هن عشق جي انداز کي ڇا چئجي؟
هوش محمد ڀٽي
مولانا روميءَ فرمايو آهي ته، ”هر اهو عمل جيڪو توکي خوش رکي، اهائي اوهان جي لاءِ سڌي واٽ (صراط مستقيم) آهي.“
يوسف سنڌي جي لاءِ صراط مستقم وارو ڪم لکڻ، ڪتاب ڇپرائڻ ۽ پڙهڻ آهي. هن جهڙو Bibliophile مون ڪٿي به ڪونه ڏٺو آهي، ڪتابن جون ڳالهيون ايئن پيو ڪندو آهي، جيئن ڪو عاشق پنهنجي معشوق جي ادائن کي ساراهيندو آهي.
يوسف سنڌي جڏهن به ملندو اٿم ته هن جي کري راءِ مون کي کائي ويندي آهي. مون جڏهن به هن جي ڳالهين تي سوچيو آهي ته مون کي ايئن محسوس ٿيو آهي ته هن کي زندگيءَ جيڪو تلخيءَ سان سيکاريو آهي، هو اهوئي اظهاريندو آهي. ادب تي ڳالهائيندو ته چوندو ’فلاڻو ته بيڪار ٿو لکي‘. ادبي ڪتابن بابت سندس خيال سدائين درست ثابت ٿيندا آهن. هو تحقيق تي اڪثر مون کي ٽوڪيندو ۽ ٻين محققن بابت منفرد راءِ ڏيندو آهي، جيڪي ڳالهيون ڪڏهن مون کي مغالطو لڳنديون آهن، پر مون جڏهن هن جو ڪتاب ”سنڌي ادب“ پڙهيو، جنهن ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو ورتل آهي ته مون کي يوسف سنڌيءَ جي ادبي پورهئي ۽ نقطه نظر لاءِ احترام ۽ پيار جوجذبو اُڀري آيو.
يوسف سنڌي، تخليقي ادب تي معياري قسم جي تحقيق ۽ تنقيد ڪري به ڄاڻي. عزت ۽ شهرت جي عمارت صبر ۽ محنت تي اڏجندي آهي. يوسف سنڌي کي جيڪا عزت ۽ شهرت ملي آهي، ان جو سبب سندس لڳاتار محنت ۽ صبر آهي. هو ڪم جي حوالي سان صفا مڇڏ (crazy man) آهي. جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو آهي. ان کي توڙ تائين پهچائيندو آهي، جنهن ڪري ڪم جي حوالي سان سندس مداحن جو چڱو موچارو حلقو موجود آهي.
يوسف سنڌي سان منهنجي جيتري به ويجهڙائي رهي آهي، ان مان مون محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ بي چين روح آهي، سندس اندر ۾ سدائين آنڌ مانڌ رهندي آهي. سندس جيترو ادبي پورهيو آهي، اوتري کيس مڃتا نه ملي آهي. کيس محروميت جا پاڇا به وڪوڙي ويٺا هوندا آهن، ساڻس سدائين سورن جو ساٿ رهيوآهي. هن جو کلڻ هڪ سڏڪو محسوس ٿيندو اٿم، جيڪو ڪوئي سُڻي نه سگهيو آهي.
اسان جڏهن به ملندا آهيون ته هو زندگيءَ جي خالي پڻي جي شڪايت ڪندي نظر ايندو آهي، پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنھن ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ جي ڪم ۾ رڌل نظر ايندو آهي.
يوسف سنڌي بلا جي حُسناڪين جي اثر هيٺ رهيو آهي، سندس زندگي جي اُن پاسي تي ڳالهائي اسان ٻيئي ڏاڍو کلندا آهيون، يوسف سنڌي احساس ڪمتريءَ جو شڪار به رهيو آهي. نفسياتي طرح احساس ڪمتريءَ جو شڪار اهو رهندو آهي. جنهن کي گهربل مقام ملي نه سگهندو آهي. يوسف سنڌي جو واسطوهڪ غريب ڪٽنب سان هو. سندس بابو ڍڳا گاڏي هلائيندو هو، جنهن ڪري کيس جانورن لاءِ وڏي اُنسيت هوندي هئي، هو پنهنجي ٻن ڍڳن لاءِ چوندو هو ته ”هي ٻيئي ڍڳا مون کي ايترا مِٺا آهن، جيترو پنهنجو پُٽ يوسف مِٺو اٿم.“
يوسف سنڌيءَ جي پيءُ جو نالو محمد هاشم ۽ امڙ جو نالو صفوران آهي. سندس جنم دڙي ۾ ٿيو ۽ اُتي ئي وڌي وڏو ٿيو. ۽ تعليم به دڙي ۾ ئي پرايائين هِن جي جنم تي پيءُ مٿس پنهنجي ننڍي هوندي گذاري ويل ڀاءُ جو نالو محمد يوسف رکيو. يوسف سنڌيءَ کان اڳ ۾ سندس ٽن ڀينرن عزيزان، مريم ۽ غلام فاطمه جو جنم ٿيو هو ۽ کائنس پوءِ چوٿين ڀيڻ ياسيمن ڄائي. يوسف سنڌيءَ جي جنم کان هڪ سال پوءِ پاڪ. ڀارت جنگ لڳي ۽ بلئڪ آئوٽ سبب يوسف سنڌي، سُمهي نه سگهندو هو، هو روشني چاهيندو هو، ايئن يوسف سنڌي کي ننڍپڻ کان ئي اونداهيءَ کان نفرت رهي، يوسف سنڌي جي لکڻ موجب سندس جنم پهرين آڪٽومبر 1964ع تي ٿيو. جڏهن ته اسڪولي رڪارڊ ۾ اهو 2 جنوري 1967ع لکيل آهي.
