شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

ڪجهه خط

ڪجهه خط

]نامياري دانشور جناب جي – ايم – مهڪري جي، يوسف سنڌي ڏانهن انگريزيءَ ۾ لکيل خط جو ترجمو، جيڪو يوسف سنڌي پنهنجن ڪِن ڪتابن ۾ مهاڳ طور به ڏنو آهي، هي خط هر سنڌي نوجوان ڏانهن سنهيو آهي.[

محترم يوسف سنڌي صاحب.
تنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ کان معلوم ٿيو توکي لکڻ ۽ ڪتابن ڇپرائڻ جو شوق آهي. جيڪو توهان طرفان مون کي (دڙي ۾) ڏنل ٻن ڪتابن مان ظاهر آهي، آءٌ انهيءَ تي تمام گهڻو خوش ٿيو آهيان، ڪاش! توهان سان اڳ ۾ ملاقات ٿئي ها.
مون کي توهان جهڙائي ماڻهو سنڌ جي اُميد ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ”اونداهيءَ تي ڦٽڪار وجهڻ کان بهتر آهي، ڪا شمع روشن ڪجي.“
ڊاڪٽر ذاڪر حسين، جامع مليه اسلاميه وارو اڪثر چوندو هو ”سياست، شدت چاهتي هئي، تعليم مدت چاهتي هئي“.
فڪري دولت ئي فقط، مادي دولت پيدا ڪري سگهي ٿي، دولت جي اربين ۽ کربين روپين جهڙوڪ: بجلي جي قُوت جي مدار ڇا تي آهي؟ ڇا انهيءَ جو مدار چند سادن ۽ سولن سمجهه ۾ ايندڙ بجلي ۽ مقناطيس جي اصولن تي نه آهي؟ ٻار اُهي اصول سمجهي سگهن ٿا.
ٿورو غور سان ڏسو ته انهن اصولن جي ڄاڻ کان اڳ ۾ دنيا ڇا هئي ۽ اڄ انهن جي ڪري دنيا ڇا آهي.
اربين ۽ کربين روپين جي دولت جهڙي ڄاڻ سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪتابن ۾ موجود آهي، جيڪو ماڻهو انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٿو، سو سنڌ جي عظيم خدمت ڪري ٿو، ماڻهو پنهنجي مادري زبان ۾ ئي ڳالهه کي بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو.
اها قدرتي ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي، جو عظيم مرزا قليچ بيگ، شيڪسپيئر، ملٽن، شيلي، ڪيٽس، ورڊس ورٿ ۽ ٽينيسن جا شاهڪار توهان لاءِ ترجمون ڪيا. انهيءَ ڪري ئي جديد فڪر ۾، سنڌي ٻولي اردو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين کان ڪافي اڳتي آهي. انهن ٻولين کي پنهنجو ڪوبه قليچ بيگ نه مليو، پر توهان وٽ آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا شئي ترجمون ڪري ٿو، سو قليچ بيگ جي دانشوراڻي ڪٽنب جو ڀاتي آهي، جيڪو ليکڪ به هو ۽ مترجم به، اها ڪيڏي نه فخر ۽ شان جي ڳالهه آهي.
مسٽر يوسف سنڌي! تنهنجي مدد ۽ تنهنجي اُتساهه سان سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ’مرزا قليچ بيگ فڪري ۽ ثقافتي انسٽيٽيوٽ‘ جي شاخ قائم ٿي سگهي ٿي. ڪابه ڳڻتي نه ڪر، پوءِ اها شاخ ننڍڙي ئي ڇو نه هجي. پنهنجي چوڌاري هم خيال ماڻهو جمع ڪر. هڪ ئي سهي، اُن سان آغاز ڪر: ”جہان دو بوتلیں رکھدیں٬ وہیں مئخانہ ہوتا ہے“.
سنڌ کي، تو جهڙن شيداين، آدرش وادين، مجنون ۽ فرهادن جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن تون پرڏيهه ويندين ته ڏسندين ته تمام طاقتور ملڪن جي تعمير آدرشي انسان جي طفيل ئي ٿي آهي.
جيڪڏهن تون عظيم جرمن يونيورسٽيون ڏسندين ته حيرت ۾ پئجي ويندين. صنعت ۽ سائنس جا عظيم پروفيسر توکي سائيڪلن تي سواري ڪندا نظر ايندا. سندن جذبو، سندن سرمستي، سندن لڳاءُ، سندن عبادت، جرمنيءَ لاءِ ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ انهن ماڻهن کي احمق سڏيندو آهيان، جيڪي سمجهن ٿا ته يورپ ۽ آمريڪا جي تهذيب ماديت پسند آهي.
پري، پري، پري.... انهن کان پري ڀڄ!
اها محبت، محبت، محبت ۽ محبت تي اڏيل آهي.
ڪهڙي محبت!؟
چڱو ٻُڌ!
ڄاڻ سان محبت.... اڻ کٽندڙ تجربن سان محبت، جنهن جو ڪو به ڇيهه نه آهي.
وطن جي محبت.... يعني وطن کي سونهن بخشڻ جي محبت، سچائيءَ سان محبت... هر حال ۾ سچائيءَ جي تلاش، ٻارن کي ڪي به ڪوڙ نه سيکارڻ.
سونهن سان محبت... يعني راڳ، ناچ، سنگيت، مصوري، مجسمه سازي، شاعري، ناٽڪ، عمارت سازي ۽ غريب ترين ماڻهن ۾ موجود سونهن سان محبت.
مهارت سان محبت، جنهن جو مظاهرو هو فقط راندين ۾ نه پر هر شئي ۾ ڪن ٿا.
خود زندگيءَ سان محبت، جنهن جو اظهار فرد جي آزادي ۽ سرهائي جي صورت ۾ ڪن ٿا.
هاڻي توهان ڏسندا ته اُهي سڀ محبتون روحاني معاملا آهن. انهن ۾ ڪهڙي مادي پرستي آهي؟ ٻڌاءِ مون کي، مسٽر يوسف سنڌي ٻڌاءِ مون کي! ڪا به نه، جيئن تون خود ڏسندين، جيترا به دفعا تون اتي ويندين. اهو ساڳيوئي ڄاڻ وارو موهه توهان ۾ به موجود آهي، دنيا جي وڏي ۾ وڏي شئي جيڪا تون هت ڌرتيءَ تي ڪري سگهين ته هم خيال ماڻهن کي مڪمل برابريءَ جي بنياد تي، کڻي اهي اڻ پڙهيل ئي ڇو نه هجن، ڇاڪاڻ ته انهن کي به ساڳيائي انساني دماغ آهن، گڏ ڪري سگهين ٿو. انهيءَ کان پوءِ ئي تنهنجي ڪم جي پُڄاڻي ٿيندي، ٿورو غور ڪري ڏس! جيڪڏهن هتي هزار قليچ بيگ هجن ها ته سنڌ اڄ ڇا هجي ها.
پر تون شروعات ڪري سگهين ٿو. تون هڪ اڳ ۾ ئي موجود آهين، تون انهن کي جرمني، انگلينڊ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ به ڏسندين.
”سمجهه ته تون خود قليچ بيگ آهين.“
اهي ملڪ ڄاڻ جي هر شعبي ۾ قليچ بيگن سان ڀريا پيا آهن. انهن کي هٽائي ڇڏيندين ته سڀئي ملڪ وري وحشي دور ڏانهن موٽي ويندا.

