شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

ادب سان اڻٽٽ وابستگي

ادب سان اڻٽٽ وابستگي

نواز خان زنئور

اسان کي مختلف وقتن تي هڪٻئي کان شڪايتون رهنديون آيون آهن. ڪڏهن هُن کي منهنجي سياست تي اعتراض رهيو آهي، ته ڪڏهن آءٌ هن جي مون ڏانهن اختيار ڪيل رويي تي مٿس ڪاوڙ ۾ رهيو آهيان، ان جو هڪ ننڍڙُ مثال هيءَ آهي ته جڏهن آئون عبدالواحد آريسر جي جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ شامل ٿي ساڻس گڏ ڪرڻ لڳس ته هن ان فيصلي تي نه صرف اعتراض واريا، پر سندس نيلسن منڊيلا جي ترجمي ڪيل ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ جي ٻئي ڇاپي مان ڪتاب تي منهنجو لکيل مهاڳ پڻ ڪڍي ڇڏيو.
”نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي“ اُهو پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو مون مهاڳ لکيو. يقينن اها مون لاءِ مُسرتن ڀري گهڙي هئي، جڏهن يوسف سنڌيءَ مون کي ان ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو چيو هو. مون کيس مهاڳ لکي ڏنو. جيڪو هن ٻه ٽي سٽن جو واڌارو ڪري ڪتاب ۾ ڏنو. انهن ٻن ٽن سٽن ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ سندس ڪردار لاءِ کيس موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هئي ۽ انهن ۾ سندس سڌي حمايت جهلڪي رهي هئي. اسان جي ويجهڙائپ ۽ هم آهنگي جي حساب سان اها ڪا خطا جهڙي ڳالهه ڪانه هئي ۽ نه ئي مون ان تي ڪنهن ارهائيءَ جو اظهار ڪيو. جيتوڻيڪ آءٌ سنڌي ادبي سنگت جو وؤنٽر نه رهيو آهيان، پر پوءِ به منهنجي حمايت سدائين ساڻس رهي. جيڪس انهيءَ ويجهڙائپ جي ڪري ئي هن مون کان پنهنجي ترجمي ڪيل نهايت اهم ڪتاب جو مهاڳ لکرايو هو. نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻيءَ جو اهو ڪتاب پهريون ڀيرو نيوفيلڊس پبليڪيشن پاران 1999ع ۾ ڇپيو هو. جيڪو بعد ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو هو. جڏهن اهو ٻيو ڇاپو مارڪيٽ ۾ پهتو ته ان ۾ مون وارو لکيل مهاڳ شامل نه هو.
هڪڙي ڏينهن يوسف سنڌيءَ مليو ته مون کانئس ڪتاب مان مهاڳ ڪڍي ڇڏڻ بابت پڇيو. مون کي لڳو ٿي ته مهاڳ ڇاپيڪار پاران ڪڍيو ويو هوندو، جو سنڌي ڇاپيڪار ڪڏهن ڪڏهن سياست کان گهڻا ڇرڪندا آهن.
”نيلسن منڊيلا واري ڪتاب مان منهنجو مهاڳ ڇاپيڪار پاران ڪڍيو ويو آهي؟“ مون کانئس سوال ڪيو.
”نه پبلشر ڪير ٿيندو آهي منهنجي ڪتاب سان هٿ چراند ڪرڻ وارو. مون پاڻ ڪڍيو آهي.“ هن جواب ڏنو.
مون کي سندس اهڙي جواب تي حيرت ٿي، ان ڪري وڌيڪ استفسار ڪندي کانئس ڪارڻ پڇيم.
جواب مليو: ”جسقم آريسر ۾ شامل ٿيڻ واري تنهنجي فيصلي جي ڪري مون ڪتاب مان مهاڳ ڪڍيو.“
مون کي ڳالهه نه وڻي.