يوسف سنڌي ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي. منجهس اڳواڻي ڪرڻ جا گُڻ موجود آهن، جنهن جو وڏو مثال اهو آهي ته هو جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ۽ ان جي اڳواڻي سنڀاليائين ته ٻن سالن تائين هن جنهن نموني سنگت کي سرگرم رکيو، ۽ سنگت جي ڪارڪنن ۽ شاخن ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو، اهو ڪنهن به لمحي ٿڌو نه ٿيو. اهو يوسف سنڌي جي اڳواڻي جو جوهرهو جو هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بنائڻ جي مهم کي ايترو ته تيز ڪيو، جو نه رڳو صوبائي سطح تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پر سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي پاران محترم محمد ابراهيم جويي جي اڳواڻيءَ ۾ ٻولي ڪميٽي ٺاهي ويئي جنهن هڪ ڊرافٽ تيار ڪيو هو، جيڪو مرڪزي سطح تي موڪليو ويو. يوسف سنڌي پڻ ان ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. اها يوسف سنڌيءَ جي ئي اڳواڻي هئي، جو سندس مدي دوران قومي اسيمبلي ۾ لڳ ڀڳ 31 ميمبرن قومي اسيمبليءَ ۾ ٻولين وارو بل پيش ڪيو.
يوسف سنڌيءَ جي سنگت جي سيڪريٽري جنرل واري مُدي دوران سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترائي اهم ۽ بنيادي نوعيت جا ڪم ٿيا. جهڙوڪ ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم‘ هلائڻ، سنگت مخزن جي لڳاتار اشاعت، ملڪ جي ٻين ادبي تنظيمن مان رابطا ۽ انٽرايڪشن، سنڌي ٻولي ۾ ڇپيل مختلف صنفن جي ڪتابن تي لڳاتار ايوارڊ ڏيڻ، شاخن کي سندن ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ، سنگت جي آفيس جي قيام لاءِ ڪوششون ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت کان آفيس جي قيام جي سلسلي ۾ پنج لک روپيا گرانٽ وٺڻ، اڪادمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد کان پهريون ڀيرو ڪتابن جي ڇپائي جي سلسلي ۾ سالياني پنجاهه هزار روپيا گرانٽ منظور ڪرائڻ، جن مان سنگت پبليڪيشن پاران ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپيا، جن ۾ رشيد ڀٽي جو اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب ”تصوف ادورڪلاسيڪي سنڌي شاعري“ به شامل آهي، جنهن جو پوءِ ڪلچر کاتي سليم نور حسن کان انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو . يوسف سنڌي پنهنجي مُدي دوران سنگت پاران پهريون ڀيرو ”لائف ٽائيم اچيومنٽ“ ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو، پهرين سال سنڌ جي ٻن مثالي ليکڪن امر جليل ۽ جناب الطاف شيخ کي ڏنو ويو ۽ ان ايوارڊ کي ڏيڻ لاءِ هڪ شاندار تقريب 17 مئي 2009ع تي سنڌي لئنگيج اٿارٽي جي هال ۾ ٿي گذري، جنهن جي صدارت تڏهوڪي ڪلچر منسٽر محترمه سسئي پليجو ڪئي. ان شانائتي ۽ ڀرپور تقريب ۾ سڄي سنڌ مان سنگت جي ڪارڪنن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، محترم الطاف شيخ ان ايوارڊ تقريب جون ڏاڍيون خوبصورت ساروڻيون لکيون، جيڪي پهرين سنگت پبليڪيشن جي، جون - جولاءِ 2009ع واري پرچي ۾ ڇپيون ۽ پوءِ سندس ڪتاب ”ڏيهه ۽ پر ڏيهه جا سفر“ ۾ ڇپيون، انهن ساروڻين ۾ الطاف شيخ کيس سنگت پاران ملندڙ ان ايوارڊ کي پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهدي لکيو:
