رتيءَ جي رهاڻ
يوسف سنڌيءَ سان ڳالهه ٻولهه
اسحاق انصاري
رتيءَ جي رهاڻ ۾، اڄ اسان سان گڏ آهي، محترم يوسف سنڌي! سنڌ جو ناميارو ليکڪ، مترجم، جدوجهد ۽ جاکوڙ جو اُهڃاڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو موجوده سيڪريٽري جنرل.... هُن جي شخصيت ۽ سڃاڻپ جو ڪو هڪڙو حوالو ڪونهي، ڪيئي آهن ۽ هر حوالي سان، هن پاڻ کي هڪ ذميوار ’سنڌيءَ‘ جي حيثيت سان مڃرايو ۽ نمايان ڪيو آهي، اچو ته ساڻس ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪريون.
اسحاق: يوسف! توهان جي مهرباني جو اوهان پنهنجي گهڻ رُخين ۽ گُوناگون مصروفيتن مان ٿورو وقت اسان کي ڏنو.
يوسف: اسحاق توهان جي مهرباني، جو توهان هن ڳالهه ٻولهه ۾ اڄ منهنجي روبرو آهيو.
اسحاق يوسف توهان جي شخصيت، گهڻ پاسائين آهي، ان ڪري چاهيان ٿو ته توهان پاڻ ئي گفتگو شروع ڪريو؟
يوسف: (کلندي) اصل ۾ ته آءٌ هڪڙو ننڍڙو ۽ ناچيز ماڻهو آهيان ۽ جيئن توهان چيو، ته گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ته اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. باقي مختصر اهو ته منهنجو تعلق دڙي شهر، ضِلعي ٺٽي سان آهي. پيشي جي لحاظ کان آءٌ هڪڙي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهيان. لکڻ پڙهڻ جو شوق جيئن چئبو آهي ته ننڍي هوندي کان هو ۽ ان ڏس ۾ عرض ڪريان ته منهنجو چاچو يعني ناميارو دانشور عبدالغفور الستي، ع - غ - سنڌيءَ جي نالي سان لکندو هو ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ مشهور رسالو ’ملير‘ ڊائجسٽ به ڪڍندو هو، ته ان کي ڏسڻ سان لکڻ پڙهڻ سان چاهه وڌيو. منهنجو بابا ۽ امان! اُهي ته ٻيئي اڻ پڙهيل آهن، پر امان کي خود ڏاڍو شوق هوندو هو ته آءُ پڙهان، تعليم حاصل ڪريان. بابا..... مزدور ماڻهو هو ۽ صبح کان سانجهيءَ تائين ڍڳي گاڏي هلائيندو هو. صبح جو ويندو هو ته شام جو گهر موٽندو هو ۽ جيئن ٻهراڙيءَ ۾ ٿيندو آهي، مرد صبح سان ڪمائڻ لاءِ ٻاهرين دنيا ۾ نڪري ويندا آهن ۽ عورتون وري گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي وينديون آهن. سو چاچا عبدالغفور کي لکڻ پڙهڻ جي مصروفيت ۾ ڏسي مون کي به شوق ٿيو. مٿان جنهن اسڪول ۾ ويهاريو ويس، اُتي استاد به باذوق مليا، خاص ڪري ٻه استاد، هڪڙو سائين ڪريم بخش پياسي، جيڪو شاعر هوندو هو ۽ ٻيو استاد شفيع محمد ميمڻ. اهو به ڏاڍو سُٺو استاد هو ۽ انهن ٻنهي مهربان استادن جي طفيل ۽ تربيت هيٺ رهي ادب ۾ پير پاتم.