خلوص ۽ پيار سان تنهنجو
جي ايم مهڪري
10 اپريل 1987ع


[1]
پيارا يوسف!
حيدرآباد اچي رهڻ کان پوءِ به اوهان جو ”رولڙو“ ختم ڪونه ٿيو آهي! تنهن ڏينهن به اوهان گهر ڪونه هئا، ’خانه فرهنگ‘ واري تصوير ڇڏي هئم گهر، ملي هوندي.
هڪ لحاظ کان اهو ’رولڙو‘ چڱو به آهي، هڪ سرگرم ۽ جاکوڙيءَ کي هونءِ ئي گهر ۾ مزو ڪونه ايندو آهي ۽ اوهان جي سموري ڪاوش ۽ ترقي آهي ئي چُرپُر سان عبارت! اهو سُٺو ٿا ڪريو. ۽ هڪ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ته اوهان هلو ڇا تي ٿا.؟
مون ڪڏهن گاڏي ته اوهان وٽ ڏٺي ڪانهي، لڳي ٿو ته اوهان به مون وانگر ’جَڏا‘ آهيو، جو موٽر سائيڪل ته اوهان هلائي ڪونه ڄاڻو! اهڙيءَ صورتحال ۾ مسلسل چُرپُر لاءِ اوهان کي آفرين.
محبتون!
نفيس احمد شيخ
2011-11-29
***

[2]

