شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

يوسف سنڌي جيئن ڏٺو مون

يوسف سنڌي جيئن ڏٺو مون

پرويز

يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ توڙي سنڌ واسين لاءِ هڪ نئون نالو نه آهي. نه ته يوسف جي ڪا عمر ايتري وڏي آهي ۽ نه ئي سنڌي ادب ۾ ڪي سنگِ مِيل کوڙيا اٿس. پر مرشد لطيف چواڻي ته ڪن جو دُڪو ئي داخل نٿو ٿئي ته ڪن جو اڻ توريو اگهاميو وڃي. اڃا ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. شايد 1984 يا 1985 جو زمانو هو. آءٌ ميرپور بٺوري جي مختيار ڪار جي آفيس ۾ ڪنهن ڪم سانگي بيٺو هوس. هڪڙو ڇوڪرو اٻالن ڪپڙن ۾، بدن جو ڀريل، قد جو بندرو، وار گهنڊيدار، ويڪرو مُنهن، آفيس جي ورانڊي ۾ گهڙيءَ هيڏانهن، گهڙيءَ هوڏانهن. ايئن خاموش خاموش. تنها تنها، مون کي اهو ڇوڪرو اوڏي مهل ڏاڍو وڻيو هو. تنهن ڪري ساڻس ڳالهائڻ ۽ نالي پُڇڻ جي خواهش کي زوريءَ دٻائي ڇڏيم. ڪجهه مهينا پوءِ يوسف ڪيڙاني جي ڳوٺ ۾، اُن وقت جي ڪوٽ لکپت جي بانديءَ محترم رسول بخش پليجي جي پرپٺ سالگرهه ملهائي پي ويئي. مون اُن محدود ڪچهريءَ ۾ محترم رسول بخش پليجي تي هڪ مختصر تاثر پڙهيو هو. جيئن ئي آءٌ تاثر ختم ڪري پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺس، تيئن اُهو ساڳيو ڇوڪرو وڌي مون وٽ آيو ۽ اچي چيائين ”سائين منهنجو نالو يوسف سنڌي آهي. اسين ڪجهه دوست گڏجي دڙي مان هڪڙو ڪتابي سلسلو جاري ڪري رهيا آهيون. توهان مهرباني ڪري اهو آرٽيڪل اسان کي ڏيو.“ اهو پهريون موقعو هو جو اسان پاڻ ۾ ڳالهايو هو.
پوءِ يوسف سنڌي، ’جن ڇڏي ڀوت ڇڏي، پر يوسف سنڌيءَ نه ڇڏي‘ جي چوڻي مطابق بنهه ڳچيءَ ۾ ويڙهجي ويو ۽ اڃا تائين ڳچيءَ ۾ ويڙهيو پيو آهي. اڄ به مون کي ڪي تمام ضروري ڪم اُڪلائڻا هئا، پر ڇا ڪجي! يوسف سنڌيءَ جو پلڙو ڀاري آهي ۽ آءٌ سڀ ڪم ڪاريون رُلائي هتي اچي سهڙيو آهيان.
يوسف سنڌي ادبي ميدان ۾ هڪڙي ڪتابي سلسلي جي مرتب جي حيثيت ۾ لٿو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اٺن ڏهن سالن جي بنهه مختصر عرصي ۾، سچائي اشاعت گهر دڙو جو پبلشر، برسات، عبرت مئگزين ۽ هزار داستان جو سب ايڊيٽر، ڪيترن ئي ڪتابي سلسلن جو سهڙيندڙ، مترجم، ڪالم نويس ۽ ڪهاڻيڪارن جي فهرست ۾ سندس نالو اچڻ لڳو آهي. پاڻ گهڻو ڪري ترجما ڪيا اٿس. بنهه ٿورڙيون ڪهاڻيون لکيون اٿس. سندس تخليقي پورهيو ڪو ايترو گهڻو ڪونهي، پر مون پهرين ڳالهه ڪئي آهي ته ڪن ماڻهن جو ڌُڪوئي داخل ڪونه ٿيندو آهي، پر يوسف سنڌيءَ جو اڻ توريو اگهامي ويو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اهڙو ٻيو ماڻهو ڪونه سُجهي، جنهن ايتري مختصر عرصي ۾ ايتري گهڻي شهرت حاصل ڪئي هُجي.
