تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

محمد شريف”شاد“ سومري صاحب ”ادبي تاريخ تعلقي لکيءَ جي“ لکي نہ فقط پنھنجي علائقي جي ادبي حيثيت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي، پر هڪ اهڙي تاريخ جوڙي آهي جنهن ۾  ماضيءَ جي ادبي سرگرمين جي عروج ۽ زوال جا انيڪ داستان بہ ملن ٿا تہ هڪ اهڙو تاريخي ذخيرو بہ ملندو، جنھن کي پڙهندي اکيون حيرت جو بت ضرور بڻجنديون ۽ يقينن ان پٺيان سائين پروفيسر محمد شريف”شاد“ سومرو جي سوين راتين جا اوجاڳا، اهم ادبي شخصيتن ڏانهن باربار پنڌ ۽ پڇائن سميت پاڻ پتوڙڻ جي جذبي تحت مختلف ڪتابن جو ورد بہ شامل آهي. پاڻ هن ڪتاب ۾ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿن تہ ادبي خدمتن جي حوالي سان بنا فرق جي ڪنھن جو بہ ٿورو  حصو رهيو آهي تہ ان جو تذڪرو ضرور شامل هجي.

Title Cover of book ادبي تاريخ تعلقي لَکِيءَ جِي

باب پهريون سمه دور (1351ع ـــ 1520ع)

باب پهريون سمه دور (1351ع ـــ 1520ع)
(الف) مختصر سياسي، ادبي ۽ لساني پس منظر:
سومرن جي دور حڪومت ۾ آخري وقت ۾ سنڌ جي هيٺائين حصي وارن علائقن ۾ سمن جون سرداريون موجود هيون ۽ انهن ڏينهن ۾ سما زور وٺڻ لڳا هئا. سومرن سردارن جي بي توجهه سبب سندن حڪومت ڪمزوري ٿيڻ لڳي هئي. آخر ڪار سومرن جي آخري حاڪم همير سومري کي ڄام انڙ جي اڳواڻي هيٺ سن 1351ع مطابق 71هه ڌاري شڪست ڏيئي، ٺٽي ۾ سمن جي خود مختيار حڪومت جو پايو وڌو. سمن جي حڪومت پوڻا ٻه سو سال کن هلي ۽ 1520ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪري ٺٽو شهر قبِضي ڪيو : (ان وقت ٺٽو سنڌ جي گاڌيءَ جو هنڌ هو.) ۽ سمه دور جي آزاد مملڪت جو خاتمو ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح پوري سنڌ تي ارغون جو قبضو ٿي ويو سنڌ جي آزاد حڪومت جو ڦڙ ڪندڙ جهنڊو لاٿو ويو ۽ هڪ دفعو وري سنڌ غيرن جي ور چڙهي ويئي.
ان وقت سمن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻولي تمام گهڻي ترقي ڪئي. ايتريقدر جو پنهنجي ملڪ جون حدون اورانگي پري تائين پکڙجي ويئي. تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪاٺياواڙ، ماناوار، ڀاڳناڙي علائقن ۾ ڦهلي، ان کانسواءِ لس ٻيلو، ڪيچ مڪران، بهاولپور ۽ ملتان تائين پکڙجي ويئي، ۽ سنڌي ٻولي ٻين ٻولين تي پنهنجا سٺا اثر ڇڏيا.
هونءَ ته سومرن جي دور ۾ ئي فارسي زبان سرڪاري زبان ٿي چڪي هئي. هن دور ۾ فارسي جو رواج اڃان به وڌيو ۽ فارسي ٻوليءَ جا ڪيترائي مصنف ۽ مؤلف هن دور ۾ پيدا ٿيا. جن ۾ اسلامي علمن جي ترقي ٿي ۽ ڪيترائي مدرسا کوليا ويا. هن دور ۾ ماڻهن جو علمي، ادبي، شوق گهڻو وڌيو. هن ئي دور ۾ اسمائيلي تحريڪ زور ورتو هونءَ ته سومرن جي وقت ۾ ئي اسمائيلي فرقي جي شروعات ٿي هئي. هن دور ۾ فارسي زبان جي شاعرن جا نالا ملن ٿا. ان دور ۾ ڪجهه فارسي زبان ۾ لکيل ڪتبا به مليا آهن. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن دور ۾ فارسي زبان جو تمام گهڻو اثر هو ۽ فارسي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جو رواج پئيجي چڪو هو.
