... ۽ آءٌ يوسف سنڌي
[سيلف پورٽريٽ]
نالو به عجيب اٿم، يوسف سنڌي!
پر شڪل ۽ صورت اهڙي ڪانه اٿم جو ڪا زُليخا موهت ٿئي. (باقي اهو سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچيم ته ماڻھن تي زُليخائون ڪيئن موهت ٿينديون آهن) باقي ٺلھو نالي جو يوسف آهيان. مٿان وري ’سنڌي‘ سڏائڻ اهو به ڪنھن چرچي کان گهٽ ڪونھي.
ٽِڪَ جي سامھون ٿو بيھان ته بي ڊولائتو جسم ۽ وڏو مٿو ڏسيو ٽِڪ ئي ڊڄيو وڃي. سو زُليخائون خواب ۾ ڇرڪ ڀري نه اُٿنديون ته ٻيو ڇا ڪنديون!. ٽِڪَ جيڪو منھنجو حُليو ٿي ٻُڌائي (ٻهراڙيءَ ۾ آرسيءَ کي ٽِڪَ سڏين). سو هي ته : قد جو پورو پُنو. نه ڊگهو نه بندرو، پيٽ ڇاڙڪي کن وڌيل، بُت ايئن جيئن ڪو پورهيت عوام جي درد ۾ مچي مواڙ ٿيل روسي يا پاڪستاني ڪامريڊ. چپ ٿلها. منهن ٻار ڏسن ته ڪر گيب گدڙي سمجهي ڊڄي اُٿي ڀڄن. وار گُهنڊيدار، پر توهان مون کي مڪراني يا شيدي باشا چئي نه ٿا سگهو، آءٌ ته ميمڻ ڀاءُ آهيان (پر، ڪِرو ڪِرو وارو نه !) سو ڀلا زليخا موهت ٿئي به ته ڪيئن؟ البت منهنجي ٻن ڌيئرن پارس ۽ امرتا ۽ چئن پٽن شهزاد، وشال، منظر ۽ سمير علي جي امڙ جي لاءِ آءٌ مصر جو يوسف هجان ته هجان !؟
ادب ۾ اچڻ، منهنجي لاءِ ڪو حادثو چئجي يا معجزو يا وري ڪنهن جنم ۾ علم جي ڪا لارَ لڳل هوندم. ڇو جو ڪو به مٽ يا مائٽ پڙهيل نه هو. بابا ۽ امان ته ٺپ ڪورا ڪاڳر، ٺپ ٻهراڙيءَ جا، ٻني ٻارو، محنت مزدوري ڪندڙ، ستن پيڙهين کان هر- هاري هئا، پر اهو ضرور هو ته، هو نه ڪنهن وڏيري جا نه ڪنهن ننڍيري جا عام ماڻهو هئا، نه خاص ماڻهو، بس رڳو ماڻهو هئا، انگ وڌائڻ جي لاءِ!
اسڪول ۾ به امان جي شوق ڪارڻ ويٺس، ڪجهه مڙيئي بابا مرهيات جي به مرضي هئي. نه ته هجان ها ڪنهن ڍڪَ جو اڻ پڙهيل منشي، ڪنڊيڪٽر يا درزي- درزڪو ڪم ته هڪ ٻه ڏينهن سکڻ جي ڪوشش ڪيم. پوءِ ڀڄي جند ڇڏايم، اسڪول ۾ جي سائين شفيع محمد ميمڻ (سائين وڪيو) نه هجي ها ته ڪر مورئون ڪو نه پڙهان ها، ٻه درجا وٽس پڙهيس، پوءِ باقي ٽي درجا استاد ڪريم بخش مڱڻهار وٽ پڙهيس، هو به واهه جو دلچسپ ماڻهو هو. شاعر ته پهرينءَ جنم کان ئي هو (شايد لکڻ جي لاشعوري خواهش اُتان پرايم) صفا ملنگ ماڻهو، اسان کي نصابي ڪمن کان سواءِ رانديون به شوق سان ڪرائيندو هو، پر آءٌ پڙهڻ جيان راندين ۾ به هوندو هئس صفا چٽ، مار ته منهنجو مَرڪ هوندي هئي، وائي (کوهه) واري اسڪول جي انهن ڏينهن ۾ سائين جا ڪجهه شعر ياد ڪيا هيم، هاڻ ته هڪ ياد به ڪونهي، سائين هڪ ڀيرو ريڊيو پاڪستان جي پروگرام ’ٻارن جي ٻاريءَ‘ ۾ به وٺي ويو هو.
اڙي! هيءَ ته آتم ڪهاڻي پيو لکان، لکڻو ته سيلف پورٽريٽ اٿم جو منهنجو ڪو آرٽسٽ ڪونهي نه ته منهنجو اهڙو ته بڇڙو پورٽريٽ ٺاهي ها جو کِلُن جا ڪو ڪريا هجن ها ۽ هيٺان لکي ها: جيڪو پاڻ ڏانهن سمجهي!.