اسحاق: معنيٰ ته توهان جي طبيعت ۾ جيڪو ليکڪ هو، ان کي دريافت انهن استادن ڪيو؟
يوسف: بلڪل اسحاق.... توهان درست چيو، اُستاد شفيع صبح سان اسڪول وٺي ويندو هو ۽ نه ويندو هئس يا گُسائيندو هئس ته (کلندي) گهران استاد ’ٽنگوٽالي‘ ڪري، اسڪول گهرائيندو هو. معنيٰ ته ڪڏهن ايئن به ٿيو، ته گهڻن کي تڪليف ڏيئي اسڪول مڙئي پهچي ويندو هئس (۽ کلندي) ڪيئي ماڻهن کي ته اڃا به تڪليف وانگر محسوس ٿيندا رهون ٿا... ته اِهو هو پرائمري تعليم جو احوالُ، پوءِ هاءِ اسڪول.... اُتي به سٺا همسفر ۽ دوست مليا، جن جي صحبت ۾ مون پهرين ڪهاڻي لکي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن واري رسالي ’گُل ڦُل‘ ۾ شايع ٿي.
اسحاق: توهان جي خاندان ۾، ان ادبي لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو؟
يوسف: اصل ۾ چاچا عبدالغفور، جنهن 74- 1970ع ڌاري ’ملير‘ ڊائجسٽ ڪڍيو يا ادبي سرگرمين ۾ زور شور سان حصو ورتو، ته خاندان وارا، کيس هڪڙو بلڪل بيڪار ماڻهو ۽ سندس ڪم کي، ڪنهن به ڪم جو نه پيا سمجهندا هئا.
اسحاق: ڇو؟ ايئن ڇو هو؟
يوسف: ان لاءِ جو هُو هڪ قومي ڪارڪن به هو ۽ جائز حقن جي حاصلات لاءِ هُن کي ڦڏا به ڪرڻا پوندا هئا، مٿان وري جيل ۾ به ويو، رسالو به ڪڍندو هو ۽ اِهي سڀ ڪم، دنيا داريءَ جي لحاظ کان ماڻهن جي نظر ۾ ڪي چڱا ڪم ٿوروئي سمجهيا ويندا هئا.
اسحاق: اڇا ته.... توهان ڳالهه پئي ڪئي، پنهنجي پهرين ڪهاڻيءَ جي، جيڪا ’گل ڦل‘ ۾ شايع ٿي هئي، ان ڳالهه کي ٿورو مڪمل ڪندا؟
يوسف: ها.... ان ڪهاڻيءَ لکڻ واري ڳالهه سان گڏ ٻڌائيندو هلان. ته اسان جي خاندان ۾، هڪ منهنجي ماسات هوندي هئي، ان کي به ڪهاڻين وارا ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ان وٽ ’گل ڦل‘ کان سواءِ ٻارن لاءِ اردو رسالا ’نونهال‘، ’جگنو‘ ’تعليم و تربيت‘، جهڙا رسالا به باقاعده ايندا هئا، کانئس اِهي رسالا وٺي، آءٌ به پڙهڻ لڳس. انهن رسالن ۾ ٻارن جا نالا ڏسي اهڙو شوق من ۾ به سجاڳ ٿيو، ته انهن رسالن ۾ منهنجو به نالو شايع ٿئي. سو پهرين ته ’گل ڦل‘ ۾ ڪن سوال جواب وارن سلسلن ۾ نالو شايع ٿيو، پوءِ هڪڙي ڪهاڻي موڪليم ته اها به شايع ٿي وئي. مون اُن ڪهاڻيءَ جو عنوان ’عظيم سوکڙي‘ رکيو هو، جنهن ۾ هڪڙو دوست، پنهنجي دوست کي شاهه جو رسالو تحفي طور ڏئي ٿو ۽ اڄ به آءٌ اِهوئي سمجهندو آهيان ته اسان وٽ هڪٻئي کي ڏيڻ لاءِ اهو ئي سڀ کان وڏو ۽ اعليٰ تحفو آهي.