هن دور ۾ عشقيه رومانوي داستان ڳايا ويا. جهڙوڪ سسئي پنهون، مومل راڻو، عمر مارئي، وغيره. سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمثيلي شاعري جا قصا بڻجي ويا. ان کان سواءِ ڄام لاکو، نوري ڄام تماچي، جهڙا قصا تمام گهڻا مشهور آهن.
اهڙي طرح اپر سنڌ جو هي علائقو ضلعو شڪارپور، جيڪو سنڌ جي سرزمين جي اک جي حيثيت رکي ٿو. ان ئي ضلعي ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو تاريخ ۾ ذڪر نالي ماتر به ڪونه ٿو ملي. تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان هي علائقو هڪ جداگانه ۽ سٺي حيثيت رکي ٿو. ان ئي ضلعي ۾ تعلقي لکيءَ ۾ ڪافي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جو تاريخ ۾ ڪو ذڪر نالي ماتر به ڪونه ٿو ملي. تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان جداگانه ۽ سٺي حيثيت رکندڙ علائقو آهي. هن سرزمين تي اهڙا به شاعر پيدا ٿيا، جن سنڌي ادب ۾ رهنمائي جو ڪم ڏنو. ۽ ايندڙ نسلن کي نوان رستا ڳولي ڏنا ۽ شاعريءَ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي شاعر، اڃا به ملي سگهن، ڇاڪاڻ جو هن دور ۾ اهڙو هڪ بلند پائي جو شاعر مليو آهي: جنهن سنڌي شاعري جو سمن جي دور ۾ محل تعمير ڪيو هو.
تاريخ جي حوالي سان سمن جي دور حڪومت ۾ جن شاعرن جا نالا ملن ٿا، انهن ۾ هن علائقي جو ڪوبه شاعر نه آهي، ۽ نه ئي ان جو ڪو مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. ان دور ۾ ماموئي بزرگ جا بيت مليا آهن، ان کان علاوه شيخ حماد جمالي، نوح هوٿياڻي، اسحاق آهنگر، راڄو ستيو دل، شيخ پراڙ، قاضي قاضن، جهڙا هن دور ۾ نامور شاعر ٿي گذريا آهن. ان دور ۾ لکيءَ جو علائقو هڪ مرڪزي شهر جي حيثيت رکندو هو. ۽ ٻيا قديم ڳوٺ جن ۾ سٺا شاعر ٿي گذريا، مگر مرڪزي ۽ شاهي رستي کان تمام گهڻو اندر هئڻ سبب هن علائقي جا شاعر تاريخ جي ورقن کان وانڍا رهجي ويا. في الحال هن علائقي مان هڪ شاعر ملي سگهيو آهي جنهن جو هڪ اڳڪٿي ڪندڙ شعر مليو آهي. جنهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.
محمد طالب (اول) (1460ع ــ 1520ع):
سنڌي ادب جي شاعريءَ جي ٻئي دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. هن گمنام شاعر جو تذڪرو، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي. بزرگ محمد طالب سومرو ڳوٺ مزارجو(1) تعلقي لکي ۾ اچي ويٺو، اصل عمر ڪوٽ جو هو. 1460ع ڌاري تولد ٿيو. سمن جي آخري دور جو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن جو اڳڪٿي وارو شعر مليو آهي. جيڪو هڪ ڊگهو ۽ گهڻ مصراعو بند آهي. هن بزرگ جي وفات سمن جي تخت اونڌي ٿيڻ وقت 1520ع ڌاري ٿي.
سمن جي آخري دور جو هي پهريون شاعر آهي جنهن جو گهڻ مصراعو بند مليو آهي نه ته اڪثر ٻن يا ٽن سٽن وارو بيت مليو آهي. جنهن ۾ اسحاق آهنگر، شيخ حماد جمالي ۽ ماموئي بزرگ جا بيت مليا آهن.


1 ــ هـاڪ وهـنـدو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بـهـه مـڇـي ۽ لـوڙهـه، سمي ويـنـدا سوکڙي.
