شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سادو، پر آدرشي ماڻهو: يوسف سنڌي

سادو، پر آدرشي ماڻهو: يوسف سنڌي

ضراب حيدر

اڄ صبح سان جڏهن جاڳيس ته خيالن ۾ هڪڙي خوبصورت دوست جي تصوير لھي آئي. دل جي ڪنهن ڪُنڊ مان بي ساخته نِڪري ويو،
”سالگرھ مبارڪ يوسف.“
ياد آيم ته اڄ پھرين آڪٽوبر آهي يوسف سنڌيءَ جو جنم ڏينهن.
يوسف سنڌي منهنجي دوستيءَ جي ٽِڪُنڊي ۾ شامل محبوب دوست آهي. ماضي ۾ اسان گهڻو سمئو گڏ رُلندي گهاريو آهي، لاڙ جي لطافتن کان ويندي شاهه يقيق ۽ جلالي بابا تي ايندڙ انساني درد ۽ ڪرب کي اسان گڏجي محسوس ڪيو آهي. ادبي سنگت جي مھم ۽ ڪم ۾ گڏجي ڀوڳيو به آهي. منهنجي ڪيترن ڪھاڻين جو يوسف گواهه آهي، جيڪي مون ساڻس گڏجي مُشاهدو ماڻيندي لِکيون آهن.
مون پنهنجي آتم ڪٿا ”زندگيءَ جو سفر تون ۽ مان.“ ۾ يوسف سنڌيءَ جو ڪافي جاين تي ذڪر پڻ ڪيو آهي. جنهن سال 2006 ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس پاران ”شاهه لطيف“ اوارڊ پڻ کنيو هئو. آتم ڪٿا مان ڪجهه مخصوص حصا سندس جنم ڏينهن تي پيش ڪريان ٿو.
”يوسف سان منھنجي پھرين مختصر ملاقات جيتوڻيڪ عام رواجي ملاقات هئي، پر پوءِ مون يوسف جي اِسرار تي ماهوار ”هزار داستان“، جنھن جو ايڊيٽر اُن وقت يوسف سنڌي هئو، ۾ ڪھاڻيون لِکڻ شروع ڪيون، پوءِ وري سندس ئي اشاعتي اداري طرفان نڪرندڙ ”سنجها“ رسالي ۾ ڪھاڻيون لکيم.
يوسف سنڌي منھنجو مٺڙو دوست آهي، گول گپي جِھڙو، هي موٽو ماڻهو مون کي هڪڙي ڏينھن ڏاڍو وڻيو ۽ معصوم لڳو هئو، اُها، سال ٻه هزارَ جي هڪ سرد رات هئي. اسين ڀٽ شاهه ۾ مُرشد لطيف سرڪار جي آڳنڌ ۾ ويٺا هئاسين، سيارو پنھنجي عروج تي هئو، جنوري مھيني جي اُها سومر رات، فقير گل حَسن جي واري، واري رات هئي، فقير گل حسن تنبوري تي پنھنجو ڪنڌ نوائي، مرشد لطيف جو ڪلام آلاپي رهيو هئو. پاري جِھڙي سرديءَ ۾ ويتر مرشد جي ڪلام اسان جي سورن کي تپائي رکيو هئو، لطيفي راڳ دوران يوسف اوچتو پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي اوڇنگارن ۽ لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙهي ويو، مون زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن ماڻهوءَ کي ائين ايڏو روئيندو ڏٺو هئو، ڪجهه لمحن ۾ ئي يوسف جو روئڻ ايڏي ته شدت اختيار ڪري ويو، جو سندس سمورو جسم بي اختيار رڦڻ لڳو. ڪيترن لمحن تائين يوسف ائين بي وس ۽ بي اختيار ٿي روئيندو رهيو. رڦندو رهيو . سامت ۾ اچڻ کان پوءِ به محسوس ٿي رهيو هئم ته ڄڻ يوسف روئي رهيو آهي، سندس اکيون ۽ مُنھن سُڄي ڳاڙهن ٿي ويو هئو. مون اڄ سُڌو يوسف کان اُن بي اختيار ۽ زاروقطار روئڻ جو سبب نه پُڇيو آهي. جو سمجهان ٿو ته روئڻ به ڪيٿارسس جو هڪڙو ذريعو آهي.