هو رسول بخش پليجي جي زيرِ اثر رهڻ ڪري عبدالواحد آريسر کان ڇڊو رهيو. ٻيو ته هو اردو ڳالهائيندڙن ڏانهن ٿڌي رويي ۽ متحدا قومي موومينٽ سان ويجهڙائپ واري حڪمت عمليءَ جي ڪري به آريسر صاحب تي ناراض رهيو ٿي. انهيءَ ناراضگيءَ جو نزلو منهنجي مهاڳ تي ڪِريو هو. نه رڳو ايترو، پر هن منهنجي مخالفت وارو رويو پڻ اختيار ڪيو، جنهن سان اسان جي وچ ۾ ڇڊائپ جنم ورتو.
اسان جي هڪٻئي کان پري ٿيڻ جو اهو پهريون موقعو ڪونه هو. اسان اڳ ۾ به وڙهندا ٺهندا رهيا آهيون. ان ڪري هيءَ ڇڊائپ پڻ عارضي ئي ثابت ٿيڻي هئي. اسان ڪڏهن به مستقل طور هڪٻئي کان پري ٿي نه ٿا سگهون. ان جو هڪ بنيادي ڪارڻ اسان جو وطن، قوم ۽ ٻوليءَ سان غير مشروط عشق آهي. ان ڪري هڪٻئي کان وقتي شڪايتن ۽ ناراضگين جي باوجود اسان جو واسطو ٽٽي نه ٿو ٽٽي. هڪٻئي کان شڪايتون ۽ ناراضگيون ختم ٿي ٿيون وڃن، واسطو ختم نه ٿو ٿئي، اهو هلندو رهي ٿو.
مون کي صحيح طور ياد نه آهي ته اسان جي پهرين ملاقات ڪهڙي جڳهه تي ٿي، پر اهو منهنجو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جو زمانو آهي. سياسي ۽ ادبي طور اهي منهنجي شروعات جا ڏينهن هئا. منهنجي ذهني اؤسر ۾ جن ماڻهن منهنجي مدد ڪئي، انهن ۾ هڪ يوسف سنڌي پڻ آهي. هن مون کي سٺا ڪتاب پڙهايا. گڏوگڏ هن مون کي ڪتاب خريد پڻ ڪرايا. بابا سائين کان پئسا وٺي اسان حيدرآباد وياسين، جتي ڪتاب خريد ڪياسين. ڪتابن جي اها چونڊ يوسف سنڌيءَ ڪئي هئي. ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ سميت شيخ اياز جا ڪجهه ڪتاب، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“، ”فڪر جي آزادي“ ۽ ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ سميت محمد ابراهيم جويي جا ترجمو ڪيل ڪتاب، يوسف سنڌي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ ۽ سائين جي ايم سيد جو ”پيغام لطيف“ ۽ رسول بخش پليجي جا ڪتاب ”هوچي منهه“ ۽ ”مائوزيتنگ“ سميت مختلف ليکڪن جا ڪتاب خريد ڪري ڪتابن جي ڀري ٻڌي اسان واپس موٽيا هئاسين. اهڙي نموني هو سندس اداري پاران ڇپيل ڪتابن جون اعزازي ڪاپيون پڻ ڏيندو رهيو. جن سان منهنجي ذهني آبياري ٿي. اهڙي نموني هن ٻين به ڪيترن ئي نوجوانن جي ذهني ۽ ادبي پرورش ڪئي. جن ۾ رشيد آزاد، ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گُـگو ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. لکڻ ۽ ترجمي ڪرڻ سان گڏ نوجوانن جي رهنمائي ۽ تربيت کي پڻ سندس سٺو ڳڻُ ۽ خوبي چئي سگهجي ٿو.
