سنگت جو سچار اڳواڻ يوسف سنڌي
ملهار سنڌي
سنڌي ادبي سنگت جيڪو اڌ صدي کان به وڌيڪ عرصي وارو ڪامياب سفر ڪيو آهي. ان ۾ ڪيترن ئي روشن خيال ناميارن شاعرن ۽ اديبن جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي. ان سلسلي ۾ مان غلام حسين رنگريز، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ يوسف سنڌي جي اڳواڻي ۾ سنڌي زبان ۽ علم ادب جي ترقي جي حوالي سان ٿيل لازوال ڪم کان متاثر رهيو آهيان. پر مان سمجهان ٿو ته يوسف سنڌيءَ جي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. مون اڳ ۾ هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ دليلن سان ثابت ڪيو هو ته ”يوسف سنڌيءَ وارو دؤر سنڌي ادبي سنگت جو سونهري دور آهي“ سندس سيڪريٽري جنرل واري عرصي دوران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ڪامياب انداز ۾ هلائي وئي. سنگت پبليڪيشن جا 13 شمارا شايع ٿيا، جڏهن ته مختلف ادبي موضوعن تي 50 کان وڌيڪ اهم ڪتاب پڻ ڇپايا ويا. هر سال بهترين ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا ويا. بيمار شاعرن ۽ اديبن جي سهائتا ڪئي وئي، ان کان علاوه سنڌ جي اشوز تي ڀرپور جدوجهد ڪئي وئي.
يوسف سنڌيءَ جي ڪاميابيءَ جو راز اهو آهي ته هن ليڊر هوندي به ورڪر ٿي ڪم ڪيو. يوسف سنڌيءَ ۾ تمام گهڻيون خوبيون آهن. هو هڪ نامياري اديب سان گڏ بهترين پبلشر، سٺو دوست ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ هڪ کاهوڙي ڪردار آهي. سندس انسان دوستي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت اهو آهي ته تازي آيل ٻوڏ دوران دڙي شهر کي ٻوڏ جي خطري سبب پاڻ پنهنجي خاندان سميت ٺٽي منتقل ٿي ويو ۽ خود ٻوڏ متاثر هجڻ باوجود ماڻهن کي عذاب ۾ مبتلا ڏسي، اتي ماڻهن جي مدد لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتائين.
ادب، صحافت ۽ سماجي ڪمن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ هن غير معمولي انسان پهرين آڪٽوبر 1964ع ۾ دڙي شهر جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ٻاراڻي ادب سان لکڻ جي شروعات ڪندڙ يوسف سنڌيءَ جا ٻارن لاءِ ٻه ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ ۽ ”مريخ جا مسافر“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، هن ڪيتريون ئي خوبصورت ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. سندس پهرين ڪهاڻيءَ تڏهن شايع ٿي هئي. جڏهن هو مئٽرڪ جو شاگرد هو ۽ سندس هڪ مرتب ڪيل ڪتاب ”هوشوءَ سندي هام“ جي نالي سان شايع ٿيو هو. ”چي گويرا جي ڊائري“، ”جينن لوهه لڱن ۾“، ”سدا سرها گل“، ”ڏوهاري“، ”بغاوت“ ۽ نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي سميت هن ڪيترائي اهم ڪتاب ترجمو ڪري ڇپرايا آهن. ”اونداهي ۾ سوجهرو“، ”نجم عباسي، فن ۽ شخصيت“، ”پسي تنهنجي تجلي“، ”سدائين سفر ۾“ پڻ سندس خوبصورت ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا. هو سچائي اشاعت گهر پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. سندس ڇپايل ڪيترن ئي ڪتابن کي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. هن پنهنجي لکڻين ذريعي روشن خيالي ۽ جديد فڪر جي ڳالهه ڪئي آهي. دقيانوسي ريتن ۽ رسمن کي وائکو ڪيو آهي. جي ايم مهڪري يوسف سنڌي کي مستقبل جو مرزا قليچ بيگ سڏيو آهي!
هو صحافت جو پڻ بهترين تجربو رکي ٿو. 1984ع ڌاري ’برسات‘ رسالي جو سب ايڊيٽر رهيو، جتي کيس يوسف شاهين ۽ دستگير ڀٽي جھڙن مايه ناز صحافين کان سِکڻ جو موقعو مليو. عبرت مئگزين، هزار داستان ۽ هلال پاڪستان ۾ پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وٽ رسالي کي ايڊٽ ڪرڻ جو اعليٰ فن موجود آهي. سنگت پبيلڪيشن کي خوبصورتيءَ سان ايڊٽ ڪري وقت تي ڇپرائڻ سان گڏ هن “سنجها” جي نالي سان هڪ ادبي مخزن پڻ جاري ڪيو هو. ”گيهه جو گهڙو“ جي نالي سان مشهور شهر دڙو سان تعلق رکندڙ يوسف سنڌي نوجوان ليکڪن جو هڪ وڏو حلقو پيدا ڪيو آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهڻ کان علاوه سنگت دڙي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي سنگت جي مختلف عهدن تي رهندي هو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ لڳاتار جاکوڙيندو رهيو آهي. هن پنهنجي قائدانه صلاحيتن سان سنگت کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو آهي. هو هڪ وڏي ليکڪ سان گڏ پُرخلوص محبتي، محنتي ۽ سنگت جو سچو رهنما آهي، سنڌ سان جنون جي حد تائين عشق رکندڙ يوسف سنڌي هميشه سنڌ ڌرتيءَ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا آهن. اڄوڪي سندس سالگرهه جي موقعي تي دعا ٿا ڪريون ته هو وڏي ڄمار ماڻي، سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خدمت ڪندو رهي.
]روزاني هلال پاڪستان 2- آڪٽومبر 2010ع[