اسحاق: انهي ڪهاڻيءَ جي ڇپجڻ جو سال ڀلا ڪهڙو؟
يوسف: اِها منهنجي پهرين ڪهاڻي 1979ع ۾ شايع ٿي هئي ۽ اِها ڪهاڻي ڇاڪاڻ ته ڀٽائي صاحب جي پسمنظر ۾ سرجيل هئي ۽ ان حوالي سان هيءُ ڳالهه به ڪندو هلان ته، 1981ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ۾ ’لطيف ڊي‘ ملهايو ويو هو. ته اُتي آءٌ ان وقت منهنجو خيال آهي ته اٺين يا نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس. مون ان وقت پنهنجي اسڪول ۾ هن تر جي سُٺن شاعرن مان پهريون ئي دفعو جن کي ڏٺو ۽ ٻڌو، انهن ۾ ارشاد ساگر، محمد خان مجيدي صاحب ۽ مون ان ئي موقعي تي ڀٽائيءَ جي درگاهه جا فقير به زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڏٺا ۽ ٻُڌا هئا... ۽ اُن ڏينهن کان پوءِ منهنجي اندر ۾ يڪدم ئي ڀٽائي صاحب جي نالي ۽ اُن جي راڳ سان دلچسپي وڌي..... پوءِ جڏهن شعور وڌيو ۽ انهن شين جي ويجهو ويس، ته محسوس ٿيو، ته هيءُ ته هڪڙو آفاقي ڪلام ۽ پيغام آهي. اُن کي پڙهجي، ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي، سو ان ڪم ۾ مصروف ٿيس. اِهو دؤر هڪڙي پاسي وڏو سياسي اُٿل پُٿل جو دؤر هئو. ته ٻئي پاسي ٻارن جون علمي ادبي ۽ سماجي تنظيمون به زور شور سان هلي رهيون هيون. سجاڳ ٻار تحريڪ، لطيف سنگت، ساٿي ٻارڙا سنگت، ۽ ان کان پهرين گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم جو چؤٻول به ٻُڌوسين. جنهن جي پليٽ فارم تان ڪافي سينيئر ليکڪ پيدا ٿي چڪا هئا. جيڪي انهن ٻاراڻين تنظيمن جي ئي وسيلي متعارف ٿيا.
اسحاق: يوسف، توهان پهرين ڪهاڻي ته لکي هئي، ’عظيم سوکڙي‘ پوءِ ٻيا به ڪيترائي ادبي ڪم ڪيا، ترجما ڪيا، سنڌي ادبي سنگت جي سلسلي ۾ توهان جو هڪ ڀرپور جدوجهد جو دؤر آهي، پر گڏوگڏ توهان هڪ ناول به لکيو هو، جنهن جو نالو آهي ’تو ڇو پيار ڪيو؟‘ ته اِهي ايترا سارا ڪم ڪيئن ٿيا؟
يوسف: (يوسف ۽ اسحاق جو گڏيل ٽهڪ) اصل ۾ ڇا ٿيو هو، جو جيئن مون ٻڌايو ته 1979ع ۾ مون پنهنجي پهرين ڪهاڻي لکي هئي. پوءِ مئٽرڪ واري زماني ۾ اسان ڪجهه دوستن گڏجي ’هوشو پبليڪيشن‘ جي نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو، جنهن جي پهرين ڪڙي 1982ع ڌاري شايع ڪئيسين، اِهو ڪتابڙو 60 صفحن تي ٻڌل هو، پوءِ وري ان سلسلي کي جاري رکندي 1984ع ۾ ٻيو ڪتاب ’جي هانءُ نه هارين. شايع ڪيوسين ۽ پوءِ اهڙو سلسلو شروع ٿي ويو. ان وقت ۾ ڪي ڪهاڻيون ترجمو به ڪيم، خواهش ٿي ته هاڻي انهن کي گڏي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪريون. ان لاءِ مختلف پبلشرز کي خط وغيره لکيم، پر جڏهن ڪا موٽ نه ملي ته دل ۾ خيال آيو، ڇو نه اُن کي پاڻ ئي ڇپائجي ۽ پوءِ ايئن ئي ڪيم. آهستي آهستي ان ڪم کي لڳي ويس ۽ پبليڪيشن واري پاسي به ڪم ڪرڻ لڳس. منهنجي انهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتاب جو نالو ’بک، عشق ۽ آزادي‘ هو، جنهن ۾ ٽالسٽاءِ، اوهينري، موپاسان جهڙن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل هيون، ايئن ان بهاني سٺي پرڏيهي ادب جي مطالعي ڏانهن ويس ۽ چڱا چڱا ڪتاب پڙهندو ۽چونڊ تحريرن کي سنڌيءَ ۾ به ترجمو ڪندو ويس، پر هي جيڪو پنهنجو سنڌي ادب آهي. ان جي مطالعي ڏانهن آءٌ پوءِ آيس... ۽ ان کان اڳ، مون پرڏيهي ادب چڱوئي پڙهي ورتو. ترجمي سان، اوائل ۾ جيڪي ڪتاب مون کي ترجمي جي صورت ۾ وڻيا، انهن ۾ مراد علي مرزا صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب ’مونجهارو‘ جيڪو مصري ٻولي جي ليکڪ توفيق الحڪيم جو لکيل ڊرامو آهي. اهو مون پڙهيو ۽ مون کي بي حد وڻيو. ترجمي جو ڪم جيڪو شروع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب، پوءِ مراد علي مرزا صاحب، محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ انهن کان پوءِ وري ولي رام ولڀ صاحب ۽ جن جن ٻين به ڪيو، مون کي ان مان به وڏو اُتساهه مليو ته سٺي ادب کي سنڌيءَ ۾ آڻجي ۽ ايئن مون به ترجمي جي ان فيلڊ ۾ دلچسپي ورتي ۽ منهنجو ڪهاڻين جي ترجمن وارو ڪتاب ’بک، عشق ۽ آزادي‘ به دراصل ۾ ان ئي اُتساهه جو نتيجو هو. ان کان پوءِ ٻيو ڪتاب خان عبدالغفار خان جي آٽو بايو گرافيءَ مان ڪي چونڊ حصا ترجمو ڪري ’منهنجي زندگي ۽ جدوجهد‘ جي نالي سان ڪري شايع ڪرايم. ان کان پوءِ جيڪا مون پبليڪيشن قائم ڪئي هئي، ان جي پاران پنهنجي ادبي استاد ۽ رهنما سائين غلام حسين رنگريز جي مضمونن جو مجموعو ’سرمد ڇا ٿو سوچي؟‘ ڇپرايو.
اسحاق: رنگريز صاحب ڀلا ڇا رڳو اوهان جو ادبي استاد آهي يا....؟
يوسف: رنگريز صاحب ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ استاد هئو ته مون هن وٽ PTC جي تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ ايئن هن جي ادبي صحبت مان به گهڻو ئي ڪجهه پِرايو. اُن ڪري آءٌ هُن کي پنهنجو ادبي سونهون، رهنما ۽ رهبر به ڪري سمجهندو آهيان ۽ هتي اِهو به اعتراف ڪندو هلان ته منهنجي ادبي تربيت ۾ ٻن اهم شخصيتن جو وڏو هٿ ۽ ساٿ رهيو آهي، جن مان هڪ ته منهنجو سائين غلام حسين رنگريز صاحب ۽ ٻيو مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نامياري ادبي شخصيت سائين پرويز! انهن قلمڪارن ايئن به سمجهو ته، پنهنجي انداز سان، منهنجي ادبي، فڪري، سياسي ۽ تنظيمي تربيت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي متحرڪ رهڻ جي ڪري غلام حسين رنگريز صاحب سان ته منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هن جي ئي پٺڀرائيءَ سبب ۽ اتساهڻ تي، مون سنڌي ادبي سنگت ۾ گهرِي دلچسپي ورتي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
اسحاق: هن وقت تائين توهان جي قائم ڪيل پبليڪيشن جا ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن؟
يوسف: هن وقت تائين منهنجي قائم ڪيل ’سچائي اشاعت گهر- دڙو‘ جي پاران ستر، اسي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
اسحاق: اڇا انهن ڪتابن ۾ اسان جي مشاهدي مطابق، توهان گهڻا ڪتابَ، نوجوان ۽ نوَن ليکڪن جا ئي شايع ڪرايا آهن. ان جو ڪو خاص سبب؟
يوسف: اسحاق! ان جو هڪڙو سبب ته اِهو هو، جو جڏهن آءٌ نوجوان هئس ۽ مون مشهور پبلشرز کي خط لکيا ته انهن مون کي ريسپانس ئي ڪونه ڏنو، جنهن جي ڪري ڏاڍي تڪليف پهتي، آخر نوجوانن کي ڪير ته اڳتي آڻيندو؟ انهن جي به ڪو پٺڀرائي ڪرڻ وارو ته هجي! سو ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکي مون سوچيو ته، ڇو نه نوجوانن کي اُڀارجي ۽ اڳتي آڻجي ۽ ايئن مون ڪافي نوجوانن جا پهريان پهريان ڪتاب پنهنجي ان اداري پاران شايع ڪيا ۽ اهڙن ليکڪن ۾ اڄ جا مشهور و معروف ليکڪ ۽ شاعر، انور بلوچ، طارق قريشي، بيخود بلوچ، ضراب حيدر، علي اظهار ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن، جن جا پھريان ڪتابَ خاص طرح سان اسان ئي شايع ڪرايا هئا.