دڙو پڃاريءَ جي ڪَڙ تي آباد ننڍڙُو ڳوٺڙو هو، جيڪو هاڻي وڌي ويجهي ننڍو شهر ٿي پيو آهي. هاڻي دڙو سجاول ضلعي ۾ آهي، پر اڳ ۾ ٺٽو ۽ سجاول هڪڙوئي ضلعو هئا. اهو ون يونٽ جو زمانو هو. سنڌ تحرڪ ۾ هئي. هڪ ننڍڙو جيوَ ماءُ جي ڪک ۾ کرڙيون هڻندو هو. نيٺ پهرين آڪٽوبر 1964ع تي سندس ڄم ٿيو. محمد هاشم ميمڻ پنهنجي نئين ڄاول پُٽ جو نانءُ محمد يوسف رکيو. جنهن کي اڳتي هلي، شعوري ڏاڪا لتاڙي يوسف سنڌي بڻجڻو هيو. يوسف، سنڌيءَ پنج درجا گورنمنٽ پرائمري اسڪول دڙو ۾ پڙهيا. مئٽرڪ دڙي جي گورنمنٽ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. انٽر هن سجاول ڪاليج مان ڪئي. بي اي، ايم اي ۽ بي ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. پيشي جي لحاظ کان هو هائيرسيڪنڊري استاد آهي. هاڻي آڪهه سوڌو حيدرآباد ۾ رهي ٿو. دڙي اچڻ تمام گهٽ ٿو ٿيس.
يوسف سنڌي جو ادب سان ڳانڍاپو ٻالڪ اوستا ۾ ئي ٿيو. اڃا هو ڏهين درجي جو شاگرد هو، جو ڪن هم ڪلاسين سان گڏجي ’هوشو پبليڪيشن‘ قائم ڪيائين. جنهن جي پڌر تان هڪ ڪتاب سهيڙي “هوشوءَ سندي هام” جي نالي سان ڇپرايائين، جيڪو ٻاراڻي ادب تي مشتمل هو. خود يوسف لکڻ جي شروعات به ٻاراڻي ادب سان ڪئي. سندس لکيل پهرين ڪهاڻي 1979ع ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ٻاراڻي رسالي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. اهڙي ريت هن جو ڇاپيڪار، مرتب، اديب ۽ ترجمي نگار طور هڪڙو ڊگهو سفر شروع ٿيو، جيڪو اڃا تائين هلندو هلي ٿو.
ادب سان يوسف جي وابستگي اڻٽٽ آهي، اها سدائين مضبوط ۽ اڳتي وڌندڙ آهي. هو مون کي ڪنهن ڪنهن مهل سنڌي ادب جو اهو وڻجارو لڳندو آهي، جيڪو ادب جي سمنڊ ۾ سدائين قلم جي ونجهه هلائيندو رهي ٿو ۽ ٿَڪي نه ٿو ٿڪجي. هن ساهت جا سفينا ايئن هاڪاريا آهن، جو موضوعن جا نوان نوان ساحل وڃي هٿ ڪيا اٿس، ڪتاب پئي پراڻو نه ٿيندڙ وکر آهي، وِهائي سنڌي ٻولي جي اڱڻ مٿي هيرن جواهرن جي وڻندڙ جُڙت ڪئي اٿس. سندس اهو پورهيو ڏاڍو شاهڪار آهي، وڻندڙ آهي ۽ اهو سڀ ڏسي مون کي مٿس فخر ۽ ناز ٿيندو آهي ته سنڌي ادب ههڙو اڻٿڪ ۽ اڻ ورچ وڻجارو پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن يوسف سنڌي نه هجي ها ته سنڌي ٻولي شاهڪار ادب جي ڪجهه حصي کان ضرور محروم رهجي وڃي ها.