يوسف سنڌي ذاتي طرح ڏاڍو ڀَلو ماڻهو، ڏاڍو پيارو ماڻهو، موقعي شناس ماڻهو، کلڻو ملڻو، جلدي دوستي رکندو ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري ويندو. تڪڙ جي نتيجي ۾ڌڪ لڳندڙ ته وٺي دانهن ڪندو. سندس طبيعت زود رنج. جلدي ڪاوڙجي پوندو. سندس منزل ڪهڙي آهي؟ پاڻ اڃا پنهنجي منزل جو تعين ڪري نه سگهيو آهي. سندس طبيعت ۾ اضطراب، بي چيني، ولوڙ ۽ مانڌاڻ متل، سک ۽ چين جو متلاشي. تريءَ تي بهشت گهرندڙ. ڀانئي ته ڪو جيڪو ڪجهه هُو چاهي ٿو، هڪ پل ۾ ٿي پوي. وڏيون توقعائون فوري طور پوريون ٿينديون نه ڏسي ڪٿي ٽِڪي نه سگهڻ ۽ من جي ساڳي آترويلائي سندس فطرت ۾ شامل آهي. پر هڪڙي ڳالهه چئبي، سا هيءَ ته پاڻ ڏاڍو اورچ، ڏاڍو جاکوڙي ۽ ڏاڍو محنتي آهي، ۽ اِها محنت ئي آهي، جنهن کيس تمام مختصر عرصي ۾ تمام گهڻو اڳيان آڻي بيهاريو آهي. کيس اڳيان آڻڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پڻ وڏو هٿ آهي.
مون کي قوي اميد آهي ته جيڪڏهن هُن پنهنجي محنت ۽ جاکوڙ سان گڏ پنهنجي گهري ڏاهپ جو به توازن قائم رکيو ته پوءِ هُو گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. اهڙيون منجهس صلاحيتون به آهن ته وقت به وٽس جام آهي. مون کي اميد آهي ته يوسف سنڌي به سنڌ جي ٻين سُڄاڻ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن سان گڏ پنهنجي قوم جو ڪيس لڙندو ۽ پنهنجي ئي قوم ڏانهن جوابده رهندو.
] س – ا – س نئون ديرو پاران 23 جولاءِ 1992ع
۾ يوسف سنڌي مان ملهايل شام ۾پڙهيل[

جيئن مون مٿي چيو آهي يوسف سنڌيءَ کي مون پهريون ڀيرو تعلقي ميرپور بٺورو جي مختيار ڪار جي آفيس ٻاهران ورانڊي ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٿيندي ڏٺو هو. پوءِ گهڻو وقت مون يوسف کي ڪو نه ڏٺو. وري گهڻي عرصي بعد اسانجي ملاقات ٿي؟ ڪٿي ملاقات ٿي؟ اِهو مون کي چٽي طرح ياد ڪونهي، بس ايترو ياد اٿم ته يوسف سنڌي سائين غلام حسين رنگريز جي گهر ڏانهن ويندي بٺوري جي بازار مان منهنجي دوڪان اڳيان لنگهندو هو ته دعا سلام ٿيندي هئي، پوءِ اُها دعا سلام ئي ڪچهرين ۾ تبديل ٿي ۽ اڳتي هلي گهرائپ، دوستي ۽ پنهنجائپ ۾ تبديل ٿي ويئي. تيستائين پاڻ پنج ڇهه ننڍڙا ننڍڙا رسالي ٽائپ ڪتاب به شايع ڪري چڪو هو. سندس پهريون ترتيب ڏنل مخزن ”هوشوءَ سندي هام“ هو. سندس ڪتابن ڇپرائڻ بابت تمام گهڻو شوق ڏسي مون کيس صلاح ڏني ته ڇو نه هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪجي، جنهن جو نالو، مونو گرام ۽ ايڊريس هجي.بجاءِ اُن جي جو بنا ڪنهن ترتيب جي ڪڏهن ڪو ڪتاب ته ڪڏهن ڪو ڪتاب پيو ڇپرائجي. کيس منهنجي صلاح پسند آئي. ”سچائي اشاعت گهر“جو نالو تجويز ڪيو ويو. بٺوري جي اُستاد ’هر جي مل‘ کان مونو گرام ٺهرايو ويو ۽ اهڙي طرح سندس نگرانيءَ ۾ ڇپجندڙ ايندڙ ڪتاب ۾ باقاعده ’سچائي اشاعت گهر‘ طرفان شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست جاري ڪئي وئي هئي.