اسحاق: جنهن افراتفريءَ واري سماج ۾ سنگت ۾ ماڻهو اُٿي ويهي ٿو، ان ۾ ظاهر آهي، ٽينشن به پلئه پوندا آهن، اهڙن لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
يوسف: ٻه شيون مون کي ڏاڍيون وڻنديون ۽ رليڪس ڪنديون آهن. هڪڙا ٻار ۽ ٻيا گُل، سو جڏهن به يا جنهن وقت به پريشان ٿيندو آهيان ته صبح جو سوير، فجر مهل ننڊ مان سجاڳ ٿي، گهر کان ٻاهر ٻنين ۾ نڪري ويندو آهيان. ظاهر آهي دڙي ۾ آءٌ جتي رهان ٿو، اُتي ٻهراڙيءَ جو ماحول آهي، ان ۾ باک ڦُٽيءَ جو سير ڪندي، ڪٿان پکين جا آواز.... ڪٿان مال جي چڙن جا ساز... ايئن سمجهو ته مون کي پُرباش ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جيستائين، امان صحتمند هئي، چاڪ وچوبند... (۽ الله ڪري ته اسان جي سِرَ تي سندس ڇانورو سدائين سلامت رهي) اُها پاڻ جڏهن صبح سان ڏُڌ ولوڙيندي هئي ته ان جي ڏُڌ ولوڙڻ ۽ ماٽيءَ جي جهر جهر جي آواز تي آءٌ سجاڳ ٿي ويندو هئس ۽ ان آواز مان ڏاڍو سُڪون ملندو هئم. ۽ اهو آواز ته آءٌ جهڙوڪر هن وقت به پيو ذهن ۾ ٻُڌان.
اسحاق: جيڪڏهن پُڇجي ته هن وقت تائين ڇا ڇا ڪري چڪا آهيو، پنهنجي وطن ۽ ڌرتيءَ لاءِ ته ڇا چوندؤ؟
يوسف: اسحاق ڏسو! جي آءٌ پنهنجي وات سان چوان ته، مون هي ڪيو، هُو ڪيو... ته اها ڪا چڱي ڳالهه ڪانه چئبي، ڇو ته اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ڪيو ئي ڪونه اٿم. زندگي آهي ته گهڻو ڪجهه ۽ اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو عزم رکان ٿو، جيئن... ڏسو مرزا قليچ بيگ صاحب ڪيو آهي ۽ 76 ورهين جي ڄمار ۾ چار سؤ ستونجاهه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ کي ڏئي ويو ۽ باوجود ذاتي مصروفيتن جي هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو پئي، ته اهڙي ماڻهوءَ لاءِ چئبو ته هُو پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ وڏو ڪم ڪري ويو. سو جو ايترو ڪم ڪجي، تڏهن چئبو ته واهه سائين، زندگي سجائي گذري.