سندس ڇپيل ڪتابن مان ڪافي ڪتاب هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڇپيا آهن. ٻن ٽن ڪتابن جا نوان ڇاپا نون نالن سان آيا آهن، هن جا ڪجهه ڪتاب ٻين ليکڪن سان گڏ به ڇپيا آهن. اهڙي ريت يوسف جي ڪتابن جو انگ ستر کان مٿي ٿي وڃي ٿو. اڃا ته اهو انگ پيو هلي، سندس ڪجهه ڪتاب هن وقت به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن ۽ هو لڳاتار لکڻ جو پورهيو ڪري رهيو آهي. هن جي ادب جي ٻيڙي اڃا ڪٿي لنگر نه هنيو آهي. هو لاڳيتو هاڪاري رهيو آهي. کيس مرزا قليچ بيگ سان ڀيٽ کڻي نه به ڏجي، تڏهن به سندس پورهيي کي ڏسي مرزا قليچ بيگ ياد ضرور اچيو وڃي. ڪير ٿو چئي ته ادب ۾ مقدار جي اهميت نه آهي. البت لازوال ادب مقدار جو محتاج نه هوندو آهي.
انهيءَ هوندي به ادب ۾ مقدار جي وڏي اهميت آهي. ڪٿي ڪٿي ته مقدار خود هڪڙو معيار ٿي پوندو آهي. يا وري ڪٿي مقدار مان معيار جنم وٺندو آهي. ڀل ته سڀ شيون شاهڪار سطح تي بيٺل نه هجن، ڀل ته انهن ۾ ڪي ڪَسيون ڪانڊيون شيون هجن، پر تخليقي مرحلا لتاڙيندو لتاڙيندو ماڻهو وڃيو انهن ڏاڪن تي رسي، جتي ذات ۽ ڏات جي زنبيل مان لال لڀي ٻاهر اچن ٿا ۽ تخليق جي دنيا روشني روشني ٿي وڃي ٿي. ان ڏاڪي تي ڏات جو ڏيهه ڏيئڙا ڏيئڙا هوندو آهي، اُن کي رڳو تخليق جي تيليءَ ڏيکارڻ جي ضرورت پئي ٿي.
يوسف سنڌيءَ جي ادبي ۽ تخليقي پورهيي ۾ به ڪي ڪتاب اهڙا آهن، جيڪي سنڌ جي دنيا ۾ سدائين پيا پڙهيا ويندا. انهن ۾ ڪجهه سندس سرجيل ڪتاب آهن، ته ڪجهه ترجمو ڪيل. هن جو ترجمو به وري اهڙُو شاندار، ڀانءِ ته ڪتاب لکيو ئي سنڌيءَ ٻولي ۾ ويو آهي.
يوسف سنڌي جي جيڪا ٻئي خاص ڳالهه آهي، اها آهي سندس سنڌ سان محبت، انقلاب سان خاص لڳاءُ ۽ پنهنجي دؤر جي ادبي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ، انھي ڪري هِن جي سرجيل ادب ۾ سياسي ادب جو وڏو حصو آهي. هن ترجمي توڙي تخليق ۾ سياسي ادب کي خاص اهميت ڏني آهي. هن انقلابن، جدوجهدن ۽ انقلابي شخصيتن کان واقفيت ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪيا آهن.
ٽوڙي ڦاٽڪ جا اسير جنهن زماني ۾ جيل ۾ هئا، تڏهن آءٌ سجاول ڪاليج ۾ پڙهندو هئس. آءٌ سندن ملاقات لاءِ سينٽر جيل حيدرآباد تي ويندو هئس. گڏوگڏ ڊاڪٽر دودي مهيري کي خط پڻ لکندو هئس. ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ منهنجي وچ ۾ اها خط ڪتابت اوستائين جاري رهي، جيستائين ڊاڪٽر دودو جيل مان آزاد نه ٿيو. هڪڙي خط ۾ ڊاڪٽر دودي مهيري جيل ۾ سندس لکڻ پڙهڻ جو احوال ڏيندي لکيو هو ته هن ڪنهن مضمون يا ڪهاڻي جو ترجمو ڪيو آهي. جنهن تي جوابي خط ۾ مون کيس لکيو ته: ”ترجمن لاءِ يوسف سنڌي ۽ ولي رام ولڀ ئي کوڙ آهن. توهان ترجمن ۾ نه وچڙو. توهان پنهنجو لکو.“
ان مان منهنجي مراد ترجمن کي گهٽ سمجهڻ جي ته نه هئي، پر يوسف سنڌي ۽ ولي رام ولڀ لاءِ مڃتا ضرور هئي. ٻنهي ڄڻن ترجمن جي سنڌي دنيا تي پنهنجا پائيدار رنگ ڇڏيا آهن.