يوسف سنڌيءَ جون ڪي ڳالهيون جيڪي مون نوٽ ڪيون سي آهن: کيس سنڌي ڪتابن سان گڏ اردو ۽ انگريزي ڪتابن گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي. هُو ٿورو ڪَ گهڻو پڙهي به ٿو، لکي به ٿو. ڪهاڻيون، ناول، ۽ خاڪا. ترجما ڪيا اٿس. گهڻو ۽ تمام گهڻو لکڻ ۽ پڙهڻ وارا ته ٻيا آهن. پنهنجا ۽ ٻين ليکڪن جا هيستائين 55-60 ڪتاب سچائي اشاعت گهر طرفان ڇپرائي چڪو آهي. ڳچ سالن کان سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۾ سندس مرڪزي ڪردار رهيو آهي. جيڪڏهن آءٌ هيئن چوان ته هڪ سياسي تنظيم طرفان تاج جويو جي معرفت سنڌي ادبي سنگت تي ڪيل قبضو ڇڏرائڻ ۾ يوسف سنڌيءَ ۽ سندس دوستن جو مکيه رول رهيو آهي ته اِهو وڌاءُ ڪونهي. يوسف سنڌيءَ جي سنڌ ڌرتيءَ سان بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڪمٽمينٽ آهي، پر هُو ڪنهن به قوم پرست تنظيم يا سياسي پارٽيءَ جو انتخاب ڪري نه سگهيو آهي، جيڪا سندس خيال موجب سنڌ جي نجات جو ذريعو بنجي سگهي. نه ئي وري وٽس ڪا گائيڊ لائين آهي، جنهن مطابق سنڌ جي مسئلن جو حل ڳولي سگهجي. منجهس هڪ عجيب قسم جو اضطراب، ڪشمڪش ۽ هيجان هوندو آهي. جيڪو کيس ڪنهن هڪ جاءِ تي هڪ دليو ۽ هڪ مُنو ٿي ويهڻ نه ڏيندو آهي.جيئن مون محسوس ڪيو آهي ته هُو ڪنهن به تنظيم ۾ گهڻي دير تائين رهي نه سگهندو. ڇو ته ڪنهن به تنظيم جي مکيه اصولن مان هڪ آهي ضابطي جي پابندي يعني ڊسيپلين ۽ يوسف گهڻي دير تائين پابند رهي نٿو سگهي.هُو دڙي جي اهڙي ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکي ٿو جيڪي پاڻ کي ”ارباب“ سڏائي پنهنجي برتري ظاهر ڪن ٿا. توڙي جو يوسف ان برادريءَ سان تعلق رکندي به خانداني طرح بنهه مسڪين ماڻهو رهيو آهي. سندس والد به غريب هو، پر جيئن ته اربابن جي خاندان سان تعلق هئڻ ڪري برتريءَ جا جيوڙا منجهس به موجود آهن ۽ جيئن ته ارباب پڻ گهڻي دير تائين ڪنهن جي پابنديءَ هيٺ نٿا رهي سگهن، سو اِها ڳالهه به يوسف ۾ آهي. شخصي طرح هُن گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته هُو انهن رجحانن مان جند ڇڏائي، تنهن هوندي به مٿس ڪڏهن ڪڏهن اُهي ڪيفيتون حاوي ٿي وينديون آهن. هُن سماجي فلاحي تنظيمون پڻ ٺاهيون، پهريائين سندس سربراهيءَ ۾، پوءِ اُها سربراهي ٻين دوستن جي حوالي ڪيائين، پر مکيه طر ماسٽر مائينڊ پاڻ رهيو. تنهن ڪري اُهي تنظيمون هلي نه سگهيون. هُو نجي اشاعتي ادارن طرفان شايع ٿيندڙ ڪيترن ئي رسالن، ڊائجسٽن، اخبارن ۽ پنڌرهن روزه سلسلن جو سب ايڊيٽر به رهيو. هُن پنهنجي ادارت هيٺ ماهوار، ٽماهي ۽ ٻه ماهي رسالا جاري ڪيا.سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان ٻه ماهي ”سنگت“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو. هن مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ آرٽيڪل پڻ لکيا. هُو ڪيترن سالن کان سنڌي ادبي سنگت شاخ دڙو طرفان ننڍا توڙي وڏا فنڪشن ڪندو رهيو آهي.جيئن جتي ڪٿي ۽ هر هنڌ ڪي اهڙا عنصر به لازمي طرح هوندا آهن، جيڪي نه پاڻ ڪجهه ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ نه وري ٻئي ڪنهن کي ڪجهه ڪرڻ ڏيندا آهن.دڙي شهر ۾ به يوسف سنڌيءَ جي دوستن احبابن جي حلقي ۾ ڪي اهڙابه عنصر موجود رهيا آهن، جيڪي پاڻ به ڪجهه ڪرڻ نٿا چاهين ۽ يوسف کي به ڪجهه ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پنهنجو رول ادا ڪندا رهيا آهن. انهن دوستن احبابن جي اهڙي منفي رويي ۽ ڪردار ڪري ڪڏهن ڪڏهن يوسف ڏاڍو مايوس به ٿيندو آهي. پر پوءِ وري به پنهنجي ڌُن ۾ لڳي ويندو آهي.
