. هونءَ ڪافيءَ جو موجد بابا بلهي شاهه کي چيو وڃي ٿو. جنهن بعد ڪافيءَ کي سچل سرمست (1739ع ــ 1839ع) اوج تي رسايو. مصري شاهه کي ڪافي جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. تنهن بعد بيدل ۽ ٻين شاعرن ڪافي کي نئون رنگ ۽ نئون موڙ ڏنو. سچل سرمست کي ڪافي کي بهترين انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کيس سرتاج الشعراءَ جو خطاب مليو، جنهن نه صرف سنڌي ۾ ڪافيون چيون پر ٻين ٻولين ۾ به چيون. صوفي هاشم شاهه کي نرينه اولاد، هڪ پٽ نالي احمد علي شاهه ڄائو، جنهن جو اولاد ۽ سندس وڏو فرزند سيد حاڪم علي شاهه مرحوم جو اولاد وڌيو. نرينه اولاد : چار پٽ (1) سيد ممتاز علي شاهه، (2) سيد انور علي شاهه، (3) سيد شرف الدين شاهه، (4) سيد اعجاز علي شاهه موجود آهن. سندس معتقدن ۽ مرادمندن جو چڱو حلقو هو، جيڪي ڇڙوڇڙ ٿي ويا آهن ۽ ڪي گذاري ويا آهن. جن کي ڪافي ڪلام ياد هوندو هو.
حافظ هادي ڏنو (1860ع ــ 1917ع):
حافظ هادي ڏنو ولد حافظ عبدالرحيم ميمڻ ڳوٺ ماڙي تعلقه لکي ضلعي شڪارپور جو هو. تقريباً 1860ع ۾ سندس والادت ٿي ۽ 1917ع ۾ سندس وفات ٿي. سندس وڏا عالم، فاضل ۽ حافظ هوندا هئا، ۽ درس و تدريس جو سلسلو هلائيندا رهندا هئا. حافظ صاحب پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن حڪيم حفظ ڪيو ۽ پارسيءَ جي مڪمل تعليم حاصل ڪئي. ڦوهه جوانيءَ ۾ مجازي عشق جي چڻنگ چولي ۾ پيس، جنهن کيس مست بڻائي ڇڏيو. فراق جي ڦوڙائي دنياوي ڌنڌن تان دل کڻائي ڇڏيس، خانداني ليڪا لنگهي ۽ حياءَ شرم جا پردا لاهي ڦيريدار ٿي ڦرڻ لڳو. ماڻهن جي ۽ مائٽن جي ميارن، طعنن ۽ تنڪن مٿس ڪوبه اثر نه ڪيو. پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ محو ٿي عشق جون منزلون طئي ڪرڻ لڳو. “المجاز قنطرت الحقيقت” مطابق مجاز جي منزل مان مستيءَ جي موج ۾ آيو ۽ طريقت جي تابع ٿي معرفت جي منزل ماڻيائين، سندس طريقت جو رهبر، ڳوٺ لونگاڻي تعلقي ڳڙهي ياسين جو پير حاجن شاهه هو. پر ٻين به ڪيترن ئي درگاهن تي حاضري ڏنائين. خاص طرح حضرت بيدل جي درگاهه تي گهڻو ويندو هو، موج ۽ مستيءَ ۾ کائنس عجيب ڳالهيون سرزد ٿيون.
فقير صاحب راڳ جو ڏاڍو شوقين هو. پنهنجي محلي جي ڀرسان واري مسجد جي اڳيان مڪان کڻي ٺاهيائين، جتي راڳ رنگ جي محفل گرم رهندي هئي، جمعي رات ته ٻيا راڳيندڙ به پري پري کان ڪهي، وٽس ايندا هئا ۽ چڱي چوڪڙي لڳندي هئي، فقير صاحب شعر چوندو هو ۽ پنهنجو ڪلام ڳائي به ٻڌائيندو هو.
حافظ صاحب سنڌي سرائڪي ۽ پارسيءَ جو اعليٰ درجي جو شاعر هو. سندس عزيزن جو چوڻ آهي ته سندس ڪلام جو هڪ ضخيم بياض هو، جو 1942ع جي ٻوڏ ۾ ضايع ٿي ويو، وڏيءَ ڪوشش کان پوءِ تمام ٿورو ڪلام هٿ آيو آهي، جو بينظير شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ دلڪش ۽ اثر انگيز نوع ۾ عرفان ۽ ايقان جا مسئلا سمجهايل آهن، منجهس عام صوفين جيان قال نه آهي، پر شاعر جي دل تي جيڪي وهيو واپريو آهي، جيڪي جذبات اندر مان اٿيا اٿس، جيڪي قلبي وارداتون مٿس وارد ٿيون آهن ۽ جيڪي ڪيفيتون مٿس طاري ٿيون آهن، انهن کي سليقي سان شاعريءَ جو ويس پهرايو اٿس. اهوئي سبب آهي جو سندس شعر حضرت سچل سرمست ۽ حضرت بيدل جي شعر جون سڪون ٿو لاهي. هو سوز ۽ ساز جو صاحب هو سندس دل ۾ درد هو: سندس دل محبت آخرين واردات ۽ ڪيفيات جو آماجگاهه هئي. مٿس ذوقي ۽ وجداني ڪيفيتون جلوه ريز هيون، انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ اثر انگيزي آهي. دلڪشي آهي، درد آهي، رواني آهي ۽ رنگيني آهي. سندس ڪلام ۾ فصاحت آهي ۽ زبان ۾ سلاست آهي لطافت ۽ نزاڪت آهي ۽ سندس انداز بيان ۾ رس رچاءُ ۽ ميٺاڄ آهي. وڻندڙ ۽ انوکين تشبيهن استعارن سان ڪلام کي مزين ڪيو اٿس، اندروني قافين سان ترنم ۽ رواني پيدا ڪئي اٿس. فقير صاحب جي ڪلام تي بيدل ۽ سچل جي ڪلام جو اثر غالب آهي. بيدل فرمايو آهي:
ٿيءُ عيـب ۾ تـون عـيـب، لنگهي عيب ثوابون،
طــالـب نه ٿـي تــقــويٰ سـنـدو پيءُ شوق شرابون.
سچل سرمست طالب کي تلقين ڪري ٿو:
“ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو،
پاڻ بـيـگـانـو مـور نه ڄـاڻـيـن آهـيـن يـار يـگـانــو،
و نـفـخـت فــيـه مــن روحــہ، بــلـڪـل ڇـڏ بـهـانـو،
وهم “سچل” ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.
حافظ صاحب ساڳئي رنگ ۾ فرمائي ٿو:
مــلامــت لاڳ مـردانـا، سـمـجـهـن ڇـا مام ملوانا،
بنا هن نـيـنـهـن نادانا، توڙي بيحد بزرگ بڻجن.
حافظ صاحب پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ آهي، کيس شرم ۽ حياءَ جي پرواهه ڪانهي:
لام لڄ آسان نون نهين آوندي جڏان عشق ڪيتا اظهار،
برسر آيا بديان دا، ڪوئي برهـيـن ولا بار،
شــــرم حـــيـــا ويــوســيــن، لـغو ڪيتا لاچـار،
“حـافـظ” غـم انهانتون ڪيها، جنان عشق ڪيتا اختيار،
سچل پڻ اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار ڪيو آهي:
طـعـني تـنـڪي لـک لـک بديان، سانون سئنيان،
آکـين سـيالين تا هئي سياڻي، مئن اياڻي ٿئيان،
شرم حيا سڀ ڇوڙڳيوسي، عشق رانجهو دي کئيان،
سيني تي برهه بوراق دوڙائي، نيڻن وهنديان نئيان،
حافظ صاحب انهيءَ سلسلي ۾ منصور جو مثال پيش ڪري ٿو:
برهه بـدنـام جن چـايـو، حــلاجــي حــال تــن پـايـو،
قـرب مان ڪنڌ جن ڪپايو، صفا سورهيه سي سڏجن.
نه فقط ايترو، پر اڳتئي وڌي ڪفر کي به معرفت جي منزل جي ڪڙي سمجهيو اٿس.
ڪفر ڪماوين بهر پاوين ايوين پير، مغان پر جهايا،
شيـخ صــنــعــان جــهــڙي زاهــد طـالـع تــلــڪ لــڳــايــا،
ملڪان وچ مـشـهـور هـو يـا جو ڪامل ڪفر ڪمايا،
حافظ بن ڪفردي نه حاصل ٿيوي، توڙي ڪري سير سبحانا،
ڪفر ڪمائڻ مان مطلب آهي، پنهنجي وجود جي نفي ڪرڻ، صوفين جو خيال آهي ته نفي کان پوءِ ئي اثبات تي اچي سگهبو، سڀني صوفي شاعرن “نفي” يا “لا” کي وڏي اهميت ڏني آهي، سچل فرمائي ٿو:
لااِلله جــي شـيـشـي ڪـولـون مــاهــي مــک وکــا ويــگــا،
حافظ صاحب جي نظر ۾ عشق جو ئي مذهب ٿي الڳ آهي،
ديـن مـذهـب جـهـڙا دور نه اتهين، جـو سـيـر هـو يا سلطاني
عارف رومي فرمايو آهي:
مـلت عشق از همہ دينها جد است،
عاشقان را مذهب و ملت خد است،
حضرت سچل سرمست چوي ٿو:
مـذهـبـن مـلڪن ۾ ماڻهو منجهايا،
حضرت بيدل جو ارشاد آهي:
مذهب جو مونجهارو ڇڏي، ذاتي ڪنهن ڏي ڪاهه ڪر.
تصوف جي تلقين کانسواءِ سندس ڪلام ۾ جماليات جو جلوو به ملي ٿو، محبوب جون اکيون نئون نينهن لائي، چوريءَ يا
زوريءَ ســـنـدس دل ڦــــــري وٺـــــــن ٿــــــيـــــون،
“چشمان چوري ڪن زوري نئون لائي نينهڙو”.
انهيءَ چوريءَ يا زوريءَ ڪرڻ لاءِ پهريائين محبوب جا زلف کيس چڱيءَ طرح قيد ڪن ٿا:
“زوري زلـــف تـــنـــهـــنـــجي قــابو قيد ڪيڙو”
چوري يا زوري ٿي وڃڻ کان پوءِ ضرور آهه وفغان ڪرڻي پوندي، سو ويچارو حافظ به رات ڏينهن ٿو ڪري:
“راتيان ڏينهان ڪيان ريهان، وس ويچاريءَ ويڙو.”
فني لحاظ کان حافظ صاحب جا بيت ٽن قسمن جا آهن، پهريون قسم اهو آهي جو عام مروج آهي، جن جي پوئين سٽ جي وچتي قافيو ايندو آهي،مثلاَ حافظ فرمائي ٿو:
عــشــق جــنــيــن وٽ آئــيــو، نــانــگــا ٿيا نيهي،
حــســن ســڃــاڻــي حــق جــو، پاڻ منجها پيهي،
حافظ ڳالهه ڪريان ڪيهي، عشق جي هن عام سان.
جي ڀائين جوڳي ٿيان، ٻيا ورق مڙئي وار،
پنو پڙهي پريت مئون، ڪي اندر کي اجار،
اڳيان سخت ٻجهي سرڪار ڇڏ “هادي ڏنا” حرص کي.
اشـــرف تــون، انــســان ڀــلــو آهــيــن ڀــت تــي،
ڀـــلـــو آهـــيـــن ڀـــت تـــي، ڏســـي طـــبـــق تـــال،
رکـــــي دل دردن تــــي لـــوڙهـــي ڇـــڏيــــئه لال،
اهي عوشاقي احوال، ڪو پروڙيندو ڪِٿهين.
بيتن جو ٻيو قسم اهو آهي جن ۾ قافيو سڀني سٽن جي پويان اچي ٿو ۽ بيت چئن سٽن جو ٿئي ٿو، هي تجربو هندي سلوڪ جي بنا تي آهي، ۽ تمام ٿورن سنڌي شاعرن هن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، حافظ صاحب جو اهڙو بيت هيٺ ڏجي ٿو، هڪ بيت اڳ ۾ به اچي چڪو آهي:
نال ڪفردي جو ئي جالي، سو وٺندا رنگ رحماني،
ســارا ســر ســڃــاڻي اپــنــا، اصل هـويـا انساني،
دين مذهب جهڙا دورنه اتهين، جو سير هويا سلطاني،
حـافـظ بن ڪفردي نه حاصل ٿيوي، رندي راز رباني.
ٽيون قسم آهي لاڳيتن بيتن جو، يعني بيتن جو هڪ سلسلو آهي، جنهن جي سڀني بيتن جي پهرين سٽن جو پهريون اڌ هڪ جهڙو آهي، باڪمال شاعرن جهڙوڪ: حضرت شاهه عبدالطيف ۽ بيدل انهيءَ قسم جا مسلسل بيت چيا آهن، حافظ صاحب جو مسلسل بيت ملاخطه فرمايو:
عــشــق جــنــيــن وٽ آئيو، ســي نـانـگـا ٿـيـا نروار،
صـحـيـح صـورت ۾ ڏسـي، دوســت ســنــدو ديــدار،
وساريي وجوف کي لنگهيا گرد غبار،
“حافظ” جت چشمن ڪيو چمڪار، تت ڪوپن ڪنڌ ڪپائيو.
عـــشــق جنـيــن وٽ آئـيـو، سـي نـانگا ٿي نچن،
چـشـمـن جـي چــوغــان ۾ ســارو ســر ســٽــيــن،
طعني تنڪي لـوڪ جـي مانـجـهـي ڪين مڙن،
“حافظ” اوري ڪين اچن، بنا حسرت حسن جي.