يوسف سنڌي، ايڊيٽر ۽ ڇاپيڪار پڻ رهيو آهي. هن مختلف وقتن تي مختلف رسالن جي ادارت پڻ ڪئي آهي. جنهن ۾ “هزار داستان” هڪڙو اهم رسالو آهي. سنڌي ادبي سنگت جو ترجمان رسالو “سنگت” به سندس ادارت هيٺ نڪرندو رهيو آهي. آءٌ جڏهن جيل ۾ هوس تڏهن پائلو ڪوئلهو جي ٻن ناولن تي مضمون لکي يوسف ڏانهن موڪليا هئم، جيڪي هن “سنگت” رسالي ۾ ڇاپيا هئا.
انهيءَ زماني ۾ ئي منهنجو مشهور ۽ مقبول ڪتاب ”قيدي تخت لاهور جو“ ڇپيو هو، جنهن سلسلي ۾ يوسف جي تجربي ۽ محنت ڪم ڏنو هو. سندس مدارت ڌاران جيڪس ڪتاب وقتائتو ڇپجي نه سگهي ها. هيءَ ڪتاب بنهه وقتائتو ڇپيو ۽ سنڌ جي سياسي ادبي دنيا تي ايڏو اثر وڌائين، جو عام ماڻهن به ان کي ڳولي پڙهيو. ڪيترائي عام ماڻهو اڄ پڻ ان ڪتاب جو ذڪر مون سان وڏي اُتساهه سان ڪندا آهن. منهنجي هن ڪتاب ماڻهن کي رئاڙيو به سهي، ته اُتساهه به ڏنو، خطرن ۽ تڪليفن کان آگاهه به ڪيو، ته حوصلو، اعتماد ۽ همٿ پڻ ڏني. تنهنڪري ئي رياست هن ڪتاب تي پابندي هنئي.
يوسف ان زماني ۾ مون کي ڇاپيو، جڏهن اڃا منهنجي شاعري ڪچي ڦِڪي هئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپور بٺورو، غلام حسين رنگريز، يوسف سنڌي ۽ منهنجي دوستن ۽ جيڏن جو حلقو نه هجن ها ته ڪرآءٌ ادبي وکون تيزيءَ سان نه وڌايان ها. يوسف انهي زماني ۾ منهنجي شروعاتي شاعري شايع ڪري ان کي ڄڻ سراڻ ڏني. اهڙي طور مون ۾ هڪ شاعر طور پختائي ۽ خود اعتمادي پيدا ٿي.
ادب جي انهيءَ سفر ۾ يوسف سنڌي تي تڪليفن جون ڪي گهڙيون پڻ آيون آهن. سندس ڪن تشبيهن ۽ ڳالهين تي ڏمرجي هڪڙي همراهه مٿس ميرپور خاص ۾ ڪيس به داخل ڪرايو هو. جي آءٌ ڀلجان نه ٿو ته سندس ڪيس يوسف لغاري، وڙهيو هو ۽ سيشن ڪورٽ مان سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت کڻائي هئي. ميرپورخاص ۾ ضمانت جا ڪاڳرپٽ ڪٿان اچن. ان لاءِ آءٌ ساڻس گڏجي ميرپورخاص ويس ۽ علي حسن چانڊيي کي ضامن ڪرڻ جو چيم. علي حسن چانڊيو وڪيل هجڻ سان گڏ قومپرست ڪارڪن ۽ دوست پڻ آهي. تنهن اسان کي مانُ ڏنو ۽ هر ممڪن مدد ڪئي.