ادبي ميدان ۾، جڏهن منهنجو واسطو، پريس، پبليڪيشن ۽ پرنٽ ميڊيا سينٽر حيدرآباد سان جهڙو ڪر ٽُٽي چڪو هو ۽ آءٌ رڳو هٽ واپاري ٿيو بٺوري جي بازار ۾ڪپڙي جي دوڪان تي ويٺو هوس. واپار ڪندي ڪندي ڪهاڻيون پيو لکندو هوس. تڏهن يوسف سنڌيءَ مون کي ’سچائي اشاعت گهر‘ طرفان ڪهاڻي ڪتاب ڇپرائڻ جي آڇ ڪئي. اُن کان اڳ منهنجي ترجمو ڪيل چيني ڪهاڻيءَ تي مشتمل ننڍڙي ڪتابچي ”نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ“ جو ٻيو ڇاپو ۽ هڪڙو فلسطيني ادب تي مشتمل ترجمو ٿيل ڪتابچو به شايع ڪري چڪو هو. مون اُها آڇ قبول ڪئي ۽ 1988ع ۾ منهنجو ٻيون، ڪهاڻي ڪتاب ”رت جا ڦڙا“ ڇپجي آيو، جنهن جو سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو ۽ مهربان دوستن غلام حسين رنگريز، يوسف سنڌي ۽ منگهن لال شرما جي تعاون سان بٺوري ۾ مهورت پڻ ٿيو هو.
ڪجهه سالن کانپوءِ، جڏهن منهنجو ڪپڙي جو دوڪان ماٺو ٿيڻ لڳو هو، تڏهن هڪ رات اوچتو منهنجي پراڻي گهر اڳيان هڪڙِي گاڏي بيهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. درتي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي مون دروازو کوليو ته يوسف سنڌي ۽ ابراهيم گُل بيٺل ڏٺم. کين ڪوٺي اندر آيس. خبرون چارون پڇيون مان. يوسف چيو ته ”عبدالغفور الستي صاحب جي اين جي او ”آستان لطيف سماجي تنظيم“ (الست) ۾ ڊي ايم او (ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر) جي پوسٽ لاءِ گريجوئيٽ اميدوار گهرجي، اسان جي خيال ۾ انهيءَ پوسٽ لاءِ تون مناسب اميدوار آهين. جي خيال هجيئي ته هليا گڏجي ڪم ڪريون،“ توڙي جو منهنجو ڪپڙي جي دوڪان تي حيدرآباد جي واپارين جو ڪجهه قرض ٿي ويو هو. پر پوءِ به منهنجو گذر ٺيڪ ٺاڪ پئي ٿيو. منهنجو پٽ ياسر انٽر سائنس پاس ڪري انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جي انتظار ۾ سال جو گيپ ويهي گذاري رهيو هو.سو مون سان گڏ دوڪان تي هو.مون کي اربابن جي مَٿي تان هٿ ڦيري ڪم ڪڍڻ واري ذهنيت جي خبر هئي. پر ڇاڪاڻ ته عبدالغفور الستي صاحب ارباب هوندي به سنڌي ادب سان ڏورڻ ڏيندو پئي آيو ۽ خود الست جو پروگرام به سنڌ جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ هو. تنهن ڪري مون مناسب سمجهيو ته انهيءَ نيڪ ڪم ۾ آءٌ به جيڪر پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪريان ته ڏاڍو سٺو. اِهو سوچي مون پنهنجو هلندڙ دوڪان ننڍڙِي ڇوڪر جي حوالي ڪري، يونيسيف طرفان مقرر ڇهه هزار روپيه پگهار جي جاءِ تي اڌ پگهار يعني ٽن