هن سلسلي جو ٽيون بيت اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ٿي سگهي ٿو ته هن سلسلي جا ٻيا به بيت هجن، پر اسان کي هٿ نه آيا آهن، حافظ صاحب سه حرفي چئي آهي، اسان کي سه حرفيءَ جو فقط هڪ “م” وارو بيت ملي سگهيو آهي، جو اڳ ۾ اچي چڪو آهي، حافظ صاحب جون ڪافيون به نهايت پخته آهن ۽ فني لحاظ کان، ٻه ٺپيء کان چوٺپيءَ تائين آهن، ٻه قافيون هيٺ ڏجن ٿيون.(32)
پـــايــو جــن طـوق لـعـنـت جـو، اصـل عــاشــق اهــي چــئــجــن،
بــــــرهه بـــــدنـــــام چــــايــــو، حـــــلاجـــــي حـــــال تـــــن پـــــايـــــو،
قــرب ۾ ڪــنــڌ جــن ڪــپــايــو، صــفــا ســوره اهــي ســڏجــن،
بــــرهه جـــو بـــار ســـر بـــاري، طـعـنــا تــنــڪــا خــلــق خــواري،
اتــي ڪــئــي عـشـق اظــهــاري، مــلامــت لــئه نه مـلـهه مـڙجـن،
مـــلامــــت لاڳه مـــردانـــا، ســــمـــجـــهـــن ڇــــا مــــام مـــلـــواڻـــا،
بــنــا هــن نــيــنــهـن نــادانــا، تــوڙي بـــيـــحــد بـــزرگه بــڻــجــن،
“حافظ” سڻ عشق دي ڳالهيان، وحدت دا جام وصل واليان،
عـشـق دي الـٽـيـان چـالـيـان، سوريءَ سر چوٽ نه چڙهجن.(33)
مٿين ڪافي چئه ٺپي آهي، هيٺين ڪافي ٻه ٺپيءَ جو نمونو پيش ڪري ٿي، ۽ وائي جي ٽيڪنڪ ۾ نباهيل آهي :
پـــــخـــــتـــــو پــــنــــهــــل يـــــار تــــو ســــان پـــيـــچ پـــيـــڙو،
زوري زلــــــف تـــنـــهـــنـــجـــي، قــــابـــو قـــيـــد ڪـــيـــڙو،
چــشــمــان چــوري ڪــن زوري، نـئـون لاهـي نـيـنـهـڙو،
راتــيــان ڏيــنــهـان ڪـيـان ريـهان، وس ويچاريءَ ويڙو،
“حــافــظ هـادي” اڳيون مهدي، گهوريان جان جيئڙو.(34)
ميان عبدلله “راهي” لکوي (1860ع ـــ 1940ع):
حڪيم مولوي عبدالله “راهي” ولد ڌڻيءَ ڏنو مهر، پنهنجي آبائي تاريخي شهر لکيءَ ۾ 1860ع ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم لکيءَ ۾ ئي ورتائين، 1878ع ۾ سنڌي فائينل جو امتحان شڪارپور سينٽر مان پاس ڪيائين 1880ع ۾ پرائمري ماستر ٿيو، عربي فارسي جي ڪجهه تعليم پنهنجي مرشد خواجه محمد سعيد مڪي لنواري واري وٽ حاصل ڪيائين ۽ ڪيترن ئي عالمن وٽ درس حاصل ڪيائين، 1900ع ڌاري هن دستاربندي ڪئي.
زندگي جو تمام گهڻو حصو لنواري شريف ۾ گذاريائين ۽ نوڪري به اتي ئي ڪيائين، لکيءَ جي ساداتن سان دوستي هئڻ ڪري حڪمت جي فن ۾ ڀڙ ٿيو، مرحوم غلام شاهه لکوي جو همعصر هو، جيڪو وقت جو تمام وڏو حڪيم هو، جتان هن حڪمت سکي، سندس خاص مشغلو حڪمت ۽ شعرو شاعري هو، پنهنجي ڪلام ۾ “عبدالله ۽ راهي” لکوي جي نالي سان تخلص استعمال ڪندو هو، جڏهن هن جي عمر 35 ورهيه ٿي تڏهن کان هن شعر چوڻ شروع ڪيو، هن پهرين پهرين مدح لکي جنهن ۾ پنهجي مرشد جي تعريف ۽ ثنا خواني ڪئي آهي، پوءِ هن جي شاعري جي ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. هن “ڪافي، حمد، سه حرفي، غزل، قصيدو، مدح، مولود، مرثيو” جهڙيون صنفون لکيون آهن.
سندس قلمي بياض اڄ به پوين وٽ محفوظ آهي، جيڪو راقم خود ڏٺو، سندس همعصر شاعر امام بخش خادم ۽ رکيل شاهه آهن، امام بخش خادم سان ته رهاڻيون به ٿينديون هيون ۽ پنهنجو ڪلام هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا، جنهن ڪري ڪجهه ڪلام امام بخش خادم پنهنجي بياض (قلمي) ۾ ڏنو آهي، پاڻ عربي، فارسي جا لفظ ڪثرت سان استعمال ڪيا آهن.(35)
ميان صاحب جو گهڻو ڪلام پنهنجي مرشد جي شان ۾ چيل آهي، سندس ٽي تصنيفون مليون آهن (1) مدح حضرت سلطان الاولياءِ خواجه محمد زمان لنواري”(2) مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي بيتن جي شرح” (3) خطبات نماز، (4) بياض عبدالله ملن ٿا.
ميان عبدالله جو ڪافي ڪلام، مرحوم باغ علي شاهه لکوي پنهنجي اخبار هفتيوار “پيغام ڪل” (جيڪا ٽنڊي جان محمد مان نڪرندي هئي) ۾ ڇپيو آهي، ان کان سواءِ حڪيم باغ علي شاهه لکوي صاحب ڪتابي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن ۾ شاعري ڏني اٿس، اڪثر ڪري ميان صاحب جي شاعري لنواري وارن بزرگن جي شان ۾ چيل آهي، ڇاڪاڻ جو باغ علي شاهه به لنواري وارن بزرگن جو مريد هو.
سيد باغ علي شاهه، چار ڪتاب سلسلي وار ڪڍيا ان ۾ مختلف شاعرن جي شاعري ترتيب ڏئي، مرتب ڪري پريس هيٺ آڻي پڌرا ڪيا، پر ان ۾ سموري شاعري لنواري وارن بزرگن جي شان ۾ چيل آهي.
ميان صاحب شاعري سان گڏ هڪ سٺو نثر نگار به هو، جنهن ۾ مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي بيتن شرح لکي آهي، سندس شاعري ۾ ڪيترائي شاگرد ٿيا جن مان شفيع محمد لکوي، حافظ حاجي سومرو لکوي قابل ذڪر آهن.
حڪيم ميان غلام شاهه (اول)، حڪيم آدم ميمڻ لکوي، همعصر هئا. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، سٺو سماجي ورڪر به هو، غريب ماڻهن جا ڪيترائي ڪم ڪيائين، غريبن بيمارن جو علاج مفت ڪندو هو، ان کان علاوه روزي نماز جو سخت پابند هو، زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو وقت قضا نه ڪيو، سندس شاعري تي نظر وجهبي ته اسان کي قصيدو، مولود، مرثيه، مدح، سه حرفي ۽ ڪافيءَ جو پختو شاعر نظر ايندو. سندس رچنائن تي مذهبي رنگ رچيل آهي، حمد، خدا جي ثنا سان گڏ مرشد جي ثنا به وڏي عقيدت سان دل کولي ڪئي آهي.
سندس اولاد نرينه، هڪ پٽ لطف الله نالي، جيڪو سکر ۾ ملٽري روڊ تي حڪمت جو ڌنڌو ڪندو هو، ميان صاحب کي ٻه گهرواريون هيون پهرين مان ڇهه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون، جيڪي سڀ فوت ٿي ويا، ٻئي گهر مان ٻه پٽ ڄاوا پر هڪ فوت ٿي ويو باقي هڪ زندهه آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو. پاڻ اسي ورهين جي ڄمار ۾ 30 آڪٽوبر 1940ع مطابق 27 رمضان 1359هه بروز اربع هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس نموني طور ڪجهه شاعري هيٺ ڏجي ٿي.
ميان عبدالله لکوي جو والد صاحب ڌڻي ڏنو ميرن جي دور ۾ قاضي هو، ان وقت قاضي کي منشي به چوندا هئا، ان ڪري اڄ ڏينهن تائين هن خاندان تي منشي جو لقب پئجي ويو، پاڻ شعر شاعري جي سکيا به پنهنجي مرشد خواجه محمد زمان لنواري شريف جي ڇهين گادي نشين خواجه محمد سعيد مڪي(36) کان ورتائين، پاڻ نه صرف سنڌي ٻوليءَ جا شاعر هئا بلڪه عربي، فارسي جا به سٺا شاعر هئا، سندس هڪ عربي شعر جو نمونو مليو آهي، باقي فارسيءَ جو نمونو ملي نه سگهيو آهي، سندس فارسيءَ جو سمورو ڪلام ضايع ٿي ويو آهي، جيڪو پوين وٽ محفوظ رهي نه سگهيو، حضور اڪرمﷺ جن جي شان ۾ به ڪافي ڪلام چيو آهي.
ڪــــافــــي
مـانـجهي اچيو ميخان ۾، سورهيه سوين سرٿا ڏين،
پـنـهـنـجـو پـڌر ڳـجهه پاڻ ڪيو، آگي اچي انسان ۾،
پـــانـــوَ انـــهـــيءَ پــهــه پـُورجي جـلنـدا وتن جولان ۾،
سـي ڪيئن جڏا جڳ ۾ جين.
بـيـٺـا سـڄـڻ سـي سـامهون، محبت سندي ميدان ۾،
مــڃــئــون شـهــادت شــوق مـان، عـاشـق آيا ايمان ۾،
پـڙ کان نه سي پاسي ٿين.
صـاحــب لکين صـفـتون سندن قادر ڪيون قرآن ۾،
ڪــنــڌ قــتــل کــان نـا ڪـڍن، فـائـق آهــن فــرمــان ۾،
پُـر جــام هــو پـلـپـل پـيـن.
“عـبـدالله” اها عبرت ڏسي، هر ڪو پوي حيران ۾،
مـشـتـاق ٿـيـا مـحبـوب جا، سدا نيهن جي نيشان ۾،
حب ڪا اٿن اندر هِيَنِ.(37)
ميان عبدالله لکوي، امام بخش “خادم” شڪارپور جو همعصر هو، امام بخش خادم سان سندس دوستي 1881ع ۾ ڪشمور ۾ ٿي، جنهن سندس ڪلام، پنهنجي بياض ۾ قلمبند ڪيو، سندس مٿين ڪافي ڪليات خادم ۾ ڏنل آهي.(38)
سه حرفي جو نمونو:
الف: الوف گـذاريـان هـر تـو حق تـعا لـيٰ جـا،
خـالـق مـالـڪ ڪـل، خـلائـق مـالـڪ مـحـالا جـا،
نرمل نور نبيءَ سڳوري، اڪرم امجد عالاجا،
مرشد مشفق لال لواري الرحم الرحم عالا جا،
ب: بي عام مدام وتان ٿو ڦرندو خولرن خوف خيالن ۾،
ابتر آءُ اچي ٿيو آهيان، اقبح عيب افعالن ۾،
جال ٿيا جنجال وڌي ويو ور وير وبالن ۾،
ان کان آءُ اوهان در آهيان، صبح و شام سوالن ۾،
مهر هينئر ڪيو مون تي نور رکيو نقابن ۾.
ت:ترس وڃايو هرس هوا هن دنيا دونگي جي،
ڪارو سارو قلب ڪيو آهن ڪسنگ ڪرنگ ڪرنگي جي،
نياز نماز وساريم سڀ آ گداز ڍنگي جي،
ان کان آءُ اوهان در آهيان ننگو پر و زندگيءَ جي.(39)
انسان کي عبادت جي هدايت ڪري ٿو، هڪ ڪافي ڏجي ٿي:
غفلت اندر غافل ستل، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح، ڇڏ ڪاهلي ڪاهل ادل، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح. هي وقت جاڳڻ جو اٿئي، اُٿ ننڊ جو ويلو نه ٿي،ڪر ياد قادر کي اٿي، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڏس جـــو پــکــي به پــرجـهه سـڀ، جـاڳــي ڪــرن ٿــا يــارب،
تـون نـنـڊ ۾ هَئي هَئي عجب، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڪيئن وار ڪارا ٿيا اڇا، ڪيئن موت ماريندءِ نه ڇا؟
ٿيندي نه تو کان ڇا پڇا؟ اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڇـڏ نـنـڊ ٿـي دادا سـجـاڳ، هـي نــنــڊ نــســوري ٿــي نـڀـاڳ،
ڪـر بـنـدگـي تـان لـڳـئـه ڀـاڳ، اُٿ جـاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
شيطـان جــادو ورتــئــي چـيـو، بـيـزار رب تــو کــان ٿـيـو،
هي ڪيس تو ڪيڏو ڪيو، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح..
شيطـان جــادوگــر اٿــئـي، جــنــهــن زهـر ڦـيـري کـنـڊ ڪئي،
نـنـڊ کـنـڊ نه ڀـائـج زهـر ٿـي، اُٿ جـاڳ جـو ٿـيـو ٿـي صبح.
الـنـوم اخـدالـمـوت ٿـي، يـعـنـي سڳي ڀيڻ موت جي،
هيءَ ننڊ پيرن جي پٽي، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
آيـــو صـبـح جـــو گـــل ٽـــريـــو، خـوشـبـو سـان سـارو ڀـريـو،
وٺ واس، نه ته ويــنــدءِ وريـو، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
جـاڳـي صـبـح جــو بــاغ ڏس، مـيـوا پـڪـل ان جــا به پَــسُ،
ميون سنڌي چک چاس چس، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.
ڌرتيءَ تي جيڪو سر ڌري، سجدا سچيءَ سچي رب ڪري،
سـوڀ لهي جيڪي گهري، اُٿ جاڳ جو ٿيو ٿي صبح.(40)
هيٺ هڪ غزل نموني طور ڏجي ٿو، جنهن ۾ “راهي” صاحب سٺو رنگ ڀريو آهي:
غـــــزل
عــشــق آتـش ٿـي انـدر ڌونـڪـي ڌپي،
صـبـر سامان ٿو سڙي چوءنڪي چپي.
آســمـان دل جـي تـي اُڀـريو سـور سج،
تــاو تـنـهـيـن جي کان سدا ٿو تن تپي.
عـــشـــق جــو دريــاءُ آ اونـهـون گــهـڻـو،
ڪـو مـــاڻـــهـــو نـاسـگـهـي مـاپـي مَپي.
راهه ۾ گـــپ چـــڪ اڻــاوا لاهه چــاڙهه،
رهــنــمـا ريءَ ســوار جــو گهوڙو گپي.
چيٺ سان هـل پــڻ چڱي پرچُست ٿي،
آرســي اوراق رک ٺـــهـه ڦــــهـه ٺـــپـــي.
يـار گـل رخـسـار جـي مـون وٽ اچــي،
دل ٽــپــي جــيــئــن گـل اتي بلبل ٽـپي.
“لطف” مصرع تو سنڌي دل سان لڳي،
رُمز رانجهن جي نه ڪنهن ڇند سان ڇپي.
