منهنجي ڪتابن جي ڪهاڻي
]ادبي سفر[
يوسف سنڌي
آءٌ بنيادي طور ڪهاڻيڪار ناهيان، پر ڪهاڻيءَ سان منهنجو شروع کان ئي واسطو ۽ لاڳاپو رهيو آهي.
ننڍي هوندي جڏهن اڃا دڙي ۾ بجلي نه آئي هئي، تڏهن سانجهي ٿيندي ئي کير ڀت کائي، بستري تي ڊهي پئبو هو، سيارو هوندو هو ته گهر جي وڏي ڪمري ۾، جتي سڀني گهر ڀاتين جون کٽون، کٽن سان لڳ پيل هونديون هُيون، ۽ اسين گهر جا سڀ ڀاتي امان، ناني، منهنجو ٻيئي وڏيون ڀينرون مريم ۽ غلام فاطمه، انهن تي سمهندا هئاسين. آءٌ امان سان گڏ سمهندو هوس. امان مامتا سان ڀريل لوليون ڏيئي مون کي سُمهاريندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري کير پيارڻ لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، بهانا ڪندي، لالچون ڏيندي هئي، ته ڪڏهن وري ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ”هڪڙو هو بادشاهه...! اصل بادشاهه ته الله جي ذات آهي، پر هن ڪوڙي دنيا جو بادشاهه.. جنهن کي ست ڌيئرون هيون....“ ۽ پوءِ اها ڪهاڻي هلندي ئي آءٌ ننڊ جي گهيرٽن ۾ وٺجي، ننڊ جي جهان ۾ هليو ويندو هوس.
پرجي گرمين جي مُند هوندي هئي ته گهر جي اڱڻ ۾ نم جي وڏي وڻ جي هيٺان کٽون وجهندا هئاسين. اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ نم، جو شاهي وڻ بيٺل آهي، هاڻ ته صفا جهونو ٿي ويو آهي. پر جوانيءَ ۾ ان وڻ جو ڇانوَ ۽ ڏيا به ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
منهنجي ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃڻ کان پوءِ امان ڪهاڻي پوري ڪندي هئي يا اڌ ۾ ڇڏي سمهي پوندي هئي... خبر ڪونهي. ايئن اڪثر ٻي يا ٽي ڏينهن منهنجون ڀينرون به امان کي آکاڻي ٻڌائڻ جي لاءِ چونديون هيون، ۽ امان ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري جڏهن امان جو موڊ نه هوندو هو يا گهڻي ٿڪل هوندي هئي ته هو پُٺن تي هٿ ڦيري ٻڌائڻ شروع ڪندي هئي:
آکاڻي،
گهگهرداڻي،
گهگهر ٺلهو،
مڇي پلو.
آکاڻيءَ نما اهو ڊگهو نظم ٻڌائي چوندي هئي: ”هاڻ سمهي پئو.. آکاڻي سڀاڻي...“
ڪڏهن ڪڏهن وري ڇهين يا ٻارهين مهيني، اسان جي گهر چوهڙ جماليءَ مان هڪ جهونڙو ايندو هو، گهير واري وڏي سُٿڻ پاتل، هٿ ۾ لٺ، ڇاپئين ڏاڙهي، مٿي تي پٽڪو ۽ هٿ ۾ هر وقت ناس جي دٻلي.... امان کيس ” ماسڙ مامون“ چئي سڏيندي هئي.
”ماسڙ مامون“ وڏو دلچسپ ماڻهو هو. کيس ڪيتريون ئي آکاڻيون ياد هونديون هيون. رات جو جڏهن ماني ٽڪي کائي وانڌا ٿي کٽن ڀيڙا ٿيندا هئاسين ته ”ماسڙمامون“ آکاڻي کڻندو هو... آکاڻيءَ ۾ ايندڙ مختلف موڙن، ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون به هو اُن ئي لهجي ۾ بيان ڪندو هو. ۽ وچ وچ ۾ ڏور يا بيت به ڏيندو ويندو هو. ”ماسڙ مامونءَ“ کي ڪهاڻي کڻڻ جو ڪو ڏانءُ هو ڇا....؟ ۽ اسين اهي آکاڻيون وڏي چاهه ۽ ڌيان سان ٻُڌندا هئاسين. آءٌ اڪثر آکاڻي هلندي ئي سمهي پوندو هوس. ٻي رات وري ماسڙ مامون اتان ئي آکاڻي کڻندو هو، جت رات ڇڏي هوندي هئائين يا وري نئين آکاڻي... جيترا ڏينهن ’ماسڙ مامون‘ ٽڪيل هوندو هو، روزانو رات جو اهو سلسلو جاري رهندو هو.
ڪجهه وڏو ٿيس ته ڇٺي ڇهه ماهي، امان سان گڏ حيدرآباد وڃبو هو. جتي منهنجي جيجي يعني امان جي ننڍي ڀيڻ رهندي هئي. اُتي منهنجي هڪڙي ماسات وٽ ٻارن جي ڪهاڻين جا ننڍا ننڍا تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا، جن جا ڪوَر ڏاڍا سهڻا ۽ اهي گهڻا اردوءَ ۾ هوندا هئا، جيڪي هوءَ اسان کي پڙهڻ جي لاءِ ڏيندي هئي. مون کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس اُتان پيئي، هوءَ اسڪول ويندي هُئي ته آءٌ سندس پرپُٺ به سندس ڪتابن وارو ڪٻٽ کولي جنھن ۾ اردوءَ ۾ ٻارن جا رسالا ”جگنو“، ”نونهال“ ۽ ”تعليم و تربيت“ به پيل هوندا هئا، ممڪن آهي ته ڪو سنڌيءَ ۾ ٻارن جو رسالو به هجي، پر منهنجي يادگيريءَ ۾ نقش ٿيل ڪونهي. ڳوٺ ايندو هوس ته کانئس پڙهڻ جي لاءِ ڪجهه ڪتاب اُڌارا وٺي ايندو هوس. ايئن منهنجي ڪتابن سان سنگت پڪي ٿيندي ويئي... ۽ مون کي ڪتابن پڙهڻ جي ايتري ته چوس هوندي هئي، جو اتي رات جو سمهڻ مهل، جيجي زوري بتي بند ڪري، مون کي سمهڻ جي لاءِ چوندي هئي... نه ته جيستائين روشني هوندي هئي، ڪتاب منهنجي اکين جي اڳيان ٽنگيل هوندو هو.
ڪتابن پڙهڻ جي اُن چوس سبب منهنجي سڄي خرچي، جيڪا ايتري گهڻي به نه هوندي هئي، ڪتابن جي بِلي ٿي ويندي هئي، ۽ ڪتابن وٺڻ جي لاءِ حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي، يا وري لطيف آباد ۾ ستين نمبر ويندو هوس. جيجيءَ جو گهر ٻي نمبر ۾ هوندو هو ۽ جڏهن به ڪو ڪتاب خريد ڪري موٽندو هوس ته اهو گهر کڻي نه ويندو هوس، پر گهر جي پاسي ۾ بيٺل ديوين جي وڻن وٽ ڪنهن وڏي پٿر جي هيٺان يا ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ لڪائي پوءِ گهر ۾ گهڙندو هوس.... گهر ۾ کڻي وڃڻ سان دڙڪن ملڻ جو امڪان هوندو هو.
دڙي ۾ وري خرچي ميڙي سجاول ويندو هوس، جتي بس اسٽينڊ تي هڪ مهاجر جو ”سخاوت بڪ اسٽال“ هوندو هو. دڪان تي ويٺل چاچو ڏاڍو سٺو ماڻهو هوندو هو، يا وري ٺٽي ويندو هوس ته مرحوم عبدالله قريشيءَ جو ”شمس بُڪ اسٽال“ وڃي ڦلهوريندو هوس. پوءِ مون کي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سڄو ڏينهن ويٺو پنا ڪارا ڪندو ۽ اُبتيون سبتيون ڳالهيون پيو لکندو هوس.
اسڪول ۾ مون کي پهرين کان ٻي ڪلاس تائين سائين شفيع محمد ميمڻ ۽ ٽي کان پنجين تائين سائين ڪريم بخش ”پياسي“ مڱڻهار جهڙا بهترين اُستاد مليا. سائين شفيع محمد ميمڻ ڪتابن جو وڏو شوقين هوندو هو، وٽس هر وقت ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هو، ۽ هو انهن ڪتابن تي ڏاڍي سٺي جلد بندي ڪندو هو... ۽ سائين ڪريم بخش ’پياسي‘ بهترين استاد هئڻ سان گڏ شاعر، ڊراما نويس، سٺو اداڪار، سٺو مقرر ۽ مولودي پڻ هو. سندس ڪجهه شاعري هٿ ڪري مون پنهنجي ڪتاب ”پسي تنهنجي تجلي“ ۾ تعارف ۽ فوٽوءَ سميت ڇپي... انهن ٻنهي استادن جي علم دوستي ۽ ادب دوستيءَ جو مون ته سٺو اثر پيو.