خبر ناهي اُن رات کان پوءِ يوسف کي ڪھڙو دان ملي ويو. آءٌ ڄاڻان ٿو ته يوسف اُن رات کان پوءِ گهڻو شانت آهي ۽ ادبي دنيا جي انهن چالبازين کان گهڻو پاسيرو ٿي، لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.
يوسف سنڌي هڪڙو کاهوڙي ۽ نظرياتي ماڻهو آهي، جنھن پنھنجو گهڻو ٽائيم ڪتابن پڙهڻ ۽ سنڌي ادب جي خدمت ڪندي گذاريو آهي، مختلف رسالن جو ايڊيٽر هجڻ/ رهڻ کان سواءِ يوسف پنھنجو هڪڙو اشاعتي ادارو ”سچائي اشاعت گهر“ هلائي رهيو آهي، جنوني حد تائين دوستن سان محبت ڪندڙ هي ماڻهو، اڪثر دوستن جا ڪتاب ڇپرائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهي، جنھن ڪري هن پنھنجي اشاعتي اداري مان ڪوبه لاڀ يا پئسي ڏوڪڙ جو نفعو ڪمائڻ لاءِ ڪڏهن سوچيو ئي ناهي.
دڙي شھر جو هي بظاهر تمام سادڙو ماڻهو، پنهنجي اندر ۾ وڏا آدرش رکي ٿو، نه صرف ايترو پر علمي طور هڪڙي بڪتر بند سپاهي وانگي، ڪنهن نه ڪنهن مصروفيت يا ڪِرت ۾ محوَ رهي ٿو. منهنجو جڏهن کان ساڻس واسطو ٿيو آهي اسين دوستي جي گِھرائي ۾ ڳنڍيا آهيون، مون ڪڏهن به کيس ٿانيڪو محسوس ناهي ڪيو. هُو سدائين ڪنهن سوچ خيال يا وري ادبي ڪم ۾ مصروف هوندو آهي. اڪثر پنھنجي لائبرري ۾ ڪتابن ۾ گُم هوندو آهي، جنھن پنھنجي زندگي جو ڳچ حصو سُٺا ڪتاب گڏ ڪرڻ ۾ گذاريو آهي، هو هڪڙو ماستر ماڻهو آهي، پوءِ به حيرت ٿيندي اٿم ته هُن سُٺا ڪتاب ڪيئن ڪڻو ڪڻو ڪري گڏ ڪيا آهن، مون ڪيترا ڀيرا ڏٺو آهي ته جڏهن يوسف وٽ ڪنھن سُٺي ڪتاب وٺڻ لاءِ ڏوڪڙ نه هوندا آهن ته هي شخص پنھنجي اشاعتي اداري جا ڪجهه ڪتاب ڏئي بدلي (مٽا سٽا) ۾ پنھنجي پسند جا ڪتاب وٺي وٺندو آهي، پنھنجن اڱڻ جي ستارن پارس، امرتا، شھزاد، وشال، منظر ۽ سمير علي سان بي انت پيار ڪندڙ يوسف هينئر سوڌو، پنھنجا ڪيترائي ڪتاب ڇپرائي چُڪو آهي، جيڪي پنھنجي ۽ ٻين اشاعتي ادارن طرفان ڇپايا ويا آهن، هينئر به وٽس ڪيترن ڪتابن جو مواد تيار پيو آهي، جنھن ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. يوسف ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمي نگار پڻ آهي، جن ۾ نيلسن منڊيلا جي جيون ڪٿا ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب جيڪي نيو فيلڊس پبليڪيشن سميت ٻين اشاعتي ادارن ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.