2 ـــ نــيـرا گـهـڙا ڏٻـرا، اتـر کـئون ايـندا،
گـهـا گـهـيـريـون گـسـن تي، ورهائي ويندا.
3 ـــ لــڳندي لاڙن، سونڪو ٿيندو سري ۾،
جـــڏهــن ڪــڏهــن سـنـڌڙي، اوڳـاڻـان وڻـاهه.
4 ـــ ڪاري ڪاٻاري، جهيڙو لڳندو ڇهه پهر،
مـــر مـــچي مـــاري، ســک وسنـدي سـنـڌڙي.
5 ـــ مـــر مــچـي مـاري، مـر مـچي ڪـهڙا پـار،
هـيـٺـن ڪاريون پوتيون، مٿن ڪارا وار.(2)

مطلب ته اهڙا ٻيا به بيت مليا آهن، جن جو ذڪر سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ موجود آهي. پر هي بزرگ طالب پهريون شاعر آهي، جنهن جو گهڻ مصرعو بند مليو آهي، جنهن ۾ مٿين بيتن وانگر پيشن گوئي ڪيل آهي. بزرگ طالب جو بند اسان کي زباني روايتن طور، سيني به سيني مليو آهي.
هونءَ ته سکر ڊويزن جي سرزمين مان قديم بيت به مليا آهن، جيڪي 13 صدي عيسوي جي شروعات جا آهن.
بند نموني طور هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو سترهن مصرعن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن دور کان چار صديون پوءِ جو نقشو چٽيو آهي.

ايـــنـــدو ســـنـــڌ، اتـــر کـــئــون خـاصـو کَـلَـيـدار،
ڏيــــنــــدو ســـڀـــن کــــــي، ڀــــــــلــي ڀـــت مـــــــار،
ڪــــيـــن ڪــڇـــنــدو ڪـو، کــڻـنــدو نه خــمــاَر،
ٿــيـنــدو نه ڪـــوئــي هـــنــن جـو ســاڻـــن يـــار،
لهـنـدو”طالب” ڪين ڪوئي، ڪنهن جي سار،
وجـــهـــنـــدو هـــر هــڪ تــي ڳـــرو بـــــــــــــار،
روڪــينـدو جــل، ڪــيـن وهــنـدو سـنـڌو تــــار،
هــــرڪـــو چــــونــدو، آئـي بــلا تــون ٽــــار،
هـــــڻــــنــــدو ڪــــان ٿـــيـــنـــدو سـســيءَ آرپـــــــــــار،
چــــالـــــن جــــو چــــائـــيـــنـــدو چــوءطــــرف ڄـــــــار،
ڌوڪــــي ڪــــڍنــدو سـڀـن، ڄـڻ هــڪــلـي جــهـار،
ڌاريـــــــو رهــــنـــــدو ديــــس ۾ صــــديـــون چـــــــار،
هـــــڪ ويـــنـــــدو. ايــــنـــــدو ٻـــيـــو، اوڀـــــر پـــــــار،
ڪــــڍنـــدو جــــنــهــــن کــي دودو ديـــس جـــــو دار،
ايــنــدو ٽــيـون اولـهه کـنـئـون، ڪندو ڌارون ڌار،
پـــوندو ٽـاڪـوڙو ٽئين ۾، هر ڪـو ڪـنـدو وار.
چوٿون ايندو چاچو بڻجي، ٻڌائيندو ٻول چار.(3)


چوندا آهن ته “شاعر جي نظر مستقبل ۾ کتل هوندي آهي.” جيئن شيڪسپيئر چيو آهي، ته شاعر جون نظرون ماضي ۽ مستقبل ۾ کتل هونديون آهن.” ۽ اهو اڄ کان ٻه ٽي صديون ايندڙ وقت واري دنيا جو نقش چٽيندو آهي. بزرگ طالب جي گهڻ سٽي بند ملڻ کان پوءِ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته شاعر جي نظر مستقبل ۾ کتل هوندي آهي، جيڪو پنهنجي ڪلام ۾ اشارا ڏئي ويندو آهي ۽ پنهنجي قوم کي ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪندو آهي. جيئن جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب: پيغام لطيف ۾ لکيو آهي ته “ هڪ سياستدان کان اڳ هڪ شاعر پنهنجي قوم کي ايندڙ خطرن ۽ خدشن کان آگاهه ڪندو آهي.”