پيارا يوسف سنڌي.
2015-09-13
”اڌ مهينو ايران ۾“ ... جهڙي دلپذير ڪتاب پڙهائڻ لاءِ شڪريو، پر اصل مُبارڪ اهڙي معلوماتي ۽ معياري ڪتاب لکي راس ڪرڻ تي....
سچ!. . . ته ڏاڍو مزو آيو. آءٌ اوهان جي تحريري عظمت کان ته واقف آهيان، پر اوهان جي دلنشين پيرايه بيان جا جوهر ته اِنهيءَ ڪتاب وسيلي منهنجي آڏو آيا.
تهران مان روانگيءَ جي حوالي سان، ’ملڪه فرح‘ وارو احوال ته خاص طرح متاثر ڪندڙ آهي.
پر . . . اوهان کي ”صد آفرين“ راشدي صاحب جي حوالي سان. اوهان سائين حُسام الدين شاهه جو سُهڻو ذڪر آڻي، سندس خدمتن جو، بجا طور تي، حق ادا، تذڪرو ڪيو آهي. سچ! ته راشدي صاحب جي خوشگوار ذڪر خير، سون تي سهاڳ (يا سُهاڳو) جي ثابتي ڏني آهي.
سنڌيڪا واري نُور احمد جي راءِ تي ڏاڍو کِليس جنهن ۾ ميمڻ صاحب اوهان کي ”نؤ مسلم“ اديب قرار ڏنو آهي.
(الحمدالله اوهان جي “مشرف به اسلام” ٿيڻ سان منهنجو هڪ ڀاءُ وڌيو!) “دعائون” لکڻ تي، ميان محمد موسيٰ ڀُٽي به اياز کي “نؤ مسلم” قرار ڏنو هو.
محبتون!
نفيس احمد شيخ
***
[3]
جنوري 1993ع
سائين يوسف
شال جڙيا هجو.
اوهان جي خط ملڻ شرط جواب عرض ڪري رهيو آهيان، اوهان جو ڪالم به پڙهيم، تار به پڙهيم، ڪالم ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي جو قانون جي زد ۾ اچي، مولوي صاحبان هَروڀرو جو اچي غلط مطلب ورتو آهي، ايئن ته ’شڪوه جواب شڪوه،‘ اقبال جو به زد ۾ اچي سگهي ٿو. خير ٻين سان اسان جو ڪو واسطو ڪونهي، اسان جو واسطو پنهنجي ڪيس سان آهي، جيئن مولوين اوهان جي ليک جي تشريح غلط ڪئي آهي تيئن اسان وٽ مثبت تشريح به آهي. مان هن وقت صرف قانوندان جي حيثيت ۾ صلاح ڏيئي رهيوآهيان ته اوهان ڪوبه ڏوهه ڪونه ڪيو آهي، اِها ڀنڊي مولوي صاحبان هروڀرو کڻي ٻڌي آهي.
مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اسين سڀ اوهان سان ڏک سک ۾ گڏ هونداسين، قانوني مدد هجي يا اخلاقي مدد هجي، ٻنهي صورتن ۾ مون کي پاڻ سان گڏ سمجهندا. اوهان ته سڄي قوم جو اثاثو آهيو، روبرو ملڻو هجي ته فون 2357 ميرپور خاص ڪري پوءِ حيدرآباد جو پروگرام رکي سگهجي ٿو. فون تي به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي.
مهرباني
خادم تنهنجو پنهنجو
يوسف لغاري
****
[4]
2001-06-29
پيارا يوسف!
رب ڪري توکي تنهنجي زليخا (منزل) ملي.
ٻن ٽن ڏينهن کان الاءِ ڇو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي ته اسان سمورن دوستن، پنهنجي حصي جو ڪم به تنهنجي ڪلهن ۽ توتي ڇڏي ڏنو آهي. سچ پچ اهو احساس ته هاڻ کائڻ لڳو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن حاتم طائيءَ وانگر دل چاهيندي آهي ته تنهنجي حصي جو ڪم ڪجهه ڏينهن لاءِ صحيح پاڻ کڻي وٺان، پر ڄاڻان ٿو پنهنجي طبيعت، مزاج ۽ وِت کي، ڀلا چاهيندي به آءٌ يوسف سنڌي ٿي سگهان ٿو؟ نه ڪڏهن به نه...
اها چاپلوسي تنهنجي تعريف ڪرڻ ناهي. بلڪه اهو اعتراف پنهنجي سُستيءَ ۽ تنهنجي ڪم ڪرڻ جو آ. ڪتاب ڇپائڻ کان وٺي، ’سنجها‘ ڪڍڻ ۽ ان جي مهورت جي بار کان علاوه، نيوز ليٽر ڪڍڻ، پوسٽ ڪرڻ ۽ دوستن کي خطن لکڻ تائين تون جيڪو ڪم ڪرين ٿو ۽ ان ڪم کانپوءِ به پنهنجي تخيلقي سفر کي به جاري رکيو اچين ٿو. اهو عمل تنهنجي صلاحيتن جو مظهر آهي. مون کي اُميد نه پر پڪ آهي تون اهو ٽيمپو برقرار رکيو ايندين.
ٻه ٽي ڏينهن اڳ منٺار سولنگيءَ جو خط آيو آهي. پنهنجي پراڻي رويي تي معافي گهري اٿس ۽ نه معاف ڪرڻ جي صورت ۾ پنڌ ڪري دادو اچڻ لاءِ به لکيو اٿس. مون به کيس ڊپلوميٽڪ انداز ۾ خط لکيو آهي ته جتي سچايون هونديون آهن اُتي اختلاف ضرور جنم وٺندا آهن ۽ ڪجهه معمولي اختلاف آهن. جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ۽ تنهنجي خط لکڻ کانپوءِ باقي ناهن رهيا.
ان کان علاوه ڪالهه رجب آزاد وٽ ويٺا هئاسين ته منٺار جي فون آئي ۽ منظور سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. منٺار جو خيال آهي ته ’سنجها‘ جي مهورت کانپوءِ پنهنجي ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ضرور ٿئي. ان حوالي سان منهنجو پڻ خيال آهي ته ڀلي گڏجاڻي ٿئي. تنهن ڪري دوستن کي (خاص ڪري ڪاميٽيءَ جي دوستن کي) سنجها جي مهورت جو دعوت نامو موڪلڻ سان گڏ پروگرام ۾ شرڪت سان گڏ گڏجاڻيءَ متعلق به کين آگاهه ڪري تاڪيد ڪر ته جيئن هو ضرور اچن.
نيوز ليٽر ۾ تنهنجو مضمون وڻيو، تنهنجي خاڪن جو مجموعو جلد ۽ ضرور اچڻ کپي ۽ ذاتي بلڪ تخليقي سفر کي به جاري رکيو اچ.
وقت وڏو منصف آهي. سڀاڻي توسان ضرور انصاف ڪندو. اسحاق سميجي کي سلام ڏج ۽ ڪتاب جون مبارڪون پڻ.
تنهنجو پاڇو
مشتاق ڀرڳڙي – دادو.
****
ڪراچي
24-5-1992
هڪ در تتي ماءُ، ٻي ڄَر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾.
شاهه
پيارا يوسف سنڌي:...!
ڪهڙا حال اٿئي..!؟ اميد ته خوش هوندين، تنهنجي محنت، خلوص، مستقل مزاجيءَ ۽ سچائيءَ رنگ لاٿو، سَچُ ته مون کي ويساهه نٿو اچي ته ايڏي وڏي تبديلي ڪيئن ممڪن ٿي سگهي آهي. مون کي اها ته پڪ هئي ته اوهان جي ’لطيف پينل‘ مان پيارو منٺار سوڀارو ٿيندو، اهو به وڏي مقابلي کانپوءِ ۽ جنهن جي اڳيان ادبي دنيا جو ’بيسٽ ڊپلوميٽڪ رائيٽر‘ پيارو زوار نقوي هو ۽ خاص ڳالهه ته ان کي تاج سائينءَ جو آشيروادي تاج به پاتل هو. پر منٺار کي مليل چونڊن جا رڪارڊ وؤٽ اوهان جي گڏيل محنت ۽ ذهني هم آهنگيءَ جي ساک ڀرين ٿا. ۽ منهنجي خيال ۾ اِها اوهان جي ڏاهپ ۽ وقتائتي ڏاهپ جو مظاهرو آهي جو اوهان ساهتي پينل کان الڳ ٿي پنهنجي سِر تي بار کنيو.
نئين نڪوري تبديليءَ مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ’سنڌ سنگت‘ تان وڏو سياسي ٻوجهه لهي ويو آهي. باقي پيارا تنهنجو هڪ وؤٽ تان هارائڻ به ڄڻ ته تنهنجي اڻٽر سوڀ آهي. سچ ته ڪڏهن هارائڻ ۾ به مزو اچي ويندو آهي ۽ پڪ سان ته تون سرهو هوندين ۽ ان ڪري به ته توکان ساهت کيتر جي سٻاجهي ڪوي ادل سومري کٽيو آهي، جيڪو هميشه ادبي گروهن ۽ گروهي تضادن کان ٻاهر رهيو آهي. ۽ انيڪ ادبي مامرن ۽ مونجهارن ڏانهن سندن رويو سگهارو ۽ مثبت رهيو آهي.
چونڊن کان پوءِ اخبار وارن سان ڳالهائيندي تنهنجو ڏنل بيان اسان ادبي سنگت جي گهڻگهرن لاءِ وڏو اُتساهه ۽ آٿتُ آهي ته تو جمهوري انداز سان ادل کي قبوليو آهي. ۽ اهو منظر منهنجي اکين ۾ اڃا تائين هٿيڪو آهي جڏهن تو ڊڪَ پائي ادل جهڙي نفيس ماڻهوءَ کي پنهنجي سگهارين ٻانهن ۾ جڪڙي جذباتي ٿي کيس ڳچيءَ ۽ ڳلَ کي چميو هو ته منهنجي اکين ۾ پاڻيءَ جا ترورا جرڪڻ لڳا هئا.
اميد آهي ته هاڻي تون ۽ تنهنجي پينل جا سوڀارا ساٿي ادل جا هٿ مضبوط ڪري سنڌ سنگت جو سگهارو ساهتي ڪردار جو ڙيندا.
آخر ۾ وري به توکي، پياري منٺار، ناشاد ۽ نعيم کي دل جي گهراين سان واڌايون ۽ جي ادل سان رابطو ٿئي ته کيس به ڀاڪر پائجو، پر آهستي... قرب مان تنهنجو...
اياز جاني
****
[5]
06-07-1981
پيارا يوسف !
تنهنجو پيار ڀريو، جذبي سان ٽمٽار خط پهتو. ڪير ڪنهن جا لُڙڪ اُگهي؟ هر ڪنهن جي اک آلي آهي.
ٻُڌي خوشي ٿي ته سفرناما اوهان تائين پهتا. بلڪل ٿوريون ڪاپيون اوهان تائين پهچائي سگهيو آهيان. اڍائي سالن بعد پريس مان مليا. سي به ٿوريون ڪاپيون مليون آهن. ٻنهي ڪتابن تي وڏو ئي خرچ اچي ويو، پوءِ به ڪتاب ظاهر ٿيا ته سمجهيوسين سنڌ جيجل جو قرض ڪي قدر لاٿوسين ۽ پنهنجي نماڻي ڍنگ سان دوستن وٽان مليل اٿاهه قرب جي ٿوري موٽ ڏنيسين. ڪتاب هڪ ٻئي کي ڏجو ۽ جيڪي پڙهن تن کي مون طرفان عرض ڪجو ته رايو موڪلين.
ٻئي ڪتاب سنڌ ۾ اوَل ڇپجڻا هئا. دوست ظفر حسن اِهو ڪم پاڻ تي کنيو هو. هُن کي به ڇپائڻ ۾ ويرو پئجي ويو. هاڻي ٻڌو اٿم ته ڪلا جو ڪتاب ’جي هينئڙي منجهه هُرن‘ ذري گهٽ تيار آهي، پر منهنجي ڪتاب ‘سي سڀ سانڍيم ساهه سين‘ جي خبر ڪانهي ته ڪيستائين پهتو آهي. تو جيڪا آڃ ڪئي آهي تنهن لاءِ ٿورائتو آهيان ۽ تنهنجي جذبي جي قدر ڪريان ٿو. منهنجي پاڻ دل آهي ته هتان ڪيترن کي ڪاپيون موڪلي ڪين سگهندس. هاڻي تون نه اهو ڪم ڪر جو دوست ظفر حسن سان گڏج.
جيڪڏهن هُن کي منهنجو ڪتاب ڇپائڻ جو پروگرام نه هجي ته کانئس اجازت وٺي منهنجو ڪتاب تون ڇپائي سگهين ٿو. مون کي خوشي ٿيندي. منهنجو فقط اِهو شرط ٿيندو ته ڇپائي سُٺي ٿئي ۽ ڪَوَر دلپسند هجي. (اسان جي ڪتابن تي جو اسان جا فوٽا ڏنل آهن. سا ڳالهه مون کي پسند ڪين آئي آهي. پر ڇا ڪريان؟ اسين هئاسين دُبئي ۾، خبر ئي ڪانه پئيسين ته ڪَوَر ڪهڙي نموني ٿا ڇپين!)
ڪتابَ ۽ سفر جو پس منظر ڏيڻ لاءِ، جيڪا به انڊيا ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ ڪمي رهجي ويئي آهي. دوست ظفر حسن سان رابطو رکي احوال ڏج. ٻيءَ حالت ۾ اسان جا ڪيترائي ڪتاب ٻيا آهن جيڪي تون ڇپائي سگهين ٿو. ڪي اڳي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل، خاص طور ڪلا جا ناول اِتي پڙهندڙن کي پسند ايندا. اُنهن بابت به ظفر سان ڳالهائج، ڇو جو هُن اُهي ڇپائڻ جو اِرادو ڏيکاريو هو.
هڪ ڳالهه ٻي به، اِيئن نه ٿئي جو جذبي ۾ اچي پاڻ کي مالي مشڪلات ۾ وجهين، آخر به ته خرچ جي ڳالهه آهي. اسان کي اُجورو نه کپي، پر ساڳئي وقت توهان دوستن تي به اَسهه مالي بوجو نه پوڻ کپي.
سڀني يارن دوستارن کي منهنجا سلام، شل سدا خوش هجو.
يادگيرين مان تنهنجو
موتي پرڪاش
[7]
05-10-1987ع
پيارا يوسف !
تنهنجو 24-09-87 جو لکيل خط پهتو، مهرباني.
ڄاڻي خوشي ٿي ته تو جناب ظفر حسن سان رابطو رکيو ۽ ڳالهه طئه ٿي. منهنجي ئي ڳوٺ جو اديب ۽ ادب جو شائق 39- 40 سالن بعد مون کي سُڃاڻي ۽ منهنجي سڃاڻپ ۽ ڪلا جي سڃاڻپ اسان جي ڪتابن جي وسيلي منهنجي ڳوٺ واسين سان ڪرائي، ان کان وڌيڪ خوشي ڪهڙي ٿيندي! اسان نهايت صادق جذبي سان سنڌ جو قرض چُڪايو آهي ۽ موٽ قرض چڪائڻ بعد ته ملندي ڪانهي. اوهان اسان کي پنهنجي بي غرض پيار ۽ خلوص سان مالا مال ڪيو آهي.
مون کي ڪتاب لاءِ فقط ٻن صفحن جو مهاڳ لکڻو آهي. جيڪو مان جلدي لکي موڪليندس.
اڄ رجسٽر ڪري هڪ خط دوست مگهن لال شرما کي مير پور بٺوري جي ائڊريس تي موڪليو اٿم ۽ کيس عرض ڪيو اٿم ته ڌاڃوري فقير کي مون طرفان نذرانو ڏئي، هُو پاڻيهي ڌاڃوري سان رابطي جو بندوبست ڪندو. اِهو فقط اوهان جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو.
منهنجو ڪتاب ڇپائي لاءِ ڏيڻ کان اڳ ادي سراج الحق ميمڻ دڙي واري سان صلاح ڪجو ۽ منجهس ڪا اهڙي ڳالهه هجي جيڪا هُو جيڪر ڪاٽڻ چاهي ته ڪڍي ڇڏجو، ڏينهن ٿيا آهن ته سندس ڪو احوال ڪين آيو آهي.
سڀني ساٿين لاءِ پيار ڀريا سلام.
يادگيرين مان
موتي پرڪاش
مگهن لال معرفت اوهان جا اڳيان موڪليل ڪتاب نه فقط مون پڙهيا ۽ پسند ڪيا، پر انهن جي گيٽ اپ (ڪَوَر وغيره) به سُٺي هئي.