منهنجي پهرين ڪهاڻي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ 1979ع جي ڪنهن شماري ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان ڇپي هئي، جيڪا ’ماخوذ‘ ڪيل هئي. پوءِ ٻارن جي لاءِ ٻيون به ڪهاڻيون لکيم ۽ ترجمو ڪيم، جيڪي پوءِ ”شهيد جي ماءُ“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
ان دوران وڏن جي لاءِ به ڪجهه ڪهاڻيون لکيم، پر انهن مان گهڻين کي پرڏيهي پسمنظر ڏنم، فلسطيني فدائين جو. اڳتي هلي ٻه ناول ”تو ڇو پيار ڪيو“ ۽ ”ڪجهه اندر ڪجهه ٻاهر“ لکيم... ”تو ڇو پيار ڪيو“ 2007ع ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ پاران ڇپيو ۽ ”ڪجهه اندر، ڪجهه ٻاهر“ اڻ ڇپيل آهي.
پنهنجي لکڻين جي حوالي سان گاريون به کاڌم ته ڪيسن ڦڏن کي به منهنجي ڏنم.... 1992ع ۾ جڏهن هندستان ۾ بابري مسجد جو سانحو ٿيو ته روزاني ’عبرت‘ ۾ هڪ ڪالم لکڻ جو ڏوهه ۾ نه رڳو وڏيون فتوائون جاري ٿيون، پر ميرپور خاص ۽ بدين جي ڪورٽن ۾ داخل ٿيل ڪيسن جون شنوايون به ڀريم، جيڪو به هڪ دلچسپ قصو آهي. منهنجي ڪهاڻي ”هڪ ڏينهن جو نوحو“ هڪ لحاظ کان اُن دلچسپ قصي جو مُنڊ آهي.
هڪ ٻي ڪهاڻي ”ويساهه جي شڪست“ ڇپي، جنهن ۾ مون پنهنجي چٿيل جذبن جو اظهار ڪيو هو ته ڪجهه يارن، منهنجي هڪ بهترين استاد ۽ دوست کي منهنجي خلاف خوب برغلايو ته ”يوسف اها ڪهاڻي تو تي لکي آهي.“ نتيجي ۾ منهنجو اهو دوست اُن ٽولي جي چوڻ ۾ اچي مون کان گهڻو بدظن ٿيو، جنهن جو مون کي سدائين افسوس رهيو.
منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾“ جڏهن ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپي ته منهنجي ڳوٺ دڙي جي ڪجهه يارن کي اُن ۾ پنهنجا عڪس نظر آيا، تن نه رڳو فونون ڪري فقير محمد ڍول کي ڌمڪيون ڏنيون، پر ڪيترائي ڏينهن مون تي به ڦوڪبا شوڪبا ۽ اکيون ڦوٽاريندا رهيا.
مون آخري ڪهاڻي اها ئي لکي هئي ”پولار ۽ پاتال جي وچ ۾....“ پوءِ منهنجو ڌيان ڪهاڻي طرف نه رهيو. ]هونئن آءٌ ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڪڏهن به سنجيدو نه رهيو آهيان[، ۽ گهڻي وقت کان پوءِ هڪ ڪهاڻي لکيم ”مون کي به جيئڻ ڏيو...!“ لکيم ڇا؟ انعام عباسيءَ زوري لکرائي... هاڻ اندر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ڪهاڻيءَ جي سُتل جراثيمن جاڳڻ شروع ڪيو آهي، ذهن ۾ ولوڙ پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويئي اٿم... ٿي سگهي ٿو، ڪجهه ڪهاڻين جو جنم ٿئي.(1)
[2]
منهنجو پهريون ڪتاب، ڇهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو ”بک، عشق ۽ آزادي“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جي پڙهندڙن ۽ دوستن سُٺي پذيرائي ڪئي، جنهن سان منهنجي ڏاڍي همت افزائي ٿي ۽ ترت ئي ٻيو ڪتاب ”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ جي نالي سان ڇپرايم، جيڪو سُرخپوش اڳواڻ سرحدي گانڌي خان عبدالغفار خان جي آتم ڪهاڻي، ”ماءُ لائف اينڊ اسٽرگل“ جي تلخيص هئي، جيڪا ماهوار ”اردو ڊائجسٽ“ جي ڪنهن شماري ۾ ڇپي هئي ۽ مون اتان ترجمو ڪئي. اصل ڪتاب گهڻو پوءِ هٿ چڙهيم ۽ پڙهيم.
”منهنجي زندگي ۽ جدوجهد“ ڄڻ منهنجي پبلشنگ جي شروعات هئي، جيتوڻيڪ اُن کان اڳ آءٌ ٽي ڪتاب ڇپرائي چڪو هُئس، پر اهو ’سچائي اشاعت گهر‘ جو پهريون ڪتاب هو، ان ڪتاب کانپوءِ سچائي اشاعت گهر پاران شروع ٿيل ڪتابن جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
منهنجو ٽيون ڪتاب ”چي گويراجي ڊائري“ هو، جيڪو روشني پبليڪيشن پاران ڇپرايو ويو، محترم علي نواز گانگهري اهو ڪتاب ڏاڍي سُهڻي نموني ڇپرايو ۽ ان ۾ اٺ صفحا ‘چي گويرا‘ جي يادگار تصويرن جا به ڏنا هئا. چي گويرا جي ڊائريءَ جا هيستائين پنج ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، ان جو پنجون ڇاپو 2019ع ۾ ڇپيو.
ان وچ ۾ منهنجو هڪ ننڍڙو ڪتابڙو ”ڏونگر ڏک ڏٺام“ جي نالي سان ’عظمت ادبي اڪيڊمي‘ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو اور يانا فلاسيءَ پاران برازيل جي وڏي پادري ’بشِپ ڊوم هيلڊرڪيمارا‘ کان ورتل انٽرويو جو ترجمو هو، جيڪو اوريانا فلاسيءَ جي ڪتاب ”انٽرويو وٿ هسٽري“ ۾ شامل آهي.
انهن ڏينهن پروفيسر عزيز الدين احمد جو ڪتاب“ کیا ہم اکٹھے رہ سکتے ہیں“ ڇپيو هو، جنهن جي قومپرست ۽ سياسي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ٿي. مون ان جي ٻن بابن، جن جو واسطو، سنڌ سان هو، ترجمو ڪيو، جيڪو ”سنڌ پاڪستان کانپوءِ“ جي نالي سان سچائي اشاعت گهر پاران ڇپيو ۽ شهيد محمد فاضل راهو جي پهرين ورسيءَ تي راهوڪيءَ ۾ پڌرو ڪيم، جتي مون ڪتابن جو اسٽال هنيو هو، اتي ان ڪتاب جو ڏاڍو سٺو وڪرو ٿيو. ان ورسيءَ ۾ پروفيسر عزيز الدين احمد به آيو هو، جڏهن هو ڪتابن جا اسٽال ڏسندي منهنجي اسٽال تي آيو ته ساڻس گڏ هڪ دوست منهنجو ساڻس تعارف ڪرايو. مون کيس ڪتاب جون ٻه ڪاپيون ڏنيون، ڪتاب ڏسي هو گهڻو خوش ٿيو. ان ڪتاب جا پوءِ ٻه ڇاپا ”پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ڇا ٿيو؟“جي نالي سان ڇپيا.
منهنجي ترجمن ۽ ڪتابن ڇپجڻ جو اهو سلسلو پوءِ هلندو رهيو ۽ اڄ تائين جاري آهي، انهن مان ڪجهه ڪتاب ۽ ڪتابڙا ته مون پاڻ ڇپرايا، ٻيا ڪتاب سنڌ جي چوٽيءَ جي پبلشرن جهڙوڪ: نيو فيلڊس پبليڪيشن، روشني پبليڪيشن، سنڌيڪا اڪيڊمي، گلشن پبليڪيشن، نئون نياپو اڪيڊمي، ۽ سنڌيا پبلڪيشن ڇپرايا.