اهڙي طرح بزرگ به پنهنجي قوم کي سنڌ تي ڌارين جي قابض ٿيڻ جو اڳواٽ ئي ٻڌائي ويو آهي. تيز فهم ۽ زندهه دل بزرگ شاعر اسان کي سمن جي دور ۾ ٻيو ڪونه ٿو نظر اچي. بزرگ طالب جي بند ۾ اسان کي اهي پيشن گويون نظر اچن ٿيون، جيڪي تقريباَ پوريون ٿي چڪيون آهن. مثلا: “ ايندو سنڌ اتر کئون، خاصو کليدار.” اها ته چٽي طرح واضع ڳالهه آهي ته اتر کان سنڌ ۾ ايراني به آيا افغاني به آيا. جيئن ماموئي بزرگ چيو آهي: نيرا گهوڙا ڏٻرا، اتر کئون ايندا” مطلب ته ٻنهي جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿي. ۽ اولهه کان انگريز آيا. جن سنڌي ماڻهن کي ٽڪرن ٽڪرن ۽ ذات پات ۾ ورهائي ڇڏيو ننڍ وڏائي جو بنياد وڌو. ۽ چوٿين جو اشارو غالباَ موجود دور ڏانهن آهي.
مطلب ته هن بزرگ جي پيشن گوئي، يا اڳڪٿي، سورهن آنا، بلڪه ارڙهن آنا پوري ثابت ٿي آهي.
بزرگ کان پوءِ ارغوني دور ۾ عثمان احساني گهڻ مصرعن وارو بيت لکيو هو، جيڪو پاڻ ارغوني دور جي آخر ۾ (1572ع) ۾ پيدا ٿيو هو.
عثماني احساني لکي وارو به هن ئي تعلقي لکيءَ سان واسطو رکي ٿو. جنهن کي گهڻ مصراعو بيت چوڻ وارن ۾ پهريون شاعر ڪوٺيو ويو آهي.
جنهن “ا” جي قافيه کان هٽي تجربو ڪيو”. پر بزرگ طالب جي بند ملڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته سمن جي آخري دور ۾ به سٺا تجربا ٿيا، بلڪه روايتي ٻن سٽن واري بيت کان هٽي، هن بزرگ بند جو پهريون تجربو ڪيو. فني لحاظ کان ڏنو وڃي ته الف اشباع جي نظم وانگر طويل آهي، ڏوهيڙي جي نموني تي گهڻ مصرعن وارو آهي. مصرعون ڏوهيڙي جي ٽيڪنڪ تي آهن، پر الف اشباع واري قالب وانگر ساڳئي الحان تي ٻڌل آهن. قافيو به ڏوهيڙي وانگر پوئين سٽ جي اڌ ۾ ڪونهي، يعني هر مصرع جو قافيه آخر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته الف اشباع واري نظم جي قالب تي اهو پهريون بند (نظم) تي تجربو هو: جو “ا” جي قافيي کان هٽي صحيح قافيو استعمال ڪيو ويو هو. ان دور جو هي پهريون تجربو هو: جنهن ۾ بزرگ طالب بخوبي ڪامياب ويو. سندس بند، هڪ ئي مليو آهي، جيڪو سادي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ چيل آهي.
