مُرتب پاران
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل محترم يوسف سنڌي ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. جنھن تي جيترو لکجي اهو گهٽ آهي، يوسف سنڌيءَ تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو، سندس ڪتابن تي هڪ کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ڪري سگهجن ٿيون، هن وقت تائين سندس شخصيت ۽ فن تي ڪو خاصو ڪم نه ٿيو آهي ،مون ڪوشش ڪري هڪ ننڍڙي هيءَ ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
يوسف سنڌيءَ پنهنجو نور نچوئي سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. اها توڙي ترجمي جي صورت ۾ هجي، پبلشر جي صورت ۾ هجي، يا اصلوڪن ڪتابن جي صورت ۾ هجي يا سهيڙيل ڪتابن جي صورت ۾ هجي.آءٌ ترجمي ۾ شمس العماءُ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب جو وڏو ترجمي نگار يوسف کي سڏيندو آهيان.
يوسف سنڌيءَ دڙي جي خوشبودار مٽيءَ مان جنم ورتو، ته موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش جي به مٽي به اهائي هئي، جتي عبدالغفور الستيءَ جهڙا عالم رهندا هئا.پرويز ۽ غلام حسين رنگريز جهڙا برجستا سنڌ پرست ليکڪ سندس ڀر ۾ رهندا هجن.
هن ڪتاب کان پھرين سنڌي ادب جي محسنن ڊاڪٽر عابد مظھر (ڊاڪٽر عابد مظهر فن ۽ شخصيت 2022ع) ۽ پرواني سيوهاڻيءَ تي ڪتاب (پروانو سيوهاڻي فن ۽ شخصيت 2023ع ) مرتب ڪري ڇپائي چڪو آهيان. هي ٽيون ڪتاب آهي جو سنڌ جي نامور اديب يوسف سنڌيءَ تي ’سرها ڏِٺم سي‘ (يوسف سنڌي فن ۽ شخصيت) مرتب ڪري اوهان پڙهندڙن آڏو پيش ڪري رهيو آهيان.
يوسف پنھنجي اداري سچائي اشاعت گهر دڙي طرفان پڻ ڪيترائي ڪتاب مختلف موضوعن تي ڇپائي چُڪو آهي، هي روايتي پبلشرن وانگر ڪتاب نه ٿو ڇپائي جيڪي رڳو پيسا ڪمائڻ جي پٺيان هوندا آهن، هي ادب جي خدمت طور ڪتاب ڇپائيندو رهي ٿو، ان ڪري هن وقت تائين سندس مالي حالت ڪا سگهاري ڪانهي، نه هي ڪو بيوروڪريٽ يا ڪنھن ٺٺ واري ڪرسيءَ تي رهيو آهي، هي پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل رهيو آهي، جنهن ۾ پيٽ پالي ئي مس سگهجي ٿو. هن سڄو ادبي ڪم نيڪ نيتيءَ ۽ سنڌي ادب جو خدمت گذار ٿي ڪيو آهي. جنهن تي هو گهڻو ڪجهه لهڻين ٿو .سنڌي اديب جي حالت ڪنهن کان ڳجهي ڪانھي ،جي ڪو ليکڪ ڪتاب ڇپائي ٿو وٺڻ وارن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
پر يوسف سنڌيءَ جنهن مُڙسي ۽ محنت سان ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا آهن. اها جهڙي تهڙي اديب جي وس جي ڳالهه ناهي آءٌ کيس فن ۽ شخصيت جي قدرداني ڪندي هيءَ ننڍڙي ڀيٽا پيش ڪري رهيو آهيان. سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان جن يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن ۽ شخصيت تي مضمون لکي ڏنا ۽ اوهان پڙهندڙن آڏو هي ڪتابُ پيش ڪريان ٿو. اميد ته هي پورهيو اوهان کي ضرور پسند ايندو.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
20 مئي 2023ع