تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

باب ٽيون : ڪلهوڙا دور (1719ع ــ 1782ع)

باب ٽيون : ڪلهوڙا دور (1719ع ــ 1782ع)
(الف) سياسي، ادبي ۽ لساني، مختصر پس منظر:
ارغون، ترخان جي حڪومت کان پوءِ مغلن زور ورتو هو، مرزا عيسيٰ خان ترخان جي حڪومت کان پوءِ 1591ع ۾ اڪبر جي طرفان مرزا عبدالرحيم خان خانا سنڌ تي حملو ڪيو هو ۽ ترخانن کي شڪست ڏيئي سنڌ پنهنجي قبضي ڪري ورتي هئي. اهڙي طرح سنڌي وقت بوقت مغل انتظاميه پاران گورنر ايندا رهيا انهيءَ طرح حڪومت زور وٺي ويئي. محمد شاهه جي زماني ۾ مغل حڪومت جو دهليءَ جي حڪومت کان رابطو ٽٽڻ لڳو هو، ان وقت ڪلهوڙن پنهنجي ديس جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪري ڏني هئي. ڪلهوڙا ڏينهون ڏينهن زور وٺندا ويا.
مغل حڪومت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي، ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي طاقت مظبوط ڪرڻ شروع ڪئي. انهن ئي ڏينهن ۾ شاهه عنايت رح کي، ڪوڙيون فتوائون ڏياري، شهيد ڪرايو ويو. ان وقت واقعي ۾ سنڌ جا زميندار وقت جا قاضي، ۽ مفتي جو وڏو هٿ هو. اهڙي طرح سنڌ جي عظيم سپوت سوشلسٽ ۽ سيڪولر انسان جو سر قلم ڪيو ويو.
جيئن ته ميان يار محمد ڪلهوڙو دهليءَ جي حاڪم جو خاص ماڻهو هو، جنهن ان معاملي ۾ هن جو ساٿ ڏنو هو، ان ڪري هن کي “ خدايار” جو لقب عطا ٿيو. اهڙي طرح هن سنڌ حڪومت حاصل ڪري ورتي هئي، سندس وفات 1718ع ۾ ٿي. تنهن کان پُوءِ سندس ميان نور محمد حڪومت سنڀالي. جنهن سڄي سنڌ فتح ڪئي، ۽ مغلن جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 1719ع ۾ هن ڪلهوڙن جي خود مختياري حڪومت جو پايو وڌو ۽ حيدرآباد کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو.
هن دور ۾ شاهه عنايت جي شهادت کان سواءِ ٿر جي علائقي ۾ سوڍن شورش مچائي هئي. 1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪارپور سوڌو لکيءَ وارو سمورو علائقو قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان کان پوءِ 1753ع ۾ احمد شاهه ابدالي به سنڌ تي هن ئي علائقي، شڪارپور ۽ لکيءَ واري قديم شاهراهه رستي سنڌ ۾ داخل ٿي، سنڌ تي حملو ڪيو. تنهن بعد سنڌ وري افغان حڪومت جي ڏن ڀرو ٿي پئي. پر وري مدد خان پٺاڻ سنڌ تي چڙهائي ڪري، وڏي پئماني تي لٽ ڦر شروع ڪئي. مدد خان به بولان لڪ واري قديم شاهراهه ذريعي جيڪب آباد کان ٿيندو شڪارپور، لکي، خانپور، سکر، بکر، اروڙ ۽ ڀنڀور تائين هن پنهنجي دهشت جي واويلا مچائي ڇڏي هئي. هن ئي دور ۾ “ گهوڙا” ۽ “گهل ڙي گهل” جهڙا اصلاح وجود ۾ آيا. ان ڪري تمام وڏي پئماني تي شڪارپور ۽ لکيءَ جي علائقن ۾ پٺاڻ اچي آباد ٿيا. جيئن سلطان ڪوٽ، لکي، ڳڙهي ياسين، شڪارپور شهرن ۾ ڪافي پٺاڻ اڄ به آباد آهن. هالاڻي واري جنگ ۾ 1782ع ۾ ڪلهوڙن جي هار ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي. ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مغلن واري ئي زماني ۾ فارسي ٻولي حڪومت جي حڪمرانن جي ٻولي هئي، ۽ فارسي ٻوليءَ جو ساڳيو شان قائم رهيو. جنهن سبب “ فارسي گهوڙي چاڙهسي” وارو محاورو عام مروج ٿيو هن دور ۾ مذهبي عالمن، عام ماڻهن کي مذهبي مسئلا سيکارڻ لاءِ سنڌي زبان جو استعمال ڪثرت سان ڪيو ۽ الف اشباع واري قافيي جي ٽيڪنڪ استعمال ڪندي، مذهبي مسئلن تي ڪافي مذهبي ڪتاب تحرير ڪيا.