عثمان احسان جي بيت لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب هن ريت لکيو آهي. ته: “ٽيڪنڪ جي لحاظ کان هن صاحب “ا” جي قافيه کان هٽي صحيح قافيه سان گهڻ مصرعن واري بيت جو تجربو ڪيو هو. هي پهريون ئي شاعر آهي: جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ چئن سٽن کان مٿي سٽن واري بيت جو پهريائين پهريائين تجربو ڪيو، جيڪو قديم سنڌي شعر حاصل ٿيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته کائنس اڳ ڪنهن به شاعر، چئن سٽن کان وڌيڪ سٽن وارو بيت نه چيو آهي. سندس بيت هندي ڇند وديا تي نه آهي، پر هن الف اشباع واري نظم جي قالب تي نئون تجربو ڪيو آهي.”(4)
هونئن ته الف اشباع جي قافيه واري صنف تي پهريائين مخدوم پير محمد لکوي جو شعر مليو آهي، جنهن جي ٽيڪنڪ تي مخدوم ابوالحسن ۽ ضياءُالدين، محمد هاشم ۽ ميين عيسيٰ وغيره جن طبع آزمائي ڪئي آهي. ائين يقين سان چئي نٿو سگهجي، ته هن فن کي مخدوم پير محمد لکوي شروع ڪيو. مخدوم صاحب کان علاوه ٻين طبع آزمائي ڪئي آهي، مگر هن جيتري دسترس حاصل ڪري نه سگهيا آهن. بزرگ طالب جي بند ۾ وزن جي پابندي نظر نٿي اچي، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته سمن جي آخري دور جو هي پهريون شاعر آهي: جنهن گهڻ سٽن واري: ايتري طويل بند تي تجربو ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته بزرگ جا ٻيا به بند هجن. کوجنا سان ملي سگهن ٿا. اڃا به يقين سان چئي نٿو سگهجي ته بزرگ طالب کان اڃان به اڳي، هن خطي ۾ ڪي شاعر نه هوندا! پر هن وقت تائين چئي سگهجي ٿو ته بزرگ طالب پهريون شاعر هو، جنهن گهڻ سٽن وارو بند چيو. هاڻي اهو چوڻ غلط آهي، ته عثمان احساني ئي پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻ مصرعن واري بيت تي تجربو ڪيو”. سمن جي دور جو ڪو گهڻو ڪلام ڪونهي پر ڪلام سان سنڌي شاعري جي، عمارت جي اوسر ٿي، جنهن ۾ گونا گون مضمون آيا ڏسجن ٿا. پر بزرگ طالب جي بند کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سمن جي دور ۾ سنڌي شاعري جي عمارت تعمير ٿي چڪي هئي. بعد ۾ انهيءَ اڏيل عمارت ۾ مختلف رنگ ۽ ڍنگ ڀريا ويا.
بهرحال اڃان به ڪجهه يقين سان چئي نٿو سگهي ته ڪي فقير طالب کان اڳ اهڙا شاعر نه هوندا. قديم زماني ۾ لکت جو رواج گهٽ هوندو هو، ان ڪري اسان کي لکت جي صورت ۾ ڪو پراڻو شعر يقين جوڳو نه مليو آهي. ان جو واحد سبب تعليم جي ڪمي هئي تعليم نه هئڻ ڪري ڪابه شيءِ لکت ۾ نه ملي آهي. پر سينن ۾ محفوظ ڪرائي ويندي هئي. اهو ئي وڏي ۾ وڏو سبب آهي، جو اڄ اسان کي سواءِ زباني طور جي ٻيو ڪجهه به ملي نه سگهيو آهي. جيڪي سنڌ ۾ سگهڙ يا شاعر ٿي گذريا آهن انهن کي پنهنجو ڪلام ياد هوندو هو ۽ هو پنهنجي اولاد يا مٽن مائٽن کي ياد ڪرائيندا هئا، اهڙي طرح سنڌي شعر، جو ٻين ماڻهن جي دلين تائين پهچندا هئا تعلقي لکيءَ مان مزار جو ڳوٺ جو هڪ شاعر بزرگ طالب مليو آهي، جيڪو اصل عمر ڪوٽ جو هو، پر پوءِ لڏي اچي اتي ويٺو هو. بزرگ کي ڪافي اولاد ٿي، جيڪي اڄ تائين سندس نالي پٺيان “طالباڻي” پاڙي سان مشهور آهن.