“راهـــيـــا” الــــفــــت رکــــي الله ســــان،
جهد ڪرڪي وٺ جواني ۾ جهپي.(41)
فيض درياهه شاهه (1863ع ــ 1907ع):
سيد فيض محمد شاهه عرف فيض درياهه شاهه ولد سيد پيرل شاهه جيلاني رحه هنباهه (انباهه) ڳوٺ جو ويٺل هو، جو تعلقو لکي ضلعي شڪارپور ۾ چڪ شهر جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ آهي، سندس ولادت 1283هه مطابق 1863ع ۾ ٿي ۽ 11 شوال 1327هه مطابق 18 نومبر 1907ع بروز سومر تي وفات ڪيائين، سندس والد بزرگوار نوشهري جي نقشبندي بزرگ شاهه نصير جو طالب هو، پاڻ به ان درگاهه تان فيض پرايائين، ظاهري تعليم به نوشهري جي سيد ڏنل شاهه(42) کان حاصل ڪيائين، جو پڻ نوشهري جي نقشبندي درگاهه جو طالب هو، استادن کان سنڌيءَ کان سواءِ فارسي به پڙهيو، فارسيءَ ۾ شعر به چيو اٿس.(43)
“ڪيترن ئي الله جي ٻانهن کي روحاني فيض سان مستفيض ڪيائين، ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس مريد هئا، سندس خاص طالبن مان ميرل فقير، رکيل فقير، لونگ فقير ۽ شيرل فقير جا نالا قابل ذڪر آهن، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي داتا ولايت علي شاهه کي سندس طالبين مان ڪري لکيو آهي. حالانڪه ولايت علي شاهه سندس وفات کان چار سال پوءِ پيدا ٿيو. ميرل فقير، سندس تمام پيارو طالب هو. ان تي ايترو ته راضپو هوس جو پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي نالي بدران ميرل جو نالو آندو اٿس.”(44)
“سندس ڪلام سچل ۽ بيدل جي تتبع ۾ رندي ۽ سرمستيءَ جو ترجمان آهي، هو سچل سرمست جيان همه اوست ۽ اناالحق کي کلم کلا بيان ڪري ٿو ۽ هيڏي هوڏي، اندر ٻاهر هڪ ئي پسي ٿو، پير مغان جي رهبريءَ ۾ هو شريعت جي حد کان اڳتي وڌي معرفت جي منزل ماڻي ٿو، جنهن ڪري هو پنهنجو پاڻ سڃاڻي اناالحق جو نعرو هڻي ٿو، هڪ ڪافيءَ ۾ اهو مضمون هن طرح آندو اٿس:”(45) سيد ڏنل شاهه اصل تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ “عظمت” جو ويٺل هو ۽ شاهه نصير جو طالب هو.
هــوڏانـهـن هـلـي اسـلام کـئــون، ڪـفـر ۾ ڪــاهـي آيــاســي،
ســـچـــي سـتـگـر بـــات بــتــائــي انــحــد واري ڦــوڪ ســنــائــي،
انـــدر ٻــاهــر هـــڪ هـــڪـــائـــي، جـــڻــيــا تـــلــڪ لـــڳـــايــاســي.
دين مذهب ڇڏياسين ٻوڙائي، قرآن ڪتاب سڀ ئي لوڙهائي،
مــٿــي عـرشـن تـنـهـنـجـا خـيـال اڏائـي، پـيـر پـريـت ۾ پاياسي.
رمــز رنـديءَ جـو ورتــو سـي چـارو، نـاس ڪــيــو ســي هي جڳت سارو،
انــاالــحــق جــو مــاري نــعــرو، ســـولـــيءَ ســـر چـــڙهـــايـــاســـي.
جام پريم جو ساقي پلايو، ترڪ ڪيو سي ڪايا جو ڪائو،
الانساني سڀ نور سمايو، “ميرل” کيل کلاياسي.(46)
ٻـي ڪافيءَ ۾ انـالـحق جو مفهوم هن طرح بيان ڪيو اٿس:
“انالحـق جو ماريان نعرو، اڳي ڪيان ٿو پـــڙلاءُ، هن دن رين کئون،
رمان ٿو وري راهه ازلي، اڳي ڪيانٿو لقاءُ، قرب ڪونين کئون”.(47)
“زبان جي لحاظ کان ڏسبو ته سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ ويدانت جي هندي اصطلاحن جو حسين امتزاج نظر ايندو، هندي لفظن ۽ اصطلاحن کان سواءِ سنڌي شعر ۾ سرائڪي لفظ ۽ ترڪيبون به استعمال ڪيون اٿس، فن جي لحاظ کان سندس ڪافيون ٻيڻيون ۽ ڏيڍوڻيون به آهن، ته وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي به ٻڌل آهن، سندس ڪافيون، رس، رچاءَ ۽ روانيءَ کان خالي نه آهن، آخر ۾ سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي، جيڪا گهڻي مشهور آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس رس ۽ رچاءُ گهڻو آهي، منجهس رنگيني ۽ رواني آهي ۽ تجنيس حرفيءَ جو سهڻو استعمال به آهي، ٽيڪنڪ جي خيال کان وائيءَ جي فن جي موجب آهي”(48)
لـنـو لـنـو ۾ لـوري لائـي ويـا، جـانـب جـوت جــاڳـائــي ويــا،
ونـــحـــن اقـرب ويــجــهــڙو، بــرهــيــن بــابــت بــتــائــي ويــا، مــرلـــيــون ســرلـيـون نــاد نـفـيـلا، ويـراڳـي ته وڄـائـي ويـا،
پـــاڻ پــيــهــي ويـــا پــورب ۾، لاحـــد خــيــال لـــڏائـــي ويـــا.
“فـيـض شاهه”، سائينءَ فيض رسايو، ناچو نينهن نچائي ويا.
“مـيـرل” مــون مـاڙيــچــن، گـهـورن سـان دل گــهــائــي ويــا.(49)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ فيض دريا شاهه جي ولادت جو سال 1280هه ۽ وفات جو سال 11 شوال 1325هه سن ڄاڻايو آهي، مگر عيسوي سن ڪونه ڏنو آهي.
پر پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان” ۾ 1279هه ولادت جو سال ڄاڻايو آهي، انهن ٻنهي مصنفن جي لکڻين ۾ هڪ سال جو تضاد نظر اچي ٿو، پر راقم الحروف، ڊاڪٽر مجيد سنڌي جي ڏنل سن کي صحيح سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ جو راقم پاڻ فيض درياهه جي درگاهه تي وڃي سندس ولادت جي سن متعلق وضاحت طلب ڪئي، جن ڊاڪٽر عبدالمجيد صاحب وارو 1280هه سن ٻڌايو، جنهن کي صحيح سمجهڻ گهرجي.
“فيض درياهه شاهه صاحب پنهنجي وقت جي عالمن ۽ فقيرن سان ملاقاتون ڪيون، مختلف درگاهن تي به ويو جتي هن فيض پرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن سان هن جون روح رهاڻيون ٿيون، تن ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻي (1809ع 1877ع) ۽ فقير موهن آهوجا (1845ع 1925ع) نالا قابل ذڪر آهن، هن پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽان قرآن پاڪ ناظران پورو ڪيو، سيد صاحب جو ڪلام جهجهو آهي، جيڪو سچل سرمست درازيءَ ۽ بيدل روهڙائيءَ جي تتبع تي رنديءَ ۽ سرمستيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو جيڪو “همه اوست” ۽ “اناالحق”(50) جي ساک ڀري ٿو، سخن جي سلسلي ۾ سندس ڪافيون، جهولڻا، بيت ۽ مولود ملن ٿا، جيڪي سنڌي زبان کان سواءِ فارسي ۽ سرائڪيءَ ۾ به قلمبند ٿيل آهن “زليخان سر” ۾ 73 مصرعن تي مشتمل هڪ طويل فراق نامو به آهي، جيڪو حالانڪه عروضي اعتبار کان پورو نه آهي، تاهم به ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت ئي سپڪ ۽ سوادي معلوم ٿئي ٿو، منجهس جوش ۽ جذبي سان گڏ رس، رچاءُ ۽ رواني به ججهي نظر اچي ٿي، مطلب ته سندس ڪلام ۾ صوفيانه نڪتن کان علاوه رندي رمز به سمايل معلوم ٿئي ٿي، سيد صاحب، سچ پچ “فيض جو درياهه” هو، سندس هندو خواهه مسلمان طالبن ۽ عقيدتمندن جو ڳاڻيٽو به جهجهو هو.”(51)
سر شام ڪلياڻ مان هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي جيڪا وائي جي ٽيڪنڪ تي آهي:
عــاشــق پـنـهـنـجـي خيال کي مٿي عرش امـاڻـيـون امـاڻ.
فـاذ ڪروني اَذ ڪُرڪُـم، روح وحـدت ۾ ورڻـيـون واڻ.
مُـــــوتـــــوءَ واريءَ مــــــوج ۾ هــــمــــت ڪــــر ڪــــا هــــاڻ.
هُــوَ الـحق انـاالـحـق، چـئـي ڪـري رَههُ اصل جي اُهڃاڻ.
اِنَ الله يــــــــــــا مُــــــــــرُکُــــــــــم، چـــــئـــــي پــــــاڻ نه آڏو آڻ.
رايــتُ ربــي بـــعـــيـــن ربـــي، ڪـــانـــهـــي تــوکــي ڪــاڻ.
انـتـم الــفــقــراءِ الــي الله، وٺ ســچ صـفـائي جــي کــاڻ.
هـوالاول ڪــمــاهُــوَ فِـي الازل، ريـجـهـي ڪرتـون رهاڻ.
يـــهـــد الله لِــنــورهِ مـَن يَــشــاءُ، وڃـي مــوج الاهـي مـــاڻ.
سَر سِـري، اَن ساڳيو ئي، “ميرل” طرف ميخاني تاڻ.(52)
هيٺ ٻي ڪافي به ڏجي ٿي، جيڪا به وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهي ۽ ڪافي روپ جهنگلو مان آهي، سڄي ڪلام ۾ اناالحق جو آواز ٿاريو آهي، سچل سرمست کان پوءِ هن ئي کلم کلا انالحق جو آواز بلند ڪيو آهي.
مٿي اُڏاڻو باز، ڪپي، ڪپي مُردان ڪُلئي.
اچـي اندر مئون پـيـدا ٿيو، انالحق جو آواز.
ثابت نينهن نفي ڪيو، سڙيو هئڻ جو ساز.
بـيـخودي جـي بـحـر ۾، شـوق ٿـيـو شـهـبـاز.
“مـيرل” هــن مـسـڪـيـن تــي ٿــيـو الاهي راز.(53)
راقم جڏهن فيض درياهه صاحب جي پوين سان مليو ته سندس رسالي بابت پڇيو جن چيو ته مڪمل سهڙيل ۽ ترتيب ڏنل رسالو هو جيڪو ميلي جي وقت ڪوئي چورائي ويو هو، ان سبب ڪري درگاهه تي رسالو موجود نه آهي، البت شاهه عبدالطيف لائبريري چڪ شهر ۾ سندس ڪلام موجود آهي جيڪو اتان جي نوجوان، رشيد احمد چڪوي ۽ نذير “ناشاد” سومرو جهڙن سهيڙيو هو پر مڪمل سهيڙي نه سگهيا ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ قلمي رسالو موجود آهي، جيڪو پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي سيهڙيو هو. 1934ع ۾ قلندري خطاب (داتا فيض درياه جو ڪلام) جي نالي سان محمد هدايت علي نجفي تارڪ تنيو سهيڙيو هو، جنهن کي عبدالغني اياز ڀٽي سوڌي سنواري 2002ع ۾ ڇپايو 192 صفحن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 103 ڪافيون ڏنل آهن جن مان 12 ڪافيون سرائڪيءَ ۾ آهن. 17 جهولڻا ڏنل آهن. ان کان سواءِ 3 کن ڏوهيڙا ۽ مڪتوبات ڏنا ويا آهن. ۽ فارسي غزل کي سنڌي روپ ۾ آندو آهي.
محمد طالب (1862ع ــ 1942ع):
محمد طالب (چوٿون) بن بليل خان (ٻيو) (1780ع ـــ 1880ع) بن صاحبڏنو (اول) (1760ع ـــ 1890ع) بن محمد طالب (ٽيون) (1730ع ــ 1799ع) پنهنجي آبائي ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو، سندس خانداني شجري مطابق ولادت باسعادت 1862ع ۾ ٿي، صاحبڏنو “صابو” (1845ع،1905ع) سندس وڏو ڀاءُ هو، سندن وڏا اصل ڪچي جي ڳوٺ سون مياڻي ۽ ڌاران پور جا هئا، جتان مهراڻ جي بي لغام لهرن سبب لڏي اچي ٽنڊي ۾ ويٺا هئا، هي “طالب” به اصل وڏي طالب (اول) جي خاندان مان هو.
انگريزن جي دور جو هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، کيس شاعري جو ڪافي مطالعو هو، کيس عربي ۽ فارسيءَ جي به ڄاڻ هئي، شاهه لطيف جي شاعري کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، ڪي ڪي بيت ته شاهه لطيف جي بيتن جو مفهوم بيان ڪن ٿا، ڪجهه بيت مليا آهن جيڪي سر وار آهن، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سندس ڪو شاعري جو مڪمل رسالو هجي، جيڪي به بيت مليا آهن اهي سيني به سيني زباني طور مليا آهن، جڏهن راقم ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ پئي قلمبند ڪئي ان وقت، جيڪي به ملي سگهيا انهن کي سهيڙي هڪ جدا رسالي جي صورت ڏني ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪل ڇٽيهه بيت آهن جيڪي مختلف سرن تي ٻڌل آهن. سندس بيتن ۾ لفظّ تمام سادا سلوڻا استعمال ڪيا آهن، پاڻ صوفي خيالن جو ماڻهو هو، جنهن جو ثبوت سندس ڪلام مان ملي ٿو، سندس مڪمل ڪلام جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويو؟ ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته درياهه جي ليٽ (ٻوڏ) ۾ لڙهي ويو، بيت هڪ جهوني سگهڙ شاعر فقير سلطان احمد سومري کان مليا جنهن انٽرويو دوران ٻڌايا هئا. محمد طالب واڍڪو ڪم ڪندو هو پنهنجي فن ۾ تمام گهڻو ماهر هو ۽ بهترين ڪاريگر هو. سيد گل محمد “گل” ٽنڊائي، جمن شاهه ماڙي واڙو ۽ فيض درياهه شاهه هنباهه وارو ۽ ميان عبدالله لکويءَ جو همعصر شاعر هو، سندس شاعري ۾ وڏو ڀاءُ صاحبڏنو “صابو” استاد هوس، پاڻ 10 ڊسمبر 1942ع مطابق 1 ذولحج 1361هه خميس ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
جيڪي شعر مليا آهن انهن جو سروار تفصيل هن ريت آهي سر “ڪلياڻ” مان ستاويهه بيت ۽ سر “يمن ڪلياڻ” مان چار ۽ سر “نوري ڄام” مان هڪ ۽ سر “سارنگ” مان چار مليا آهن جن مان ڪجهه نموني طور هيٺ ڏجن ٿا. راقم سندس ڪلام کي سهيڙي مقدمو لکي ڇپرايو آهي. جيڪو “ڪلام طالب” جي نالي سان 1985ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم شايع ڪرايو. سر ڪلياڻ مان بيت ڏجن ٿا:
سر ڪلياڻ
آهي اصل کان اول اعلى،
قادر جي قدرت ڳڻجي ڪين مالها،
اٿي “طالب، هڻ ڀالا شري شيطان کي.