ورهاڱي کانپوءِ، خاص ڪري ستر واري ڏهاڪي کانپوءِ نيوفيلڊس پبليڪشن پهريون سنڌي پبلشنگ ادارو هو، جنهن پروفيشنل انداز ۾ ڪم ڪيو ۽ فيروز احمد ميمڻ نيوفيلڊس کي نج ڪاروباري بنيادن تي هلايو، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا. هُن ڪتابن جي اشاعت مان نه رڳو سٺو روزگار ڪمايو، پر سنڌي ادب کي اڍائي سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڏنا، جن مان ڪيترن جا ته چار چار پنج پنج ڇاپا به ڇپيا. نيوفيلڊس پاران هر مهيني جي شروعاتي تاريخن ۾ هڪ ڪتاب شايع ٿيندو هو. منهنجي خوشنصيبي آهي ته نيوفيلڊس پبليڪيشن پاران منهنجا پنج ڪتاب ڇپرايا ويا، جن مان ٽي ترجمو ٿيل پهريون ڪتاب، نوبيل انعام يافته ليکڪ نٽ همسن جو ناول ’بک‘، ٻيو نيلسن منڊيلاجي آتم ڪهاڻي ’لانگ واڪ ٽوفريڊم‘ جو ترجمو ’نيلسن منڊيلاجي ڪهاڻي‘ (جنهن جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن پاران ’آزادي جو ڊگهو سفر‘ جي نالي سان ڇپيو) ٽيون ’پيٽر ايل برجن‘ جي ڪتاب جو ترجمو ” اسامه بن لادن جي پراسرار دنيا“ ۽ ٻه طبعزاد ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ ۽ منهنجو ناولٽ ”تو ڇو پيار ڪيو“ شامل آهن. هينئر نيوفيلڊس پبليڪيشن جو اشاعتي سلسلو بند ٿي چڪو آهي، پر سنڌ جي ادبي ۽ اشاعتي تاريخ ۾ جناب فيروز احمد ميمڻ ۽ نيوفيلڊس جو نالو سدائين سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو.
نيوفيلڊس پبليڪيشن کانپوءِ روشني پبليڪيشن ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ٻه اهڙا ادارا آهن، جن اشاعتي ميدان ۾ شاندار ڪم ڪيو آهي. نيوفيلڊس، روشني ۽ سنڌيڪا پنهنجا ڊسپلي سينٽر به قائم ڪيا آهن. روشني ۽ سنڌيڪا جديد بنيادن تي پنهنجو اشاعتي ۽ طباعتي سلسلو قائم ڪرڻ سان گڏ، مستقل طور تي اهو هلائڻ لاءِ پنهنجي ايندڙ نسل کي منتقل ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جنهن جا هينئر به سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به انهن ادارن جو سنڌ جي شعور وڌائڻ ۾ پنهنجوحصو جاري رهندو.
منهنجي خوشقسمتي آهي جو روشني پبليڪشن منهنجا ڪيترائي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ’چي گويراجي ڊائري‘، خليل جبران جو ناولٽ ’بغاوت‘ ۽ ڪهاڻيون ’ڏوهاري‘، مولانا جلالدين روميءَ جي سوانح ۽ انداز سُخن تي ظفر عظيم جو ڪتاب ”رومي جي رهاڻ،“ ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي ’زندگي جا گم ٿيل ڏينهن‘، هينري چئريئر جي آتم ڪهاڻي/ مهم جو ئي تي ٻڌل سوانحي ناول ”شيطاني ٻيٽ“، نيلسن منڊيلا جي آتم ڪهاڻي ’آزادي جو ڊگهو سفر،‘ مائيڪل هارٽ جو ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصتون، ”اوشو جي آتم ڪهاڻي“ ”اهو سچ ته آهي“ ”خشونت سنگهه“ جي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو ترجمو ”ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان“ ۽ ’بک‘ جو ٻيو ڇاپو شامل آهن. روشني پبليڪشن وٽ منهنجا ڪجهه ٻيا ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن.
سنڌيڪا اڪيڊمي پاران منهنجا ٽي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپرايا ويا. جن ۾ هڪ ڊاڪٽر محمد حميدالله جو سيرت پاڪ تي لکيل ڪتاب ”محمد رسول الله صه “ به شامل آهي. ٻيو ڪتاب ”دنيا جي تاريخ“ جيڪو محمد مجيب جي ورهاڱي کان اڳ ڏنل ليڪچرن تي مشتمل آهي. جيڪو سنڌيڪا جي روح روان جناب نور احمد ميمڻ مون کان ترجمو ڪرايو ۽ ٽيون ”عالمي تاريخ جون ڪجهه نراليون شخصيتون“ آهي، جنهن ۾ شامل مضمونن جا مون مختلف وقتن تي ترجما ڪيا هئا.
گلشن پبلڪيشن جي روح روان مرحوم گلشير بلوچ ۽ سندس فرزند صفدر علي بلوچ سان منهنجي سٺي شناسائي رهي آهي. هنن گلشن پبليڪيشن پاران منهنجا چار ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ پهريون عالمي معلومات تي مشتمل منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب جيڪو پهريون ڀيرو 1987ع ۾ سيد حاجي محمد تقي، ’شاهه لطيف ڪتاب گهر‘ پاران ’جيڪي منجهه منجهان‘ جي نالي سان ڇپرايو هو. گلشن پبليڪشن پاران ان جو ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو سڌارن ۽ واڌارن سان ’ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن‘ جي نالي سان ڇپرايو ويو، ٻيو ڪتاب ”چي گويرا جي ڊائري“ هو، جنهن جو ٻيون ۽ ٽيون ڇاپو گلشن پبليڪشن پاران ڇپرايو ويو. ان کانسواءِ گلشن پبليڪشن پاران منهنجا ٻه ڪتاب ڪمال اتاترڪ جي ڪهاڻي ”ڀوروبگهڙ“ ۽ آڪٽومبر انقلاب 1917ع تي لکيل جان ريڊ جو مشهور ڪتاب ”ڌرتي ڌوڏيندڙ ڏهه ڏينهن“ شامل آهي، جيڪو صفدر بلوچ جي چوڻ تي مون گلشن پبليڪيشن کي ترجمو ڪري ڏنو.
نه رڳو سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهر لاهور جي مشهور ۽ وڏي اداري سنگ ميل پبليڪيشن به منهنجا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻه ڪتاب ڇپرايا، جن ۾ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب جو ڪتاب ”اخوت سفر“ ۽ ابدال بيلا جو سيرت پاڪ تي لکيل ٻارهن سئو صفحن تي مشتمل ضخيم ڪتاب ”آقاصه“ شامل آهن. ’اخوت جو سفر‘ جي سنڌي ترجمي جا اجوري طور ڊاڪٽر امجد ثاقب مون کي پنجاهه هزار روپيا ڏنا.
گذريل صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي ۾ عبرت گروپ جي رسالي ”هزار داستان“ جي ادارت سنڀاليندو هئس ته رسالي ۾ مواد جي پورائيءَ لاءِ، ڪيترائي ترجما ڪري ’هزار داستان‘ جو پيٽ ڀريندو هئس، جن ۾ آئين فليمنگ جو ناول ”گولڊ فنگر“ به شامل هو، جنهن تي جيمزبانڊ سيريز جي فلم به ٺهيل آهي. اهو ناول اڳتي هلي 2016ع ۾ ”سچائي اشاعت گهر“ پاران ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. هزار داستان جي صفحن ۾ منهنجا ڪيترائي ترجما اصلوڪي ۽ ڪيترن ئي فرضي نالن سان ٽڙيا پکڙيا پيا آهن.
منهنجا ٻه ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۽ ”ڳجهو دستاويز“ سنڌيا پبليڪيشن ۽ هڪ ڪتاب ڪرشنچندر جي ناول ”هڪ گڏهه جي آتم ڪهاڻي“ نئون نياپو اڪيڊمي پاران ڇپرايا ويا.
ڪجهه اهڙا ترجما به آهن، جيڪي مون وڏي شوق ۽ محنت سان ڪيا، جن ۾ اردن جي اڳوڻي بادشاهه شاهه حسين جي زال راڻي نورالحسين جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”يقين جي پرواز“ به شامل آهي. منهنجو اهو ترجمو ماهوار ”هزار داستان“ ۾ محترم الطاف ملڪاڻي ۽ محترم مجيب ناريجي ”راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ“ جي نالي سان قسطوار ڇپيو. منهنجي خواهش آهي ته اهو جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي، اهو هڪ لاجواب ڪتاب آهي. ان جو مون سنڌي ۾ نالو ’اُڏاورن آڪاس ۾‘ رکيو آهي. پر الائجي ڇو اُن جي ڇپائيءَ ۾ دير پوندي پئي وڃي.
هڪ ٻي ڪتاب جو ترجمو به ياد اٿم، جيڪو ڇپائيءَ جي حوالي سان اڃا تائين رولڙي جو شڪار رهندو پيو اچي.