جڏهن آريسر صاحب ٽارچر سيل مان آزاد ٿيو هو، تڏهن به آءٌ ۽ يوسف گڏجي ميرپورخاص ويا هئاسين ۽ علي حسن چانڊيي وٽ آريسر صاحب سان وڃي ملياسين. هن ٽارچر سيل جا حال احوال ٻڌايا هئا. ساڻس اتي سٺي ڪچهري ٿي هئي. ان ڪچهري مان يوسف به ڏاڍو متاثر ٿيو هو. پر هو پليجي صاحب ۽ کاٻيءَ ڌر جي اثرن سبب هن جي گهڻو ويجهو نه آيو. البت هو سندس عزت ضرور ڪندو هو. ساڳي وقت سائين جي ايم سيد ڏانهن پڻ سندس سياسي روش هڪ ئي وقت اقرار به ۽ انڪار به واري رهي. باقي سيد لاءِ وٽس احترام اڻميو رهيو.
جيتوڻيڪ يوسف سنڌي عملي طور ڪڏهن به سياست ۾ سرگرم نه رهيو آهي، پر سياسي شعور ضرور رکي ٿو. انهيءَ ڪري سياست کي هٿي وٺرائڻ جون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. سياسي ادب لکي ٿو، ڇپائي ٿو، وڏي ڳالهه ته ڪنهن زماني ۾ ڪتاب ڪلهن تي کڻي جلسن ۾ پهچائيندو هو. پنهنجي اداري جا ڪتاب هو منافعي لاءِ نه، شعور جي واڌ ويجهه لاءِ ڇپرائيندو هو. جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي.
يوسف جي بابا سائينءَ سان به ڪافي ويجهڙائپ هئي. بابا سائين وڏو اهل دل انسان هو ۽ منجهس ظرافت جي حس پڻ اعليٰ درجي جي هئي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي هڪٻئي سان هلڪو ڦلڪو چرچو پڻ ڪري وٺندا هئا.
بٺوري جي اسان واري سڄي سنگت جا يوسف سنڌي سان سٺا واسطا هئا. هو اسان سڀني دوستن جو گڏيل دوست هوندو هو. دوستي به سمنڊ جي وير وانگر هوندي آهي، جيڪا هڪ وقت اڳتي وڌندي آهي ۽ هڪ وقت پٺتي هٽندي آهي. ٿورڙا ماڻهو آهن، جيڪي يا ڄمار ساڳي اُڪير ۽ عزت رکندا آهن هڪٻئي لاءِ. سو اسان جون دوستيون ٽٽيون ته نه آهن، پر انهن ۾ لاها چاڙها ضرور آيا آهن. پر ان زماني ۾ اسان سڀ دوست ڄڻڪ محبت جي زنجير ۾ ٻڌل هوندا هئاسين. جي يوسف ٻه چار ڏينهن بٺوري نه ايندو هو ته اسان ساڻس ملڻ لاءِ دڙي وڃي نڪرندا هئاسين. هاڻي اهڙي اُڪير ٿورن دوستن وٽ وڃي بچي آهي. اسان جي دوستي ۾ به ڪاوڙون ٻاوڙون اينديون رهيون آهن، پر اها هر وِيرُ اورانگهي پاڻ کي بچائي ٿي وٺي.
يوسف سنڌي جي هڪڙي وڏي خاصيت مستقل مزاجي آهي. هو چيڙهو ۽ اڻ ورچ انسان آهي. سنڌي ادبي سنگت ۾ شروعاتي طور شڪستون کاڌائين. پر مستقل مزاجيءَ سان بيٺو رهيو. حلقو ٺاهي وڌائين. پوءِ آخرڪار کٽي ويو. آءٌ جيل ۾ هوس. حمايت لاءِ نياپو ڪيائين. مون ڪجهه دوستن کي خط لکيا. انهن پنجن ڇهن ئي دوستن يوسف کي وؤنٽ ڏنا. نتيجي ۾ ٽن وؤٽن تان کٽي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿي ويو. خان محمد ڀيو چوندو آهي ته جي تنهنجو خط نه اچي ها ته آءٌ يوسف کي وؤنٽ نه ڏيان ها.