هن دور ۾ الف اشباع واري نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا جن کي “ سنڌيون” سڏيو ويو. هن زماني ۾ جيڪي سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شاعر پيدا ٿيا اهي هيٺ ڏجن ٿا. مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661ع ــــ 1700ع)، مخدوم ضياءُ الدين (1671ع ــــ 1757ع)، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع ــــ 1760ع)، مولوي عبدالخالق ٺٽوي، مولوي محمد حسن ٺٽوي، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، محمد شريف راڻيپوري، قاضي عبدالڪريم، مخدوم عبدالله “واعظم” (وفات 1763ع)، مخدوم عبدالله نرئي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع ــــ 1778ع)، مخدوم غلام محمد بگائي، ميون عيسيٰ، مخدوم سليمان هنڱورجن وارو، حضرت شاهه عبدالطيف (1689ع ـــ 1752ع)، خواجه محمد زمان لنواري (1780ع ـــ 1874ع)، سيد محمد بقا (1722ع ـــ 1783ع)، روحل فقير، صاحبڏنو فاروقي (وفات 1788ع)، جلال کٽي، صابر موچي، جمن چارڻ (وفات1738ع)، ميان سرفراز ڪلهوڙو، نور محمد خشته ٽکڙائي، مرزا تقي، حافظ عالي، ميان ڇتن وغيره جهڙا نامور شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن.
هن دور ۾ الف اشباع سان گڏ، سنڌي بيت پنهنجي ارتقائي منزل طئي ڪري عروج تي رسيو. جنهن کي فڪر ۽ فن جي لحاظ کان بلند پايي جي لافاني صنف بڻائي ڇڏيو، ۽ وائي جهڙي هڪ شاندار صنف وجود ۾ آئي، هن زماني ۾ مڪمل طرح سنڌي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو رواج پيو، هونئن ته اڳ ئي رواج هو پر اسان تائين صرف هن وقت تائين جيڪو ڪجهه مليو آهي اهو ڪلهوڙن جي دور جو تمام گهڻو مواد مليو آهي، ۽ هن ئي وقت ۾ واقعاتي ۽ رزميه شاعريءَ جو رواج پيو، ان کان علاوه مولود (جيڪو ٺيٺ سنڌي صنف آهي) به هن ئي دور ۾ وجود ۾ آيو. جنهن جو بنيادي شاعر مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هو. تنهن بعد ڪيترن طبع آزمائي ڪئي ۽ مولود پنهنجي عروج تي پهتو. ان کان سواءِ سنڌي معجزا، مناقبا، مداحون، مناجاتون، به هن دور ۾ ملن ٿيون. مناقبن جو پهريون شاعر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو.
عروضي شاعري جو به وراج هن زماني ۾ پيو. ڇاڪاڻ جو فارسي ٻولي واري وزن تي غزل جا اهڃاڻ مليا آهن.
اسان جي تعلقي لکيءَ ۾ به هن دور ۾ ڪافي شاعر پيدا ٿيا، جن جو مڪمل تفصيل نه مليو آهي ۽ نه ئي سندن ڪو شعر وغيره مليو آهي. باقي ڪجهه شاعرن جا نالا مليا آهن جيڪي هن دور جا شاعر هئا.