2009ع ۾ منهنجي محترم جامي چانڊئيءَ سان ملاقات ٿي، ڪچهريءَ دوران پاڻ منهنجن ترجمن جي واکاڻ ڪيائين ۽ اُن سان گڏ زاهد چوڌريءَ جي لکيل پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ جلد ”سنڌ: صوبائي خودمختياريءَ جو مسئلو“ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ منهنجي حوالي ڪيائين ۽ چيائين ته هو اهو ڪتاب پنهنجي اداري سي پي سي ايس پاران ڇپرائيندو. مون ڪتاب جو ترجمو شروع ڪيو. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ ۽ معلوماتي هو. زاهد چوڌريءَ جي پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اها سڄي سيريز جيڪا ٻارهن جلدن تي مشتمل آهي. پاڪستان جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ان کانسواءِ زاهد چوڌريءَ جي لکيل مسلمانن جي سياسي تاريخ جا هيستائين آيل پنج جلد به پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙا ڪتاب آهن.
محترم جامي چانڊيي جي ڏنل اُن ڪتاب جو ترجمو ڪري سندس حوالي ڪيم، جيڪو پاڻ ڪمپوز ڪرايائين، پر ڇپجي نه سگهيو . محترم جامي چانڊئي اُن ڪتاب جي ترجمي جا مون کي ڏهه هزار روپيا ڏنا. ۽ اهو پهريون ڀيرو هو، جو مون کي ڪنهن ڪتاب جي ترجمي جا پئسا مليا - آءٌ محترم جامي چانڊئي کي اُن ڪتاب ڇپرائڻ جي وقت بوقت يادگيري ڏياريندو رهندو هوس. هڪ ڏينهن مون ايس ايم ايس ڪيو مانس ته ”جي توهان اهو ڪتاب ڇپرائڻ جي موڊ ۾ نه آهيو ته آءٌ ڪنهن پبلشر سان ڳالهايان..؟“ جواب ڏنائين ”ڀلي، پر پهرين اهو پبلشر ترجمي ۽ ڪمپوزنگ جا پئسا ڏي، پوءِ ڀلي ڇپرائي.“
محترم جامي چانڊئيءَ جي اُن جواب تي مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ اهو ڪتاب اُتي ئي رهيو.
منهنجو ڪتاب ”عالمي تاريخ، واقعا، عجائبات ۽ شخصيتون“ ۾ شامل مضمون مختلف وقتن تي ترجمو ڪيل آهن. جن مان شروعاتي سورهن مضمون، 2013ع ۾ منهنجي ڇپيل ڪتاب ”ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪيئن“ ۾ شامل آهن، باقي پويان مضمون مختلف وقتن تي روزاني ’سوڀ‘ جي سنڊي ايڊيشن ۽ پندرهن وار ”افيئر“ ۾ ڇپيل آهن. انهن مان اڪثر مضمون ڪنهن هڪ مضمون جو ترجمو نه پر مختلف رسالن ۽ ڪتابن جي مطالعي دوران ورتل حوالن ۽ اهم ڳالهين کي ترجمو ڪري مضمون جي شڪل ۾ لکيا ويا آهن.
منهنجي ادبي ڪئريئر جي شروعات، ڄڻ ترجمن سان ٿي، ۽ منهنجو گهڻو ڌيان به ترجمن ڏانهن رهيو. ان دوران اهو جذبو ڪار فرما رهيو ته پڙهندڙن کي اهڙا ڪتاب ڏجن، ترجما ڪجن، جيڪي کين معلومات ڏيڻ سان گڏ منجهن شعور به پيدا ڪن ۽ کين پنهنجي زندگيءَ کي بامقصد بنائڻ ۾ رهنمائي ڪن. مون کي خوشي آهي ته منهنجي هٿان اهڙن ڪيترن ئي اهم ڪتابن جا ترجما ٿيا، جن جو ڪنهن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ ضروري آهي. ۽ اهي گهڻو اڳ ترجمو ٿيڻ کپن ها، پر شايد انهن کي ترجمو ڪرڻ جو اعزار مون کي نصيب ٿيڻو هو.
هينئر آءٌ ترجما نٿو ڪريان، جيتوڻيڪ ڪيترائي اهڙا ڪتاب آهن، جن بابت منهنجي خواهش آهي ته سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿين. پر هاڻ مون ۾ وڌيڪ ترجما ڪرڻ جو اُتساهه نه رهيو آهي. مون کان جيڪو ڪجهه پُڄيو اهو بنا ڪنهن غرض ۽ جُوفَ جي پنهنجو فرض سمجهي ڪيو. جنهنڪري آءٌ ڪنهن حدتائين مطمئن به آهيان ته مون پنهنجي حصي جو ڪم پنهنجي وس آهر ذميداريءَ سان ڪيو.
[3]
ماڻهوءَ جي سڄي زندگي، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين، هڪ ڪهاڻي آهي. ڪو ليکڪ جيڪا به ڪهاڻي لکي ٿو، اُها اُن زندگيءَ سان لاڳاپيل ڪنهن نه ڪنهن واقعي سان ڳنڍيل هوندي آهي، ۽ هو اُن زندگيءَ مان ئي ڪردار چونڊي ٿو ۽ زندگي هڪٻئي سان ايتري ته ڳنڍيل آهي، جو ماڻهو جڏهن ٻي جي ڪهاڻي پڙهي ٿو ته اُن کي پنهنجي ڪهاڻي محسوس ڪرڻ ٿو لڳي.
منهنجي ڪهاڻي به اُن زندگيءَ سان ڳنڍيل آهي.
زندگيءَ جي ان سفر ۾ آءٌ پاڻ به ڪيترائي ڀيرا ڪهاڻين جو ڪردار بنجندو رهيس يا پاڻ کي ڪنهن ڪهاڻيءَ جو ڪردار ڪري ڀانيم.
پڙهڻ جي چُوس پئي ته اظهارڻ جي خواهش پيدا ٿي ۽ اها خواهش لکت جي شڪل وٺڻ لڳي. پوءِ ڪاڳر جي سيني تي اڏا اُبتا ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيم، اُنهن کي ڪهاڻين جو نالو ڏنم. انهن آڏين اُبتين لڪيرن ۾ سمايل ڪردارن مان ڪجهه ڪردار ته منهنجا پنهنجا هئا ۽ ڪجهه وري ڀرپاسي مان ورتل هئا. انهن لڪيرن مان جنم ورتل ڪهاڻين مان جڏهن ذهن ۽ ضمير مطمئن نه ٿيو ۽ جيڪي ٻيون ڪهاڻيون پڙهندو هئس، خاص ڪري پرڏيهي ادب جون، ته انهن مان جن ۾ پنهنجا ڪردار پسندي نظر آيم ته انهن کي سنڌي ويس پهرائڻ جي خواهش اُڀرندي هُئي ۽ پوءِ انهن مان ڪن کي سنڌي ترجمي جو ويس پارائيندو ويس. جڏهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو انگ ٿورو وڌيو ته وري اُن خواهش ڪَر کنيو ته انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻجي. هڪ ڏينهن اهڙي خواهش جو اظهار سَندم چاچي فقير عبدالغفور الستيءَ سان ڪيم ته پاڻ مون کي حيدرآباد ۾ ’حيدري پرنٽنگ پريس‘، جيڪا لجپت روڊ تي هوندي هئي، ان جي مالڪ قاضي نعيم ڏانهن چٺي لکي ڏني ۽ مون کي چيو ته ’مون پنهنجي انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ کي ڪمپوز ڪرڻ ۽ ڇپرائڻ لاءِ قاضي نعيم کي نئين ٽائپ خريد ڪري ڏني آهي. تون کيس منهنجي چٺي ڏي ۽ هو توکي ڪتاب ڇپي ڏيندو.‘
چٺي کڻي حيدرآباد پهتس، قاضي نعيم سان مليس، هُنَ وراڻيو ته ”الستيءَ وارا پئسا ٽائپ ۾ پورا ٿي ويا. في الحال ته مون ڏانهن ڪو حساب ڪتاب رهيل ڪونه اٿس، باقي تنهنجو ڪتاب ڇپيون ٿا. ڇڏي وڃ...! ۽ جيسين ڪتاب ڪمپوز ٿئي ۽ بٽر نڪرن، تيسين تون ٿورا ٿورا پئسا ڪري پيو مون کي ڏج.“ مون کي ٿوري مايوسي ته ٿي، پر ڪتاب ڇپرائڻ جي شوق ۾ مسودو سندس حوالي ڪري ڳوٺ هليو آيس ۽ ڳوٺ اچي دوستن کي چيم ته ”پنهنجو ڪتاب ٿو ڇپرايان، سو مدد ڪريو. ايئن ڪنهن دوستن پنجاهه ته ڪنهن سئو روپيا ڏنا. ڪجهه وري مون پنهنجي خرچيءَ مان ميڙيا، ايئن پئسا اچي قاضي نعيم کي ڏنم. جنهن ڪتاب ڇپي ڏنو. جڏهن ڪتاب ڇپجي آيو ته پندرهن يا سورهن سئو اڃا به قاضي نعيم جا مون ڏي رهيا ٿي، جن مان پنج سئو روپيا مون کي منهنجي دوست حاجي خان عباسيءَ اُڌارا ڏنا. باقي قاضي نعيم کان اوڌر رکرايم، پوءِ ڪتاب وڪڻي حاجي عباسي ۽ قاضي نعيم جي اوڌر لاٿم. منهنجو اهو پهريون ڪتاب ”بُک، عشق ۽ آزادي“ جو نالي سان 1986ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ منهنجون ڇهه ترجمو ڪيل ڪهاڻيون شامل هيون. ڪجهه وقت اڳ مانواري وفا مولا بخش قمبراڻيءَ فون ڪري مون کان ان ڪتاب جي گهر ڪئي ۽ چيو ته ”ايم فل ۾ جن پرڏيهي ڪتابن جي فهرست يونيورسٽيءَ پاران کين مطالعي ۽ اڀياس لاءِ ڏني ويئي آهي، ان ۾ تنهنجو اِهو ڪتاب به شامل آهي. سو اهو ڪتاب گهرجي.“ جنهن تي مون کي گهڻي خوشي ٿي ۽ مون اهو ڪتاب کيس ڏنو ۽ هن ان جي فوٽو ڪاپي ڪرائي.
ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هڪ ڪهاڻيءَ جي واڌاري سان 1990ع ۾ ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي سان ڇپرايم.
ڪهاڻيون پڙهڻ، لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جو اهو سلسلو پوءِ به جاري رهيو.
1996ع ۾ ”عبرت گروپ آف پبليڪيشن“ حيدرآباد پاران ”عبرت بوڪ ڪلب“ جي نالي سان ڪتابن ڇپرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. انهن ڏينهن مون ٽيون ڀيرو ”عبرت گروپ“ جوائن ڪيو هو. عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي انچارج مرحوم غفور ڪريميءَ، عبرت بوڪ ڪلب جي ذميداري منهنجي حوالي ڪئي، ان ذميداري دوران منهنجي هٿان ٽي ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا. پهريون ڪتاب ”نور عباسيءَ“ جي چونڊ ڪالمن جو مجموعو ”واٽ ويندي“ هو، جنهن ۾ سندس مزاحيه ڪهاڻين جو مجموعو ”چمري جا واپاري“ به شامل ڪيم. سنڌي ادب ۾ نور عباسيءَ جي عبرت ۾ ڇپيل ڪالم ”واٽ ويندي“ ۽ سندس مزاحيه ڪهاڻين جي مجموعي ”چمڙي جا واپاري“ جي وڏي اهميت آهي. ٻيو ڪتاب ”حڪيم نذير احمد شيخ“ جي طبي مشورن تي ٻڌل اخباري ڪالمن جو ڪتاب “”طبي مشورا“ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب مهُم جوئيءَ تي مشتمل ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو مجموعو ”ويٽنام مان فرار“ جي نالي سان ڇپيو، اهو ڪتاب منهنجو ۽ نصير سارنگ (نصير ميمڻ) جو گڏيل ترجمو هو. اُن ۾ شروعاتي ٽي ڪهاڻيون ٽائيٽل ڪهاڻيءَ سميت جيڪي ڪتاب جي 47 صفحن تي ٻڌل آهن، نصير سارنگ جو ترجمو ڪيل آهن، باقي ڪهاڻيون، جيڪي ڪتاب جي 145 صفحن تي ٻڌل آهن، منهنجون ترجمو ڪيل آهن. اهو ڪتاب مئي 1996ع ۾ ڇپيو.
2014ع ۾ ”ايفروايشين رائٽرس يونين پاڪستان چئپٽر“ پاران اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل رائٽرس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت جي دعوت ملي ۽ مون ان ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ مصر، ازبيڪستان، هندستان، نيپال ۽ افغانستان مان اديب ۽ شاعر آيا هئا، جن سان ڏاڍيون سُٺيون ڪچهريون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. انهن ليکڪن ۾ هندستاني پنجاب مان پنجابي ٻوليءَ جو مشهورڪهاڻيڪار ”جندر“ به شامل هو. جندر، جالندر مان ”شبد“ نالي سان گرمگي لپيءَ ۾ ٽه ماهي ادبي مخزن به شايع ڪندو آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو لاهور مان ’’تسی سمجھ نہیں سکدے“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن جو اردو ترجمو پنجابي ٻوليءَ جي هڪ سُٺي ڪهاڻيڪار خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو، جنهن جي سافٽ ڪاپي هن مون کي اي- ميل ڪري موڪلي. ڪهاڻيون پڙهيم ته اصل وٺجي ويس، پوءِ انهن ڪهاڻين جو مون جندر ۽ خالد فرهاد جي خواهش تي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪو 2016ع ۾ ”تون سمجهي نه سگهندين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ جندر جون ڪُل ست ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان ٻن ڪهاڻين جو ترجمو مون ڪيو ۽ باقي پنجن جو ترجمو نئين ٽهيءَ جي سُٺي ڪهاڻيڪار اصغر گُگو منهنجي خواهش تي ڪري ڏنو. ايئن ”تون سمجهي نه سگهندين“ منهنجي ۽ اصغر گُگو جي گڏيل ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿيو.
حڪيم عبدالرؤف ڪياني اردو ٻوليءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار آهي. ڪراچي ۾ ٿيل هڪ ملاقات ۾ پاڻ مون کي پنهنجا ٻه ڪهاڻي ڪتاب سوکڙي طور ڏنائين. جيڪي مون پڙهيا، سندس ڪهاڻين مون کي ڪافي متاثر ڪيو. سندس ڪهاڻين جا موضوع ڏاڍا منفرد هئا ۽ پوءِ انهن ٻنهي ڪتابن مان چونڊ ڪهاڻين جو ترجمو ڪيم، جيڪي 2016ع ۾ ”برف ۾ سڙندڙ ماڻهو“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ گهڻو پسند ڪيو ويو. اُن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ مون سندس ڪجهه ٻين ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا، جن مان هڪ ڪهاڻي ”عزت سان“ منهنجي ڪتاب ”مسواڙي زال“ ۾ شامل آهي.
اهو ته هو منهنجي ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو تفصيل. اُن دوران مون ڪيتريون ئي طبعزاد ڪهاڻيون به لکيون.
منهنجي ڳوٺ دڙي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ گهڻي سرگرم هئي، ان جون هر پندرهين ڏينهن دستوري گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن ۾ ڪيترائي تخليقڪار پنهنجون تخليقون پيش ڪندا هئا ۽ اسان جون ڪچهريون به زورن تي هونديون هيون. ۽ اسين ڪجهه دوست لڳ ڀڳ هر جمع جي شام جو پاڻ ۾ گڏبا هئاسين ۽ دڙي کان ٻنون ويندڙ روڊ تي ”مامون لالڙيءَ“ جي هوٽل اسان جي ڪچهري ۽ گڏجڻ جو هنڌ هوندو هو. روڊ جي ڀرسان سائيڊ ۾ ڪرسيون وجهي شام کان وٺي رات جو ساڍي اٺين، نوين وڳي تائين ڪيل اهي ڪچهريون ياد اچن ٿيون ته مَن خوشيءَ ۾ ڀرجيو وڃي ڇا ته اِهي ڏينهن هئا..!
اُتي ئي ويٺي ڪچهري ڪندي اسان دوستن پاڻ ۾ طئي ڪيو ته ڇو نه اسين جيڪي دوست ڪهاڻيون لکون ٿا. انهن جو ڪو گڏيل مجموعو آڻجي. ايئن پنجن ڪهاڻيڪارن ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گُـگو، موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، رشيد آزاد ۽ منهنجي ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ سال 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. انهن مان ذوالفقار ڪانڌڙو سينيئر ڪهاڻيڪار هو. سندس پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”دريءَ وٽ بيٺل ڇوڪري“ 1996ع ۾ ڇپيو ۽ سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”بند ٿي ويل دروازو“ سال2011ع ۾ ڇپيو. ذوالفقار ڪانڌڙي ڏاڍيون سُٺيون ڪهاڻيون لکيون، في الحال ته نوڪري جي مصروفيتن جي ڪري سندس لکڻ جو سلسلو رڪيل آهي. پر مون کي يقين آهي ته سندس لکڻ جو سلسلو ڪنهن جهرڻي جيان ڦٽي نڪرندو.