****

[8]
03-09-2005ع
پيارا يوسف،
اميد ته ڪٽنب ۽ ساٿين سان خوش هوندا. ڪالهه اوهانجو اِتان موڪليل ڪتابن جو پارسل پهتو. هٿون هٿ هيٺيان ڪتاب هئا.
 پسي تنهنجي تجلي
 اونڌاهيءَ ۾ سوجهرو
 ڀلا آئين ڀلا پرين
 ادب (مخزن)
 سنجها (مخزن)
 نجم عباسي: فن ۽ شخصيت
 لفظ ڳالهائين ٿا
 حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون.
اوهان مون کي ياد ڪيو ۽ ڪتاب موڪليا. تنهن سبب خوشي ٿي. ڪالهه ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم. ’پسي تنهنجي تجلي‘ سڄو پڙهيم. مون بابت اوهان جيڪر لکيو آهي. سو اوهان جي قرب جي شاهدي ٿو ڏئي. اُن مضمون ۾ ڪن درستين جي گنجائش آهي. ڪتاب ۾ ته ٿي ڪين سگهنديون. پنهنجي رڪارڊ ۾ درستيون ڪري ڇڏيندا. مون بي اي آنرس. 1956ع ۾ ڪيو. 1965 ع ۾ مون بي ايڊ 1962 ۾ ڪيو. 1963 ع ۾.
’ٻال سنديش‘ جا ورهاڱي کان اڳ ڇهه يا ست پرچا نڪتا هئا ۽ نه هِڪ، اوهان پنهنجي لکڻين ۾ مون کي ياد ڪيو آهي. مرحوم اڪبر سيد به ڪٿي ذڪر ڪيو آهي. اوهان جي ڪتاب جي مهاڳ ۾ به شايد نصير مرزا ياد ڪيو آهي. اهي اوهان جا وڏا قرب آهن. اوهان شريڪانت ۽ مون کي وڏي عزت بخشي، ڊاڪٽر رجب ميمڻ به ڏاڍي سڪ ڏيکاري. الستي ته آهي ئي الستي، وڏو ڪم پيو ڪري کيس يادگيريون پهچائجو.
مرحوم اڪبر سيد جي مضمونن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سندس لکڻي لاجواب آهي. ڏاڍي پياري ۽ ڇڪيندڙ. مون کي اها خبر به اوهان جي ڪتاب مان پيئي ته ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ به اسان جو ڳوٺائي آهي. مون سندس ٿيسسز جو مسودو پڙهيو هو. ڪتاب مون کي ڊاڪٽر فهيمده حُسين اُتي ڏنو هو، پر ناچاقيءَ سبب اِتي ئي ڪٿي رهجي ويو، جنهن لاءِ افسوس اٿم.
طبيعت سڌري رهي آهي. ڪمزوري آهي. سا لهي ويندي، صدف به اوهان کي ياد ڪندو آهي. اسان پاران سڀني لاءِ سلام.
اوهان جو
موتي پرڪاش
[9]
19-11-2005