هزارن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر طئي اهو ٿيو هو ته هلندڙ سال جا اٺ نَوَ مهينا پورا ڪري نئين ايندڙ سال کان مونکي فل پگهار يعني ڇهه هزار ڏنو ويندو. اِنهيءَ اڻ لکيل ايگريمينٽ ۾ يوسف سنڌي، ابراهيم گل ۽ نظير دايو پڻ موجود هئا، جيڪي الست تنظيم جا عهديدار پڻ هئا. پر جڏهن سال پورو ٿيڻ کي ويجهو آيو، تڏهن عبدالغفور الستي صاحب پنهنجي روايتي انداز ۾ پنهنجي ڪيل واعدي ۽ ايگريمينيٽ تان ڦري ويو ۽ اِها ڳالهه ٻولهه به يوسف سنڌيءَ جي روبرو ٿي هئي. مون کي تڏهن تمام گهڻي تڪليف پهتي هئي، ۽ شايد هڪ ڀيرو تنهائيءَ ۾، تڏهن، جڏهن غلام قادر پليجي جي ”مڪلي اِن“ ريسٽورينٽ پئي هلايم، رات جو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو کٽ تي ليٽيل هوس. پنهنجي زندگيءَ جي هيٺاهين مٿاهين بابت پئي سوچيم. دوستن جي وفائن ۽ بيوفائين جا ويوئلز (نظارا) ذهن ۾ پئي ڦريا، جڏهن اِهو منظر سامهون آيو، جنهن ۾ الستيءَ عبدالغفور صاحب روايتي ارباباڻو انداز اختيار ڪيو ۽ بظاهر چهري تي چاڙهيل فقيراڻو ماسڪ لاهي، ڪرسيءَ کي ڦيري سندس پُٺ مون ڏانهن ڪري چيائين ته ”اهڙو ڪو به معاهدو ڪونهي ٿيل، جنهن موجب توکي ڇهه هزار ڏنا وڃن.ڪم ڪرڻو اٿئي ته ٽن هزارن تي جاري رک، نه ته ڀلي هليو وڃ.“ اوڏي مهل يوسف سنڌي موجود هو، پر بنهه خاموش رهيو. جرئت ڪري سندس چاچي يعني عبدالغفور الستيءَ کي رڳو ٻه لفظ به ڪو نه چيائين ته برابر اِهو معاهدو ٿيل هو. مون کي سندس اُن خاموشيءَ ڏاڍو ڏاڍو ڏکويو، اِهو منظر پنهنجي ياداشت جي اسڪرين تي اچڻ مهل منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙيا هئا. مون کي يوسف مان اِها توقع ڪانه هئي. مون کي خبر هئي ته الستي صاحب يوسف کي به اوبلائيج ڪو نه ڪري ها.پر منهنجي دل چاهيو ٿي ته يوسف منهنجي لاءِ احتجاج ڪري. احتجاج نه مڃڻ جي صورت ۾ مون سان گڏ ادارو ڇڏي ڏي ها. ڇو ته آءٌ سندس چوڻ تي پنهنجو هلندڙ دوڪان ڇڏي هليو آيو هوس. پر سندس خاموشيءَ مون کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو هو. ان رات مون وڌيڪ ويوئلز ڏسڻ بند ڪري ڇڏيا. مون پاڻ کي وڌيڪ ڏکوئڻ نٿي چاهيو. ڇو ته اُن رات خبر ناهي ڇو رڳو بيوفائين جي ويوئلز جي سيريز پئي هلي! مون يوسف کي ڪڏهن به ميار ڪانه ڏني. مون کيس ڪڏهن به اِهو محسوس ڪو نه ڪرايو ته مون کي ڪڏهن تو به پنهنجي خاموشيءَ سان ڏنڀ ڏنا هئا. پر تازو جڏهن پاڻ تاڪيد ڪئي هئائين ته سندس باري ۾ سڀ سچ لکان، تڏهن الاجي ڇو سندس فرمائش پوري ڪرڻ کان رهي ڪو نه پيو سگهان.