*
ڪريان ساراهه سچي ڌڻيءَ جي ڪهڙي،
جنهن جوڙ جوڙي جهان جهڙي،
ڇا چوان ههڙي، ڪريم جي ڪرامت.
*
هيڪڙائي جو مالڪ آهي پالڻهار،
هر دم لهي سڀن جي سار سنڀار،
لکين لائق انبار، جنهن جوڙيو انسان کي(54).
*
سر يمن ڪلياڻ
آءٌ آهـــــــــــيان ازل کــــــــان عليل،
منھنجي درد جـــــــو دارون سڀ جليل،
ويـــــــڄن جـــــــا دارون آهـــــن دلـــــــيل،
اهڙوئي آهي خليل، جو مھر ڪندو مريضن تي.
*
شرڪ مـــان شفا ڪـــــنھنجي نــــــه ٿئي،
ســـــــور ســــــــدا ڪين ڪنھنجو لھي،
اهڙو جام جنت جو پيئي، جو مرض وڃي مري.
*
“طــــــــــــــالب” جــــــــــــــــي تـــــــــــــــنوار،
ســــــــــڻ مـــــنھنـــــــجا ســــــــــــتـــار،
آهـــــــــــيان گهــــــــــــڻو گـــــنهـــــــگار،
ڏيندين شفادار، شفا پنهنجي مھر سان(55).
سيد جمن شاهه “يقين” (1874ع ــ 1924ع) :
سيد جمن شاهه ولد اُڀن شاهه بخاري پنهنجي آبائي ڳوٺ ماڙي ۾ سن 1874ع ۾ پيدا ٿيو، سندس تعليم ڪا خاص ڪونه هئي، سنڌي لکي پڙهي ويندو هو، سندس لاڙو ننڍي هوندي کان ئي فقيري طرف هو، سندس ڪافي مريد خادم هوندا هئا، سندس ڪرامتن جي وڏي لسٽ آهي، پڇاڙي واري عمر ۾ مست ٿي ويو هو، سڀ لوڙها لتاڙي وڃي معرفت جي ماڳ تي رسيو هو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪتاب تذڪره شعراء سکر ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي، سندس فقيريءَ جو نالو “يقين شاهه” يا يقين فقير” هو جان محمد شاهه سيوهاڻي جو مريد هو ۽ سندس طريقت جو سلسلو حامد شاهه لڪيءَ واري سان وڃي ملي ٿو، سندس ڪيترائي مريد ۽ طالب ٿيا، جن مان جمن شاهه جو نالو قابل ذڪر آهي: جنهن جو مريد وري سندس فرذند غلام محمد شاهه مست ٿيو، سائين جمن شاهه اٽڪل 1924ع ۾ 50 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، چڱو شاعر هو سندس ٻه ڪافيون ڏجن ٿيون.(56)
ڪـــافـــي
شـــهـــر شــڪــارپــور جــو گـــهــمــن بــازاري،
وڃـي ڪانـگ اڳــتــئـــون ڪجــاءِ ڪــا زاري،
ڪن کي ڪوٺا ڪوٽ، ڪن کي بنگلا ۽ ماڙيون،
ڪي ائـيــن ويــٺــا آهــن، مــولا تــي ڀــاڙيــون،
اهي هـل هنگامه ٻڌون ٿا ڏهاڙيون، خاوند خير گذاري،
ڪي ٿــا ڪن ڪاٺيون، ڪن کي سوڻن جو ساءُ،
ڏوٿــــي ڏورن ڏٿ، گـــــاهــــي آڻــــــن گـــــاهــــه،
ســولـي ڪـنــدو شـــاهه، بــار کـنـيائـون بــاري،
ڪـوس ڪــاســائـــن جـــا، نـــاهـــي يـــار مــٿــو،
ٿــي مــڇـي ســســتــي ڀــري ڏيــــن ٿـــا جــٿـــو،
ٿــيــــو آ اٽـــو ســســتـــو، ســنــڌ آ ســــوڀــــاري،
چـوي “يـقـيـن” فـقـيـر، سـويـن لک اٿس پير،
ڪـيني موچي ڪاسبير، نيرولي ٻوڙين نير،
ســويــــن اٿـــس ســـريـــر، ڪــيــئــي پـــســاري.
ڪافي
شعر چوڻ تي ناهي فقيري، وڍي ڇڏ وڻ وڏائيءَ جو،
شيطان کي تڪبر ڪيو خوار هو، پوءِ پيس ٻڪ ڇائيءَ جو،
راڳي شاعر ٿيڻ سنهنجو، فقيري آ ڦل ڪمائيءَ جو،
“يقين شاهه” ياد رکيو، حيدر نام حقائيءَ جو.(57)
سيد جمن شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ “يقين شاهه” تخلص طور استعمال ڪندو هو، سندس ڪافي ڪلام هو پر پوين جي لاپرواهي سبب باقي تي ڪجهه به نه رهيو کيس ڪافي تي تمام سٺي مهارت حاصل هئي، انگريز دور جو هي ڪافيءَ جو بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، سندس مٿي ڏنل ڪافي پهرين فني لحاظ کان ٽيڻي ڪافي آهي، پر ان ۾ ڪٿي ڪٿي وزن جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڪافي سندس شروعاتي دور جي هجي، ٻي ڪافي فني لحاظ کان وائي جي ٽيڪنڪ تي آهي، سندس همعصر شاعر حافظ هادي ڏنو، محمد طالب سومرو (چوٿون) فيض درياهه شاهه جهڙا نهايت بلند پايي جا شاعر هئا، سندس وڌيڪ ڪو تفصيل ڪونه ٿو ملي. ماڙيءَ ڳوٺ ۾ شاندار مقبرو جوڙيل اٿس، جيڪو سندن پوين جوڙايو آهي، هر سال ميلو به لڳندو اٿس، جنهن ۾ پري پري جا فنڪار ۽ عقيدتمند ڪهي ايندا آهن.
ابو شوڪت حمزو (1894ع ـــ 1945ع) :
ابو شوڪت حمزو ولد محمد خان مهر ڳوٺ هنباهه (انباهه) لڳ چڪ شهر تعلقي لکي ضلعي شڪارپور جو ويٺل هو، سندس ولادت ڏهين جون 1894ع مطابق 5 ذوالحج 1311هه آهي، سندس تعليم سنڌي ست درجا هئي، جنهن کي فائينل جو امتحان چيو ويندو هو، ٽي سال ماستريءَ جي ٽريننگ به حيدرآباد مان پوري ڪئي. پوءِ شهدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور ڳوٺ جي اسڪول ۾ ماستر ٿيو، ان سان گڏ پوسٽ ماستريءَ جو به ڪم هلائندو هو، ان وقت دوران هن ٻه خط پڪڙيا هئا، جيڪي دوداپور کان اٽڪل اٺن ميلن جي مفاصلي تي محمد پور ڳوٺ ۾، حضرت مولانا امروٽي صاحب جو خليفو عبدالڪريم ڪهاڙو رهندو هو، جيڪو هڪ بياڪ ۽ حق گو انسان هو، ان جي رويي تي سندس ڳوٺ جو زميندار، اڍن جو سردار ناراض رهندو هو، تنهن تي هن هڪ سازش هيٺ مولوي صاحب ڏي سرحدي قبيلن جي سردارن طرفان لکيل ٻه هٿرادو خط تيار ڪرايا هئا، جن ۾ مولوي صاحب کي وري اچڻ جي دعوت ڏني ويئي هئي، ۽ هٿيارن جي آڇ ڏني وئي هئي ۽ ان سازش ۾ مارائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو ۽ اهي خط وڏيرو پنهنجي هٿ ڪري گورنمينٽ کي ڏيڻ پئي چاهيا ته جيئن مولوي صاحب کي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي سندس گرفتار ڪرايو وڃي، پر اهي خط دوداپور پوسٽ معرفت محمد پور وڃڻا هئا ۽ وڏيري جو ماڻهو حمزي صاحب وٽ آيو هو اهي ٻئي خط وڏيري جي حوالي ڪرڻ تي سندس راضي ڪري رهيو هو، پر اهي خط وري حمزي خان هٿ ڪري مولوي صاحب کي پاڻ وڃي ڏئي آيو جنهن جي خبر مولانا امروٽيءَ کي به پئي، تنهن کان پوءِ اهي خط سي آءِ ڊي پوليس ۾ پيش ڪيا ويا ۽ ان تحت زميندار کي گرفتار ڪرايو ويو، ان معاملي ۾ حمزي صاحب کي پنج سو رپيا روڪ ڏيڻ جي آڇ به ڪئي ويئي هئي ته اهي خط وڏيري حوالي ڪرائي پر هن بيباڪ ۽ لالچ کان پاڪ انسان ان آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو.
مرحوم لاءِ پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب “هوڏو ٿي هو ڏينهن” ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
“چڪ جو مشهور خلافتي ۽ قومي ڪارڪن، مرحوم ابو شوڪت حمزو سنڌ جي قومي ورڪرن ۾، اهو به املهه ماڻڪ هو، نج سون، مٺ جي رتي به ڪانه ۽ زبان تي هميشہ وڏن ماڻهن (زميندارن، پيرن، ڪامورن) جي مخالفت، اها ان ڪري جو اهي قوم جا ويري ۽ انگريزن جا پٺو ۽ پشتي بان هئا، مرحوم جي محاوري مطابق اهي سڀئي “لغور” هئا، جن جي ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي پوڻ عين ثواب هو، مولانا شوڪت عليءَ سان خاص عقيدت هيس، پٽ ڄايس ته ان تي اهو نالو رکي پنهنجي ڪنيت ئي “ابو شوڪت ڪري ڇڏيائين، جيئن مولانا جو نالو سندس نالي جو جز بڻجي وڃي، تقرير جو چست ۽ قومي خبرن خواهه زميندار جي خلاف شڪايتي مضمون لکڻ جو ماهر، سنڌ جي سڀني اخبارن جو نامه نگار بلڪه “الوحيد” ۽ ان جي پيدا ڪيل دائوي جو هڪ اهم بلڪه مرڪزي ڪردار هو.(58)
پير علي محمد راشدي مرحوم پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ سندس هن ريت ذڪر ڪيو آهي: “چڪ جو ويٺل هو سندس ماستري ڇڏي ٿلهو وڏو بيد جو ڏنڊو هٿ کڻي اچي سياست جي ميدان ۾ گهڙيو، سندس اصول هو هر ظلم، هر زبردستيءَ ۽ هر قسم جي غلاميءَ ۽ مجبوريءَ جو مقابلو ڪرڻ، جبر ۽ استبداد جي هر ديوار سان مٿو ٽڪرائڻ، جڏهن به سکر ايندو هو ته غريب مظلوم ڳوٺاڻن جي درخواست سان پنهنجا کيسا به پر ڪري ايندو هو، ڪجهه عملدارن ۾ ورهائيندو هو، ڪجهه اخبارن ۾ شايع ڪرائيندو هو، سندس تقرير هڪ سپاهيءَ جي تقرير هوندي هئي ڪامل خود اعتماديءَ ۽ يقين محڪم تي مبني حقيقت ٻڌائيندو، انصاف ۽ انسانيت جي اصولن تي ان جو تجزيو ڪندو ۽ “فوري جبري قدم” کڻڻ لاءِ بالا عملدار کي، نه ته پبلڪ کي آرڊر ڏيندو هو، فيل مست فرنگيءَ کي ڦوسڙيءَ ۽ لال کٽياڻيءَ سان تشبيهه ڏيندي به ڪونه گسندو هو، جو دم جيئرو هو جهاد ۾ مصروف رهيو، جو قدم کنيائين، ظلم ۽ استبداد ۽ غلاميءَ خلاف!(59)
ابو شوڪت حمزو هڪ بهترين سياستدان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ماڻهو هو. پاڻ هڪ غريب خاندان سان واسطو رکندڙ هو. 1924ع ڌاري مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي چوڻ تي ۽ زور ڀرڻ تي سياست ۾ گهريو ۽ خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين. سياست ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي سڀني سياستدانن سان ملاقاتيون ٿيون ۽ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. ۽ پسند ڪيو ويو. اخبارن ۾ سياسي مضمون شايع ٿيندا رهندا هئس. ان ڪري مرحوم کي سڄي سنڌ چڱيءَ طرح سڃاڻيندي هئي. ۽ ان جا ڪالم ۽ مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهائيندا هئا. پاڻ چڪ شهر ۾ هاري جماعت جو بنياد وڌو هو. اهو پهريون شخص هو جنهن هاري جماعت جو پهريون بنياد رکيو جيڪا بعد ۾ حيدربخش جتوئي صاحب سنڀالي ۽ ان پروگرام کي سڄي سنڌ اندر ڦهلايو، جيڪا بعد ۾ وري سنڌ هاري ڪاميٽي جي شڪل اختيار ڪئي، جيڪا هن وقت به موجود آهي.
مرحوم پاڻ تحريڪ خلافت ۾ رهي تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ اڻٿڪ جدوجهد جاري رکي. پر سندس حياتي وفا نه ڪئي. ۽ پروگرام اڌورو رهجي ويس. جنهن کي ٻيا سياستدان عملي جا موپهرائي نه سگهيا. سياست سان گڏ هن کي سنڌي علم ادب سان به بيحد لڳاءُ هو، سندن سنڌي ادب جي تمام سٺي ڄاڻ هئي. پاڻ نثر خواهه نظم ۾ ڀڙهو وقت جا آفيسر ۽ ماستر هن کان ڪن هڻندا هئا هن جي روبرو استاد توڙي آفيسر چڱيءَ طرح ڳالهائيندا هئا، ته متان حمزو خان ڪا غلطي نه ڪڍي وجهي.
کيس گرامر جي گهڻي ڄاڻ حاصل هئي. جيتري خداتعاليٰ هن کي تقرير ۾ رواني عطا ڪئي هئي، اوتري ئي هن کي قلم ۾ به رواني عطا ڪئي هئي. ان قلمي پورهئي جي ڪري هن سنڌي ادب کي بي بها چار شعري ادب جا ڪتاب ڏنا. جن مان ٻه ته پڌرا به ٿيا، باقي قلمي صورت ۾ رهجي ويا. اهي چار ڪتاب هي آهن: (1)انقلابي ڏنڊو،(2) انقلابي ڪهاڙو حصو 1، (3) انقلابي ڪهاڙو حصو 2 ۽ (4) انقلابي بم گولو.