پيارا يوسف،
اوهان جو 16 آڪٽوبر تي لکيل خط هفتو اڳ پهتو، سوچيم سانهه سَتيءَ سان جواب ڏيندس. ان وچ ۾ ڪي جوابداريون نباهڻيون پيئون. جنهن ڪري جواب ۾ دير ٿي آهي.
برابر، اوهان جيڪي ڪتاب سنڌ ۾ ڏنا هئا، سي اِتي ئي رهجي ويا. طبيعت ڍلي ٿي ويئي هُئي. ڳوٺ اچڻ جي به طاقت ڪانه ٿي ڀانيم، پر شريڪانت کي پنهنجي جنم جو هنڌ ضرور ڏيکارڻو هو. دل آهي ته سندس فئمليءَ /زال ۽ ٻن ٻالڪين کي به ڳوٺ ڏيکاري وڃان. هنن ته صرف اسان واتان ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌيون آهن. دعا ڪجو ته کين به زيارت لاءِ وٺي اچي سگهان ۽ اوهان جي ٻارن سان به گڏجايان، جيئن اسان کان پوءِ اسان جو ايندڙ ۽ موجود پيڙهيون به ناتي ۾ ڍلائي نه آڻين.
شريڪانت جي ٻن ڪتابن جي پهچ ڏني اٿم، فڪر نه ڪو، ٻيا به پهچي ويندا. مون کي اِهو ٻڌائجو ته شعر و شاعريءَ جي شائـقينن سنڌ ۾ ان کي پسند ڪيو ۽ ڪتاب جو وڪرو ڪيئن ٿيو؟ اوهان کي نقصان ته ڪين پوندو. اوهين وڏيءَ دل وارا آهيو جو مالي بوجو جهجهو هوندي به قرب نباهيو ٿا، شريڪانت جي شعر بابت مان ڪجهه چوڻ نه چاهيندس، سندس شعر پاڻ ڳالھائيندو، ڪِتاب سھڻو بيٺو آهي ڇپائي به سٺي آهي.
منهنجي شعرن جو مجموعو ’تنهنجيءَ ڳليءَ جون ڳالهڙيون.‘ پريس ۾ وڃي رهيو آهي. جنوريءَ 2006 ڌاري نڪري ويندو. اول اوهان کي موڪليندس.
سنڌ جي شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس ۾ منهنجي پڙهيل مقالي جي به ڪاپي پهتي آهي. تڪليف لاءِ مهرباني.
اوهان جي ڪتابن جو پارسل جي به پهچ ڏني هئم. مون کي خبر ڪانه هئي ته اوهان ايترا سارا ڪتاب شايع ڪيا آهن. ’پسي تنهنجي تجلي‘ ٻه ٽي ڀيرا پڙهيو اٿم، ادب جي ميدان ۾ دڙو به پوئتي نه پيو آهي. اوهان جي مضمونن جو ڪتاب ڏاڍو وڻيو. ڏاڍي سادي پر جذبي واري لکڻي آهي اوهان جي. نصير مرزا ڏاڍو سٺو مُھاڳ لکيو آهي. مون طرفان اوهان ٻنهي لاءِ مبارڪون.
اوهان سان فون تي ڳالهائيندس ٻئي مهيني، ڇو جو ٻن مهينن ۾ فون جي بجيٽ ختم ٿي ويئي آهي.
آتم ڪٿا شروع ڪئي هئم. وچ ۾ ڇڏي ڏنم، جيئن اُن کي پوري ڪندس تيئن اوهان کي رواني ڪندس. اول ان تي حق اوهان جو. سرهاڻ جي ساٿين کي به اڃا ڪجهه موڪلي نه سگهيو آهيان. محمد رمضان ڀُٽي، سگا ۽ سرهاڻ جي ساٿين، ڊاڪٽر رجب ميمڻ، سراج، مگهن لال لاءِ سلام، صحت سڌري رهي آهي، منهنجي دوست پهلوان غلام سَرور جتوئي کي شريڪانت جو ڪتاب موڪلجو.
وڌيڪ ٻئي ڀيري
اوهانجو
موتي پرڪاش
****

[10]
17-11-1987
منهنجا ڀاءٌ يوسف !
منهنجو ڪتاب ’جي هيئنڙي منجهه هُرن‘ ڇپائي پڌرو ڪري مون کي مبارڪون لکيون اَٿوَ، تنهن لاءِ توهان کي جس هجي. ڇهه اٺ مهينا اڳ هندستان ۾ ڇپيو، پر جن پيار واران کان متاثر ٿي ڪتاب لِکيم، اُهي ته سنڌ ۾ ئي آهن! تنهنڪري اُتي ڇپجڻ وڌيڪ سُٺو لڳو. هاڻي ’سي سڀ سانڍيم ساهه سين،‘ جو انتظار رهندو.
دڙي جي زمين جي مٽي کڻي اکين تي رکجو، اسان طرفان ۽ دڙي ۾ رهندڙ هر هڪ ڀاءٌ ڀيڻ کي اسان جا سلام، ڌاڃورو فقير ملي ته اسان لاءِ هن کان دُعائون گُهرجو.
اسان جون لکتون ڀاءُ ظفر حسن کان وٺي ڇپائڻ جو ذمو پاڻ تي کڻي توهان اَسان لاءِ جيڪو قرب ڏيکاريوآهي، سو ياد رهندو.
ياد گيرين سان توهان جي ڀيڻ،
ڪلاموتي پرڪاش
****

[11]
1988-03-20

يوسف منهنجا ڀائر...!
تو ڏاڍو جذباتي خط لکيو آهي. مون کي پڙهي روئڻ پيو اچي. ڪير مون کي ايڏو مان ڏئي، سڪ ڏيئي، ڄڻ جيءَ ۾ سمائجڻ کان ڪجهه وڌيڪ ئي آهي! ايڏي مون منجهه لائقي اچي جيڪر، انسان جي حيثيت ۾ توڻي ليکڪا جي حيثيت ۾ اڃا ته گهڻيون ئي منزلون طئه ڪرڻيون آهن. هن جنم ۾ ٿينديون به يا نه.. يوسف بابلا! تنهنجا لک لائق. ڪير جڏهن ان طرف ايندو ته پنهنجي ڪا نه ڪا تخليق موڪلينديس، پر منهنجي هڪ ڳالهه ياد ڪجانءِ ته پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري پنهنجو ڪُٽنب ڏکيو ڪري ڪتاب نه ڇپائجان، تنهنجو جيڪو دوست توکي سهڪار ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، سو ڪير آهي اُن کي به چئجانءِ ته جذبات وهيڻو ٿي هروڀرو به پاڻ کي ستائي ڪتاب ڇپائڻا آهن، ايئن نه ڪري.
شريڪانت بمبئيءَ ۾ آهي. مان کيس لکان ٿي ته پنهنجا غزل موڪلي، هن وٽان جيئن ئي غزل ملندا توکي موڪلي ڏينديس، ’هُن‘ رات مهاڳ لکيو آهي. توکي ٻن چئن ڏينهن ۾ ملي ويندو، تنهنجي اولاد لاءِ ۽ تنهنجي ءَ ڪنوار لاءِ پيار ۽ دُعائون!
ڌاڃوري فقيرکي اسان جا پيرن تي هٿ
دڙي جي هر بني بشر لاءِ سلام.
ڪلاموتي پرڪاش
*
پيارا يوسف !
هن گڏ مهاڳ موڪليان ٿو. عنوان ’دلدارن جو دڙو وسندو رهي...‘ به ڏيئي سگهين ٿو. ٻنهي مان جيڪو توکي وڻي، هاڻي منهنجو ڪم پورو ٿيو، دير برابر ڪيم.
مگهن لال معرفت تنهنجا موڪيل ڪتاب به پهتا.
عاجز ڪريم پوري ۽ ٻيا يار ڪٿي آهن. پرويز لاءِ سلام، رنگريز، مگهن، سراج لاءِ نياز ۽ ڌاڃوري فقير لاءِ سلام
يادگيريون
موتي پرڪاش
****