اسحاق: يوسف، توهان جا ترجمي ۽ تخليقي ادب لاءِ ڪيل پورهيا، برابر ته سڀ پنهنجي جاءِ تي، پر سنڌي ادبي سنگت لاءِ جيئن اوهين متحرڪ رهيا، ڪجهه ان جدوجهد جي ڪهاڻيءَ تي به روشني وجهندا هلو.
يوسف: سنڌي ادبي سنگت کي آءٌ پنهنجي ملڪ جي هڪ وڏي ۽ جمهوري تنظيم سڏيندو ۽ سمجهندو آهيان ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته اُها اهڙي پهرين ادبي تنظيم آهي، جيڪا باقاعده متحرڪ به آهي ۽ جنهن جون هر ٻئي سال چونڊون هر حالت ۾ ٿينديون رهنديون آهن ۽ ايئن به ڪڏهن ڪونهي ٿيو. ته اُها چونڊن کان پوءِ ورهائجي وئي هجي يا ان مان ڪي ٻيون نيون تنظيمون ٺهيون هجن. يعني ادبي سنگت ڪالهه به ادبي سنگت هئي ۽ اڄ به اها ئي ادبي سنگت آهي ۽ متحد آهي.
اسحاق: ادبي سنگت جي مرڪز ۾ شموليت جو خيال اوهان کي ڪڏهن ۽ ڪيئن آيو؟
يوسف: ان ڏِس ۾ هاڻي جي ڪجهه ڳالهيون ان ڏِس ۾ ڪبيون... ته پوءِ باقاعده ڪبيون جو ڳالهه دراصل هيءَ آهي، ته سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ کڻندؤ ۽ کوليندؤ ته خبر پوندي ته غلام حسين رنگريز 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ٿيو، جيڪو منهنجو استاد به آهي. ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج ۾ هن وٽ پڙهڻ کان پوءِ شام جو هن وٽ وري اوطاق تي آءٌ ويندو هئس. ان دؤران هن وٽ ادبي سنگت جي لک پڙهه جو جيڪو ڪم هوندو هو، ان ۾ ساڻس هٿ. همراهي ڪرائيندو هئس. ساڳئي وقت پبليڪيشن جو ڪم به رنگريز صاحب جي سرواڻيءَ ۾ شروع ڪري ڏنوسين. اهو ڪم پوءِ حيدرآباد وڃي ’سهڻي پريس‘ مان طارق اشرف صاحب کان ڇپرائيندا هئاسين ته، طارق صاحب سان رابطه ۽ دوستي به وڌي ۽ ايئن چار پنج ڪتاب شايع ٿي ويا. ان ڏِس ۾ دعويٰ ته ڪونه ٿو ڪريان، جو ان جو سڄو ڪريڊيٽ رنگريز صاحب ڏانهن وڃي ٿو، پر ان ڪم لاءِ آءٌ هن جو وڏو ساٿ ڏيندو هئس ۽ ان سڄي عرصي دؤران، سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي، ته مون کي آفيس بيرر ٿيڻ جو خيال ڪڏهن به ڪونه آيو ۽ رنگريز صاحب جو خيال هو ته هُو وري ٻئي ٽينيوئر لاءِ به سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل ٿئي، ان کان اڳ واري صورتحال هيءَ هئي ته، رنگريز صاحب کان پهرين جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو هو، سو ۽ رنگريز صاحب پاڻ ۾ دوست به هوندا هئا. ان وچ ۾ پوءِ ڪن سببن جي ڪري ٿيو هيئن ته هاڻي رنگريز صاحب اسان کي تيار ڪيو ته بس ان ماڻهوءَ جي پويان لڳي وڃو (ان شخص جو نالو نٿو وٺان، بس پاڻ سمجهي وڃو، ته اُن جو نالو ڇا ٿو ٿي سگهي!) اسان کي حڪم ڪيائين ته ان ماڻهوءَ جي پويان لڳي وڃون ۽ ايئن آءٌ... ذاڪر حسين کٽي، سارنگ شاهه بس هُن جي پويان لڳي وياسين ۽ ان ڏس ۾ اسان جمهوري رستو اختيار ڪيوسين ۽ ادبي سنگت جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ باقاعده ميدان ۾ لهي پياسين ۽ سنجيدگيءَ سان ان ۾ حصو ورتو سين ۽ اگرچ 1992ع وارين چونڊن ۾، مون صرف هڪڙي ووٽ تان هارايو، ادل سومري کنيا 72 ووٽ ۽ مون کنيا هئا 71، ته به مون همٿ نه هارِي.