يوسف سنڌيءَ اڪثر منهنجون ڪهاڻيون مون کان وٺي وڃي ساڻس لاڳاپيل رسالن ۾ ڇاپيون، سندس معرفت ٻين رسالن ۾ به منهنجو مواد ڇپجڻ لڳو، سندس معرفت اخبارن ۾ آءٌ ڇپجڻ لڳس. سندس معرفت اشاعتي ادارن منهنجا ڪجهه ڪتاب شايع ڪيا، سندس ئي همت افزائي ڪرڻ ۽ زور ڀرڻ تي مون ڳچ جيترا ترجما ڪيا.سندس اشاعتي اداري طرفان ۽ تعاون سان ئي منهنجا گهڻي کان گهڻا ڪتاب شايع ٿيا. ادبي محلفن ۾ مون کي دعوتون ملڻ لڳيون يا محفلن ۾ آرٽيڪل پڙهڻ يا اسٽيج تي ويهڻ جا موقعا پڻ يوسف جي ڪري ئي ملڻ لڳا. هڪ هنڌ پنهنجي پيارن ۽ ويجهن دوستن جو ذڪر لکندي جيڪي نالا کنيا هئائين، تن ۾ مون پنهنجو نالو نه ڏسي سوچيم ته ”اڙي! اديءَ کي جن نڪا ڪَن، ادو عشق ۾ انڌو!!“ يوسف ته مون کي پُڇي ئي ڪو نه ٿو ۽ آءٌ اجايو وهلور پيو وڃان! پوءِ جڏهن ٻئي هنڌ منهنجي باري ۾ لکيائين ”سائين پرويز منهنجو اهڙو دوست آهي، جنهن جهڙو دوست شل هر ڪنهن کي نصيب ٿئي. پر مون ته کيس ڪڏهن به دوستن ۾ شمار ناهي ڪيو. هو منهنجو رهبر، سونهون ۽ گهر جي وڏي ڀاتيءَ جي حيثيت ٿو رکي ۽ گهر ڀاتي، گهر ڀاتي ئي ته هوندو آهي، جنهن سان ڪي به ليکا چوکا ناهن هوندا. ۽ سائين پرويز ڪڏهن به اسان سان ليکا ناهن ڪيا.“
يوسف سنڌيءَجي معرفت ئي نه رڳو مون کي گهڻن اديبن ۽ ادب دوستن شخصيتن سان ملڻ جا موقعا مليا، پر ڪجهه اهڙن دوستن سان دوستي به ٿي، جن سان ملي مون کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيندو آهي. توڙي جو انهن جي ۽ منهنجي عمر ۾ گهڻو فرق آهي، پر پوءِ به ڪچهرين ۾ ويهندي عمر پنهنجون حد بنديون ختم ڪري ڇڏيندي آهي.
يوسف سنڌيءَ نه رڳو ادبي ميدان ۾ مون تي ئي سيڙپ ڪئي، پر هُن اسانجي تَرَ جي ٻين به ڪيترن ئي گمنام ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ ليکڪن کي، پنهنجي اداري طرفان سندن ڪتاب شايع ڪري صاحب ڪتاب بنائڻ ۾ مدد ڪئي. نه رڳو سندن ڪتاب شايع ڪرايائين، پر سندن مواد مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڊائجسٽن ۾ پڻ شايع ڪرائي کين ليکڪن جي قطار ۾ آڻي بيهارڻ ۾ به سندن مدد ڪئي. يوسف سنڌي غريب مائٽن جو غريب ٻار هو، اسڪول ۾ به جڏو شاگرد هو.هُن پهريائين پرائمري ماستر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ گڏوگڏ تعليم جو سلسلو به جاري رکيائين. بعد ۾ سيڪنڊري استاد مقرر ٿيو. جيڪو ئي سندس ذريعهءِ معاش آهي، اُن سان گڏ هُن لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو پڻ جاري رکيو آهي.سنڌي ادبي سنگت ۾ به مکيه رول ادا ڪندو رهيو آهي. هُن جي عمر اڃا ايڏي ڪا وڏي ڪانهي، جو ايئن چئي سگهجي ته هُو پنهنجي حصي جو ڪم پورو ڪري چڪو آهي. کيس اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. سندس صحت، عمر، حوصلي، صلاحيتن ۽ اُتساهه کي ڏسي اِها اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي ته شال هُو ”ڪجهه ٿي ڏيکاري!“، ”اُهو ڪجهه“، جيڪو هر ڪنهن جي حصي ۾ ڪو نه ايندو آهي، يوسف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي 27 اپريل 2008ع وارين مرڪزي چونڊن ۾ سنگت تي سالن کان قابض تاج جويي کي هارائي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي.
]پرويز جي آتم ڪهاڻي ”پيهي جان پاڻ ۾“ مان ورتل[