(ب) ادبـــــي جــــائـــزو:
سمن جو دور سنڌي ادب ۾ تعميري دور ليکيو وڃي ٿو. هن دور ۾ فارسي ٻوليءَ جا شاعر به ملن ٿا. پر سنڌي عالمن هن دور ۾ سنڌي شاعري سان گڏ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ شروع ڪيا هيا. هن دور جو جيڪو به ذخيرو مليو آهي، اهو اسان تائين سيني به سيني واري سند طور مليو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ هن طرح لکيو آهي ته: سمن جي حڪومت واري زماني ۾ ڪن شاعرن جا بيت ملن ٿا. انهن بيتن مان نه رڳو شاعرن جي فڪر ۽ فن جي پروڙ پوي ٿي، اها به خبر پوي ٿي ته سنڌي شاعري هڪ اهڙي گس تي پئجي رهي هئي، جيڪو گس پوين شاعرن ورتو ۽ سنڌي شعر هڪ پختي پايي تي پهتو. هنن شاعرن وٽ الاهيات جو فلسفو ۽ تصوف ملي ٿو. سندس ڪلام ٿورو هٿ آيو آهي، پر ان مان فڪر جي پروڙ چڱي ريت پئي ٿي. جيڪي بيت مليا آهن، سي زباني روايتن ۽ تذڪرن جي سند سان اسان تائين پهتا آهن. سومرن جي صاحبيءَ واري ڪلام کان پوءِ جي ڪلام هڪ لحاظ کان هڪ قدم اڳتي آهي، جو هن ۾ فڪري انداز سان شاعرن پنهنجو تجربو ۽ مشاهدو پيش ڪيو آهي”.(5)
بزرگ طالب کان علاوه ٻيو ڪوبه تعلقي لکيءَ مان اهڙو شاعر ڪونه مليو آهي، جيڪو سمن جي دور جو هجي . هن بزرگ گهڻ مصرعن واري بند تي طبع آزمائي ڪئي ۽ الف اشباع واري نظم کان هٽي پورو قافيو استعمال ڪيو، پر ڏٺو وڃي ته الف اشباع واري نظم جو دور، ارغوني دور ليکيو وڃي ٿو. جيئن ته هي بزرگ ان کان اڳ ٿي گذريو آهي، پر الف اشباع واري نطم جي شروعات به هن تعلقي لکيءَ جي شاعر پير محمد لکوي ڪئي. جنهن سنڌ جي شاعرن کي ان قسم جي شاعري جو پيڙهه جو پٿر رکي ڏنو. اهڙيءَ طرح هن سمه دور ۾ به سنڌ جي شاعرن لاءِ بزرگ طالب گهڻ سٽو بند جو بنياد رکيو ۽ انهن لاءِ نئون رستو گهڙيو. سنڌ جو هي پهريون شاعر هو جنهن گهڻ سٽن واري ٽيڪنڪ تي طويل بند جوڙيو ۽ ايندڙ شاعرن لاءِ نئون دڳ گهڙيو، پر بزرگ طالب جي هن بند کي ڏسي چئي سگهجي ٿو، ته الف اشباع واري ٽيڪنڪ سمه دور جي پهرين دور جي صنف آهي. ۽ هن دور ۾ ئي اها صنف وڌي ۽ ويجهي، جنهن ڪري سمه دور جي آخري دور ۾ اهڙو شاعر ملي ٿو،پر سمه دور جي ڪنهن به شاعر جو الف اشباع واري گهاريٽي تي سواءِ هڪ مصرع جي، ڪوبه مڪمل شعر يا نظم ملي نه سگهيو آهي، پر گمان غالب آهي ته ڪو اڳ ۾ شاعر ٿي گذريو هجي ۽ اسان تائين نه پهتو هجي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو، ته “الف اشباع وارو قافيو پهريون ڀيرو سمن جي دور ۾ سن 891 / 1471ع ۾ پير مراد شيرازي ٺٺوي جي چيل دعائيه، مگر موزون مصرع “ الله، اوڀاتي! ڏيئي وڏي ڄمارا” ۾ ملي ٿي، جنهن جي معنيٰ ته سمن جي دور ۾ ئي اِن جي شروعات ٿي”.(6)
پير مراد شيرازي جي الف اشباع تي جوڙيل مصرع ملڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو، ته الف اشباع جي نظم جي تحريڪ سمن جي دور کان شروع ٿي. پر سمن جي آخري دور ۾ پوري قافيي سان هڪ نظم يا بند مليو آهي. جيڪو بزرگ محمد طالب جو آهي. هونئن به گهڻ مصرعن واري شاعري جي شروعات هن تعلقي مان ٿي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عثمان احساني لکوي کي پهريون گهڻ سٽو بيت چوندڙ شاعر لکيو آهي.