اسحاق: توهان يا ٻيو جيڪو گروپ آهي ادبي سنگت ۾، ان لاءِ ڇا چوندا؟
يوسف: اصل ۾ اهي ڪي ٻه سياسي ڌُڙا ڪونهن، پر ادبي حلقه آهن ۽ ٻنهي ۾ فرق ضرور آهي. اسان جي حلقي جو خيال آهي، ته ادبي سنگت جو جيڪو ادبي ڪردار آهي، ان کي وڌيڪ اُڀاري سامهون آڻجي ۽ ان کي اسٽريٽ پالٽيڪس جو حصو نه بنائجي. پهرئين دؤر ۾ جڏهن ادبي سنگت مارشل لا واري عرص دؤران اُڀري سامهون آئي، ته اُن جو سياسي ڪردار به سامهون آيو. اُها ان دؤر جي ڳالهه هئي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت ناهي ته ادبي سنگت کي ان پيٽرن تي هلائجي، بلڪ هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان جو هڪڙو باوقار ادبي رسالو هجي. هڪڙي مرڪزي آفيس هجي. دنيا ۾ جيڪي ادبي تحريڪون ۽ مامرا آهن، انهن کان آگاهه رهجي ۽ تخليقي انداز جي تبديلين کان پڻ وقتاً فوقتاً واقف ٿبو رهجي.
اسحاق: يوسف، شاعريءَ سان ڀلا ڪڏهن ڪو شغف رهيو؟
يوسف: شاعري مون ڪڏهن ڪئي ته ڪانهي، باقي اُها مون کي پسند ضرور آهي ۽ وڻندي به آهي.
اسحاق: ته پوءِ ان سلسلي ۾ اوهان جي پسند جا شاعر ڀلا ڪير ڪير؟
يوسف: اول ته ڀٽائي صاحب! پوءِ شيخ اياز ۽ استاد بخاري ۽ ٻنهي ۾ بنان ڀيٽ جي ايترو به چوندس ته هي ٻئي شاعر به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي نهايت وڏي مقامَ جا صاحب آهن. امداد حسينيءَ کي به آءٌ سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر سمجهندو آهيان. نوجوانن ۾ اياز امر شيخ، حفيظ باغي، نواز زنئور، امداد سولنگي... ظاهر آهي شاعر ٻيا به ڪيئي مون کي وڻندا آهن، پر هاڻي ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن، جو اهڙن شاعرن جي فهرست ڊگهي آهي.
اسحاق: ڀلا رڳو شاعر ئي اوهان کي وڻندا آهن يا ڪي نثر نگار به!؟
يوسف: ٽن ماڻهن جي نثر جوآءٌ قائل آهيان ۽ انهن کي شوق سان پڙهندو آهيان: نمبرون! غلام رباني آگرو، جيڪو نهايت شاندار نثرنگار آهي. هي صاحب: جيڪو نصير مرزا! اهو به مون کي وڻندو آهي ۽ سندس حوالي سان آءٌ اهو به ٻڌائيندو هلان ته، هيستائين مون پنهنجي فقط هڪ ئي ڪتابَ جو مهاڳ لکرايو آهي ۽ اهو مون... نصير مرزا کان ئي لکرائڻ پسند ڪيو. انهي ڪتاب جو نالو هو ’اونداهيءَ ۾ سوجهرو‘ ان ڪتاب کان سواءِ مون ڪنهن به پنهنجي ٻئي ڪتاب تي ۽ ڪنهن کان به هيستائين ’مهاڳ‘ ڪونهي لکرايو. اِهو ڪتاب منهنجي لکيل خاڪن ۽ مضمونن تي ٻڌل ڪتاب آهي. محققن منجهان وري مون کي اشتياق انصاريءَ جو انداز به وڻندو آهي. ظاهر آهي اُن انداز جا ٻيا به ليکڪ سٺا آهن. جيئن بدر ابڙو، انور پيرزادو، ڪليم لاشاري، ۽ اهي سڀ به پنهنجي پنهنجي جاءِ تي، پر اشتياق وٽ وري سائيٽس بابت سفرناما لکڻ جو انداز ئي پنهنجو آهي. نئون ۽ مختلف... ۽ مون کي ايئن، هن جا موضوع به وڻندا آهن ۽ نثر به..