”اڄ کان ويهه سال اڳ 1989ع ۾ ملائيشيا حڪومت منهنجي ادبي خذمتن ڪري مون کي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بابت ملاڪا صوبي جي چيف سيڪريٽري ايوارڊ ڏيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ مون کي فون ڪري ٻڌايو. چيف سيڪريٽريءَ فون تي ئي ٻڌايو ته هنن کي پاڪستان جي سفارتخاني ۽ قونصل خاني کان معلوم ٿيوآهي ته آءٌ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وچ ۽ بهتر تعلقات پيدا ڪرڻ خاطر ملڪ ۽ ان جي ادب، ڪلچر ۽ ثقافت کي پاڪستانين ۾ متعارف ڪرائي رهيو آهيان، بهرحال مون سوچيو به ڪونه هو ته منهنجي سفرنامن ڇپجڻ ڪري پڙهندڙن جي ايندڙ خطن کان علاوه مون کي مفت ۾ هيڏو وڏو انعام ملي ويندو، پر هينئر ٿو اهي ڏينهن ياد ڪريان ته مون کي ان ايوارڊ جو ٻڌي ڪا خاص خوشي نه ٿي هئي، جيتري هينئر سنڌي ادبي سنگت جي ايوارڊ جو ٻڌي ٿيم. جيتوڻيڪ ملائيشيا وارن مون کي هڪ خوبصورت سرٽيفڪيٽ کان علاوه ٽن تولن جو سونو ٻلو (Medal) به ڏنو هو ۽ هن ايوارڊ (PJK) Pinrgat Jasa Kebatain جي اهميت جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وڏا وڏا سرجن، انجنيئر، پروفيسر وغيره هن ايوارڊ ملڻ بعد پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ تي نالي بعد مختلف ڊگريون لکڻ بدران فقط PJK لکرائي ڇڏيندا آهن ۽ هيڏانهن ڪنهن مون کي ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت وارا ايوارڊ طور هڪ پلاسٽڪ جي شيلڊ ڏيندا، پر ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي خوشي ۽ Exciemnt محسوس ٿي، ڇو جو هي ايوارڊ مون کي پنهنجن ماڻهن طرفان ملي رهيو هو.“
مون کي خوشي آهي ته ان ايوارڊ تقريب ۾ مان نه رڳو موجود هئس، پر پروگرام جو انتظام سنڀالڻ واري ’والنٽيئرس ڪميٽي‘ ۾ پڻ شامل هئس، يوسف سنڌي پروگرامن کي نهايت منظم نموني ترتيب ڏيندو هو ۽ ان ڪميٽي ۾ شامل سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن جيڪي سڀ نوجوان هئا، هڪ رٿابندي تحت يوسف سنڌي جي هدايتن تحت پروگرام جو انتظام سنڀاليندا هئا، جنهن هنڌ تي کيس مقرر ڪيو ويندو هو، هڪ ڊسپلين تحت اتي موجود هوندا هئا ۽ پروگرام تي نظر رکندا هئا، انھن نوجوانن والنيٽئرس کي ايئن منظم نموني ڪم ڪندي ڏسي هڪ تقريب ۾ جناب ابرار قاضي تقرير ڪندي چيو ته ’يوسف سنڌي جي سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ سان سنگت ۾ جيڪا سٺي تبديلي نظر پئي اچي، اها، نوجوانن جي شموليت ۽ انهن جي سرگرمي آهي.‘ ان حد تائين جو يوسف سنڌي لڳ ڀڳ سڀني پروگرامن جي انائوسمينٽ به نوجوانن کان ڪرائيندو هو، جنهن جي پويان سندس سوچ اها هوندي هئي ته نوجوان سکن. يوسف سنڌي جي ان انتظامي ڪميٽي ۾ امين لاکو، مسافر لاکو، رشيد آزاد، اصغر گگو، ظهور پليجو، علي اظهار، انجينئر علي نواز سومرو، هنس راج هنس اوڏ، زاهد حسين ميمڻ ۽ مان هوش محمد ڀٽي شامل هوندا هئاسين.
اهڙو ئي هڪ ٻيو پروگرام سنڌي ٻولي ڪانفرنس 2010ع ۾ٿيو، جيڪا به نهايت ڀرپور رهي. ان ڪانفرنس جي صدارت سائين محمد ابراهيم جويي ڪئي، ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي موقف ۽ جدوجهد جي حمايت ۾ قومي اسيمبليءَ جي ٽن ايم اين ايز نواب يوسف ٽالپر، نواب خان وساڻ ۽ مارئي ميمڻ ۽ هڪ ايم پي اي نواب تيمور خان ٽالپور شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي تقريرن ۾ اعلان ڪيو ته هو قومي اسيمبليءَ ۾ گڏيل طور تي سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل پيش ڪندا (جيڪو پوءِ هنن پيش ڪيو) انهن مان ٻن ايم اين ايز جو واسطو حڪمران ڌر پيپلز پارٽي ۽ هڪ جو مخالف ڌر ق ليگ سان هو.