خدا تجھے کسی طوفان سے آشنا کردے
کہ تیرے بحر کی موجوں میں اضطراب نہیں.
اصغر گُگو جيتوڻيڪ هاڻ ڪهاڻيون گهٽ ٿو لکي، پر سندس لکڻ جو سلسلو رُڪيل ڪونهي. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”آڱريون هُن جو نانءٌ اُڻن ٿيون.“ 2019ع ۾ ڇپيو. اصغر ڪجهه ترجما به ڪيا آهن، جن ۾ اسٽيفن زويگ جو هڪ ناولٽ ’موڪلاڻي‘ ۽ نامياري شامي ليکڪ رفيق شامي جو هڪ ناول به شامل آهي. جيڪي انشاء الله جلد ڇپجي پڌرا ٿيندا.
انهن ڏينهن رشيد آزاد به ڪافي ڪهاڻيون لکيون. جيڪي ”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ شامل آهن. هن ڪجهه ترجما به ڪيا. رشيد آزاد جو پوءِ لکڻ کان وڌيڪ ”سماج سُڌارڪ“ سرگرمين ڏانهن ڌيان رهيو. رشيد آزاد جيڪڏهن ڪهاڻيون لکي ها ته سُٺو ڪهاڻيڪار ثابت ٿئي ها.
”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ جو چوٿون ڪهاڻيڪار موٽو مل ڪنول ڪوهستاني، 4- اپريل 2009ع تي نوري آباد جي ويجهو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. اَلاس..! موٽو مل ڪنول ڪوهستاني منهنجي ننڍي هوندي جو دوست هو، اسين پرائمريءَ کان وٺي انٽر تائين گڏ پڙهيا هئاسين، لکڻ به گڏ شروع ڪيو هوسين، سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ سندس لکيل ڪهاڻين، مضمونن، ۽ شاعريءَ کي سهيڙي 2013ع ۾ ”تڏهن ملنداسين“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي، سندس ياد کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪيم.
”حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون“ ۾ شامل منهنجون ڪهاڻيون ۽ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون پوءِ ”نه وڃڻ وڃڻ جو پڇتاءُ“ جي نالي سان 2011ع ۾ نئون نياپو اڪيڊميءَ طرفان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون. جنهن ۾ منهنجون تيرهن ڪهاڻيون شامل هيون. منهنجي انهن ڪهاڻين جو اردو ترجمو محترم ننگر چنا ڪيو. جيڪو 2009ع ۾ ”نوحه گر“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. انهن مان هڪ ڪهاڻي ”ورهاست “ جو ترجمو جندر گرمگيءَ ۾ ’ونڊ‘ جي نالي سان ڪري ”شبد“ جي پاڪستاني ڪهاڻي نمبر ۾ ڇپي، جتان پوءِ اها هنڌي ۽ ميٿلي ٻولين ۾ ترجمو ٿي هندستان ۾ ڇپي - ”نه وڃڻ جو پڇتاءُ“ ۾ شامل ڪهاڻين جو پنجابيءَ ۾ ترجمو محترم خالد فرهاد ڌاريوال ڪيو آهي. جيڪو جلد ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيندو.
پنهنجي سڄي ادبي ڪئريئر دوران آءٌ وقت بوقت پر ڏيهي ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪندو رهيس. جن مان ست ڪهاڻيون اڳ ۾ ڪتابي صورت ۾ ”ڌرتي جو قرض“ ۾ ڇپيل آهن، جن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. انهن ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”مسواڙي زال“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ ارڙهن ڪهاڻيون شامل آهن. انهن کانسواءِ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون به ترجمو ٿيل آهن. جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيون ۽ اهي مون وٽ هڪ نوٽ بوڪ ۾ لکيل هيون. گهڻي ڳولا ڦولا جي باوجود به نه اهي رسالا مليا ۽ نه وري نوٽ بڪ، جنهن ڪري اِهي ”مسواڙي زال“ ۾ شامل ٿيڻ کان رهجي ويون .(3)
[4]
ورهاڱي جي موضوع تي جڏهن مون ڪرشنچندر جو ناول ”غدار“ پڙهيو هو ته منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا. منهنجي جسم جو وار وار اُڀو ٿي ويو هو. منهنجي اکين مان لڙڪن جو مينهن وسڻ شروع ٿي ويو ۽ سوچڻ لڳو هئس ته ’ڇا انسان ايڏو وحشي به ٿي سگهي ٿو،‘ ۽ ڪيترائي ڏينهن منهنجي ڪنن ۾ ”غدار“ ناول جي ڪردارن جا جملا ٻُرندا رهيا ۽ انهن جملن ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڇرڪ ڀرائي ٿي ڇڏيو.
’وحشت‘ جنهن جي نه ڪا زبان آهي ۽ نه ڪو دين ڌرم، جنهن جو نه ڪو مُلڪ آهي، نه ڪڙم ۽ قوم- ننڍي کنڊ جي ورهاڱي، جن انساني المين، ڏکن ۽ دردن کي جنم ڏنو، انهن تي سوچي انسان جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ٿو وڃي.
غدار کانسواءِ ورهاڱي جي موضوع تي ٻيا به ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن. جن مان يشپال جو ”جهوڻا سچ،“ بيشم ساهنيءَ جو ”تمس“ ۽ امرتا پريتم جو ”پنجر“ هينئر منهنجي يادگيري جي پردي تي اُڀري آيا آهن.
خشونت سنگهه جو ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ به ورهاڱي جي موضوع تي لکيل ناولن مان هڪ آهي.
”ٽرين ٽو پاڪستان“ هڪ ڳوٺ ’منو ماجرا‘ جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ورهاڱي کانپوءِ هندستاني پنجاب جي حصي ۾ آيو. اُتي صدين کان سک ۽ مسلمان ڀائرن وانگر گڏ رهندا هئا. هڪ اڌ گهر هنڌن جو به هو. سک زميندار هئا ۽ مسلمان سندن هاري. هو ڏک سُک ۾ هڪٻئي سان شامل هوندا هئا. منجهن ڪوبه مذهبي فرق يا ڀيد ڀاوَ نه هوندو هئو. هُنن جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. اهو سلسلو صدين کان هلندو پي آيو. 1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو جنم ٿيو. اُن ورهاڱي نه رڳو جاگرافيائي تقسيم ڪئي، پر دلين کي به ورهائي ڇڏيو.
’منو ماجرا‘ جا ڳوٺاڻا، جيڪي جناح، گانڌي ۽ نهروءَ جي نالن کان، شايد مشڪل سان واقف هئا. اوچتو ئي اوچتو ان ورهاڱي کانپوءِ اٿندڙ نفرت جي سيلاب جي وڪڙ ۾ اچي ويا. حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو، جو ’منو ماجرا‘ جي مسلمانن کي پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي پاڪستان وڃڻ جي لاءِ عارضي طور تي ’مهاجر ڪئمپ‘ ۾ نيو ويو ۽ اُتان کانپوءِ هڪ ٽرين، جيڪا مسلمان مهاجرن سان ڀرجي پاڪستان وڃي رهي هئي ۽ اُن ۾ منو ماجرا جا مسلمان به سوار هئا. ڪجهه شرپسندن ان ٽرين تي حملي ڪرڻ ۽ مهاجرن کي نقصان رسائڻ جي رٿ رٿي.
هڪ پاسي جنونيت، ’وحشت‘ جي اها راند رچائڻ ٿي گهري ۽
ٻي پاسي ’محبت‘ ۽ انساني جذبن جي به ڪا کوٽ نه هئي. جيئن وحشت جو ڪو دين ڌرم، ملڪ قوم، رنگ ۽ نسل ڪونهي، تيئن انسانيت به انهن سڀني حدبندين کان مٿاهون جذبو آهي. جڳوءَ نالي هڪ سک ڳوٺاڻو، جيڪو ماضيءَ ۾ ڏوهاري پيشه سرگرمين ۾ ملوث رهيو هو، ۽ هڪ مسلمان ڪنيا ’نوران‘ سان محبت جا پيچ پائي ويٺو هو، ان محبت کيس، اهي ڏوهاري سرگرميون ڇڏايون، پر محبت جي ان جذبي تحت هُن پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏيئي، پاڪستان ويندڙ ٽرين جي مسافرن جون زندگيون بچائي ’انسانيت‘ جو مان مٿاهون ڪيو.