ڪلهوڙن جي دور ۾ رستم ۾ هندن جي هڪ ثقافتي سوسائٽي قائم هوندي هئي، جيڪا صرف هندن جي ڀلائي تائين محدود هوندي هئي. هن سوسائٽي جو ڪم هوندو هو ته ثقافتي پروگرام سڏائي ۽ منڊليون مچائي. جن ۾ وڏا وڏا ڀڳتي،مزاحيه شاعر ۽ قصه گو ڪوٺيندا هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. ان زماني ۾ ٻه رستم جا هندو، شاعر مشهور هوندا هئا. جن جا نالا جکڻ مل ۽ اوٽڻ مل ٻڌايا وڃن ٿا، جيڪي ڀڄن شبد ۽ ڀڳتي مزاحيه شاعري ڪندا هئا. پر هنن شاعرن جو ڪلام ملي نه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪا وڌيڪ معلومات ميسر ٿي سگهي آهي.”(1)
ان کان علاوه صرف هڪ شاعر جو تفصيل ملي سگهيو آهي، جنهن جو نالو “ طالب “ سومرو (ٽيون) ٻڌايو وڃي ٿو. جيڪو اصل “طالب” (اول) سمن جي دور واري جو اولاد مان هيو. جنهن جو هڪ بيت دوهي واري ٽيڪنڪ تي مليو آهي. جنهن ۾ بحر وزن به نظر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو دوهو نه بلڪه ڪنهن قطعه جو هڪ بند هجي. وڌيڪ مصرعون مهيا ٿي نه سگهيون آهن، ان ڪري ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهجي.
ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا. پر ڪي شاعر صرف هن دور ۾ پيدا ٿيا آهن ۽ شاعري ٽالپرن جي دور ۾ شروع ڪئي آهي، تنهن ڪري اسان انهن کي ٽالپرن جي دور جو شاعر ڪري لکيو آهي. تن جا هتي صرف نالا وٺي سگهون ٿا لکيءَ شهر مان سيد محمد وفا لکوي ۽ سيد محمد شجاع (ثاني) لکوي، وزير آباد مان مخدوم محمد صالح، ڌاران پور مان پيرل سومرو ۽ اسماعيل سومرو ۽ ٽنڊو علي شير مان خير محمد “خيرو” شامل آهن. انهن شاعرن جو ذڪر ٽالپرن دور ۾ ڪيو ويندو.
هي ئي اهو دور آهي جنهن ۾ لکيءَ جا شاعر گهٽ پيدا ٿيا آهن. جي کڻي پيدا به ٿيا هوندا ، انهن جو ڪوبه بيت يا ٻيو ڪو شعر وغيره ڪونه مليو آهي، پر جي ڪن جهونن ماڻهن کي بيت، هن دور جا ياد به هوندا هئا، سي هن دنيا مان ڪجهه وقت اڳ وفات ڪري ويا، جن سيني به سيني ياد ڪيا هئا. اهڙن ڪئين شاعرن جو ڪلام هميشه لاءِ گم ٿي ويو. هن سر زمين ڪيترن ئي عظيم شاعرن کي جنم ڏنو آهي. سنڌ جي سرزمين ۾ اهڙي ڪشش رکيل آهي جو سنڌ جو اهوخطو خالي ناهي جتي شاعر نه پيدا ٿيا هجن. پر افسوس اهو آهي، جو ان دور جو ڪلام يا مواد محفوظ ٿي نه سگهيو. ان جو واحد سبب تعليم جي ڪمي هئي. ماڻهو معاشي لحاظ کان پٺتي هئڻ سبب تعليم تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. معاشي حالات ، ڌارين جي يلغارن ۽ آبادڪاريءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيندي رهي آهي ان سبب ڪري ڌاريا سمورو مال متاع ڦري کڻي ويندا هئا ۽ سنڌ جا رهاڪو ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندا ويا. هن دور ۾ ئي مدرسن قائم ڪرڻ جو رواج پيو جنهن ۾ فارسي، عربي تعليم عام ٿيڻ لڳي. هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن ۽ ماڳن تي مدرسن جي اڏاوت جا نشان مليا آهن. خاص ڪري هن دور ۾ مذهبي تعليم زور وٺڻ لڳي هئي ۽ هن علائقي ۾ عام جام هئي. جنهن سبب ڪري هن دور ۾ هٿ سان کليل قرآن مجيد جا نسخا ملن ٿا. ان مان ثبوت ملي ٿو ته هن دور ۾ لکڻ جو رواج تمام گهڻو هو. چيو وڃي ٿو ته هن دور ۾ تمام بي انداز لکيو ويو. پر سنڌو درياهه جي بي لغام آويڙن هن خطي جي مواد کي لوڙهي ڇڏيو وقت به وقت ٻوڏيون اچڻ سبب تمام گهڻو ادبي ذخيرو ٻڏي ويو.