چيم پي ته جهڙو پڙهڻ ۾ چٽ تهڙو راندين ۾، مٿان وري ’غربت ڇولا کپائڻ‘ ڦيري ڪرڻ، ڇڙ پيس جي مشين تي اٺ آني مزدوريءَ تي اڌ سج اٽو تورڻ، پاسي ۾ ٺھندڙ ماڙيءَ تي رازن سان گڏ ڇهه روپيه روز تي مزدوري ڪرڻ جهڙا کٽراڳ به ڪيم.
خبر ناهي ته اديب ڪيئن ٿيس؟.
پر اديب آهيان ڪٿي!؟
مون کي اديب مڃي يا چوي به ڪير ٿو، مون ته ڪو ايڏو وڏو ڪارنامو ڪيو ئي ڪونهي، بس هيستائين چاليهه کن ڪتاب ڇپايا اٿم. ان ڳالهه جي الائجي ڪنهن مرحوم جي ايم مهڪريءَ کي ڦوڪَ ڏني، جو مون ڏانهن ٻن صفحن جو خط لکيائين ته ”ابا يوسف! تون مستقل جو مرزا قليچ بيگ آهين.“
ابول! پوءِ ڊپ سببان سالن تائين اهو خط به ٻين اهم خطن جيان پنهنجي گوڏي هيٺان لڪايو ويٺو هئس. متان ڪير چورائي پنهنجي نالي سان ڇپائي نه ڇڏي ، پر اهو خط جي اُن وقت کڻي ڇپجي به کڻي ها ته ڪهڙو آسمان ڏري پوي ها؟ جو دانش-ور ته هونئن ئي نه ٿي سگهان ها، جو ڪنهن سڳوري جو مٿي تي نه اٿم ۽ ڪنهن اخبار جي پهرينءَ صفحي جي زينت به بنجي نه ٿو سگهان (ڪڏهن ڪڏهن اها خواهش ٿيندي اٿم ته پنهنجي موت جي ڪوڙي خبر اخبارن ۾ هلائي پهرينءَ صفحي جي خبر بنجان، پر پوءِ ان ڊپ سبب دٻائي ڇڏيندو آهيان ته جي اها خبر پهرينءَ صفحي تي نه ڇپي ته پوءِ !؟)
چيم نه ته آهيان اصلئون ڪورو ڄٽ ۽ ڄٽ کي ملي عزت ته ويٺو ٻنهي جوتن سان کٽ تي!ڪراچي ويو هئس ڪمپوزنگ سکڻ! محترم عبدالغفورالستيءَ جي مهربانيءَ سان، پر ور چڙهيس دستگير ڀٽيءَ جي! سو ڪمپوزنگ ۾ هٿ ئي وجهڻ نه ڏنائين، سڄو رسالو ’برسات‘ کڻي منھنجي حوالي ڪيائين. رسالي ۾ سبب ايڊيٽر طور نالو به هڻي ڇڏيائين، بس پوءِ ته ڄٽن ۾ ڪو ڪريا مچي ويا. ”اڙي ڄٽ! ڄٽ جو پٽ ... ٻنهي جوتن سميت کٽ تي!“ ٽي چار پرچا ڪڍياسين، 1984ع جو زمانو هو. ايڊيٽوريل لکندو هو دستگير ڀٽي ۽ باقي مواد جي چونڊ ڪندو هو هي ڄٽ! برسات بند ٿيو ته هي ڄٽ به ٻنهي جوتن سوڌو کٽ تان لهي، هڙ مٿي تي رکي، ڀاڙي جا پئسا اُڌارا وٺي ٺڪا اچي دڙي ڪيائين!
۽ پوءِ شروع ٿيس ٻارن کي ٽڪا هڻڻ (يعني وئڪسينيٽر).
ٻه سال پرايا ٻار ڏنڀيم . ٻار مون تي اهڙا ته کاري ٿيا جو ڪئين گڏجاڻيون ڪيائون. قراردادون پاس ڪيائون، پر هئي ضياٰالحق جي بادشاهي، تنهنڪري ٻارن جي هڪ به نه هلي، باقي هڪ ٻارڙو اهڙو ته گڏيم جو توبهه زاري! منهنجو کيس ٽُڪو هڻڻ، همراهه ٻي ٽي ڪئي ڪونه، ٺڪا ٿو چڪ ڪرائيم، چڪ به اهڙو جهڙو چاڪي چمڙي جو، پوءِ ته مون به کڻي توبهه ڪئي، پر ٻار ڏسندا هئم ته شيطان يا شيطان جو نانو يا ڏاڏو سمجهي. پٿر هڻڻ جو سوچيندا هئا.