”ٽرين ٽو پاڪستان“ جي ڪهاڻي هر دؤر ۾ پئي دهرائبي آهي. بس هنڌ ۽ وقت ڌار ڌار هوندا آهن.
خشونت سنگهه پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن ناول کي پنهنجي ادبي ڪئريئر جي شروعات قرار ٿو ڏئي. هي ناول خشونت جو لکيل پهريون ناول آهي.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ جو ترجمو، مون گذريل صديءَ جي آخري سالن ۾ تڏهن ڪيو هو، جڏهن مون تي ترجمن ڪرڻ جو جنون سوار هو ۽ اُن جنون تحت ترجما ڪندو ’ساميءَ‘ وانگر مَٽ ۾ وجهندو ويس ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه ڇپيا ۽ ٻيا وري ان آسري تي وساري ڇڏيم ته مناسب وقت تي اُن مٽَ مان ڪڍي پيا ڇپرائبا.
هاڻ آءٌ جڏهن پنهنجن ڪيل ترجمن تي نظر ٿو وجهان ته ڪيترائي اهڙا ڪتاب هئا، جيڪي مون عجيب جنون ۽ جذبي واري ڪيفيت ۾ ترجمو ڪيا. 1986ع ڌاري مون کي هڪ دوست وٽان الجزائر جي سورمي ”جميله بوپاشا“ تي جڳ مشهور فرينچ ليکڪه ”سيمون دي بوار“ جي لکيل ڪتاب تان ماخوذ ڪيل ڪتاب ”جميله بوپاشا“ مليو، جيڪو اردو جي هڪ ليکڪ ”دکي پريم نگريءَ“ ماخوذ/ترجمو ڪيو هو. 1963ع ۾ يعني منهنجي جنم کان به اڳ ”اعوان پبليڪيشن ڪراچي“ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو. ڪتاب مون کي ايترو ته وڻيو جو مون ٻن اڍائي مهينن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ترجمو ڪري ورتو ۽ جنهن دوست کان پڙهڻ لاءِ ورتو هئم، ان کي موٽائي ڏنم. ڪتاب جو هڪ پبلشر دوست سان ذڪر ڪيم ته ان آڇ ڪئي ته ”مسودو ڏي ته ڇپرايون.“ مون کيس ترجمي جا شروعاتي ويهارو کن صفحا ڏنا. ان وقت اڃا ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ جي شروعات نه ٿي هئي ۽ ڪتاب ٽائپ تي ڪمپازيٽر ڪمپوز ڪندا هئا. اتفاق سان اهو دوست ڪتاب جي جلد ڪمپوزنگ شروع ڪرائي نه سگهيو ۽ اهي شروعاتي ويهارو کن صفحا وٽس رهيا ۽ الائجي ڪٿي گم ٿي ويا. مون ڪوشش ڪئي ۽ اڃا تائين ڳولا ڪندو رهندو آهيان ته ’دکي پريم نگريءَ‘ جو اهو ڪتاب ”جميله بوپاشا“ ڪٿان ملي ته اهي شروعاتي ويهارو کن صفحا ٻيهر ترجمو ڪري، مون وٽ موجود باقي ترجمي ٿيل ڪتاب سان گڏي، اهو ڇپرايان. جڏهن مون ان ڪتاب جو ترجمو ڪيو ته پنهنجي هڪ دوست مرحوم سيد اڪبر شاهه کي پڙهڻ ۽ درست ڪرڻ جي لاءِ ڏنو هو، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ هن مون کي تاڪيد ڪندي چيو هو ته ”پاڻ کي پنهنجي قومي تحريڪ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هن قسم جي ڪتابن جي گهرج آهي، خاص ڪري سنڌي عورتن ۾ جدوجهد جو اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ هي ڪتاب تمام ضروري آهي ۽ ترت ڇپجڻ گهرجي.“ پر افسوس جو شروعاتي صفحن جي گم ٿي وڃڻ سبب منهنجو اهو ترجمو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي.
انهن ئي سالن مون سوويت يونين جي اڳواڻ ’ليونڊ برزنيف‘ جي يادگيرين جي ٽن ڪتابن جي سيريز مان هڪ ڪتاب جو ترجمو ”منهنجي ڌرتي“ جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو ٻي مهاڀاري جنگ جي ساروڻين تي مشتمل هو. انهن ڏينهن هڪ پبلشر پنهنجي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٺٽي بدلي ٿي آيو. ساڻس اڳ ۾ خط ڪتابت ته هئي، پر روبرو ڪڏهن به نه مليا هئاسين. تنهن ڪري سيڙجي ساڻس ملڻ جي لاءِ ٺٽي ويس. ڪچهريءَ جي دوران منهنجي اُن ترجمي جو ذڪر به نڪتو ته چيائين، ته ”مون کي ڏي ته ڇپرايان.“ مون ساڻس هاڪار ڪئي ۽ ٻي هفتي اهو ترجمو کيس ڏيئي آيس ۽ وري مون اُن ڪتاب جو منهن به نه ڏٺو، افسوس جو مون ان جي فوٽو ڪاپي به پاڻ وٽ نه رکي. سالن کان پوءِ شايد 1995ع يا 1996ع ۾ ساڳئي پبلشر مون کان ”جارج آر ويل“ جي ناول ”ائنيمل فارم“ جو ترجمو ڇپائيءَ لاءِ ورتو. مون کيس اڳينءَ ڪتاب سان سندس ڪيل حشر جي يادگيري ڏياري جنهن تي هن معذرت ڪئي، ۽ اهو، ڳولي واپس ڪرڻ جو وعدو ڪيو، سندس معذرت ۽ واعدي تي پنهنجي سادگيءَ سبب اعتبار ڪري ويٺس. مون کيس اهو ترجمو جيڪو ”جانورستان“ جي نالي سان ڪيو هو، ڇپائيءَ لاءِ ڏنو. ڪتاب ڪمپوز ٿيو، ان جو پهريون پروف به ٿيو. پوءِ همراهه ڪنهن ڳالهه تان چڙيو ته وري نه ٻيو پروف ٿيو، نه وري ترجمي جو منهن ڏٺم. ”جانورستان“ ان لِلي پٽ جي ڄامڙي پبلشر جي ”جانوريت“ جي وَر چڙهي ويو- ٿي سگهي ته اڳتي هلي اهو ترجمو ڪنهن لال بيگ، ڪرڙ، ڪانڊيري يا مور منگهڻ جي نالي سان ڇپجي وڃي. هِتي به اها غلطي ڪيم، جو فوٽو ڪاپي پاڻ وٽ نه رکيم. اُن پبلشر جي مون سان ڪتابن جي سلسلي ۾ ڪيل زيادتين جو ذڪر ”چي گويرا جي ڊائري“جي پنجين ڇاپي ۾ ڪري چڪو آهيان، جيڪو روشني پبلڪيشن پاران ڇپرايو ويو آهي.
1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ محترم يوسف شاهين جي رسالي هفتيوار ”برسات“ ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيم. برسات جي آفيس ۾ محترم يوسف شاهين جي چڱي موچاري لئبرري موجود هئي. ان لئبرري مان مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا ۽ اتي ئي هڪ روسي ليکڪ ”تيمور پولاتوف“ جي هڪ ننڍي ناول جو ”سڄڻ سفر هليا“ جي نالي سان ترجمو ڪيم، جيڪو پوءِ مختلف پبلشرن وٽ ڪافي عرصو ڇپجڻ جي آسري ۾ رُلندو رهيو. نيٺ جڏهن محترم خالد نورانيءَ ”ڪرزما ڊائجسٽ“ شروع ڪيو ته پاڻ مون کان ڪيترن ئي ناولن جا ”ڪرزما ڊائجسٽ“ لاءِ ترجما ڪرايائين، جيڪي ”ڪرزما ڊائجسٽ“ جي مختلف اشاعتن ۾ ڇپيا. هڪ ڀيري مون کيس ”تيمور پولاتوف“ جو اهو ناولٽ ”سڄڻ سفر هليا“ ڏنو. اتفاق اهڙو ٿيو، جو خالد نوراني ترت ئي نوڪريءَ جي سلسلي ۾ پرڏيهه هليو ويو ۽ ”ڪرزما ڊائجسٽ“ بند ٿي ويو. مون خالد نوراني کي هڪ ٻيو ڪتاب ”روسو جي سوانح حيات“ به ترجمو ڪري ڏنو هو، جيڪو پڻ ڇپجي نه سگهيو. ان کاپوءِ نه خالد نوراني سان رابطو رهيو نه انهن ترجمن جي ڪا خبر چار پئي.