هن دور ۾ تعلقي لکيءَ ۾ فارسي ٻولي باقاعده پڙهائڻ جو بندوبست هو، پر ان هوندي به ڪيترائي عالم ۽ شاعر سنڌي زبان کي عام ماڻهوءَ تائين پيغام رسائڻ لاءِ پنهجي مادري ٻولي کي نه ڇڏيو. ۽ ان دور ۾ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ ظلمن کي ننديو آهي ۽ وقت جي پيرن کي به ننديو آهي جن نشي جا اڏا کولي موالي پئي پيدا ڪيا آهن. هن خطي ۾ اهڙي قسم جو باغي شاعر ملي ٿو، پر افسوس جو سندس ڪلام لکت جي صورت ۾ ملي نه سگهيو آهي. صرف زباني روايتن مان هڪ دوهو مليو آهي. جنهن ۾ موالي ۽ مرون کي هڪ ڪري سڏيو آهي. هن دور ۾ سنڌي زبان پنهنجي ارتقائي منزل طئي ڪري عروج تي پهچي چڪي هئي، ۽ پنهنجا اثر ويجهن پاڙيسري ملڪن تي به ڇڏيا، ۽ انهن جا اثر قبول ڪري پاڻ ۾ مروج ڪري ڇڏيا.
مجموعي طور ڏٺو وڃي ته هن دور ۾ به تعلقو لکي سنڌ جي ٻين خطن وانگر وسندو نظر آيو آهي جنهن ادبي دنيا ۾ پاڻ کي پٺتي نه رکيو آهي. اها هن خطي جي بدقسمتي، جو هن دور جو بهترين مواد ليٽ ۾ لڙهي ويو، نه ته اڄ سڄي سنڌ ۾ هتان جي شاعرن تي تبصرو ضرور ملي ها! هتي هن وقت جو جيڪو شاعر مليو آهي جيڪو سومره خاندان سان واسطو رکي ٿو.


محمد طالب (ٽيون) (1700ع ـــ 1799ع) :
اصل محمد طالب (اول)(2) جي خاندان مان ٽيون محمد طالب ٿي گذريو آهي. سندس والد صاحب جو نالو بليل خان (اول) هو. محمد طالب (ٽيون) مغليه دور جي آخري دور ۾ سن 1700ع ڌاري تولد ٿيو هي بزرگ ڪلهوڙن جي دور جو سٺو شاعر هو. پاڻ هڪ صوفي خيالن جو ماڻهو هو. هارپي جو ڪم ڪندو هو. هي پنهنجي وقت جو هڪ بلند پائي جو شاعر ٿي گذريو آهي. ان وقت جي شيطان نما موالين کي ڏاڍو ننديو آهي. سماج جي براين ۽ ناانصافين خلاف آواز بلند ڪيو هو، کيس ديني علم جي تمام سٺي ڄاڻ هئي. اسلامي تصوف جي اصولن مطابق تمام وڏا وڏا شرعي مسئلا حل ڪري ڇڏيندو هو. سندن وڏا سون مياڻي(3) جا ويٺل هئا. ۽ پاڻ به سون مياڻي ۾ 1700ع ۾ جنم ورتو.