پهريون ڪتاب انقلابي ڏنڊو 1939ع ۾ ڇپيو. ليٿو پريس فريئر روڊ ڪراچي ۾ ڇپيو. پرنٽر آدم علي غلام حسين هو. ٻيو ڪتاب انقلابي ڪهاڙو1 به ڇپجي منظر عام تي اچي ويو. باقي انقلابي ڪهاڙو2 ۽ انقلابي بم گولو جو مواد به پوين جي لاپرواهي سبب محفوظ رهي نه سگهيو. خبر ناهين ته ان جو مواد ڪٿي آهي؟ سندس نثري مواد پوين وٽ نموني طور به ڪونه ٿو ملي. باقي نثر ۾ بهترين مضمون نگار هو. هتي هڪ وضاحت ڪندو هلان ته: ماهوار پيغام ڪراچي ۾ مارچ اپريل واري پرچي ۾ “سيد محبوب علي شاهه بخاريءَ جون يادگيريون مرتب پيغام جو ايڊيٽر، ڪريم بخش خالد هو.
جنهن ۾ لکي ٿو، ته: “ابو شوڪت خان حمزو جو، ميان عبدالرزاق پيرزادو(60) خاص رفيق هو ۽ سندن پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي.ابو شوڪت وقت به وقت جن خيالن جو اظهار ڪندو هو، ميان عبدالرزاق انهن کي شعرن جو روپ ڍڪائيندو هو. اهڙي طرح نظمن جا ٻه ڪتاب تيار ٿي ويا. هڪ انقلابي ڏنڊو جيڪو سرڪار شاگردن کي انعامي ڪتاب طور ڏيڻ منظور ڪيو هو. ٻئي ڪتاب جو نالو انقلابي بم گولو هو جيڪو ڇپجي نه سگهيو.”(61)
اها ڳالهه سراسر غلط آهي، ته شعر ميان عبدالرزاق جوڙيندو هو. خود حمزو صاحب پاڻ شعر جوڙيندو هو.
باقي حمزي خان وٽ وقت جي ڪمي هئڻ سبب ۽ سياسي ڪمن سبب هن کي فيئر ڪرڻ جو وقت نه ملندو هو سو تنهنڪري هن ٻنهي ڪتابن جا مسودا ميان عبدالرزاق کي فيئر ڪرڻ لاءِ ۽ ڇپائي لاءِ ڏنا هئا، ڇاڪاڻ جو ميان عبدالرزاق هڪ سٺو خوشنويس هو. هن عمر جو گهڻو حصو ڪتابن جي مشغلي ۾ گذاريو هو، ان سبب ڪري هن کي پنهنجو نظمي قلمي مواد ڏنو هو. ۽ ڇپائي جو سمورو مرحلو ميان صاحب طئي ڪيو هو. اهو چوڻ بلڪل نا انصافي ٿيندي، ته اهو شعري مواد ميان عبدالرزاق جو هو. ميان عبدالرزاق جي شاعري ۽ حمزي صاحب جي شاعري ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي، ميان عبدالرزاق جي شاعري مولودن ۽ قصيدن تي ٻڌل آهي ۽ حمزي صاحب جي شاعري ۾ سماجي اپٽار آهي هارين جي حالات تي چيل آهي.
ڪتاب انقلابي ڏنڊي ۽ انقلابي ڪهاڙي 1 ۾ حمزي صاحب هارين جي عڪاسي ڪئي آهي، جنهن ۾ اخلاقي، معاشي، سياسي، تعليمي ۽ مفلسيءَ تي روشني وڌي آهي، ان کان علاوه وڏيرن، زميندارن ۽ ڪامورن جي ظلمن ۽ چالبازين کان تمام سهڻي انداز ۾ پردو هٽايو آهي ۽ اهڙن معزز چهرن جو نقاب لاٿو آهي جن تي ماڻهو شايد اعتبار نه ڪن ته اهو به ائين ٿي سگهي ٿو ۽ ڪري سگهي ٿو، ٻنهي ڪتابن جي شاعري ۾ سماجي اپٽار آهي، سماجي براين خلاف آواز آهي شاعري ٽيڪنڪ جي لحاظ کان سنڌي مثنوي نظم جو شاندار نمونو آهي.
حمزي خان پنهنجي شاعري ۾ اهڙي ته انداز ۾ ڳالهه ڪئي آهي، جو پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي ڇائنجي وڃي ٿي، ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ به سندس شاعري زندهه آهي ۽ اڄوڪي ماحول سان ٺهڪي اچي ٿي، اڄ به زميدارن جو ظلم ساڳيو قائم آهي ۽ اڄ به هاري ويچارو ڪاٺ ۾ آهي ۽ معاشي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيو آهي.
هن هارين جي اصلي، حقيقي ۽ بنيادي حالتن تي نظر وڌي آهي، ان کي اهڙي ته نموني شاعري جو ويس ڍڪايو آهي ۽ رنگ ڀريو آهي جو ڄڻ زنجير جيان ڪڙي، ڪڙي سان ملائي آهي، اهڙي طرح اها ڪڙي ڪڙي سان ملي هڪ تاريخي داستان کي جنم ڏئي ٿي. سندس شاعري ۾ لفظ عام سادا ۽ آسان استعمال ڪيا آهن، جنهن ڪري شاعري کي چار چنڊ لڳي ويا آهن ۽ اها ئي شاعري عوامي شاعري چئبي آهي، جنهن کي گهٽ تعليم وارا به چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا، تقريباَ سڄي مجموعي ۾ ڌاري ٻوليءَ جو لفظ نه ملندو، حالانڪه پاڻ کي عربي فارسي جي تعليم مليل هئي، جيڪا هن پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ شاعر ۽ عالم فيض درياهه شاهه کان ورتي ۽ انگريزي تعليم به پنهنجي مطالعي لاءِ چڪ جي استاد محمد سچل سومري کان پرائي جنهن ۾ ڪافي عبور حاصل ڪيو. شعرو شاعري جي سکيا ڪنهن کان به ڪونه ورتائين، پر اظهار لاءِ پنهنجو رستو طويل نظم وارو اختيار ڪيائين. نه ڪافي چيائين ته بيت چيائين صرف مثنوي نظم چيو. اهوئي سبب آهي جو هن پنهنجي ڪتابن تي انقلابي نالو رکيو، انقلاب پسند ماڻهو هو، هر وقت تبديلي چاهيندو هو، پراڻي ۽ سماج دشمن عناصر جو دشمن هو، ان وقت، وقت جا سمورا ڪاٽڪو هن مان تنگ هوندا هئا ۽ هن کان اک رکندا هئا، مطلب ته حمزي صاحب جي شاعري وقت جي تاريخ آهي، سماجي ۽ عوامي تاريخ آهي، هارين جي مفلسي ۽ بدحالي، انهن تي زميدارن جو ظلم ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ جو ۽ ڪامورن جي ڪڃرائپ جو هڪ بهترين، دل ڏاريندڙ داستان آهي.
ابو شوڪت حمزي صاحب جو سياسي ڪردار به اهم رهيو آهي. تقريبن 1923ع ڌاري امام انقلاب حضرت مولانا تاج محمد امروٽي رح سان روحاني رشتو ڳنڍيو ۽ سياسي ڳانڍاپو رکيو. جنهن ڪري نوڪري به ڇڏي ڏنائين.۽ خلافت تحريڪ جو روح روان رهيو. ايتري قدر جو خلافت تحريڪ سکر ضلعي جو خزانچي ۽ صوبي سنڌ ڪاميٽيءَ جو پڻ ميمبر ٿيو. تحريڪ خلافت جي خاتمي کان پوءِ 1931ع ۾ آزاد سنڌ جماعت جو سيڪريٽري ٿيو. اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ ۽ ڪانگريس ڪاميٽيءَ سان به گڏ ڪم ڪيو. پر پوءِ 1939ع ۾ انڊين مسلم ليگ، سکر ضلعي جو ذراع ابلاغ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ 1943ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ صوبي سنڌ لاءِ ضلعي سکر جو ميمبر طور چونڊيو ويو. جمعيت علماءِ صوبو سنڌ طرفان هاري جماعت ٺاهي ويئي ته ان جو کيس جوائنٽ سيڪريٽري طور رکيو ويو. 1937ع ۾ چڪ شهر ۾ هاري جماعت جو اڳواڻ رهيو. 1939ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي لاءِ آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ بيٺو جنهن ۾ کيس تلوار جو نشان ڏنو ويو هو.
ان وقت جي ڪانگريسي مولوين، پيرن ۽ عالمن سندس حمايت ڪئي هئي ۽ ان جي پروپيگنڊا لاءِ اشتهار به شايع ڪيا هئا، پر زمينداري ۽ جاگيرداري جي اوج ۽ راڄ سبب اليڪشن کٽي نه سگهيو، ان وقت جي جاهل عوام هن عظيم بيباڪ انسان کي نه سڃاتو ۽ اهي جاهل هاري زميندار جي داٻ دڙڪي ۾ اچي ووٽ وڏيرن جي چوڻ تي ڏنو، حمزو صاحب ان وقت ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بار ڪزئي پٺاڻ ۽ وڏيري امير بخش خان مهر جي مقابلي ۾ بيٺو هو، کيس نمونيا ٿي پئي ان ڪري ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ 31 ڊسمبر 1944ع مطابق 15 محرم 1364هه ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس تربت آبائي قبرستان پير يوسف علي شاهه واري مقام ۾ آهي، سندس نرينه اولاد ۾ ٽي پٽ آهن، شوڪت علي (رٽائرڊ پرائمري استاد) (1925ع ـــ 2015ع)، ڊاڪٽر محمد علي (وفات 1 ڊسمبر 2014ع)، ظفر علي ۽ ٻه نياڻيون آهن، سندس شخصيت ۽ شاعري تي چڪ جي شاعر ۽ اديب آزاد بخاري منهنجي ئي مدد سان ايم اي (سنڌي) ۾ مونوگراف طور مقالو لکيو جيڪو 2008ع ۾ ڇپيو آهي نموني طور، سندس شاعري هيٺ ڏجي ٿي.
خدا پاڪ تون کان مدد ٿو گهران،
تـهـان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان،
لـکــان حال هارين غربين سندو،
دنــيــا جي وڏن بدنصيبن سندو،
سهـن ٿــا اهي ظلم جي سر مٿان،
وڏيـــرن هٿان، سود خورن هٿان.
وڏي ڊيگهه آهي، انهيءَ ڳالهه کي،
نه طاقت قلم کي، لکي ڇا لکي؟
هجي عمر حضري ڪريان جي بيان،
نه پــورو ٿـــئي ان جـــو داسـتـان.
اکـــيــن ۾ هــــجـــــي آب تـــــالاب جـــان،
وڃي خـشـڪ ٿي جـي انهن تي روئان.
نــــڪــــو ديــــن تـــن وٽ نه دنـــيـــا وٽــــــن،
جــــهـــالــــت ڪــــيــــو آبــــروحــــال تــــن.(62)
وڏيـــرن جـــا پـــرڪـــار
ڌڻي منهنجا ڪر مون سان پنهجو ڪرم،
ته مـــان قــــوم خــــاطـــر هــــلايـــان قـــلــــم،
وڏيـــرن جــــا پـــرڪـــار مـــان کـولي لـکان،
ٻه ٽــي لـــفـــظ تـــن کـــي نــصـحــت چــوان،
گــــهــــڻــــائــــي وڏيــــرا نـــــيـــــڪ بـــــخــــت،
شــريــعـت جـــي ڪــمـــن جـا پــابــنــد سخت،
مـــگــر ڪـــي ته جـــاهـــل ابـــوجــهــل جـــان،
زيـــــادهه تــــڪــــبــــر ۾ فــــرعـــــون کــــــان،
ڏســـڻ ۾ چـــڱـــا مــــڙس الـــبـــت عـــيـــاش،
حـــقــــيـــقـــت ۾ ظــــالــــم وڏا بــــدمـــعـــاش،
ڇــڏي جـــهــل کــي شـــايـــد ســــڌري پــــون،
سـڌارو اهـي قــوم پــنــهــنــجــيءَ جـو ڪـن،
ڇــــــڏن ظــــــالــــم زوري ۽ رشــــوت زنـــــا،
وهــائــن نه ڪـنـهـن کـــي مــــزدوري بـــــنـــا،
غــــريــــبــــن مـــٿـــان ڪــيـــس ڪـوڙا ڪـن،
نه ڪــــوڙي گـــواهــي ڪـــڏهــن ڪــا ڏيــن،
اجـــائـــي خــوشــامـد ڪــنــهــنــجـي نه ڪــن،
عـــــمــــلــــدار تـــوڙي آفـــيـــســـر هـــــجـــــن،
پــــــراڻــــــا خـــــيــــــالات بــــلــــڪــــل ڇــــــڏن،
زمــــــاني ته رفـــتـــار مـــوجــــب هـــــلــــن.(63)
ابو شوڪت حمزو مرحوم پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جي حقيقي منظر ڪشي ڪئي آهي، نه صرف هارين تي ٿيندڙ ظلمن بابت لکيو آهي، بلڪه انهن جي اخلاقي، معاشي ۽ ذهني سوچ ۽ سندن غلط رسمن جي به نشاندهي ڪئي آهي، انهن ۾ جيڪي بداخلاقيون يا بدرسمون آهن انهن کي به هن چٽيءَ طرح ڪري سڄي سنڌ جي عام ماڻهن توڙي هارين کي ٻڌايو آهي.
