]ڄاڻ سُڃاڻ/ سَر نامو[
منهنجو پيءُ پهرين ڍڳا گاڏي هلائيندو هو. پوءِ عمر وڌيس ته اها ڇڏي ريڙهي ڪڍيائين ۽ شيون وڪڻڻ لڳو، پوءِ رازن سان گڏ مزدوري ڪيائين، عمر وڏي هئڻ ۽ نئون مزدور هئڻ سبب رازا نه رڳو کيس گهڻو تنگ ڪندا هئا. پر گهڻي ڪم وٺڻ سان گڏ کيس مزدوري پڻ گهٽ ڏيندا هئا. اسان جي گهر ۾ ڪوبه پڙهيل ڪونه هو. مون کان اڳ منهنجي ڀينرن ناظرا قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ ڪجهه سنڌي پڙهيون هيون. آءٌ پهرين پنهنجي وڏي ڀيڻ سان گڏ اسڪول وڃڻ لڳس ۽ پوءِ اسان جي هڪ مائٽ، جيڪو استاد پڻ هو، مون کي پاڻ سان گڏ اسڪول نيئڻ شروع ڪيو. سندس نالو شفيع محمد ميمڻ آهي. پر اسين کيس سائين ”وڪيو“ چوندا هئاسين. هو اسان کي اسڪول ۾ هيرائڻ جي لاءِ کٽمٺڙا پڻ ڏيندو هو ۽ اسڪول جي اڱڻ ۾ جيڪو اسڪول محمودا واهه جي ڪپ تي هو، واريءَ جا گهروندڙا پڻ ٺاهي ڏيندو هو، پر مون کي پڙهڻ جي بدران راند روند، چَٽي ڪرڻ ۽ سڄو ڏينهن امان جي پويان لڙڪڻ جو جنون هوندو هو. جيڪڏهن سائين شفيع محمد ميمڻ ڪوشش نه ڪري ها ته ڪر آءٌ پڙهڻ بدران هينئر پيو ڇولا وڪڻان ها يا گڏهه مزدوري ڪريان ها. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏي. جنهن مون کي اکر سان الفت سيکاري، سائين شفيع ڪتابن جو پڻ وڏو شوقين هوندو هو. وٽس ڪيترائي ڪتاب هوندا هئا. هو سٺو جلد ساز پڻ هو ۽ انهن ڪتابن جي سٺي نموني جلد بندي ڪندو هو. ايئن آءٌ پهريون ۽ ٻيو سائين شفيع، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون سائين ڪريم بخش مڱڻهار وٽ پڙهيس. جيڪو پڻ بهترين استاد هو. حقيقت ۾ اهي استاد ئي هئا، جن مون جهڙي ڪُند ذهن ۽ اڻ گهڙيل ڪاٺ کي ٺاهي سنواري انسان ٿيڻ جي لائق بنايو. سائين ڪريم بخش هڪ بهترين استاد، هڪ سٺو شاعر، مولودي، اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نويس هئڻ سان گڏ سماجي ۽ سياسي ورڪر پڻ هو. هو هڪ عظيم استاد هو، جيڪو اسڪول جي وقت کان پوءِ شام جو ۽ رات جو پڻ بتيءَ تي اسان کي پڙهائيندو هو. غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺرائيندو هو، شعر لکي ڏيندو هو. هڪ ڀيري هو اسان کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ”ٻارڙن جي ٻاري“ ۾ پڻ وٺي ويو هو. اهو شايد 1976ع جو سال هو سندس شاعراڻو تخلص پياسي هو.
] يوسف سنڌي – ماهوار ادب نومبر 2002ع انٽرويو مان ٽڪرو[
****