يوسف سنڌيءَ سان منھنجي پھرين ملاقات سياري جي هڪ سرد صبح جو پريس ڪلب نوابشاهه ۾ ٿي هُئي، جڏهن هو سال اوڻويھه سؤ چورانوي ۾ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومري ۽ طارق قريشيءَ سان گڏ آيو هئو. اُنهن ڏينھن ۾ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومرو، يوسف سنڌيءَ جي حمايت ۽ ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيو هئو، سنڌ جي سمورين شاخن جي دوري تي نڪتل هو، اُن کان پوءِ مرحوم ڊاڪٽر شمس سومري سان جيڪا جُٺ اسان جي ادبي ۽ پاڻ کي سُڄاڻ سڏائيندڙ دوستن ڪئي، اُها به ڪنھن کان لڪل ڪونهي ۽ نيٺ اُن شريف ماڻهوءَ کان زوريءَ استعيفا ڏياري وئي.
يوسف ۽ منھنجي دوستيءَ جو دؤر گهڻو اڳتي هلي سال ستانوي کان شروع ٿئي ٿو، جڏهن يوسف مون کي منھنجي ٻئي پٽ سالار حيدر جي ڄمڻ تي مبارڪن جو خط لکيو ۽ پوءِ پاڻ روبرو به مبارڪون ڏيڻ لاءِ نوابشاهه آيو.
اُن کان اڳ آئون ۽ يوسف هڪٻئي تي ڏاڍا ڪاوڙيل هئاسين، ڪن غلط فھمين جي بُنيادن تي ”ڪينجهر“ رسالي جو جيڪو ”خط نمبر“ شايع ٿيو هئو، اُن ۾ هڪ ٻئي ڏانھن لکيل تکا مٺا خط ڇپرايا هئاسين.
خير پوءِ به يوسف مون تي ڪوبه ڇوهه نه ڇنڊيو، ايترو ضرور آهي ته هُن کي مون تي ڏک ضرور هئو. باوجود اُن جي بدلي ۾ هُن بي انت محبتون ئي ڏنيون آهن، سدائين زندهه دليءَ جو مظاهرو ڪندي منهنجون خطائون خط مستقيم هيٺ آنديون آهن. دل ۽ روح سان مونسان محبت ڪئي آهي، مان سندس محبتن جو مقروض آهيان.
اڄ به منهنجي پُٽ سالار حيدر جنهن جي تازو جون 2021ع ۾ شادي ٿي آهي کي ڏسندو آهي ته ڏانھس اِشارو ڪري چوندو آهي، ”ضراب! پنهنجي دوستيءَ جي عمر هيتري آهي.“ ۽ پوءِ هڪڙو ٽھڪ ڏئي کِلي پوندو آهي. ظاهري طور ته دوستيءَ جي عمر کي ڏينھَن مَھينن سالن تي ڳڻي سگهجي ٿو، پر دوستيون ته ازل جو ونڊ هونديون آهن، هر سلام دعا وارو ماڻهو دوست ناهي هوندو. مون پنهنجي آتم ڪٿا ۾ يوسف جو ڪافي حوالن سان ذڪر ڪيو آهي، پر هتي جيڪو ذڪر ڪرڻ گُهران ٿو سو اِهو به آهي، جيئن هر ماڻهو دوست ناهي هوندو اُن جي اُبتڙ يوسف هر ماڻهوءَ کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي دوست سمجهندو آهي، ماضي کان ويندي حال تائين زندگيءَ جي هر دور ۽ مرحلي ۾ يوسف دوستن لاءِ پاڻ وڃايو آهي، پنهنجي ذات جي نفي ڪندي دوستن جي انائن جو مانُ رکيو آهي. هر حال ۾ دوستن کي همٿايو ۽ اُتساهيو آهي ٻيو ته يوسف پنهنجي آدرشن ۽ ڪم سان سدائين ڪميٽيڊ (سچو) رهيو آهي.
(يوسف سنڌي جي جنم ڏينھن جي حوالي سان پھرين آڪٽوبر 2021ع تي لکيل تاثر)