انقلابي ڏنڊي ۾ هن “هارين جي عام اخلاقي حالت” “هارين جي شاديءَ وغيره رسمن جو بيان” “هارين جي عام مذهبي حالت”، “زميندارن جا ظلم هارين تي”، “زميدارن جو نقل”، سنڌ واهه جو کنڊ ٻنڌڻ ۽ ڇيڙ جو بيان” (جيڪو جون 1938ع ۾ پيو هو)، “سرڪار گورنر جي درٻار”، ووٽ جو بيان”، “هارين جي ذلت جو سبب” “علم جي فضيلت”، “هارين کي نصيحت”، “هارين جي دعا ڌڻيءَ جي درٻار ۾”، جي موضوع تي پنهنجي شاعري ڏني آهي، جيڪا مثنوي جي ٽيڪنڪ تي آهي، اهڙي طرح انقلابي ڪهاڙي ۾ به اهڙا ئي موضوع ڏنا آهن ۽ ڪجهه نوان موضوع به آهن، ٻين مجموعن ۾ به ٽيڪنڪ ساڳي ۽ خاص نڪتو هارين تي آهي. جيڪڏهن اسان مرحوم حمزي صاحب جي شاعري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي ان ۾ ماهر نظر ايندو، سندس شاعري جي پوري پوري ڄاڻ هئي ۽ ان جي اصولن کان واقف هو ۽ انهن تي دسترس حاصل هئس، سندس شاعري بحروزن تي ٻڌل آهي، ڪا به مصرع اسان کي ڇڙواڳ يا غير موزون نظر نه ايندي، کيس بحروزن جي وڍ ڪٽ کان به با خبر هو، تقطيع يا لفظن جي جوڙجڪ نهايت شاندار آهي، سموري شاعري ۾ هن ٻه بحر ڪم آندا آهن، هڪ بحر متقارب ۽ ٻيو بحر هزج، انقلابي ڏنڊي ۾ صرف هارين جي دانهن ڌڻيءَ جي درٻار ۾” ٻه نظم آهن جيڪي بهر هزج مثن سالم تي ٻڌل آهن، نموني طور هڪ بند ڏجي ٿو:
ڌڻـي تـون دانـهن ٻڌ منهنجي، ٻيو ڪونهي ٻڌڻ وارو،
نه آهــي تــو بــنــا ڪــو مِـهِـرَ سـان مون ڏي ڏسڻ وارو،
ٻئي نظم جو پهريون بند:
ڌڻـي تـون دانـهـن ٻڌ منهنجي، سوين ظالم ستائين ٿا،
وڏيــرا خــواهه ڪـامــورا، اسـان جـو خـون چـوسـيـن ٿــا.
باقي سڄي ڪتاب ۾ بحر متقارب استعمال ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي هڪ رڪن يا پورو کٽايو آهي، جنهن ڪري بحر متقارب مثمن مقصور يا مخدوف ٿئي ٿو، اهڙيءَ طرح انقلابي ڪهاڙي حصو1 ۾ به ساڳيو وزن استعمال ڪيو ويو آهي، باقي ٻه ڪتاب گم آهن، هڪ انقلابي ڪهاڙو حصو ٻيو الائي ڪير کڻي ويو ۽ ٻيو انقلابي بم گولو، هن ڪتاب جو مسودو سندن پوين وٽ به ڪونه آهي. مطلب ته سندس شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان شاندار آهي، سنڌي سماج لاءِ اڄ به آئيني جي حيثيت رکي ٿي. سندس شاعري وقت جي تاريخ آهي ۽ سنڌي معاشري جي براين، ظلمن، سياسي، اخلاقي، بک، مفلسي، معاشي، حالتن جو جائزو آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي، جو سندس شاعري جا مجموعا هن وقت ناياب آهن جن جي هن وقت منظر عام تي اچڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ اڄ به ساڳيا ظلم قائم آهن ۽ هارين جي حالت ساڳئي آهي.
سيد “مسڪين” حاجن شاهه بخاري (1898ع ـــ 1937ع):
سيد حاجن شاهه متخلص “مسڪين” ولد عارب علي شاهه (وفات 1341هه مطابق 1921ع) بخاري پنهنجي آبائي ڳوٺ کاهي ۾ سن 1898ع ۾ پيدا ٿيو، کيس ديني تعليم مليل هئي، عربي ۽ فارسي علم جو تمام سٺو ڄاڻو هو، تقريباَ دستاربندي، مولويت جا ڪتاب پورا ڪيا هئائين، پر مڪمل ڪري نه سگهيو، جنهن ڪري مولويت جي سند حاصل ڪري نه سگهيو، هونءَ ته چڱو ڀلو مولوي سندس مقابلو ڪري نه سگهندو هو، پاڻ هڪ مدرسو قائم ڪيو هو، سندس خاص مشغلو تعليم ڏيڻ هوندو هو. هن وقت جيڪو مدرسو قائم آهي سو سندس ڪوششن جو نتيجو هو، هن مدرسي کي وسايو ۽ ديني علم عام ڪرڻ لاءِ درس وَ تدريس جو ڪم شروع ڪيو هو. ان ڪري سندس ڪافي مريد خادم هئا، عقيدتمندن جو چڱو تعداد آهي.
پاڻ 19 جولاءِ 1937ع مطابق جمادالاول 1356هه، سومر ڏينهن هن دنيا مان رحلت فرمائي، سندس مزار مبارڪ ڳوٺ جي اتر ۾ هڪ وڏو مقام نالي “سومر شاهه” ۾ آهي. انگريزن جي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي، ٽيهن ورهين جي ڄمار جو هو ته شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، سندس ديني علم ۾ عربي فارسيءَ جا ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا.
مرحوم “مسڪين” پنهنجي بياض ۾ ٻين شاعرن جو به ڪلام قلمبند ڪيو آهي، سندس بياض ۾ دوها، بيت ۽ ڪافيون ملن ٿيون، سندس شاعري ۾ درد فراق ۽ هجر جو نهايت سهڻي انداز ۾ بيان ٿيل آهي، ان کان علاوه بياض ۾ حڪمت جا نسخا به لکيل آهن ۽ ڪجهه تعويزات جا نقشا ۽ ڪجهه ڪيميائي نسخه لکيل آهن، ان کان سواءِ سندس خاندان جي ماڻهن جي ڄم ۽ موت جون تايخون نوٽ ٿيل آهن. سندس شاعري ۾ رومان گهڻو ملي ٿو، نموني طور هيٺ ڪجهه شاعري ڏجي ٿي، وڌيڪ ڪو احوال ڪونه ٿو ملي.
دوهـــا
آهـيان ٻـانـهـون اصـل کـان يـار تـنـهـنـجـو،
ڏســـي هـــي حـــال ڪــرڪــو دار مـنهنجو.
ڇڏيان ڪيئن مان ياد کي، دل تؤن وساري،
سـدائــيــن مـحـبـوب مــون ســان گـڏ گــذاري.(64)
بـــيـــت
جانـب وڏي جاکوڙ مُون، رکيم يار توسان ياري،
دلبر نانءُ ڌڻيءَ جي تون گهوٽ زوجم گهاري،
دم دم تون يـار سڄڻ، دوست درج دلداري،
تڏهن ٿيندم قلب قراري، جڏهن ملندو محب “مسڪين” چوي.
سـڪ تـنـهـنـجـي سـهـڻـا ڪيـا دل انــدر ديـرا،
ڏســي ڦـــٽ فـــراق جـــا، جــــلــــي ويــا جــيـرا،
گـونـدرن جا گـهـيرا، اچي ڏس مٺا، “مـسڪين” چوي.(65)
ڪـــافـــي
ســـڄـــڻ ســهــڻــا ســرت وارا عـــاشــقــن کي ســتــائين ڇو؟
ڪــــري زور زبــــــــردســــتــــي ڏئـــي دري دٻـــائـــيـــن ڇـــو؟
سچ ريءَ نه پاڙيس سـبـق سڪ جو، پيارا پريت وارن کي،
نـــــخـــــتـــــو نـــــروار ڪـــــري ايـــــــــڏو تــــپــــائــــيــــن ڇـــــو؟
ڪـڏهـن ڪـاوڙ لاهـي پـنـهـنجي، رکي راحيما رفاقت سان،
ڪـڏهـن رنـجـڙو رکي، پـنـهـنـجـو وري منهڙو مٽائين ڇو؟
هــــــڪ ســــــوزن اچـــــــي ڪـــــيـــــو آهــــي حـــــال هــــيـــڻـــو،
ٻــــيــــو ڏکـــــڙا ڏکــــي ڏاڍا، ڏکــي کـــي ڏکــــائـــيــــن ڇـــــو؟
“مــســڪــيــن” آهـي اصـل گــولــو، تنهنجي در جــو تـڏهـن،
دعــوا رَکـــي ايــــڏي، مـــحـــبــــت پــنــهـنـجـي هـلائـيـن ڇو؟(66)
بـــيـــت
لـکـان ته لـکـي نه سـگـهـان، مـحـبـوبـن ڏي ڪلام،
مـــحـــڪـــم مـنـجـي مـــَن ۾ دلــبــر وڌو آهـــي دامُ،
اکــيــن مــئــون عـجـبـيـن لـئـيـه، جـروهـي ٿــو جــام،
آهي نيڻ ننڊ حرام، محبت بنا “مسڪين” چوي.(67)
ڪـــافـــي
مـــــٺــــڙو يــــار دلــــبــــر دلــــڙي کـــــٽـــــي ويـــو،
بــڻـجـي بـاز بـحـري جـهـپـڙ ڏئـي جـهـٽـي ويــو،
پــائــي پـيـچ پـخـتـا ڪـري، ڪيئه دل کي قابو،
ڏسي ميٺ محبت جو، سورن سان سٽي ويو،
زخـــم جـــيـــڪـــي ســــري ســـا آڳ جــــا ڪـري،
تـــــازو تـــــــن کـــــــي ڦــــــٽــــــڙا ڦــــــٽـــــي ويـــــو،
ڏنــــل تــــــاڪ تــــــن جـــــــا، ڏيـــــــل بـــــــرهــــيـــــا،
جــــو جــــوڙيــــل در پـــاڻـهــي، پــرتـو ٽـپـي ويـــو،
“مسڪين شـاهه” درد دل جا، هيا جيڪي سارا،
مــــڙي مــــشــــڪـــل، قـــرب نه ڪــٽــي ويــــو.(68)
سيد جمال شاهه بخاري (1907ع ـــ 1942ع):
سيد جمال الدين شاهه ولد سيد صالح محمد شاهه بخاري متخلص “جمال شاهه” ڳوٺ الياس تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ 9 جون 1907ع مطابق 23 ذوالقعد 1327هه اربع ڏينهن تولد ٿيو، تنهن بعد وڏا لڏي اچي هميشه لاءِ ڳوٺ ماڙي تعلقي لکي ۾ ويٺا، سندس شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ماڙيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ سنڌي فائينل تائين حاصل ڪئي، ان کان علاوه ناظره قرآن به پڙهيائين، جتي مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي تعليم ورتي، ان کان علاوه هن کي اردو ۽ انگريزي زبان جي به چڱي ڄاڻ هئي، اردو ۽ انگريزي تعليم ڪٿان ورتي؟ ان جي ڪابه خبر پئجي نه سگهي آهي. اردو ۽ انگريزي جي تعليم جي خبر، سندس ذاتي لائبري ۾ رکيل ڪتابن مان پئي ٿي، ته هن کي انهن ٻولين جي به سٺي ڄاڻ هئي جو انهن ڪتابن جو مطالعو ڪندو هو، سندس ذاتي ڪتب خانو اڄ به پوين وٽ محفوظ آهي پر ڪي ڪي ڪتاب ۽ قلمي نسخا پوين جي گهري دلچسپي نه هئڻ سبب کڄي ويا آهن.
کيس شعر وشاعري سان تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پاڻ پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو، سندس استاد ڪير هو؟ ان جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، پاڻ هڪ سٺو ڪافي گو شاعر هو، انگريزن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي، سندس هڪ ڪافي ملي آهي جيڪا سندس پٽ پروفيسر سيد لعل شاهه بخاري کان ملي آهي، باقي ٻئي ڪلام جي خبر نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويو، سندس ڪتب خانو به گهڻو تباهه ٿي ويو آهي.
پاڻ صوفي خيالن جو ماڻهو هو ۽ قادري طريقي جو پيروڪار هو، سندس ڌنڌو پيري مريدي هو، پر ان طرف توجع گهٽ ڏنائين ڪجهه وقت ناڪي منشي ٿي رهيو پوءِ اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين، پاڻ محنت مزدوري به ڪيائين ۽ وري روهڙي واري ڪپڙي جي مل ۾ مزدوري به ڪيائين.
سندس پوين جو چوڻ آهي ته ڪجهه قلمي نسخا کڻي وڃي کوهه ۾ اڇلايا هئا، جن ۾ خانداني شجرو، حڪمت جا نسخا ۽ ٻيا معلوماتي نسخا به موجود هئا، اهو ان ڪري ڪيائين، جو ڪجهه وقت مٿس مستي جي ڪيفيت طاري رهي، جڏهن اها ختم ٿيس ته پوءِ شادي به ڪيائين،سندس نرينه اولاد مان هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، جيڪو هڪ سٺو شاعر هو ۽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پروفيسر ٿي رهيو.
سيد جمال شاهه 1 فيبروري 1942ع مطابق 22 محرم الحرام سن 1361هه ۾ سومر ڏينهن وفات ڪيائين، سندس مرقد مبارڪ، درگاهه حضرت سلطان شاهه بخاري واري مقام ۾ آهي، سندس هڪ ڪافي ملي آهي جنهن ۾ مجازي عشق جي جهلڪ نظر اچي ٿي، جيڪا فني جوڙجڪ جي لحاظ کان ٻيڻي ڪافي آهي جنهن ۾ تمام سٺي رواني آهي، جيڪا موسيقيءَ جي تندن تي ڳائي سگهجي ٿو سندس ڪافي مان معلوم ٿئي ٿو، ته شعر وَ شاعري جي اصولن کان باخبر هو، سندس ڪيتريون ئي ڪافيون مريدن کي به ياد هيون جيڪي هن وقت خبر نه آهي ته ڪٿي آهن، ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي، جنهن ڪري وڌيڪ شاعري ڏيڻ کان قاصر آهيان، پاڻ ڪافيءَ جي فن ۾ تمام گهڻو ماهر هو، ڪيتريون ئي ڪافيون، ڏيڍوڻيون، ٻيڻيون ۽ ٽيڻيون، چيون آهن اسان کي جيڪا ڪافي ملي آهي اها سندس شروع واري زماني جي ڪافي آهي ڇاڪاڻ جو پاڻ مجاز واري اسٽيج ٽپي آخري معرفت واري ماڳ تي رسيو هو، جنهن ۾ معرفت جا گفتا سمايا هئا ۽ مڪمل صوفي طريقت جو ٿي ويو هو ۽ سچل وانگر کلم کلا ان الحق جو نعرو هنيو هو، پر افسوس جو سندس عمر جي پوئين حصي واري شاعري ملي نه سگهي آهي. هتي ڪافيءَ جو نمونو پيش ڪجي ٿو جنهن ۾ درد فراق جو مضمون سمايل آهي:
ڪـــافـــي
مـــٺــا دوســـت دلــبــر، رُســـو پــيـا ســدائــي،
مـــنـــاسب نه آ تــوکي، ڪـرڻ هيئن جدائي.