هڪ ڏينهن يارن کي کڻي ٿي کُٽي ۽ ڪتاب ڪڍڻ جو شوق ٿين، مون کي به گهران ڳولي ڪَن مان جهلي محفل جو مور ڪري، اچي وچ ۾ ويهاريائون، سڀ هئا مور ۽ مورن جي وچ ۾ مون جهڙو ڪانگ ٺهيو ته نه پي، پر ڇَڪو ڇنو مون تي! نالو رکيائون ”شيرازي پبليڪيشن“ ۽ ڪم ڪيائون منهنجي بلي! گهڻو ئي ڀڳس: چيم بابا اوهين وڏا آهيو، وڏن جي جتيءَ ۾ ننڍا ڪيئن پير پائين، قيام ڪاري ٿي ويندي. بابا آئون ڪانگ، مور جي چال ڪيئن هلندس، پر اصل نه مُڙيا چيائون! تو اڳ ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ (جڏهن آءٌ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس) هوشو پبليڪيشن جي سرِي سان هڪ ڪتاب (1982ع ۾ ) ڇپرايو آهي، سو اهو ڪم تون سنڀال ۽ اچي مون ڪانگ جي ساراهه ڪيائون ته واقعي چال وسري ويم ۽ مور جي چال هلڻ لڳس. پوءِ هڪ ڪتاب ڇپرايوسين”جي هانءُ نه هارين“ جي نالي سان، پئسا ته ڪو نه نڪتا، لاڙڪاڻي وارو يار نظام عباسي ٻين يارن جي ڪتابن جي پئسن سان گڏ اسان جي ڪتاب ”جي هانءُ نه هارين“ به کڻي اهڙو ويو جو وڃڻ کي ويو، باقي پئسا کاڌا اسان جي هڪ ٻي يار اوڳرائي به ڪين ڏنائين. آءٌ ۽ مرهيات حاجي خان ”تبسم“ سندس پويان هَلي هَلي ماٺڙي ڪري ويهي رهياسين.
اديب ته آهيان ڪونه ! لکڻ به اچيم ٿو انڌو منڊو، نالو ڪڍائڻ جو هئم وڏو شوق، منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون ڪير ڇپيندو ئي ڪو نه هو. ايترو عقل به نه هئم جو لکان ها ڪنهن نياڻي نماڻي ستَ قرآنيءَ جي نالي ۾! بس پوءِ ته دير ئي نه ٿئي ها ڇپجڻ ۾، سو ٻيو ڪجهه ڪين سُجهيم، وڌم ترجمن کي ڌڪا، هِتان هُتان جيڪو اک تي چڙهيو، سو ترجمو ڪيم، پوءِ ترجما ڪندو ويس، پنهنجي پرَ ۾ بود ۾ ڀربو ويس ته ترجمن ۾ آهيان ئي ڪو آءٌ، ان وچ ۾ ٽي چار ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيم، پر هڪ ڏينھن اهو بود جو ڀرم اچي پَٽ تي پيو، جبلي يار رسول بخش درس هڪ خط لِکيو سائين غلام حسين رنگريز کي سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”غلام جا ٽھڪڙا“ پڙهڻ کان پوءِ، مبارڪون به ڏنائينس، پر گڏو گڏ منهنجي باري ۾ ٻه اکر رهڙي موڪليائينس ته: ”توهان جو اهو ترجمو پڙهي يوسف سنڌيءَ کي پنهنجي ڪيل ترجمن تي شرم اچن گهرجي.“
ابول! بس يار شرم به اهڙو ٿيم جو صفا ڪينجهر ۾ ٻڏي مرڻ تي دل ٿي چيو.
بس يار ڪا صلاحيت هجيم ها ته ڪر هيستائين وڏو نالو ڪڍان ها!
پر ڪجهه ته نالو ڪڍيو به اٿم!
پنهنجي مڙسيءَ تي ڪتابن جون پُٺارڪو ٻڌي هر فنڪشن ۾ وڪڻڻ کڻي ويندو هئس، ۽ هڪ ٽڪو به پاڻ تي نه خرچيندو هئس، مور ۽ منافعي سوڌو سڀ خرچ ڪندوهئس، ڪتابن ڇپائڻ ۾! ڪئين يار ڪتاب کڻي ويا، چي: وڃيو ٿا پئسا موڪليون، پر پئسا نه پهتا، پر مون به ڪنهن جي پرواهه نه، ڪئي، ويس ڪتاب ڇپائيندو، ڪنهن کي ڪتاب وڻن يا نه! آءٌ وڻان يا نه مون تي ته جنون سوار هو... آهيان ته آءٌ به صفا ڪو چريو! هيءَ ته دنيا ئي ٻي آهي بابلا چمچه گيري ۽ پيشگيريءَ جي! پاڻ اها اصل ڪو نه پُڄي، تڏهن ته ڪنهن باغ جي موري ٿي ناهيان سگهيو.
]يوسف سنڌيءَ جو مزاحيه اندار ۾ لکيل هي سيلف پورٽريٽ سندس ڪتاب ”اونداهيءَ ۾ سوجهرو“ مان کنيو ويو آهي.[