“پاڻ هڪ سٺو شاعر هو، سندس ڪافي ڪلام هو، پر چيو وڃي ٿو ته 1832ع واري ليٽ ۾ پوين جي سنڀال نه ٿيڻ سبب ضايع ٿي ويو. سندس هڪ شعر مليو آهي. جيڪو تمام گهڻو مشهور آهي. جنهن تي موالي مڇريا هئا. خاندان ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن. شاعري سندن ورثي ۾ مليل هئي.”(4) سندس وفات جو سن هن ريت ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ميرن جي چوياري واري پهرين حڪومت قائم ٿي هئي، يعني ميرن جي شروعاتي دور ۾ 99 ورهين جي ڄمار ۾ 1799ع ۾ وفات ڪيائين. بزرگ طالب شاعريءَ ۾ پنهنجي نالي جو پهريون اکر “ط” تخلص طور ڪم آندو آهي. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته سڄو نالو پنهنجو ڪتب نه آندو آهي ۽ راز ۾ رکيو آهي. يا وري وزن جي پورائي خاطر صرف پهريون اکر آندو آهي. هي پهريون شاعر آهي، جنهن پنهنجي نالي جو پهريون اکر تخلص طور آندو آهي. سندس مثنوي مڪمل ملي نه سگهي آهي مگر هڪ بند مليو آهي جيڪو سنڌي مثنوي جي تاريخ ۾ پهريون ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو انهيءَ ڪري سندس ذڪر ادبي تاريخ ڪرڻ ضروري آهي.
سندس همعصر شاعر : روحل فقير مراد فقير، سيد محمد بقا، جلال کٽي وغيره جهڙا همعصر هئا. جڏهن شاهه لطيف رح وفات ڪئي ان وقت سندس عمر 22 سال کن هئي.
سندس هڪ شعر مليو آهي، جيڪو هت ڏجي ٿو.
مــوالـي، مـرونءَ جـو مـڙوئـي مـانُ هــيــڪـــڙو،
وسي جن تي لـعـنت خـدائـي “ط” سيڪـڙو.(5)
سندس ڪلام مان صاف ظاهر آهي ته ان وقت جي موالن کي ڏاڍو ننديو آهي. ۽ انهن تي لعنت وڌي آهي. ۽ سماج جي براين جي پاڙ پٽڻ لاءِ هن گهڻو ڪجهه چيو آهي. پر افسوس جو سندس هڪ شعر کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ملي نه سگهيو آهي. سندس شعر کي فني لحاظ کان ڏٺو وڃي ته بزرگ طالب جي مثنوي جو هڪ بند آهي. شعر جو بحر متقارب مثمن سالم آهي. لڳي ٿو ته بزرگ طالب فارسيءَ کان متاثر آهي. جنهن ڪري سندس ڪلام علم عروض مطابق آهي.
“سندس خاندان مان ڪافي سالڪ، شاعر، عالم ۽ اديب ٿي گذريا آهن.
سندس پوٽو آخوند محمد دائود (1759ع ـــ 1854ع) به سٺو سالڪ ماڻهو هو، جنهن جو پٽ مولوي محمد ڄام سومرو (1844ع ـــ 1925ع) هڪ نالي وارو عالم ٿي گذريو آهي. جيڪو امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو هم سبق هو.