عثمان احساني به لکيءَ جو هو. مطلب ته هن قسم جا شاعر سنڌ جي ٻين حصن ۾ ڪونه ٿا ملن، جيڪي گهڻ سٽن واري پوري قافيي سان شاعري ڪئي هجي. ٿي سگهي ٿو ته عثمان احساني ۽ بزرگ طالب جي اهڙي قسم جي شاعري کان متاثر ٿي چئي هجي، بزرگ طالب سنڌ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن گهڻ مصراعو بند چيو. هن کان اڳ هن قسم جي شاعري جو ثبوت ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي. تنهن ڪري اهو سهرو تعلقي لکيءَ تي آهي، جنهن ۾ اهڙا عظيم بزرگ شاعر پيدا ٿيا. تعلقو لکي سنڌ جي شاعري ۽ ادبي دنيا ۾ سرواڻ جي حيثيت رکي ٿو.
طالب جيڪو بند ۾ خيال پيش ڪيو آهي يا تصور ڏنو آهي، اهو هڪ اڳڪٿيءَ تي مبني آهي.
اهڙا خيال رکندڙ بزرگ ماموئي جا بيت ئي آهن جن ۾ بزرگ طالب ۽ ماموئي بزرگ جي خيال ۾هم آهنگي پيدا ڪن ٿا. اهڙا اشارا ماموئي بزرگن ڪيا آهن. باقي ٻيو ڪوبه سنڌ جو شاعر ڪونه ٿو ملي جنهن ۾ اهڙا خيال سمايل هجن. بزرگ طالب ۽ ماموئي بزرگ هڪ ٻئي جي خيالن جي ترجماني ڪن ٿا، پر اهڙا چٽا ۽ صحيح اشارا ڪنهن به شاعر ڪونه ڪيا آهن، جن جو خيال سورهن آنا صحيح ثابت ٿيو هجي.
هن دور ۾ مقفيٰ نظم پهچي چڪو هو. ۽ سنڌي شاعريءَ جو محلات جڙي چڪو هو. هن دور ۾ تمثيلي ۽ اشاراتي شعر جو پختو پايو پيو. هن دور ۾ سنڌي بيت عام مشهور ۽ مقبول ٿيو.
ان کان علاوه سمه دور ۾ نثري مواد ملي ٿو، پر تعلقي لکيءَ مان ڪونه مليو آهي، جنهن ڪري ڪابه راءِ قائم ڪري نٿي سگهجي.
مجموعي طرح نظر وجهنداسين اسان کي سنڌ جي ٻين علائقن کان هن خطي، ۾ سنڌي شاعري وڌيڪ پختي نظر ايندي ۽ پهرين پهرين هن خطي، هن قسم جي شاعري جو رواج وڌو ۽ سنڌي شاعري کي بلند پايي تي پهچايو ۽ سنڌ جي شاعرن جي اڳواڻي ڪئي.

ڀاڱو ٻيو
باب پهريون حوالا ۽ وضاحتون:
(1)ڳوٺ مزارجو هڪ قديم ڳوٺ جيڪو ڄام نظام الدين جي وقت سن 1435ع ڌاري آباد ٿيو هو. جنهن کي ڄام مزار نالي آباد ڪيو هو. جنهن جي نالي پٺيان مزارجو ڳوٺ سڏجڻ ۾ آيو. بحوالا (ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ (قلمي، محمد شريف “شاد” ــــ 1982ع).
(2) جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ـــ چاپو ٻيو 1983ع ــ ص 52.
(3) “ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ” (قلمي) محمد شريف “شاد” جلد پهريون: 1982ع نوٽ “مٿيون بند هڪ جهوني سگهڙ سلطان احمد سومري، ان وقت لکرايو هو جڏهن راقم ضلعي شڪارپور جي ڳوٺن جي تاريخ پئي لکي.
(4) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ـــ تذڪره شعراء سکر ڇاپو پهريون ــــ اپريل 1965ع ـــ ص، ص 28، 29 مطبوعه: سنڌي ادبي سوسائٽي ڪاليج سکر.
(5)جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر ـــ سنڌي ادب جي تاريخ ـــ ڇاپو ٻيو 1983ع ص 50 مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
(6) بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر ـــ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ـــ ڇاپو ٻيو 1980ع ص 193 مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.