عبد ماڃوٺي
منھنجو گهڻو ٻُڌل سُڌل، بلڪِ منھنجي ضلعي يا اڃا به ايئن چوان ماڳھين اُنھن پَٽن جو، جن جي خُماريل شامن جا کيپ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن پنھنجين اکين ۾ محسوس ڪندو آهيان. جتان جي آسپاس ۽ ٻھراڙيءَ جا گس گهيڙ، واٽون ۽ پيچرا، منھنجن پيرن جا گهڻائي ڄاتل سُڃاتل آهن! ڳاڙهو ڳٽول، وچولو قد بُت گُهنگرالو وار، ويڪرو مُرڪندڙ مُنھن، ڳالھائڻ ۾ کُلو، ملڻ جو ڪُشادو، سونھن جو سودائي، ياريءَ دوستي جو پُختو، بنھه ملنگ مزاج ماڻھوءَ آهي!
1964ع ۾ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ايم.اي، بي ايڊ تائين پڙهيو، لکڻ جي لگار ڪجهه پُراڻي، پر 1979ع کان ڇپجڻ شروع ٿيو ۽ اڄ تائين ادبي کيتر ۾ سُٺن ۽ ڪلاسيڪي ڪِتابن جي ترجمي ڪرڻ سبب سنڌ ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. ايئن نه هن رڳو 24 کن ڪتاب سنڌي ۾ اُٿلائي ادب ۾ مُلھائتو اضافو ڪيو اهي، پر سندس 4 کن طبعزاد ڪتاب ڇپيل آهن. خاص ڪري سندس خاڪن جو لکيل ڪِتاب، ”اونداهي ۾ سوجهرو“ ڳڻڻ، وڻڻ ۽ پڙهڻ جوڳو ڪِتاب آهي.
ترجمن ۾ ٻوليءَ جي رس چس کي هٿان نه وڃائڻ ۽ ڪٿي به لفظن جي زوري ڀرتي يا ڌارين ٻوليءَ مان ترجمي جي اوپرائپ محسوس ڪرڻ نه ڏِني اٿس. غرض ته ترجمي جي گُرن پيچن جو سٺو سونھون آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي حوالي سان سدائين تڪراري پر لاڳاپيل حلقي ۾ موثر، ڪتابي سلسلي ”سنجها“ ڪڍڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ مختلف اخبارن خاص ڪري ”هزار داستان“ جي ايڊيٽري دوران يا اڄڪلھه ”ڏات“ جي ”صُفحي“ ۾ روزانه ”هلال پاڪستان“ ۾ نون لکندڙن جي همت افزائي ڪرڻ ۽ کين سُڌاري سنواري شايع ڪرڻ سندس محبوب مشغلو ۽ مشن آهي!
نئين ٽھيءَ ۾ مقبول هڪ جيڏن توڙي وڏڙن ۾ وڻندڙ شخصيت طور کيس مان ڏِنو وڃي ٿو.
شال سندس قلم ايئن ئي روان دوان ۽ پاڻ چاق و چوبند رهي.
عبد ماڃوٺي
ڪراچي
15 جولاءِ 2003ع