محمد طالب (ٽيون) کي ٻه پٽ ٿيا: 1 ـــ محمد ڄام چنيسر (1730ع ـــ 1830ع) 2 ـــ صاحبڏنو (اول) (1740ع ـــ 1860ع) ڄام چنيسر کي ٻه پٽ پيدا ٿيا 1 ـــ آخوند محمد نوح (1758ع ـــ 1850ع) 2 ـــ آخوند محمد دائود. آخوند محمد دائود مان محمد ڄام سومرو پيدا ٿيو جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو عالم فاضل هو. صاحبڏنو مان: 1 ـــ بليل خان (ٻيو) 2 ـــ محمد ڪامل (اول) 3 ـــ بکر فقير بکر فقير جيڪو سٺو سالڪ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. هن ئي خاندان مان بليل خان “ٻيو” جي اولاد مان، صاحبڏنو ۽ محمد طالب (چوٿون) به پنهنجي وقت جا نامور شاعر ٿي گذريا آهن. بکر فقير ري اولاد وفات ڪري ويو.”(6)
هن بزرگ جو تمام گهڻو ڪلام 1832ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو ۽ ختم ٿي ويو. سندس مزار مياڻيءَ ۾ هئي. پاڻ سندس زندگي بابت ڪو تفصيلي ذڪر نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪو سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ ڪو نالي ماتر حوالو ملي ٿو. اڄ ڏينهن تائين جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن انهن جو بنياد صرف اهو رکيو ويو ته جن شاعرن جو احوال ڪنهن ڪتاب ۾ ملي ٿو ته واهه، نه ته نئين کوجنا ڪري ڪنهن کي به تاريخ ۾ داخل نه ٿو ڪيو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو خطو آهي، جنهن کي شاعرن جي سرزمين سڏجي ته بيجاد نه ٿيندو، جتي اهڙي سرزمين هجي اتي اهڙا گونا گون ۽ گمنام شاعر، اديب عالم، ۽ فاضل ته الائي ڪيترا پيدا ٿيندا هوندا، پر افسوس جو اسان انهن تي تحقيق ڪرڻ کان لنوايون ٿا. صرف ڪتابن تان حوالا ورتيون هڪ ڪتاب جوڙيون ويٺا آهيون. اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ تيستائين مڪمل ٿي نٿي سگهي جيستائين اسان کي سنڌ جي سمورن شاعرن ۽ اديبن جي خبر يا ڄاڻ نٿي پوي، ته انهن ڇا لکيو ۽ ڇا چيو؟ تنهن ڪري خطي وار تاريخون لکي ڇپرايون وڃن ۽ پوءِ سنڌي ادب جي جامع ادبي تاريخ تصنيف ڪئي وڃي.
(ب) ادبي جائزو:
ڪلهوڙن جي دور جو، جيڪڏهن ادبي جائزو وٺنداسين ته اسان کي تعلقي لکيءَ ۾ تمام ٿورا شاعر مليا آهن. جن جو ذڪر اسين اڳ ئي ڪري آيا آهيون. سنڌ جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڏسنداسين ته اسان کي هن دور ۾ تعلقو لکي تمام پٺتي پيل نظر ايندو. پر هتي پٺتي پوڻ جو سبب اسين هيٺ معلوم ڪنداسين ۽ جاچي ڏسنداسين ته ان جو ڪارڻ ڇا هو؟ هن دور ۾ حڪمران ٽولي جي سرڪاري زبان، ارغوني ۽ مغليه دور واري فارسي زبان قائم رهي، پر ان هوندي به سنڌي زبان تمام گهڻي وڌي ويجهي وڃي عروج واري منزل تي رسي. جنهن ۾ فڪر ۽ فن بلند درجي تي پهتو. پر اسان هتي هن علائقي تي نظر وجهنداسين ته هن دور ۾ ڪافي شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا جن جا صرف نالا ملي سگهيا آهن، پر انهن جو تفصيل ۽ مواد وغيره ڪونه مليو آهي، پر مقامي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن جو مواد ڪافي هو، جيڪو ويجهي دور ۾ هٿن کان نڪري ضايع ٿي ويو. ضايع ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب مهراڻ جون بي لغام موجون ۽ آويڙون هيون، جن