[12]

1988-02-11
يوسف بابلا !
مون ته خواب ۾ به نه سوچيو هو ته منهنجي ڪا تخليق دڙي مان ڇپجي ايندي. ڪو اهڙو اِسرار به ٿيندو، سو ڪتاب ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيم. هاڻي ’سي سڀ سانڍيم ساهه سين‘ ۽ ’ڏٺي ڏينهن ٿيام‘ جو اِنتظار آهي. منهنجي ڇپيل توڻي اَڻ ڇپيل ڪتاب جيڪي به تون ڇپائڻ چاهيندين، مان توکي موڪلي ڏينديس. سنڌ ۾، سو به دڙي ۾ ڪتاب ڇپجن ته لکڻ ڄڻ وڌيڪ سجايو ٿو لڳي.!
سنڌوءَ لاءِ تو شاهه جو بيت چيو آهي:
جيڏو تنهنجو ناءُ ٻاجهه به اوڏايائي مڱان.
بس ڌڻيءَ جي ٻاجهه ۽ توهان ڀائرن جون دُعائون کيس ٺيڪ ڪري ڇڏينديون، هاڻي بهتر آهي. شريڪانت ته بمبئيءَ ۾ آهي. هن به سال کن کان غزل لکيا آهن. سندس ڪي ڇپيل / اَڻ ڇپيل غزل توکي لکي موڪلينديس.
ڌاڃوري فقير جي دُعائن جا اسين سدائين طلبگار آهيون.
تنهنجي گهر جي ڀاتين ۽ دڙي جي سڀني رهواسين لاءِ سڪ ڀريون دعائون.
ڪلاموتي
****

[13]
سن 2002-12-24
پيارا يوسف........... اميد ته خوش هوندين...! حق موجود..
محبتن سان ياد ڪرڻ لاءِ مهرباني، مون کي زندگيءَ جو هڪ عجيب تجربو ٿيو آهي ته جن ماڻهن لاءِ پنهنجي جوانيءَ جا ڪئين خوبصورت ڏينهن برباد ڪياسين، انهن ڏکئي وقت ۾ مُڙي به ڏسڻ گوارا نه ڪيو، پر جن ماڻھن لاءِ اسان جي دل ۾ ڪابه چڱي راءِ نه هئي (اسان جي گهٽ علميءَ سبب) يا جن سان چڱا نه هليا سين، ڏکئي وقت ۾ اهي ئي ماڻهو اڳتي آيا ۽ اچي منهنجي مدد ڪيائون، مان جڏهن جيل ۾ هوس تڏهن جيڪي به دل گهريا دوست هئا، انهن مان هڪ به ملڻ نه آيو، پر اهڙا ماڻهو ملڻ آيا، جن جو مون ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو. سن ۾ هڪ ماڻهو آهي، جنهن بابت ڪنهن ماڻهوءَ واتان گِلا ٻڌي مون ان تي اعتبار ڪيو ۽ ان ماڻهوءَ کان ايتري ته نفرت ڪندو هوس، جو هڪ دفعي جلال شاهه وٽ ان جي پٽ بدران ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي نوڪري وٺي ڏيڻ جي سفارش ڪيم، پر مون کي ان وقت سخت حيرت ٿي جڏهن اهو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ مون کي سندس گهر ۾ ويٺل وڏين نياڻين کي ٽيوشن ڏيڻ لاءِ چيائين. تڏهن مون کي اندر واري ڏاڍي ملامت ڪئي ته تون جنهن شخص کي خراب سمجهندو هُئين. تو جنهن شخص کي پرپٺ نقصان پهچايو، ان توتي ايترو ته اعتماد ڪيو جو هو ته کي گهر ۾ نياڻين. وٽ وٺي ٿو وڃي! ويجهڙائپ ٿي ته اهو ماڻهو مون کي ڏاڍو مخلص لڳو، ڪئين دفعا پئسا اُڌارا ڏنائين پر، مهينا گذرڻ باوجود به واپس ڏيڻ لاءِ نه چيائين. مون کي افسوس آهي جو.... ......جا ذهني غلام هئڻ ڪري اسان توهان جهڙن مخلص ماڻهن جي سنڌي ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سُڌاري لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ کي سمجهي نه سگهياسين. هاڻي جڏهن اسان جي سامهون .... ......پنهنجي حقيقي چهري سان وائکو ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي ان بيو قوفيءَ تي ڪراهت ٿي اچي.
يوسف..! تو به سن جي ان ماڻهوءَ وانگر مون سان ڀلائيءَ جو پير کنيو آهي، جنهن سان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ مون خراب ورتاءُ ڪيو هو. حيرت اٿم ته جيڪا ڪهاڻي تو ڇپي آهي اِها توکي ست سال اڳ ڏني هيم، اِها سنڀالي اٿئي! ورنه اڄ ڪلهه ته حالت اِها آهي جو هٿوهٿ ڏنل ڪئين ڪهاڻيون دوست گم ڪريو ڇڏين، ڪافي ڏينهن کان ڪا نئين شئي نه لکي اٿم، ان ڪري توڏي مواد نه پئي موڪليم، حيدرآباد ۾ هڪ ديوان جي ڪمپيوٽر سينٽر تي آيو هوس آسيءَ سان ملڻ، خبر پئي ته پنج منٽ کن اڳ تون ويٺل هئين،. ملاقات نه ٿيڻ تي افسوس ٿيو. پنهنجي ڪهاڻي اردوءَ ۾ ڇپجندي خوشي محسوس ڪندس. جڏهن ڇپجي ته اطلاع ڪندا.
اوهان جو
ايوب عمراڻي

[14]

ميرپوربٺورو
26 جنوري 2002ع
پيارا يوسف سنڌي!
جيئي سنڌ!

اُميد ته سَرها هوندؤ !