اسحاق: سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ تو هانجون ترجيحات ڪهڙيون پي رهيون آهن؟
يوسف: منهنجو پهريون ٽاسڪ اِهو آهي ته ادبي سنگت جي ادبي ڪردار کي سامهون آڻيان، اُڀاريان ۽ آءٌ سمجهان ٿو ته آءٌ ان ۾ ڪامياب به ويو آهيان، ٻيو اهو ته منهنجو خيال آهي ته ادبي سنگت جو پبليڪيشن وارو شعبو مضبوط ٿيڻ گهرجي ۽ ادبي سنگت کي بوڪ پبلشنگ جي ڏِس ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ اُن ۾ به آءٌ پاڻ کي ڪامياب تصور ٿو ڪريان ۽ انهن ڳالهين کان به اهم ۽ وڏي ڳالهه هيءَ، ته ادبي سنگت مرڪز کي پنهنجي آفيس هجڻ گهرجي، جيڪا ناهي، آءٌ سمجهان ٿو يا چوان ٿو ته مون کي پڪ آهي ته اِهو ڪم به آءٌ هر حالت ۾ سرانجام ڏيندس. ڪيئي دوست آهن. جن اِن ڏِس ۾ مدد جو وعدو به ڪيو آهي. خير... هن وقت منهنجي اهم ترين ترجيح اِها به آهي ته، ادبي سنگت مرڪز لاءِ ڪا جاءِ هجڻ گهرجي، جنهن ۾ لائبريري به هجي ۽ سنگت جي باوقار آفيس به هجي، ان جو وڊيو آڊيو سسٽم هجي ۽ اِهوئي سنگت لاءِ هن وقت منهنجو وڏو خواب آهي ۽ جي منهنجي ٻن سالن واري هن ٽينيوئر ۾ اهو پورو ٿئي. اهو آءٌ ان ڪري ٿو چوان، جو انهن ٻن سالن کان پوءِ آءٌ هاڻي چونڊن ۾ نه بيهندس ۽ چاهيندس ته ڪو نئون دوست اڳيان اچي، پنهنجي صلاحيتون ڪتب آڻي ۽ ادبي سنگت لاءِ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي ۽ منهنجو خيال آهي ته، ٿيڻ به ايئن گهرجي ۽ هر دفعي نئين قيادت اڳيان اچڻ گهرجي. ٻيا ان ڏس ۾ ڇا ٿا سوچين، اها ڳالهه ته اُهي ئي ڄاڻن! آءٌ البت ان خيال جو آهيان ته، صرف هڪ دفعي لاءِ سيڪريٽري جنرل ٿي اچجي ۽ ٻيو دفعو وري ڪن ٻين دوستن لاءِ اِها جاءِ ڇڏي ڏجي، جو جمهوري روايتون به اهوئي ڪجهه ٿيون چون.
اسحاق: يوسف اسان جي هن سلسلي ’رتيءَ جي رهاڻ‘ لاءِ اوهان وقت ڏنو، اوهان جي مهرباني.
يوسف: اسحاق، اوهان جي به مهرباني.
]هيءُ انٽرويو ڪيسيٽ تان لاهي ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي دوست نصير مرزا جا ٿورائتا آهيون. ..... ادارو[
] ماهوار امرتا - آڪٽومبر 2009ع[