جي حوالي ٿي ويو. هن علائقي ۾ ٻه زبردست ٻوڏيون آيون هڪ 1832ع ۾ ۽ ٻي 1942ع ۾ جنهن تقريبن تعقلي جا سمورا ڳوٺ پنهنجي لپيٽ ۽ لهرن جو بک بڻائي ڇڏيا. هونءَ به ننڍيون ننڍيون ٻوڏيون اينديون رهنديون هيون. هڪ 1937ع ۾ به آئي جنهن ڪافي نقصان ڪيو. جاني ۽ مالي نقصان سان گڏ هن علائقي جو ادبي ذخيرو به ختم ٿي ويو. جنهن جو مختصر ذڪر به ٿي نه سگهيو. هن دور جا لکيل مذهبي مسئلن،ديني هدايتن، تعويزن ۽ نقشن تي مشتمل ڪافي ڪتاب نظر مان گذريا، گهڻو تعداد قرآن شريفن جو آهي: جيڪي تمام سهڻي خوش خطي ۾ تحرير ٿيل آهن. جديد دور جي تقاضائن مطابق سڀني کي چئني طرفن کان حاشي ڇڏيل نظر آئي جنهن ڪري مواد ضايع ٿيڻ کان بچي ويو آهي، باقي چوداري حاشي کاڄي چڪي هئي ڪيترن کي ته اڏوهي وچان ئي وچان کائي ختم ڇڏيو هو. ڪجهه ڪتاب ته سٺي حالت ۾ مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي واري ڪتب خاني ۾ به نظر آيا ۽ ڪجهه ڪتاب ذاتي طور تي ڪن ماڻهن وٽ به نظر آيا جيڪي اڃان سنڀاري رکندا اچن، جن تبرڪ طور تي سنڀالي، رکيا آهن، باقي ڪيترن ماڻهن کان انٽرويو دوران معلوم ٿيو ته هن دور ۾ ته مياڻي جو ڳوٺ، مزار جو، ٽنڊو علي شير، محمد آباغ، رستم لکي، ماڙي، چنڊ ڳوٺ، پراڻو چيمن، جهڙا ڳوٺ شاعرن سان ڀريا پيا هوندا هئا. انهن ڳوٺن ۾ رات خالي نه هوندي هئي: جو بيت بازي، هنر ڏور ۽ ڳجهارت جي ڪچهري نه لڳندي هئي. ان وقت اهي وڏا مرڪز هوندا هئا. وري مذهبي طور تي ماڙي، محمد آباغ ، لکي قبوجامي ، رستم، سومراڻي شريف جهڙا وڏا ڳوٺ ۽ تاريخي ڳوٺ قائم هوندا هئا جن ۾ ديني علم جو خاص گهوارو هوندو هو. ديني علم مدرسن ۾ پڙهايو ويندو هو. جتي قرآن شريف، صرف وَ نحو،فقه، حديث، فلسفو، منطق، ۽ طب وغيره جهڙا خاص مضمون پڙهيا ويندا هئا. اهو سمورو علم فارسي ۽ عربي زبان ۾ پڙهايو ويندو هو. هن وقت به انهن ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ٿو، پر گهڻو ڪري اردو ۽ سنڌي ترجمن سان گڏ پڙهايا وڃن ٿا. پر مٿين مضمونن مان، فلسفو، منطق ۽ طب جهڙا اهم ۽ خاص مضمون ڪڍيا ويا آهن ۽ انهن کي غير ضروري سمجهي خارج ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح سان هتي ڪافي علم جو گهوارو رهيو آهي. ۽ ان جي پکيڙ لاءِ به ڪيترن ڪوششون ڪيون، ادبي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هن علائقي ۾ صرف هڪ شاعر “طالب” جي مختصر سوانح ۽ هڪ دوهو مليو آهي. جنهن ۾ موالي ۽ مرونءَ کي هڪ ڪري سڏيو آهي ۽ ٻنهي تي خدائي لعنت وڌي آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته بزرگ طالب ان وقت جو هڪ نهايت زبردست شاعر هو. ان کانسواءِ ٻن شاعرن جا نالا مليا جيڪي رستم شهر جا رهواسي هوندا هئا. جکڻ مل، ۽ اوٽڻ مل هوندا هئا. جن جو تفصيل ملي نه سگهيو آهي.
هن دور ۾ هڪ اهڙي باغي شاعر جو ملڻ هڪ عجب جهڙي ڳالهه ٿي لڳي سو ٻه هڪ ڪچي واري ڳوٺ مياڻي جو، جنهن جو اڄ ڪو به ثبوت ڪونهي ته اتي ڪو اڳ وسندڙ هڪ ڳوٺ به هو. اهڙي شاعر جو سنڌ جي ڪنهن به ادبي تاريخ ۾ ذڪر ڪونه ٿو ملي. بزرگ طالب جو فن وَ فڪر اعليٰ قسم جو هو. سندس دوهو بحر وزن تي ٺهيل آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس عروضي علم جي مڪمل ڄاڻ هئي.