ان ڪانفرنس ۾ شھيد ڀائو قمر ڀٽي به سنگت جي دعوت تي ڪراچي مان ڪهي اچي شرڪت ڪئي ۽ تقرير ڪيائين. مون کي خوشي آهي ته ان ڪانفرنس ۾ نه رڳو مان موجود هئس، پر ڪانفرنس جي انتظامي ڪميٽيءَ ۾ پڻ يوسف سنڌيءَ سان گڏ هئس.
جيڪي دوست اڪثر اهو چوندا آهن سنڌي ادبي سنگت کي ون يونٽ ٽوڙيو جدوجهد ۾ ادا ڪيل ڪردار جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، انهن کي اهو چوڻ گهرجي ته سنگت کي قومي معاملن ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيترو يوسف سنڌيءَ جي دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جي مهم جي سلسلي ۾ ادا ڪيو هو.
ٻولين جي حوالي سان هليل ان هلچل ۾ يوسف سنڌي جو هڪ ٻيو قدم به هتي ذڪر جوڳو آهي.
2010ع ۾ اڪادمي ادبيات اسلام آباد پاران اسلام آباد ۾ هڪ انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان يوسف سنڌي به مدعو ڪيل هو. يوسف سنڌي ان ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت کي رڳو گهمڻ گهتڻ تائين محدود نه رکيو، پر اتي پهتل مختلف ٻولين جي ترقي پسند اديبن سان ملي، ساڻن بحث مباحثا ڪري، کين پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي تي هڪ متفق ڊڪليئريشن تي صحيحون ڪرڻ تي آماده ڪيو. جنهن تي پاڪستان جي چئني صوبن جي پنجن وڏين تنظيمن بشمول انجمن ترقي پسند مصنفن جي نمائندن صحيحون ڪيون. اهو پهريون ڀيرو هو ته ملڪي سطح تي ادبي تنظيمن ٻولين جي مسئلي تي هڪ ڊرافٽ صحيحون ڪري جاري ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي آئيني تجويزون به ڏنيون.
اُن ڊرافٽ کانپوءِ جاري ڪيل اخباري بيان هن ريت آهي:
’پاڪستان جي چئني صوبن سان واسطو رکندڙ چئن نمائنده ۽ مشهور تنظيمن سنڌي ادبي سنگت، بلوچي لٽرري فورم،عالمي پشتو ڪانفرنس، پنجابي نيشنل ڪانفرنس ۽ انهن سان گڏ انجمن ترقي پسند مصنفين پاڪستان گڏيل طور تي سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته هو هڪ زبان ٿي عظيم تر قومي مفاد ۾ ۽ پارٽي مفادن ۽ وابستگين کان مٿانهان ٿي، چئني صوبن جي اڪثريتي زبانن سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي کي آئيني ترميم جي ذريعي فوري طور تي قومي زبانون قرار ڏين - ۽ کين پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق ڏيارڻ جي لاءِ سڀني اختلافن کان مٿانهان ٿي قومي اسمبيليءَ مان پاڪستان جي چئني قومي زبانن جو بل منظور ڪرائين.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي، بلوچي لٽرري فورم جي صدر عبدالحڪيم بلوچ، پشتو عالمي ڪانفرنس جي چيئرمين سليم راز، پنجابي قومي ڪانفرنس جي چيئرمين نذير ڪهوٽ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل راحت سعيد پنهنجي صحيحن سان جاري ڪيل هڪ گڏيل بيان ۾ چئني صوبن سان واسطو رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته هو سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابيءَ کي پاڪستان جي قومي زبانن جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان قومي اسيمبليءَ ۾ آواز اٿارين ۽ اُن تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ان جي حمايت ۾ ووٽ ڪن. سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ انهن ناميارن سنڌي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ اردو ٻولين جي اديبن وفاقي حڪومت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کان گهر ڪئي آهي ته وفاقي اردو يونيورسٽيءَ وانگر وفاقي سنڌي يونيورسٽي، وفاقي بلوچي يونيورسٽي، وفاقي پشتو يونيورسٽي ۽ وفاقي پنجابي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري قانون سازي ڪن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ مناسب فنڊ، ادارا ۽ وسيلا فراهم ڪن. گڏيل بيان ۾ آئين ۾ اڳ ۾ موجود اردو جي پاڪستان جي سرڪاري زبان هئڻ جي حمايت ڪئي ويئي آهي. ان کي رابطي جي زبان قرار ڏيندي، انهن اديبن چيو آهي ته اردو ٻوليءَ سان سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو زبانن جو ڪوبه جهڳڙو ڪونهي.
يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو: ته سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابيءَ کي پاڪستان جون قومي زبانون قرار ڏيڻ سان قومي يڪجهتي وڌندي. ملڪي سالميت کي حفاظت ملندي ۽ اهو صوبائي خود مختياري ڏانهن هڪ وڏو قدم هوندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ بهتر آئيندي جي ضمانت هوندي. سنڌي ادبي سنگت، بلوچي لٽرري فورم، پشتو عالمي ڪانفرنس، پنجابي نيشنل ڪانفرنس ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين، اُن اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي، ۽ پشتوءَ کي پاڪستان جون قومي زبانون قرار ڏيڻ سان نه رڳو اسان جي زبانن، ادب ۽ ثقافت کي فروغ حاصل ٿيندو، پر سوسائٽي جي سڀني حلقن کي اهليت، ذهانت، برابري ۽ ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملندا. ۽ انصاف، روشن خيالي ۽ سهپ جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيندو، جيڪو چئني صوبن جي عوام کي سدائين جوڙي رکندو ۽ اهو عمل پاڪستان جي محفوظ مستقل جي به ضمانت ڏيندو. يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ قومي اسيمبليءَ ۾ 31 ميمبرن پاران جمع ڪرايل بل جي متن ۽ ڪن فقرن تي پنهنجي تحفظات جو اظهار ڪندي، ان کي تڪراري ۽ چئني صوبن جي سالميت لاءِ نقصان ڪار قرار ڏيندي ان بل ۾ ڪن تبديلين جي رٿ ڏني آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ قومي ٻولين جو نئون ترميم ڪيل مسودو قومي اسمبلي جي ميمبرن کي روانو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي چئني صوبن جو اتفاق ٿي سگهي ٿو. ان ترميم ٿيل مسودي ۾ چئني صوبن جي حڪومتن کي پنهنجي قومي ٻولين سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي سان گڏوگڏ پنهنجي صوبن ۾ آباد ٻين اقليتي نسلي لساني گروهن جي ٻولين جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پابند ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جو فقرو به شامل ڪيو ويو آهي. يوسف سنڌي، عبدالحڪيم بلوچ، سليم راز، راحت سعيد ۽ نذير ڪهوٽ اُميد ظاهر ڪئي آهي ته قومي ٻولين جي ان بل جي قومي اسيمبليءَ مان منظوري کانپوءِ سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين جي تحفظ ۽ رياستي سرپرستيءَ جي ذريعي انهن جي بقاءُ، ترقي ۽ واڌاري جي ضمانت ملندي“.
]اهو صحيحون ڪيل ڊرافٽ سامهون صفحي تي ڏنو ويو آهي.[
•
سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي ٻن سالن جي مدي دوران يوسف سنڌيءَ ٻيو جيڪو اهم ۽ بنيادي نوعيت جوڪم ڪيو، اهو سنڌي ۽ اردو اديبن ۾ رابطي ۽ کين ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش هئي. دانشوراڻي ۽ فڪري سطح تي اها ڪوشش گهڻي ڦلدائڪ هئي، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين گڏيل طور تي باهمي سهڪار سان سنڌ جي چئن شهرن، عمر ڪوٽ، لاڙڪاڻو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ادب ۽ سماج تي ترقي پسند تحريڪ جا اثر“ هيٺ سيمينار ڪرايا. جن جي صدارتي پريذيڊيم ۾ هڪ سنڌي ۽ هڪ اردو اديب شامل هوندا هئا. ٽي مقالا سنڌي ۾ ۽ ٽي اردو ۾ پڙهيا ويندا هئا. پهريون سيمينار جيڪو عمرڪوٽ ۾ ٿيو. ان جي صدارت محترم مسلم شميم ۽ محترمه مريم مجيديءَ ڪئي، لاڙڪاڻي واري سيمينار جي صدارت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪئي. ڪراچي واري سيمينار جي صدارت محترم امر جليل ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي ڪئي ۽ حيدرآباد واري سيمينار جي صدارت ڊاڪٽر محمد علي صديقي ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي. انهن سيمينارن ڪافي سنجيدا حلقن جو ڌيان ڇڪايو ۽ انهن تي سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو. ڪراچي واري سيمينار تي مشهور ڪالم نويس مرحوم انور احسن صديقي (روزاني ايڪسپريس اردو) جي 11 جون 2010 واري اشاعت ۾ ”اردو سنڌي سنگت“ جي عنوان سان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو:
”ڪراچي شهر ۾ ادبي تقريبن جو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ روزانو شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ، ڪنهن نه ڪنهن انجمن، اداري يا فرد پاران ڪانه ڪا ادبي تقريب ٿيندي رهندي آهي. پر گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيندڙ هڪ تقريب کي هڪ يادگار تاريخي تقريب قرار ڏيئي سگهجي ٿو، ان تقريب جي حيثيت فقط ادبي نه هئي، پر اها سماجي ۽ قومي لحاظ کان به اهم تقريب هئي ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي فضا ۾ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي جذبن کي وڌائڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو پڻ هئي. اهو انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار هو. جنهن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ پڙهجندڙ مقالن ۾ ٻنهي ٻولين ۾ ادب جي مختلف مسئلن جو جائزو ورتو ويو.
انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گڏيل سهڪار سان ان سيمينار جو ٿيڻ بنا شڪ جي ان حقيقت جو اهڃاڻ آهي ته اهي ٻئي ادبي تنظيمون ادب ۽ سماج ڏانهن هڪجهڙو نقطه نظر رکن ٿيون۽ انهن جي وچ ۾ سهڪار جا وڏا امڪان موجود آهن. انهن ٻنهي روشن خيال ۽ سرگرم ادارن جي وچ ۾ سهڪار فقط ادبي سطح تي ئي نه پر ان کان وڌيڪ ثقافتي، تهذيبي، قومي ۽ سماجي سطح تي دورس نتيجن جو حامل هوندو ۽ اُن قسم جي متحرڪ فورمن جي ذريعي ٻنهي ٻولين جي ڳالهائڻ وارن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ٿو ۽ انهن عنصرن جي عوام دشمن ارادن کي ناڪام بنائڻ ۾ مدد ملندي، جيڪي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ڄاڻي ٻُجهي غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ کين هڪٻئي کان پري ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا. جيتوڻيڪ انجمن ۽ سنڌي ادبي سنگت سياسي جماعتون ڪونهن ۽ نه ئي انهن جو لاڳاپو ڪنهن خاص سياسي جماعت سان آهي. پر جيڪا شئي انهن جي ميمبرن ۽ حامين کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ۽ متحد رکي ٿي، اها آهي زندگي ۽ سماج ڏانهن انهن جي انسان دوست، ترقي پسند ۽ سائنسي نقطه نظر - ۽ جتي فڪري سهڪار جو اها شڪل موجود هجي، اُتي وسيع متحده محاذ جي جوڙجڪ جا چٽا امڪان ۽ قومي رويا به جنم وٺندا آهن. جن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ عوام دوست فڪر ۽ عملي تحريڪن کي وڌيڪ اڳيان وڌائي سگهجي ٿو.
اُن سيمينار ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ۽ انجمن ترقي پسند مصنين ڪراچي جي سيڪريٽري واحد بشير پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻنهي تنظيمن جي باهمي سهڪار ۽ ان نئين شروعات کي سنڌ جي تهذيبي زندگيءَ لاءِ هڪ نيڪ سوڻ قرار ڏنو. سيمينار ۾ اردو ۽ سنڌي اديبن ڏاڍا سُٺا مقالا پيش ڪيا ۽ اڪثر ان خيال جو اظهار ڪيو ته سنڌي ادب تي ڪڏهن به رجعت پرست فڪر غالب نه رهيو آهي. اردو ۽ سنڌي اديبن جي اها سنگت، اسان جي تهذيب جي واڌاري جو هڪ ’جز‘ آهي. اها فقط هڪ ادبي اٿارٽي نه پر ان جو ڪئنواس تمام گهڻو وسيع آهي ۽ اها اسان جي قومي زندگيءَ جي جوڙ جڪ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هن وقت سنڌ جي مستقل آبادي، ٻن لساني گروهن تي ٻڌل آهي. اهي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو اُهي آهن، جن جو سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪوبه گهر ڪونهي. کين سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيئڻون ۽ مرڻون آهي. سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ تهذيبي ترقي انهن ٻنهي گروهن جي اتحاد سان ئي ٿي سگهي ٿي. اهو اتحاد جيترو سگهارو ٿيندو، سنڌ ۾ سماجي صورتحال ايتري ئي سُٺي ٿيندي.
سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڌار ڌار لساني شناخت رکڻ جي باوجود به نه فقط سنڌ ڌرتي جو اٽوٽ انگ آهن، پر هڪٻئي جي وجود جو به حصو آهن. پر ڪيتريون ڳُجهيون قوتون اهڙيون به موجود آهن، جيڪي سنڌ جي سياسي معاشي ۽ سماجي استحڪام جون دشمن آهن ۽ لڳاتار اُن ڪوشش ۾ لڳل آهن ته اردو ڳالهائيندڙ سنڌين ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين جي وچ ۾ نفاق جو ٻج پوکيو وڃي. انهن عوام دشمن قوتن جي مڪروهه سازشن کي ناڪام بنائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته هر اُن پليٽ فارم کي استعمال ڪيو وڃي، جنهن جي ذريعي پراڻن ۽ نون سنڌين کي هڪٻئي جي ويجهو آندو وڃي ۽ اديبن جي پليٽ فارم کي ان سلسلي ۾ خصوصي اهميت حاصل آهي.“
•
يوسف سنڌي پنهنجي طبعيت ۽ مزاج ۾ نهايت سادو ۽ فقير منش انسان آهي. اُن هوندي به هو تمام گهڻو ڪم ڪري چڪو آهي. ڪم جي حوالي سان مون سندس جذبن کي ڪڏهن به سرد ٿيندي نه ڏٺو، هن جي پاران ڪتابن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. سندس لکيل طبعزاد، ترجمن ۽ سهيڙيل ڪتابن جو انگ اسي کان به مٿي آهي.