پيارا، توهان پاران ترجمو ڪيل ڪتاب ”ڀورو بگهڙ“ ڪالھه پڙهي پورو ڪيو اٿم. سچ ته ڪِتاب ايڏو جامع، ڀرپور ۽ اُتساهيندڙ آهي جو ماڻھوءَ کي پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ۽ پنھنجي اندر ۾ نوان وِلولا ۽ جذبا جاڳندي محسوس ٿين ٿا. Gfrey Wolf لکي ايڇ. سي. آرمسٽرانگ سُٺو ڪم سرانجام ڏِنو آهي ۽ اوترو ئي سُٺو ڪم توهان ان کي سنڌي ۾ لاهي سرانجام ڏِنو آهي.
ترجمو ڏاڍو سُٺو ڪيو اٿوَ، البته هڪڙي خامي رهجي وئي آهي، خبر ناهي ته اها ليکڪ کان غلطي سرزد ٿي آهي يا توهان کان اُن کي سمجهي نه سگهيا آهيون. ڪجهه جاين تي ايئن محسوس ٿو ٿئي ته قسطنطنيه ۽ استنبول ڪي الڳ ٻه شھر آهن. ايئن نه آهي. قسطنطنيه، استنبول جو پُراڻو نالو آهي. استنبول ترڪي جي يورپي حِصي ۾ آهي ۽ ٻڌو آهي ته ڏاڍو سھڻو شھر آهي. اُن ڪري ٻئي ڇاپي دوران اِها غلطي درست ڪري ڇڏجو.
بھرحال توهان بھترين ڪِتاب جو بھترين ترجمو ڪرڻ لاءِ کيرون لھڻو. اُن ڏس ۾ دِل سان واڌايون، اُميد ته آئينده به سنڌي ادب جو دامن وسيع ڪرڻ لاءِ پتوڙيندا رهندا. مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ کانپوءِ جمال عبدالناصر جي آتم ڪٿا سنڌي ۾ آڻينءَ ته ڏاڍو چڱو ٿيندو. مھرباني.

اوهانجو پنھنجو
نواز خان زئور
ميرپوربٺورو/ٺٽو، سنڌ

[15]
سينٽرل جيل حيدرآباد
04 مئي 2007ع
پيارا يوسف سنڌي!
جيئي سنڌ!

اُميد ته خيريت سان ۽ خوش هوندا !
گُذريل هفتي ”قيدي تخت لاهور جو“ جي ڪاپي پھتي اٿم. ڪِتاب ڏِسي دِل بلڪل خوش ٿي وئي آهي. ٽائٽل واهه جو ٺھرايو اٿوَ! مون کي تنھنجي تجربي تي اڳيئي ڀروسو هو، پر پوءِ به منھنجي اندازي کان وڌيڪ سُٺو، وڻندڙ ۽ اثرانگيز ٽائٽل آهي. مجموعي طور تي ڏاڍو سُٺو ڪِتاب ڇپيو آهي.
البت ٻه شيون اهڙيون آهن، جن ڏانھن توهان جو ڌيان ڇڪائڻ ضروري ٿو سمجهان. هڪ ته ڪِتاب ۾ ڪجهه چُڪون رهجي ويون آهن. ٻيو ته منھنجي خواهش هئي ته ڪِتاب سچائي اشاعت گهر پاران ڇپايو وڃي، ايئن ٿئي ها ته ڪر اڃا وڌيڪ ڀلو ٿئي ها.
ٻي ڳالھه ته ڪِتاب جون ٻه سئو کن ڪاپيون اڃا وڌيڪ ڇپرائجن ته بھتر ٿيندو. ڪِتاب کي بُڪ اسٽالن تي آڻڻ ضروري آهي. ادبي حلقن ۽ پڙهندڙن وٽ ان جي رسائي بڪ اسٽالن معرفت ئي بھتر طريقي سان ٿي سگهي ٿي. انھي سلسلي ۾ توهان کي ڪوشش وٺڻ گهرجي.
ان کانسواءِ ڪِتاب تي ڪجهه اديب دوستن کان تبصرا ۽ مضمون پڻ لکرائجن ته ڏاڍو چڱو ٿيندو. اُن ڏِس ۾ به ذميواري وري به توهان جي مٿان ئي اچي ٿي. توهان کي ئي ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪرڻو پوندو. پندرهنوار ”افيئر“ ۾ ڪتابن تي سُٺا تبصرا ڇپجن ٿا. ڪنھن دوست کان تفصيلي تبصرو لکرائي اُن ۾ به ضرور ڇپرايو.
ڪِتاب جو ڪريڊٽ مجموعي طور تي توهان، ڀاءُ ممتاز ۽ رشيد آزاد ڏانھن وڃي ٿو. توهان جون محنتون ۽ محبتون نه هُجن ها ته ڪو ڪِتاب هينئر تائين مارڪيٽ ۾ اچي/ڇپجي نه سگهي ٿا. ان سلسلي ۾ توهان جا ٿورا وِسارڻ جوڳا ناهن. باقي روايتي انداز ۾ مھربانيون مڃڻ، سمجهان ٿو ته ننڍڙي ڳالھه ٿيندي. تنھن هوندي به ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙان جا.
توهان پاران خطن جا جواب نه لِکڻ واري شڪايت برقرار اٿم. الاءِ ڪڏهن ختم ٿيندي؟ باقي ٻيو ڪُل خير آهي. سڄي سنگت کي سلام.

چڱو، جيئي سنڌ
توهانجو پنھنجو
نواز خان زئور
****
سکر- سنڌ
[16]
ساٿي يوسف سنڌي،
1991-4-13
”هزار داستان“ ۾ توهان جي ڪھاڻي ”صليب تي ٽنگيل زندگي“ سنڌ جي موجوده تقاضائن موجب گهربل عمدي انقلابي ڪھاڻي آهي، ۽ خاص طرح انڪري به، جو اُن جي مک ڪردار ڇوڪري آهي. نه ته اهڙي قسم جي ڪھاڻين جو اڪثر سورمو ڇوڪرو يا مرد بنايو ويندو آهي. البت ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻي يا سورميءَ جي پُڄاڻيءَ سان مونکي اختلاف آهي. مان پنھنجي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري سورميءَ کي بُزدل ٿي مرڻ يا آتم هتيا ڪندي نه ڏيکاريندو آهيان. پنھنجي حقيقي سماج ۾ اهڙي ڪِردار جو موت به ٿيندو آهي، تڏهن به مان هن جو اهو مرڻ مقابلو ڪندي يا سماج سان بغاوت دوران ڏيکاريندو آهيان. ورنه اهڙي ڪِردار کي ڪھاڻيءَ جو سورمو بنائڻ جو ڪھڙو مقصد؟ ڪھاڻيءَ ۾ هن کي آڻڻ يا هن بابت ڪھاڻي لِکڻ آهي ئي اُن نيت سان ته هو ٻين شخصن کان مختلف آهي يا مختلف ٿيڻ گهرجي!
۽ هن ڪھاڻيءَ ۾ ته توهان جي سورمي باشعور، باغي ۽ انقلابي آهي. اهڙي ڪِردار جو ماٺ ميٺ ۾، شڪست مڃي پاڻ کي ماري ڇڏڻ سڀاويڪ نه ٿو لڳو، سڀاويڪ نه ٿو سونھين. مونکي صفا غير فطري پيو لڳي. ڀلي سماج جا ڪيترا به پُراڻا ٻنڌڻ هئا، ڀلي اُن ڪري ڪيترائي پُراڻ پسند خاندان ڊهن ها يا هنن جي پڳ لھي ها ته به هِڪ باشعور ۽ انقلابي ڇوڪريءَ کي بغاوت ڪرڻي هئي. اهڙي بغاوت، جو موجوده توڙي ايندڙ نسل جي ڇوڪرين ۾ اهڙي سماجي ظلم خلاف اکيون ڪڍي وڏن سامھون اُٿي کڙو ٿيڻ ۽ مقابلو ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿئي ها ۽ جذبو اُڀري ها. ڪھاڻي جي موجوده پُڄاڻي پڙهي ته منھنجي خيال ۾ همت واري ۽ باشعور ڇوڪرين جا به حوصله پست ٿيندا ۽ هو بزدل بنجڻ طرف مائل ٿينديون. لڙڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ بغاوت ڪرڻ جو مظلومن ۾ شعور اُڀارڻ ضروري آهي.
دعوت نامو ته منتظمين پاڻ توهان ڏي موڪليندا ۽ مونکي ته ٻڌاين ته هو روبرو به توهان ڏي ايندا، پر مان هي ڪارڊ توهان ڏي اُن اُميد سان موڪلي رهيو آهيان ته توهان مون تي مختصر ”خاڪو“ لِکي، جشن ملھائڻ واري ڏينھن (26- اپريل جمعو)، گولڊن جوبلي سال جي نوٽ ۽ حوالي سان اخبارن ۾ ڇپرائيندا. نه رڳو عبرت، ڪاوش، خادم وطن، سنڌوءَ ۾، پر ڪراچيءَ وارين اخبارن ۾ پڻ، هيءَ منھنجي حُجت سمجھجو. ڪارڊ صحيح نموني نه ڇپرايو ويو آهي. ٻه ٽي ڏينھن اڳ ۾ به هِڪ خط لِکي چُڪو آهيان. جيئي سنڌ
نجم عباسي
****