هن دور ۾ هن علائقي ۾ عروضي شاعري جو رواج پيو، پر سنڌ جي ڪن قديم گهاڙيٽن ۾ به لکيو ويو. هن دور ۾ به مولود به چيا ويا پر انهن جو اسان وٽ ڪو خاص نمونو ملي نه سگهيو آهي، جنهن جو سبب اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون.
هن دور ۾ فارسي ۽ عربي نثر تمام گهڻو لکيو ويو ۽ ڪن ڪتابن تان نقل ڪيو ويو ۽ ترجمو به ڪيو ويو. باقي سنڌي زبان ۾ ڪو خاص ڪتاب وغيره ڪونه لکيو ويو، ٿي سگهي ٿو ته لکيو ويو هجي، پر هن وقت تائين ڪابه اهڙي تحرير نه ملي آهي. جيڪا سنڌيءَ ۾ لکيل هجي. باقي ڪجهه ديوناگري ۽ هنديءَ ۾ لکيل ڪتاب مليا آهن جن ۾ علم نقوش ۽ جادو جهڙن موضوعن تي مليا آهن.
هن دور جا لکيل ڪافي قلمي ڪتاب، جيڪي ڪن قديم مدرسن جي ڪتب خانن ۾ پيل هوندا هئا، پر اهي هن دور ۾ ڪجهه وقت اڳ ماضي قريب ۾ سمورا ڪتاب کڻي کوهن ۾ ڦٽا ڪرايا ويا ۽ ڪن کي ته باهه ڏئي ساڙيو ويو. ان ڪري تمام گهڻو نثري مواد ضايع ٿي ويو.
ان کان سواءِ هن دور ۾ سگهڙ تمام گهڻا پيدا ٿيا جن حضورﷺ ۽ انهن جي اصحابن جا معجزا پنهنجي انداز ۾ بيان ڪيا. هن دور ۾ هتي ڏور جي فن تمام گهڻي ترقي ڪئي. پر افسوس جو اهي سڀ ڳالهيون صرف مقامي روايتن مان ملن ٿيون. باقي انهن جو ڪو ٺوس ثبوت ڪونه ٿو ملي.
مجموئي طور تي اسان چئي سگهون ٿا ته هن دور ۾ مڪمل ڪتابن لکڻ ۽ نقل ڪرڻ جو رواج عمل ۾ آيو.


باب ٽيون
حوالا ۽ وضاحتون:
(1) سومرو محمد شريف شاد ـــ رستم جي ادبي تاريخ (قلمي مقالو) 1983ع .
(2) محمد طالب (اول) جنهن جي نالي پٺيان طالباڻي پاڙو سڏبو اچي، جنهن جو ذڪر سمه دور ۾ ڪري آيا آهيون.
(3) “ڳوٺ مياڻي سومرا تعلقو لکي ضلعو شڪارپور، مياڻي سومرا ڳوٺ به درياهه جي ڀر تي واقع هو، جنهن کي سيلاب جو خطرو کين رهندو آيو هر سال سانوڻي جي موجن، مهراڻ جي خوف کان آزاد نه هو. هڪ سال اهڙو به آيو، جنهن ۾ مهراڻ جي موجن ۽ بي لغام آويڙن جي لپيٽ ۾ وڪوڙجي ويو. ۽ سيلاب جي گرفت کان بچڻ ناممڪن ٿي پيو سال 1937ع ۾ هي وسندڙ ڳوٺ جتي ٽي سوءُ گهر آباد هئا، سو مهراڻ جي موجن جي نذر ٿي ويو” (بحوالا: ماهوار پيغام ڪراچي ڊسمبر 1980ع ص 31).
(4) محمد شريف شاد سومرو ـــ ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي) جلد پهريون 1982ع.
(5) ايضاً.
(6) سومرو محمد شريف “شاد” ـــ شجره طالب (قلمي) 1980ع .