مون يوسف سنڌيءَ ۾ ڪڏهن به ساڙ حسد ۽ بغض نه ڏٺو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ سيڪريٽري جنرل رهڻ کانپوءِ هن جڏهن انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرگرمين ۾ حصو ورتو ته ان جي پليٽ فارم تان حيدرآباد ۾ ڪيترائي پروگرام ڪرايائين. يوسف سنڌيءَ جي جدوجهد جو داستان ڪافي ڊگهو آهي. هو نوجوانن کي همٿائي ۽ کين هاڪاري رجحانن ڏانهن راغب ڪندو رهيو آهي. جنهن ڪري يوسف سنڌي، ادبي ميدان ۾ هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.
يوسف سنڌيءَ صحافت به ڪئي ۽ اُن ميدان ۾ به سندس خدمتون ذڪر لائق آهن. پاڻ ”عبرت گروپ آف پبليڪيشن“ جي رسالي ”هزار داستان“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو، ان دوران سندس پاران ’هزار داستان‘ جا ايڊٽ ڪيل ٻه ڪهاڻي نمبر ڪهاڻي کيتر ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. ان کانسواءِ سندس پاران جاري ڪيل ”سنجها“ مخزن جي شايع ٿيل چئن پرچن جي معياري مواد سبب ان مخزن کي اڃا تائين ياد رکيو وڃي ٿو.
يوسف سنڌي جون ادبي خدمتون ايتريون ته گهڻيون ۽ گهڻ طرفيون آهن. جو محترم حميد سبزوئي کي سندس ڪتاب ”سنڌي ادب“ تي تبصرو لکندي لکڻون پيو ته ”يوسف سنڌيءَ ايترا ته ڪتاب لکيا آهن. جيترا اسين پنهنجي بوڪ شيلف ۾ به گڏ ڪري نه ٿا سگهون.“
يوسف سنڌي پنهنجي موڊ ۽ مزاج وارو رهيو آهي، کيس سکڻ جي به سدائين تانگ رهي آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ ڀيري حيدر چوڪ وٽ مليو ته پڇيو مانس ”ڪاڏي پيو وڃين....؟“
وراڻيائين... خانه فرهنگ...
اهو خانه فرهنگ وري ڇا آهي...؟ پڇيو مانس ....
”خانه فرهنگ ايران.. ... لطيف آباد حيدرآباد ۾ ايراني ڪلچر سينٽر آهي، اُتي فارسي به سيکاري ويندي آهي. سو فارسي سکڻ جي لاءِ اتي ڪلاس ۾ داخلا ورتي اٿم“ جواب مليو.
سندس فارسي ادب سان ۽ فارسي ٻولي سکڻ سان دلچسپي ايران مان گهمي اچڻ کانپوءِ ٿي، ان سفر جو پاڻ بهترين سفر نامو ”اڌ مهينو ايران ۾“ لکيو اٿس. سندس فارسي سکڻ جي ڪلاسن ۾ داخلا وٺڻ جو سبب اهو هو ته پاڻ ايران مان ڪيترن ئي ڪلاسڪ ايراني شاعرن جا ڪتاب وٺي آيو هو ۽ سندس خواهش هئي ته اِهي آءٌ فارسيءَ ۾ ئي پڙهان، سندس فارسي ادب سان دلچسپي جي نتيجي ۾ پاڻ کي حافظ شيرازيءَ جي هڪ سئو چونڊ غزلن جو سنڌي ترجمو ۽ ”ايراني ادب“ جهڙا ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ مليا.
يوسف سنڌيءَ لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئي، سندس ٻارن لاءِ ٻه ڪتاب ”شهيد جي ماءُ“ ۽ ”مريخ جا مسافر ۽ ٻيون ڪهاڻيون“ ڇپيل آهن. پر يوسف سنڌيءَ جي ادبي سُڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن، هو ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، مترجم، ناول نگار، مترجم، ايڊيٽر، پبلشر، تحقيق ۽ تدوين ڪندڙ رهيو آهي.