سچ هيءَ آهي ته هڪڙو وقت اهڙو آيو، جو مون کي گهڙي کن لاءِ يوسف سنڌي جي حمايت ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيو جو بعد ۾ هِن سنڌي ادبي سنگت کي بعد ۾ اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪيو، جن وڃي سرڪار جو پاسو ورتو ۽ ادبي سنگت کي مخصوص شخصي ۽ گروهي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. يوسف هنن سان ڪجهه وقت لاءِ بنان شرط هليو. پر پوءِ کين سمجهڻ لڳو. آئون ڀانيان ته کيس به هڪ گهڙيءَ لاءِ پڇتاءُ ٿيو هوندو ته سندس ڪري ادبي سنگت غلط هٿن ۾ هلي وئي. هاڻي آءٌ سمجهان ٿو ته تنظيمن ۽ ادارن تي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مرحلا ايندا آهن. هڪ هٽيون، موقعي پرستون، انتشار، ڌنڌوڙي ماڻهو، پيٽي مفاد، سازشون ۽ خسيس رويا. اهي شيون به ٿين ٿيون ۽ نيٺ ختم ٿي وڃن ٿيون. ماڻهو انهن منجهان سکي ٿو. يوسف به سکيو آهي. ان سکيا ۽ تجربي جي نتيجي ۾ وري بهتريون پيدا ٿيون ٿين.
اسان چاهيون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي سنڌ وطن، قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪري ۽ اُن جي قومي مفادن جي نمائندگي ڪندڙ ادبي مورچو هجي. ادبي سنگت ڪلارڪن يا ماسترن جي تنظيمن وانگر وچ وارو يا ايجنٽن وارو ڪم نه ڪري. جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت ڪميشن ايجنٽن يا بروڪرن وانگر ڪم ڪرڻ لڳندي ته عظيم ادبي ڪردار ڪٿان اؤسر ڪندو. ادبي سنگت جو ڪم ته عظيم تخليق ۽ تاريخ ساز تحرڪ پيدا ڪرڻ هجي. آءٌ پُراميد آهيان ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر جي ادبي محاذ تي پنهنجو ڀرپور قومي ڪردار ادا ڪندي ۽ انهيءَ ۾ يوسف سنڌي جو اهم ڪردار هوندو. هڪ اهڙو مثبت ۽ ڀرپور ڪردار، جيڪو نه رڳو پيڙهين تائين ياد رکيو ويندو آهي. پر ڪيترائي نسل فخر ڪندا آهن.
يوسف سنڌي عمر جي لحاظ کان هاڻي پنجاهه واري پيٽي ۾ هلي رهيو آهي. پر خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هو اڃا ٿڪو ڪونهي. کاهوڙي ٿڪبا به آهن ڇا؟ هو هڪ اهڙو کاهوڙي آهي، جيڪو ادب جي مسافريءَ تي روان دوان آهي. هو هڪ اهڙو ناکئو آهي، جنهن جي نانءُ جا سڙهه سنوان آهن. راڄو نوان آهن، نه اُها اڃا اونهي ۾ اوهري رهي آهي. سٺي ڳالهه آهي ته هو اڃا ادب جا نوان نوان تڙ تڪي ٿو ۽ تخليق جي تار ۾ گهڙي ٿو. تنهنڪري اسان کي پڪ آهي ته هو هن ديس جي گودڙيءَ ۾ ڪتابن جا اڃا گهڻا گُل وجهندو، جنهن سان سچو وطن واسجي ويندو.
آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته يوسف سنڌيءَ جو تخليقي پورهيو اسان جي ٻوليءَ جي پيشانيءَ تي جهومر وانگر سجائجي رهيو آهي، سجائجي رهيو آهي، سجائجي رهيو آهي.....!