اســان نــيــنــهــن لاتـو، اوهــان ڪــونه ڄـاتـو،
نـــڀـــايــــو ته نــــاتـــو ڪَــيَــوَ بــــيــــوفـــائـــي.
ڦــٽــي دل پـــڪــــاري، وِڌُءِ مــحــب مــاري،
جـــدائــي ٿــي ڳــاري، ڪــيــو ڪــا ڀــلائـي.
“جمال شاهه” سان جالڻ، پنهنجا قول پاڙڻ،
ڏکــيــا ڏيــنــهــن گـذارڻ، عـمـر ٿَوَ اجائي.(69)
سيد هدايت الله شاهه (1914ع ـــ 1942ع):
سيد هدايت الله شاهه ولد حاجن شاهه بخاري (1898ع ـــ 1937ع) پنهنجي آبائي ڳوٺ کاهي ۾ 4 اپريل 1914ع مطابق 7 جماد الاول 1333هه ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي ورتائين، 1935ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، کيس عربي ۽ فارسي جي چڱي ڄاڻ هئي، جيڪا پنهنجي والد بزرگوار کان ورتي. پاڻ هڪ سٺو ڪافي گو شاعر هو. سندس قلمي بياض پوين وٽ محفوظ آهي، سن 1936ع ڌاري شعر چوڻ شروع ڪيو، سندس شاعري ۾ استاد پنهنجو والد صاحب ئي هو، جيڪو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر اڳي ٿي چڪو آهي.
هدايت علي شاهه 13 مئي 1932ع کان 25 آگسٽ 1932ع تائين پي ڊبليو ڊي ڊپارٽيمنٽ ۾ اوئرسيئر ٿي رهيو ۽ اتان ڇڏي اچي والد صاحب سان گڏ درس و تدريس ۾هٿ ونڊايائين، پنهنجي والد صاحب جي وفات کان پوءِ باقاعده درس و تدريس جو ڪم جاري رکيو ۽ والد مرحوم جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، سندس آواز ۾ خداتعاليٰ ميٺاج رکيو هو، تقرير ڪرڻ مهل ماڻهن تي خاص ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، ان ڪري سندس ڪيترائي مريد هئا
شاهه صاحب کي مجازي عشق لڳو تنهن کان پوءِ هن جي دل جي دري کلي پئي ۽ اندر اجرو ٿيو ۽ ڪلام چوڻ شروع ڪيو ۽ ڪلام ۾ “هدايت” تخلص استعمال ڪرڻ لڳو، سندس هڪ قلمي بياض مليو آهي جنهن ۾ “ڪافيون” مليون آهن، جن ۾ گهڻو ڪري رومانوي، مجازي، درد وَ فراق ۽ هجر جون ڳالهيون سمايل آهن.هن دور ۾ ڪافيءَ تي تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.
سيد هدايت علي شاهه 2 فيبروري 1942ع مطابق 15 محرم الحرام سن 1361هه، سومر ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس اولاد ۾، ٻه فرزند ٿيا، (1) سيد همت علي شاهه (.........) (2) سيد مدد علي شاهه (1936ع ـــ 1958ع) سندس بياض مان ڪجهه نموني طور ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون، هن جي شاعري تي پنهنجي والد صاحب جي شاعري جو گهرو اثر نظر اچي ٿو، مرحوم هدايت شاهه صاحب صرف ڪافيون چيون آهن ۽ ڪافين جو تمام سٺو شاعر هو.
ڪـــافـــي
يـــا خــدا آبـــاد ڪـر محبــوب مــنــهــنــجــي کـي ســدا،
پــل نه ٿـئـي مـون کـان پـري ۽ نه ٿـئـي مــون کـان جـدا.
مـــــون گــــذاري آهــــي ســــاري عـــــمــــر هــــــن آزار ۾،
ڪــر مـــدد مــون ســان اچــي، تون آن ضعيفن جو خدا.
رات ڏيــنـهـان روڄ ريــهـان، درد جـون دل ۾ ڪـيـهـان،
قـــيـاس ڪــنــهــن کـي نه پـيـو، جو پڇيو مون کان ادا.
هـونـدي حـيـاتـي اي “هـدايـت” عرض هي اگر ڪندس،
تـون مـلائـج محب مـون سـان، هـي آهي منهنجي صدا.(70)
ڪـــافـــي
نـــمـــاڻــي نـظـر سـان مـوهـيـو يـار مــون کــي،
ڪــري مـسـت مـجـنـون ويــو يــار مــون کــي،
جـــــڏهــــن جــــانــــب ڏٺــــم ڏور کـــــان مـــــون،
تــڏهــن هـوش هـڪـدم ڇـڏيـو يـار مـون کــي،
ڪونهي حال محرم منجهه منهنجي من جو،
سـدا تــو ســڄــڻ جـي آهـي دلــدار مــون کــي،
راتـيان ڏيـنـهان روئندي سڄڻ کي سنڀاريان،
انــهــيءَ سـور سـهـڻا ڪيـو بـيـمـار مون کي،
ڪـنـدي ڪـيـئـن “هـدايـت” اثـر ڪا اسـان تي،
جـــانـــب جـــي جـــدائـي جـــو آزار مــون کـــي.(71)
ڪـــافـــي
مـلـنــديــن ڪــيــن مـٺـا، ويندين مفت مري،
اهــــا ڳــــالـــــهــــه ڏســــــڻ ۾ آهــــــي ڳـــــــري،
دلـــبـــر دلـــڙي ڏنـــم ڳـــڻ ڪـــانه ڪـــڍيـــم،
ڏک ڏسڻـو پـيـم، ڪـنـهـن کي ڪين چيم،
ويـڙهي وهـم ويــم، سڀئي سـر تـي سـٺـم،
ڪـنــديــن قـرب مـون سـان يـا ڪـيـن وري،
ويـــم يــــارُ پــري، مـنـهـنـجـي ڪــانه سَــري،
ســڄـــڻ جــــلــــد وري، الله ائـــيـــن ڪـــري،
مـانــدي هـــت ٿـي مــري، قـلـم ڪـيـن ٽـري،
مــون کــي بــــاهه بــــرهه جــــي آهــــي ٻــــري،
مــــحـب ايـنـديـن وري، خـبـرلـهـنـديـن کري،
آهيان مان ته چـري، کـولـيـم دل جـي دري،
ســـيـــد ڪــانه ســري، “هــدايــت” جــي وَري،
ســـــاريــــــان هــــــــر دم ٿــــــو، دلــــــدار وري.(72)
ڪـــافـــي
دل روز ٿـــــــي يـــــار ســـــنـــــڀـــــاري،
ڪڏهن مـاڳ پنهنجي ايـنـديـن واري،
دل ســخــــت ڪـــيـــئه تــو ڇــا کـئـون؟
جـــدا جــانــب ٿــي وئــيـن مـــاکـــئـــون،
تــنــهــن ڳــڻــتـــي ۾ وئـــيـــن ڳـــــاري،
هـــيـــکـــل يــار رهـــڻ آهـــي اهــنــجــو،
جـــدا نه ٿـــي شـــل يــــار ڪــنـهــنــجــو،
تـنـهـن کـان مـوت ڀــلي وڃــي مــاري،
هــــــــت “شــــــاهه هــــــدايــــــت” آهـــــــي،
ٿـــــــو صـــــوفـــــي صـــــاف ســــڏائــــي،
پـــــــيــــــــو غــــمـــــن ۾ ته گـــــذاري.(73)
(ب) ادبي جائزو:
انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ سٺي ترقي ڪئي ۽ ارتقا جي طرف گامزن رهي. انگريزن مقامي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ لاءِ انهن تي مستقل حڪومت ڪرڻ لاءِ، هنن سنڌي ٻوليءَ کي اجتمائي صورت ڏني پوري هندستان ۾ هنن مقامي ٻولين کي اوليت ڏيڻ شروع ڪئي ۽ مقامي ماڻهن سان انهن جي ٻولين ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، انگريزن پان به سکڻ شروع ڪئي جيئين اسين اصل باشندن تي لساني لحاظ کان به مٿن قابض رهون، بهرحال انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي ۽ باقائده ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ صحافتي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شمار ڪرايو، پوءِ هنن جا مقصد کڻي ڪهڙا به هئا، انهن پنهنجن مفادن خاطر ئي سنڌي زبان جي نشونما ڪئي ۽ ان ۾ ئي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪرايو. هن دور ۾ لکي تعلقو به پٺتي ڪين رهيو، ادبي دنيا ۾ هن تعلقي اهم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ هن تعلقي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو، ٻين دورن کان هن ۾ شاعر ۽ اديب تمام گهڻا پيدا ٿيا پر افسوس جو اهي تاريخي ورقن کان وانڍا رهيا ۽ گمنامي جي گوشي ۾ رهجي ويا، پرڪي ڪي ته سنڌي ادب توڙي فارسي ادب جا روشن ستارا رهيا، جن جا حوالا توڙي احوال ملي سگهيا انهن کي هنن تاريخي ورقن ۾ محفوظ ڪيو. ڪافي اهڙا شاعر مليا آهن جن جي شاعري شاندار رهي آهي، پر ڪي ته اهڙا شاعر به ٿي گذريا جن سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فني توڙي فڪري لحاظ کان هنن سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪيا پر ڪي اهڙا به شاعر مليا جن پراڻن گهاڙيٽن ۽ قديم شاعري واري ٽيڪنڪ تي طبع آزمائي ڪئي، اچو ته هيٺ ڏسون ته هن دور ۾ اسان کي ڇا ڇا مليو؟ شاعر عبدالعزيز سومرو (1816ع ـــ 1920ع) جنهن جو مولود اڄ به مقبول عام آهي، سندس هڪ مولود مليو آهي.
فقير الهه رکيو (1820ع ـــ 1915ع) جا بيت جيڪي قديم ٽيڪنڪ تي ٻڌل، آهن، جنهن ۾ بکر سومري ٽالپر دور واري جو اثر پيل ٿو ڏسجي، سندس چار بيت مليا آهن، جنهن ۾ مضمون پٽ پاراتي وارو سمايل آهي، فارسي شاعر جيڪو قطع تاريخ ڪڍڻ جو ماهر هو، اهو ميان نور محمد پيرزادو هو، جنهن جا تاريخي قطعا مليا آهن. فارسي ادب جو ٻيو شاعر سيد غلام مصطفيٰ لکوي جنهن جا فارسي زبان ۾ نظم مليا آهن ۽ ان کان سواءِ سندس سنڌيءَ جو طويل قصيدو مليو آهي، جنهن ۾ هڪ هڪ بند 18 مصرعن تي مشتمل آهي، فارسي ادب جو ٽيون شاعر سيد غلام مهتديٰ لکوي جنهن فارسي ادب کي زبردست تاريخي قطعات ڏٺا آهن، تڳيل سومرو جنهن جا جمالياتي رنگ ۾ رنڱيل 3 بيت مليا آهن.
سيد احمد علي شاهه لکوي، فارسي زبان جو شاعر جنهن فارسي ادب کي زبردست غزل ڏنا جنهن جو تذڪرو فارسي ادب جي تاريخ ۾ ملي ٿو. عبدالله سومرو جو هڪ مولود مليو آهي، صاحبڏنو “صابو” وڏي طالب اول جي خاندان مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو هڪ بيت مليو آهي، جيڪو پنجن مصرعن تي مشتمل آهي. صوفي سيد هاشم شاهه بخاري ڪافيءَ جو بهترين شاعر هو، جنهن جي ڪافين تي مشتمل قلمي مواد مليو آهي. حافظ هادي ڏنو، شاهه لطيف، سچل ۽بيدل جي شاعري جي تتبع ڪئي، صوفي شاعر جنهن جا ٽن قسمن جا بيت ۽ ڪافيون مليون آهن.
ميان عبدالله لکوي جنهن ڪافيون قصيده ۽ سه حرفيون چيون، جنهن جو مڪمل بياض ملي ٿو، جنهن ۾ ٻيون صنفون به شامل آهن، جهڙوڪ مولود، مرثيو، مدح ۽ غزل وغيره.
سنڌي ادب جو روشن ستارو فيض درياهه شاهه جنهن سچل جي تتبع ڪندي اناالحق جو نعرو بلند ڪيو ۽ صوفيت جي تحريڪ کي هٿي ڏني، جنهن جون ڪافيون وائي جي ٽيڪنڪ تي به مليون آهن، سومرو محمد طالب (چوٿون) جا اعليٰ قسم جا بيت مليا آهن جن ۾ وحدت الوجود سمايل آهي، ۽ سر سارنگ ۾ ته شاهه لطيف وانگر سنڌ جو دعاگو رهيو آهي، مطلب ته فقير طالب، شاهه لطيف جواثر تمام گهڻو قبول ڪيو هو، ڪل 36 بيت مليا آهن جيڪي مختلف سرن تي ٻڌل آهن.
سيد جمن شاهه “يقين” جون ڪافيون مليون آهن جيڪي فڪري لحاظ کان شاندار آهن جن مان ته وائي واري ٽيڪنڪ تي به ڪافي ملي آهي.
ابو شوڪت حمزو سوشلسٽ شاعر، جنهن جي شاعري فني توڙي فڪري لحاظ کان اعليٰ درجي جي آهي، جنهن نظم جا چار ڪتاب لکيا جن مان ٻه ڪتاب ڇپيل ملن ٿا، پر ناياب آهن جن ۾ ساڳئي ئي انداز ۾ نظم قلمبند ڪيا ويا آهن، پاڻ هڪ زبردست اديب به هو، جنهن جي لکڻيءَ ۾ انفراديت هئي، سندس شاعري ۾ به انفراديت قائم رکي ۽ ڪنهن به شاعر جو اثر قبول نه ڪيو، سيد مسڪين شاهه بخاري جنهن جا دوها، بيت ۽ ڪافيون ملن ٿيون منجهس مضمون رومانوي سمايل آهي، سندس قلمي بياض مليو آهي. سيد جمال شاهه بخاري جنهن جي هڪ ڪافي ملي آهي جنهن ۾ مجاز وارو مضمون سمايل آهي، سيد هدايت الله شاهه بخاري، حاجن شاهه مسڪين جو فرزند هو، جنهن جو ڪافين تي مشتمل بياض مليو آهي.
مجموعي طور هن دور ۾ ڪافيءَ جا گهڻا شاعر مليا آهن، جن شاندار ڪافيون لکيون، بيت جا به شاعر مليا آهن ۽ ٽن قسمن جي بيتن لکڻ وارو هڪ شاعر ٿي گذريو آهي، ان کان علاوه پٽ پاراتي وارو قديم نوع جي بيت تي طبع آزمائي ڪندڙ به هڪ شاعر مليو آهي، دوهي جو به هڪ شاعر مليو آهي، وائي واري ٽيڪنڪ تي ڪافيون چوندڙ ٻه شاعر مليا آهن ۽ اهڙين ڪافين جو نمونو به مليو آهي.