[17]
میرے انتہائی محترم اور پیارے
جناب یوسف سندھی صاحب!
اسلام علیکم
عید سے ایک دن پہلے ہسپتال سے آیا، بیمار تھا، پھر ہمارے کالج میں کوئی غیر معمولی حالات بن گئے PMDC نے ہمارا میڈیکل اینڈ ڈینٹس کالج بند کرنے کے احکامات جاری کردے۔ سٹوڈنٹس اور سٹاف سب پریشان عدالتوں اور وکیلوں کے ساتھ رات گئے تک مٹینگز ہوتی رہی۔ ابھی معاملہ جاری ہے۔ دعا فرمائیے گا۔
مجھے دیر کا اندازہ ہے
آپ سے امید ہے معاف فرمادیں گے،
آپ نے ٍٍ'آقا' کو سندھی قالب میں ڈھال کے ایک تاریخ ساز کام کیا ہے۔ یہ آقا ﷺ کے حضور ہم جیسے مسکین غلاموں کا نذرانہ عقیدت ہے۔ ورنہ آپ کی اس محبت کے لیے زمیں و آسماں کا نذرانہ بھی کم ہے۔ انعام آقا ﷺ سے ہی ملے گا، آپ اسےکو اپنی دعا‍وں میں شامل رکے گا۔
آپ کا اپنا
ڈاکٹر ابدال بیلا

[18]
مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017ع
2017- 02-15

مانوارا سائين محترم يوسف سنڌي صاحب !
....جيئي سنڌ
مادر وطن ايوارڊ ڪميٽي انتهائي خوشي ۽ مسرت سان اوهان کي هيءَ خوشخبري ڏئي رهي آهي ته سموري زندگي اوهان پاران سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خدمت، خصوصي طور ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترجمي جي شعبي ۾ نمايان خدمتن جي مڃتا طور اوهان کي مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017 ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اوهان کي گذارش آهي ته مادر وطن ادبي ايوارڊ 2017 وٺڻ لاءِ 24 فيبروري 2017ع تي باءِ پاس حيدرآباد تي ٿيندڙ مادرِ وطن جي تقريب ۾ وقت جي پابنديءَ سان شرڪت ڪري پنهنجو ايوارڊ وصول ڪرڻ فرمائيندا.

حيدر ملاح
سيڪريٽري
مادر وطن ايوارڊ ڪميٽي
ايس ٽي پي.
****

[19]
محترم استاد ۽ اديب يوسف سنڌي
سائينءَ جي پر خلوص ۽ عاجزي واري ڪوششن ،جنهن ۾ سائين جن جو بهترين اخلاق، ثقافتي تاريخي، فني، شاعراڻي ۽ ادبي مسئلن جي ڄاڻ شامل آهي. جنهن ۾ اهو مقصد حاصل ڪيو ويو آهي. ته جيئن توهان پنهنجي چاهيندڙن لاءِ پنهنجي لڳاتار ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن ۽ همت ذريعي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تر جمو ڪيا آهن. ان جي ڪري ئي سدائين ثقافتي حلقن ۾ توهانجو ذڪر ڪيو وڃي ٿو.
ڪتاب ”حافظ شيرازي جا چونڊ هڪ سئو غزل“ جي پڌرائيءَ واري هن تقريب ۾ توهان اسانجا مهمان آهيون. جنهن ڪتاب کي توهان پنهنجي قلم سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي.انهي ڪري اسان سوچيو ته توهانجي وڏي عرصي کان جاري هن خدمت جو هن ”تحرير“ ذريعي شڪريو ادا ڪيو وڃي ۽ گڏو گڏ توهانجي اهڙي ادبي ۽ ثقافتي ڪوششن کي مستقبل ۾ جاري رکڻ لاءِ دعا آهي ته رب سائين توهانکي صحت ۽ سلامتي عنايت ڪري.
بلا شبه ادبي ۽ ثقافتي ميدان ۾ توهانجون مخلصاڻه ڪوششن هميشه ياد رکيون وينديون. جنهن ۾ توهانجي محنت ۽ همت جو وڏو حصو آهي ۽ يقين آهي ته اهڙي قسم جون ڪوششون ۽ نيڪيون ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه هونديون.
اُميد ٿا ڪريون ته توهان الله سائين تي توڪل ڪري هڪ سُٺي استاد جي حيثيت ۾ زندگيء جي هرشعبي ۾ ڪاميابي ماڻيندا ۽ هن خطي جي ثقافت ۽ ادب جي ترقي لاءِ مسلسل پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندا. آخر ۾ رب سائين جي بارگاهه ۾ دعا ٿو گهران ته توهانجيءَ هي علمي ۽ نوراني زندگي ڀلي طرح گذري ۽ انجي پڄاڻي به ڀلي ٿئي، جيڪا هر نب، ولي الله ۽ بزرگن جي خواهشن هوندي آهي.
احمد عبدالله پور
ڊائريڪٽر
خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران
حيدرآباد سنڌ

]نوٽ هيءَ سندَ آقاي احمد عبدالله پور اڳوڻي ڊئريڪٽر خانه فرهنگ جمهوري اسلامي ايران حيدرآباد پاران ”حافظ شيرازي : هڪ سئو چونڊ غزل“ جي مهورتي تقريب ۾ يوسف سنڌي کي پيش ڪئي ويئ جنهن جو اصل فارسي متن پويا ن ڏجي ٿو.مرتب[