يوسف سنڌيءَ جو سوانح نگاريءَ تي وڏو ڪم ٿيل آهي، جنهن ۾ هن نه رڳو وڏين شخصيتن جي آتم ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، پر پاڻ به سنڌ جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جون سوانح عمريون لکيون آهن. جهڙوڪ ”نجم عباسي: فن ۽ شخصيت“، ”چڱو قاسم قاسم موڪلاڻي ڪانهي“، ”الستي من مستي“ ۽ ”سائين پرويز“. ان کانسواءِ پاڻ پنهنجي يادگيريون ”اقرار به، انڪار به“ جي نالي سان لکيون اٿس. جنهن تي کيس سنڌي لئنگويج اٿارٽي پاران 2016ع جو بهترين سوانحي ڪتاب جو ايوارڊ ۽ ڪئش پرائز مليو. ان حوالي سان ڊاڪٽر منظور علي ويسريو لکي ٿو، ”يوسف سنڌي هڪ ڪامياب سوانح نگار آهي ۽ يوسف سنڌي جو ڪم ادبي تاريخ ۾ پڻ اهم جڳهه والاري ٿو.“
يوسف سنڌيءَ هڪ ئي وقت تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي جو ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري کيس ’آل رائونڊر اديب‘ به چئي سگهجي ٿو. پاڻ ڪيترين ئي ٻين پرڏيهي ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجما به ڪيائين، جيڪي ٻن مجموعن ”بُک، عشق ۽ آزادي.“ (1984) ۽ مسواڙي زال (2021ع) جي نالن سان ڇپيل آهن. پاڻ ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿس، جن جو مجموعو ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ جي نالي سان ڇپيل آهي، يوسف سنڌي جي انهن ڪهاڻين جو ترجمو محترم ننگر چنا اردو ۾ ڪيو، جيڪو ’نوحه گر‘ جي جي نالي سان ڇپيل آهي. سندس ڪهاڻين جو پنجابي ۾ ترجمو محترم خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو آهي. سندس هڪ ڪهاڻي جو ترجمو گرمگي ۾ ٿي هندستان جي شهر جالندر مان نڪرندڙ ٽه ماهي ’شبد‘ مخزن ۾ ڇپيو، جتان اها وري هندي ۽ ميٿلي ٻولين ۾ ترجمو ٿي.
يوسف سنڌي هڪ بهترين پبلشر به آهي، هن سچائي اشاعت گهر جو بنياد رکي جيڪو اشاعتي سلسلو شروع ڪيو. ان پاران هيستائين ڏيڍ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپرائي چڪو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعتي شعبي پاران 30 ڪتاب ڇپرائي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو. ان کانسواءِ ”سنگت“ مخزن جا تيرهن شمارا ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي دور ۾ ۽ تيرهن سندس دؤر ۾ ۽ ٽي ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي دور ۾ ۽ ٻه وري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻي دؤر ۾ ڇپرايا. سنگت اڳ ۾ به ڪتاب ڇپرايا، پر يوسف سنڌي جڏهن سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ اشاعتي شعبو سنڀاليائين ته سومري شبير جي لکڻ موجب ”سنگت جي يوسف سنڌي واري دور اشاعتي سلسلي جا اڳوڻا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا“. پوءِ جڏهن يوسف سنڌي سنگت جي اشاعتي سلسلي مان هٿ ڪڍيا ته سنگت پبليڪيشن به ايئن ٻڏي ويئي، جنهن هينئر سنڌي ادبي سنگت ٻُڏي ويئي آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته يوسف سنڌي جو رڳو ادبي سنگت ۾ تنظيمي، تحريڪي ۽ اشاعتي ڪم ايترو ٿيل آهي، جيڪو هڪ ٿيسز جي تقاضا ڪري ٿو.
يوسف سنڌي سنڌي، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ڪردار آهي، جنهن سدائين ڏنو آهي ۽ مسلسل ڏيندو ٿو رهي، پر خاموشيءَ سان. يوسف سنڌي جو تحرڪ ۽ ادبي ڪم ڏسي مون کي آثم ناٿن شاهي جو هي شعر ياد ٿو اچي:
جيڪا دنيا مان پيو جوڙيان،
سا برابر ڀلي ڀُتي ناهي،
آءٌ برابر مٽي هان پر،
منهنجو مقصد مٽي ناهي.
يوسف سنڌيءَ سان ڀلي ته ڪنهن کي شڪايتون ڇونه هُجن، پر هن ڪڏهن به من ۾ مير يا مندي نه رکي آهي. ۽ هو دوستن جي معاملي ۾ به امير شخص آهي. ۽ انهن جو حلقو به وسيع اٿس. يوسف سنڌيءَ جي ڪري منهنجون به ڪيترن ئي دوستن سان ميل ملاقاتون ٿيون ۽ انهن مان ڪيترا منهنجا به دوست بنجي ويا.