مولود چوندڙ ٽي شاعر مليا آهن، جن جا مولود به ڏنا آهن، سه حرفي لکندڙ هڪ شاعر مليو آهي، جنهن جون شاندار سه حرفيون آهن، ساڳئي شاعر جو مرثيو به مليو آهي جنهن جو طويل قصيدو مليو آهي جنهن جيترو اڳ ڪنهن به طويل قصيدو نه لکيو آهي. نظم جو هڪ ئي شاعر مليو آهي، جنهن جي انفراديت ئي ظاهر آهي ۽ طويل نظم لکيا آهن، فارسي ادب مان غزل، نظم ۽ قطعات جا ماهر شاعر مليا آهن.
مطلب ته انگريزن جي دور ۾ ٻين دورن کان تعلقي لکيءَ ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ ڪافي ۽ بيت جا شاندار شاعر پيدا ٿيا، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ ڪافي بيت مقبول عام صنف هئي.
هن دور ۾ شاعر گهڻا پيدا ٿيا باقي هن دور ۾ ٻه اديب ٿي گذريا آهن، هڪ ميان عبدالله لکوي ۽ ٻيو ابو شوڪت حمزو هنباهي، جنهن مان ميان عبدالله جا نثري نمونا مليا آهن، باقي ابو شوڪت جو ڪوبه نمونو ملي نه سگهيو آهي، ان جو واحد سبب پوين جي سار سنڀال نه هئڻ ڪري ضايع ٿي ويو، باقي “هوڏو ٿي هو ڏينهن” ۽ “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ سندس نثر لکڻ جو ثبوت ملي ٿو، جنهن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. هن دور ۾ ميان عبدالله لکوي جو عربي زبان ۾ به هڪ شعر مليو آهي. مطلب ته سنڌيءَ سان گڏ فارسي ۽ عربي زبان به رائج رهي. جنهن ۾ تخلقيون ۽ تصنيفون ملن ٿيون.
باب پنجون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(2) ڳوٺ صادق جي وانڍ رستم شهر کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏکڻ طرف ۽ چڪ شهر کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف واقع آهي. 1780ع ڌاري محمد عيسيٰ مهر ۽ محمد صادق مهر (جيڪي ٻئي ڀائر هئا جن جو واسطو مهر ذات سان هو) آباد ڪيو، وانڍ لوئي، يعني ننڍڙو ڳوٺڙو. هي خاندان رستم شهر کان لڏي اچي مال سانگي آباد ٿيو هو. ڪيترائي ڀيرا مهراڻ جي موجن جو بک ٿيو پر وري آباد ٿيڻ لڳو ۽ اڄ تائين وسندو اچي، (بحواله ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو 1982ع.)
(3) ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو 1982ع.
(4) ايضاً.
(5) وفائي دين محمد مولانا ـــ تذڪره مشاهير سنڌ ڀاڱو ٻيو ڇاپو ٻيو 1985ع ص 99.
(6) ايضاً ص 100.
(7) ايضاً.
(8) ايضاً.
(9) مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي ـــ تذڪره تڪمله مقالات الشعرا ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 544.
(10) علوي امين الله پروفيسر ــــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 19، 20.
(11) علوي امين الله پروفيسر ــــ “لکيءَ جا سيد ۽ سندن فارسي ڪلام” (مقالو) ماهوا الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص ص 19، 20.¬¬¬-+شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي (قلمي).
(12) مخدوم محمد ابراهيم “خليل” ٺٽوي ــ تذڪره تڪمله مقالات الشعرا ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 544، 545. + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(13)طويل سنڌي قصيدو جيڪو اٺن بندن تي مشتمل آهي، پهريون بند 18 مصرعن تي، ٻيو ۽، ٽيون 17 مصرعن تي، چوٿون 14 مصرعن تي، پنجون ۽، ستون 17 مصرعن تي، ۽ اٺون 16 مصرعن تي مشتمل آهن، هتي صرف ٻه بند ڏنا ويا آهن هڪ پهريون ۽ ٻيو اٺون. طوالت جي لحاظ کان سڀ ڏئي نٿا سگهجن.
(14) لکوي باغ علي شاهه حاجي ـــ (مرتب) گلستان طريقت: (سلسله مظهريت جو ٽيون ڪتاب) ڇاپو پهريون ـــ 1956ع مطبوعه محمد اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور.
(15) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ آگسٽ 1973ع ص 20. مقالو پروفيسر امين الله علوي.
(16) ماهوار الرحيم سنڌي جولاءِ ـــ آگسٽ 1973ع ص: 20 .
+ابيات سنڌي مترجم و ممهد شمس العماءِ عمر بن محمد دائود پوٽو افتتاح ص (ڪ)
(17)ايضاً ص 21 + شجره طيبه سادات العظام در موضوع لکي.
(18) گهريو، هن بابت ڊاڪٽر بلوچ به لکيو آهي ۽ عثمان کٽيءَ جي روايت نقل ڪئي آهي، عثمان کٽي به ساڳئي خاندان مان آهي جن جو پاڙو الڳ آهي باقي اصل ڏاڏو هڪ هون، ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته :” ڪو¬ڙو، بچو، گهريو ۽ آهيو چار ڀائر هئا، جن جو اولاد ٿيو، ڪوڙي جا ڪوڙاڻي، بچي جا بچاڻي، گهريي جا گهرياڻي، آهيي جا آهياڻي، پاڙا سڏجن ٿا”. (سومرن جو دور ڇاپو پهريون 1980ع ص 367،سنڌي ادبي بورڊ جو ڇپايل) گهربي جو پويون خاندان ڪنڌڪوٽ، سکر، ڪرمپور، پنوعاقل ۽ رستم ۾ موجود آهي، گهريو پاڻ هڪ سٺو شاعر هو.
(19)مينهون هي به گهريي جي خاندان مان هو پر پوءِ هن جي نالي پٺيان پاڙو الڳ سڏجڻ لڳو، سندس پويان رستم تعلقي لکي، پنوعاقل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهن ٿا، ميهاڻي پاڙي نالي سڏجن ٿا، انتخاب احمد جو مرتب حاجي احمد بخش سومرو هن پاڙي منجهان هو، مينهون خود هڪ سٺو شاعر هو، مينهون سومرو جو بيت جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي سندس هڪ بيت مليو آهي، جيڪو مائي سڀائي حاجاڻي (سگهڙ زال) کان زباني طور مليو آهي. سندس زندگي بابت ڪو تفصيل ملي نه سگهيو آهي، ان ڪري هتي مليل بيت ئي ڏيڻ مناسب آهي.
(20) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(21) هي بيت مائي سڀائي سگهڙ زال حاجي احمد بخش سومرو جي گهرواريءَ کان زباني طور مليو.
(22) مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي ــــ تذڪره تڪمله مقالات الشعراء ڇاپو پهريون 1958ع ص 31 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
(23) مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي ــــ تذڪره تڪمله مقالات الشعراء ــ ڇاپو پهريون 1958ع ص 31. + نئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(24)ايضاً.
(25) ماهوارنئين زندگي جنوري 1972ع ص 31.
(26) سومرو احمد بخش حاجي ـــ انتخاب احمد (قلمي) 1956ع.
(27) ڳوٺ ٽنڊو علي شير: هي ڳوٺ 1600ع ڌاري سومره خاندان جي هڪ فرد علي شير نالي آباد ڪيو، جنهن جي نالي پٺيان سڏبو اچي، هن ڳوٺ کي چوڌاري هڪ ڪچو قلعو تعمير ٿيل هو، پر اهو 1843ع واري ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو ۽ مهراڻ جي موجن جو بک ٿي ويو. (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ جلد پهريون (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو (سال 1982ع).
(28) “انتخاب احمد” (قلمي) ـــ مرتب حاجي احمد بخش سومرو 1956ع.
(29) ڳوٺ الياس: هڪ قديم تاريخي ڳوٺ آهي الياس نالي ڪنهن شخص ٻڌايو هو جنهن نالي پٺيان سڏجي ٿو.
(30) ڳوٺ ماڙي هڪ قديم ڳوٺ آهي، جيڪو شڪارپور شهر کان اڳ آباد هو، چيو وڃي ٿو ته جنهن زماني ۾ جهڪر، اروڙ، ڀنڀور ۽ موئن جو دڙو آباد هئا ان وقت کان وٺي آهي. قديم شاهراهه به هن ڳوٺ مان ڪراس ڪري اروڙ شهر ويندي هئي. (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ جلدـــ 1 (قلمي) محمد شريف “شاد” سومرو) 1982ع.
(31) صوفي سيد هاشم شاهه ـــ بياض هاشم شاهه ـــ سال؟
(32) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ـــ ڇاپو پهريون اپريل 1965ع ص 115 کان 121.
(33) ايضاً 122.
(34) ايضاً +بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر (مرتب) قافيون جلد ٻيو ڇاپو پهريون 1987ع مطبوعه : سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص 653.
(35) بدوي لطف الله ـــ (مرتب) ڪيات خادم ڇاپو پهريون 1958ع ص ــ 10 مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي.
(36) خواجه محمد سعيد پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضِل ـــ با شريعت با طريقت انسان خواجه ميان محسن جو فرزند هو، (جنم 1264هه وفات 1324هه) فارسيءَ جو بلند شاعر ٿي گذريو آهي، سندس ڪافي ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، مشهور ڪتاب “صقال الصماثر” شرح آهي، هن جو ذڪر مخدوم محمد ابراهيم خليل پنهنجي ڪتاب “تذڪره مقالات الشعراء” ۾ 337 صفحي تي ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس فارسي ڪلام به ڏنو آهي.
(37) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ـــ قافيون، جلد پهريون 1985ع ص 500. +بدوي لطف الله (مرتب) ـــ ڪيات خادم ـــ ڇاپو پهريون ـــ ص 10 1958ع.
(38) ايضاً.
(39) لکوي عبدالله ميان “مدح حضرت سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواري” (قلمي).
(40) لکوي عبدالله ميان ـــ بياض عبدالله لکوي (قلمي).
(41) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ــــ سڀ رنگ ــــ ڇاپو پهريون 1968ع ص : 213 مطبوعه مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
(42) سيد ڏنل شاهه اصل تعلقي لکيءَ جي ڳوٺ “عظمت” جو ويٺل هو ۽ شاهه نصير جو طالب هو.
(43) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽرـــ تذڪره شعراء سکرـــ ڇاپو پهريون 1965ع مطبوعه سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکرـــ ص 125.
(44) ايضاً.
(45)ايضاً ص 126.
(46) ايضاً ص 127.
(47) ايضاً.
(48) ايضاً ص،ص، 126، 127.
(49)ايضاً.
(50) اصل ۾ اناالحق جو يا همه اوست جو نعرو حضرت بايزيد بسطاني رحه ڏنو تنهن کي منصور الحلاج نئين رنگ ۾ پيش ڪيو. تنهن کان پوءِ سچل ۽ بيدل وغيره جهڙن برزگن نعرو بلند ڪيو.
(51) ميمڻ عبدالغفور سنڌي پروفيسر ـــ عظيم سنڌي انسان ڇاپو پهريون 1981ع ص ص ص 163، 165، 166.
(52) خاصخيلي صوفي قربان علي قربان تارڪ ـــ صوفي ساڃاهه ـــ ڇاپو پهريون 1983ع ص 149 مطبوعه: مومن پبليڪيشن نوان جتوئي. +نجفي محمد هدايت علي تارڪ علامه (مرتب) ڀٽي عبدالغني اياز (سنواريندڙ) قلندري خطاب (داتا فيض درياهه جو ڪلام) ڇاپو پهريون 2002ع مطبوعه: اياز ڀٽي ص 108.
(53) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر (مرتب) ــــ قافيون (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون 1987ع ص 667 مطبوعه: س.ا.ب حيدرآباد.
+نجفي محمد هدايت علي تارڪ علامه (مرتب) ڀٽي عبدالغني اياز (سنواريندڙ) ــــ قلندري خطاب (داتا فيض درياهه جو ڪلام) ڇاپو پهريون 2002ع ص 86.
(54) سومرو محمد شريف “شاد “ ـــ ڪلام طالب ــــ ڇاپو پهريون 1985ع ص 14.
(55) ايضاً ص 20.
(56) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون 1965ع ص 258.
(57) ايضاً ص ص 258، 259.
(58) راشدي سيد حسام الدين ــ هوڏو ٿي هو ڏينهن ــ ڇاپو پهريون 1977ع ص 249. مطبوعه س. ا. ب ڄامشورو.
(59) راشدي علي محمد ـــــ اهي ڏينهن اهي شينهن جلد پهريون ڇاپو پهريون 1965ع ص : 189، 190.
(60) ميان ماستر عبدالرزاق پيرزادو (1874ع ـــ 1969ع) 15 سال نوڪري ڪري، ترڪ موالات جي تحريڪ دوران استعيفا ڏنائين ۽ خلافت ڪاميٽيءَ جو مبلغ ٿيو. ابو شوڪت حمزو جو رفيق هو. مخدوم شاهه عثمان جي اولاد مان هو. اصل ويٺل ڳوٺ فراش تعلقو سکر جو هو. سٺو خوشنويس هو. عمر جو گهڻو حصو ڪتابت جي مشغلي ۾ گذاريائين اٽڪل 85 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين. (ماهوار پيغام ڪراچي مارچ اپريل 1981ع ص 71، 72).
(61) ماهوار پيغام ڪراچي ــــ مارچ اپريل 1981ع ص 74.
(62) ماهوار پيغام ڪراچي ــــ مارچ اپريل 1981ع ص 74.
+ ابو شوڪت حمزو ـــ انقلابي ڏنڊو ــــ ڇاپو پهريون 1939ع مطبوعه هاري جماعت چڪ.
(63) ابو شوڪت حمزو خان ــــ انقلابي ڪهاڙو (عرف وڏيرن جا پرڪار) حصو پهريون ــــ ڇاپو پهريون 1940ع مطبوعه هاري جماعت چڪ.
(64) بخاري سيد مسڪين حآجن شاهه ــــ بياض مسڪين شاهه (قلمي)، 1930ع .
(65) ايضاً.
(66) ايضاً.
(67) ايضاً.
(68) ايضاً.
(69) هيءَ ڪافي سندس فرزند مرحوم سيد لعل شاهه بخاري پروفيسر سنڌي شعبو گورنيمنٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور کان ملي.
(70) بخاري سيد هدايت شاهه ــ بياض هدايت شاهه (قلمي) ــ 1930ع.
(71) ايضاً.
(72) ايضاً.
(73) ايضاً.