سادو پر سچو ماڻهو
فيض جوکيو
ڪجهه سال اڳ جڏهن مان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ شروع ڪيو ۽ اخبارن توڙي رسالن ۾ ادبي سنگت ۾ شامل مختلف اديبن ۽ شاعرن جا نالا نظر مان گذرندا هئا ته انهن ليکڪن ۾ هڪ نالو يوسف سنڌيءَ جو به ڏسڻ ۾ ايندو هو. منهنجو به ادبي دنيا ۾ نئون نئون اچڻ هو. تنهن ڪري ادبي دنيا جي ناليوارن ليکڪن سان ملڻ ۽ ڪچهريون ڪرڻ جو شوق به تمام گهڻو هو. انهيءَ شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ليکڪن سان ادبي سنگت جي مرڪزي اجلاسن ۾ ملڻ ٿيو ۽ گهڻن سان سندن رهائش گاهن تي به وڃي ملاقات ڪيم، ڪن ليکڪن ملڻ سان من موهي وڌو ۽ ڪن ته دِل آزاري ڪئي. انهن ملاقاتن کان پوءِ خبر پئي ته هر چمڪندڙ شئي سون ڪانه هوندي آهي ۽ ڪافي اديبن ۽ شاعرن جو حال به انهيءَ مثال جهڙو آهي ته نالو وڏو ڳوٺ سُڃو. اهڙن ليکڪن سان هڪ دفعي ملڻ کان پوءِ دل ئي ڪانه چوندي ته فلاڻي صاحب سان ٻئي دفعي به ملجي يا ڪچهري ڪجي، پر يوسف سنڌي اهڙن موڊي اديبن ۽ شاعرن کان مختلف اديب ڏسڻ ۾ آيو. ساڻس منهنجي پهرين ملاقات دوست وشني مل جي ساٿ ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٻالڪ ميلي ۾ ٿي. پهرين مُلاقات ۾ يوسف ڏاڍو دل کي وڻيو، هڪ ته ڏسڻ ۾ تمام سادو ماڻهو، ٻيو ته دنيا جي ادب جي ڄاڻ تمام گهڻي. انهيءَ سان گڏ اهڙو ته خوش طبع جو ڳالهه ڳالهه تي وڏا ٽهڪ ڏيڻ سندس ٻين خوبين مان هڪ خوبي آهي.
يوسف سنڌي هر ڪنهن اديب توڙي شاعر کي قرب ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پر اهو اديب ۽ شاعر ننڍو هجي يا وڏو هجي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جو ترجمو ڪري سنڌي پڙهندڙن کي ٻين جي ادب کان واقف ڪيو آهي. انهي کان علاوه ادبي سنگت جي ميدان ۾ سندس ڪيل خدمتون به ساراهڻ جوڳيون آهن. هن دوست ۾ ٻين انيڪ خوبين سان گڏ هڪ خاص خوبي هيءَ به آهي ته ادبي پروگرام جي دعوت تي ڪٿي به ۽ ڪيئن به ڪري پهچندو آهي، پوءِ ڇو نه کيس پيرين پنڌ پهچڻو پوي. مطلب ته واعدي جو به سچو آهي.
يوسف کي ادبي ميدان ۾ رهندي ڪافي تڪليفون به آيون، پر هن ڪڏهن به پوئتي پير نه هٽايو ۽ نه ئي وري نااميدي يا مايوسيءَ جي ڳالهه ڪيائين. پاڻ ڏکين حالتن ۾ به اڳيئن کان اڳڀرو رهيو. هن جاکوڙي اديب لطيف سرڪار جي هن بيت تي بلڪل عمل ڪري ڏيکاريو آهي.
”تتي ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي“
يوسف سنڌيءَ تي لکڻ منهنجي لاءِ ايئن آهي جيئن ”مصري جي بازار ۾ هڪ پوڙهي مائي سُٽ جو ڍيرو کڻي يوسف خريد ڪرڻ لاءِ آئي هئي.“ انهي مثال وانگر منهنجي قلم کي ايتري طاقت ئي ڪانه آهي، جو يوسف سنڌيءَ تي واضح نموني لکي سگهي.
]ماهوار ادب - نومبر 2002ع[