افغانستان جي ’انقلاب ثور‘ کانپوءِ ڪابل تي ڪامريڊن جي حڪومت هئي ۽ ان جي خلاف آمريڪا جي سهڪار ۽ آشيرواد سان اسلام جي نالي ۾ جهاد شروع ڪيو ويو، ان دوران هڪ ڪتاب هٿ چڙهيم، جنهن ۾ اسلام جي نالي ۾ ’جهاد‘ ڪندڙ انهن جهادي تنظيمن جون اندروني ڪهاڻيون ۽ ڌنڌن جو ڪچو چٺو هو ته هو ڪيئن نه جهاد جي نالي ۾ هيروئن ۽ هٿيارن جو ڪاروبار ڪن ٿيون. مون ان ڪتاب جو ترجمو ڪيو، پوءِ هڪ دوست ڇپائڻ لاءِ کڻي ويو. هاڻ ياد نه اٿم ته ان ڪتاب جو ڪهڙو حشر ٿيو، البت ڇپيو ڪونه.
1996ع ڌاري پيلو مودي جي ذوالفقار علي ڀٽي تي لکيل مشهور ڪتاب ”ذلفي ماءِ فرينڊ“ جو ترجمو ڪيم. ڪمپوز ڪرائي بٽر ڪڍرايم ته پياري انعام عباسيءَ حجت ڪئي ته ڏي مان ٿو ڇپرايان. مون بٽر کيس ڏنا، هن پيسٽنگ ڪرائي، ٽائٽل ٺهرائي، ان جون فلمون به ٺهرائي ڇڏيون. پر آءٌ پنهنجي هڪ دوست طارق قريشيءَ جي ورغلائڻ تي، ڪنهن حيلي بهاني سان انعام عباسيءَ کان اهو پيسٽنگ ٿيل ڪتاب واپس وٺي آيس. کيس ان جو ڏک ۽ نقصان به ٿيو، پر آءٌ ته دوستي ۾ ورغلائجي ويو هئس. جڏهن هوش آيم ته انعام عباسيءَ کان پنهنجي زيادتيءَ جي معذرت ڪيم ۽ کيس اها پيسٽ ٿيل ڪاپي ڇپرائڻ لاءِ موٽائي ڏنم. وقت گذرندو رهيو ۽ انعام عباسي کي ڄڻ اهو ڪتاب ئي وسري ويو ته ڪو اهو ٻيهر مون کيس ڇپرائڻ جي لاءِ ڏنو هو.
2000ع ڌاري ”فڪشن هائوس“ لاهور جي دوست ظهور احمد چيو ته هو هاڻ سنڌيءَ ۾ ڪتاب به ڇپرائڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هن مون کي ٽي ڪتاب ترجمي ڪرڻ جي لاءِ ڏنا. جن مان هڪ گرو رجنيش اوشو جي آتم ڪهاڻي ۽ ٻه ڪيرن آرمسٽرانگ جا ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ ۽ ”مسلمانن جو سياسي عروج ۽ زوال“ هئا. هن مون کي ترجمو ڪرڻ جو اجورو ڏيڻ جو پڻ وعدو ڪيو هو. ضرورت هئڻ جي ڪري مون کيس ڏينهن رات هڪ ڪري ٽيئي ڪتاب ترجمو ڪري ڏنا. ظهور احمد منهنجي ئي نگرانيءَ ۾ اهي ڪمپوز ڪرائي، بٽر ڪڍرايا، جن جي ادائيگي پاڻ ئي ڪيائين. بٽر سندس حوالي ٿيا ته پوءِ ڄڻ کانئس اهي ڇپرائڻ ۽ ترجمي جو اجورو ڏيڻ ئي وسري ويو. انهن مان هڪ ڪتاب اوشو جي آتم ڪهاڻي ”اهو سچ ته آهي“ جي نالي سان روشني پبليڪيشن طرفان ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ”خدا جي تاريخ“ پوءِ ظهور احمد، سنڌيا پبليڪيشن جي حوالي ڪيو ۽ مون اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن ڇپيل حالت ۾ دڪانن تي ڏٺو. البت ٽيون ڪتاب ”مسلمانن جو عروج ۽ زوال“ ڇپجي نه سگهيو.
1990ع ڌاري مون ”عبرت مئگزين“ جوائن ڪيو، ته جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪهاڻي ترجمو ڪري ”عبرت مئگزين“ ۾ قسطوار هلائڻ شروع ڪيم. اٺ ڏهه قسطون ڇپيون، جو منهنجو لاڙڪاڻي ”ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي“ کان انٽرويو وٺڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جواهر لال نهروءَ جي آتم ڪهاڻي جي ترجمي جي ڳالهه نڪتي ته ٻڌايائين ته نهرو جي آتم ڪهاڻي جو سنڌي ترجمو ورهاڱي کان اڳ ٿيل ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آهي. پاڻ پنهنجي لئبرري مان اهو ڪتاب ڪڍي ڏيکاريائين. پوءِ مون ان ڪتاب جي وڌيڪ ترجمي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو. نهروءَ جي ورهاڱي کان اڳ ترجمو ٿيل ۽ ڇپيل آتم ڪهاڻي پوءِ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌري ٿي.
مٿئين ڊيگهه جو مقصد اهو آهي ته منهنجي سادگي، سنڌي ٻولي ۽ ادب سان محبت جي نالي ۾ ڪيل منهنجي قلمي پورهئي جو ڇا حشر نشر ٿيندو رهيو آهي.
هاڻ اچون ٿا ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جي ترجمي ۽ ڇپائيءَ جي ڪهاڻيءَ تي! اهو ڪتاب مون ترجمو ڪيو ۽ ڪيترائي سال پيو رهيو. پوءِ جڏهن محترم خالد نورانيءَ ڪرزما ڊائجسٽ شرع ڪيو ته هُن ان جي هر پرچي ۾ هڪ ناول جو ترجمو هلائڻ شروع ڪيو. اسان جو جڏهن پاڻ ۾ رابطو ٿيو ته پاڻ مون کي ”ڪرزما“ لاءِ ڪجهه ننڍا ناول ترجمو ڪري ڏيڻ جي لاءِ چيو. مون سندس ئي مشوري سان کيس ٽن ناولن ڪرشنچندر جو ”هڪ گڏهه جي آتم ڪهاڻي.“ امرتا پريتم جو ”پنجر“ ۽ گارشيا مارڪيز جي ناولٽ ”معصوم اريندرا ۽ سندس ڏاڏي“ جا ترجما ڪري ڏنا، جيڪي ڪرزما جي مختلف پرچن ۾ ڇپيا ۽ ان سان گڏ مون کيس”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو ترجمو به ڏنو، جيڪو هن ڪرزما جي آگسٽ 2005ع جي پرچي ۾ ”ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان“ جي نالي سان ڇپيو.
2003-4ع ۾ منهنجو هر هفتي ”هلال پاڪستان“ جو ادبي صفحو ”ڏات“ ايڊٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو، جيڪا ذميداري مون تي منهنجي دوست موتي ميرانپوريءَ حجت ڪري رکي هئي، جيڪو انهن ڏينهن ”هلال پاڪستان“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر هو. اتي ئي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڏينهن منهنجي ملاقات ’انڊس پبليڪيشن‘ جي امير ابڙي سان ٿي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين ته تون مون کي ’خشونت سنگهه‘ جو ناول ”دهلي“ ترجمو ڪري ڏي. مون هائوڪار ڪئي ۽ ٻي ڀيري پاڻ اهو ڪتاب منهنجي حوالي ڪيائين. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ خشونت سنگهه جو ناول“ ٽرين ٽو پاڪستان“ ترجمو ٿيو پيو آهي، جنهن تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيائين ته ”جيسين تون ’دهلي‘ جو ترجمو مڪمل ڪرين، تيسين ’ٽرين ٽو پاڪستان‘ ٿا ڇپيون.“ مون مسودو سندس حوالي ڪيو. ڪتاب جي ڪمپوزنگ شروع ٿي ويئي، پروف به ٿي ويا، بٽر نڪرڻ جي دير هئي، ان دوران مون ’دهلي‘ جو ترجمو به شروع ڪري ڇڏيو ۽ سؤ کن صفحا ترجمو ڪري ويس. هڪ ڏينهن خبر پئي ته امير ابڙو ماٺ مٺيءَ ۾ پنهنجا دڪان بند ڪري وڃي لنڊن کان نڪتو. ايئن نه رڳو ’ٽرين ٽو پاڪستان‘ ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو، پر ’دهلي‘ جو وڌيڪ ترجمو به بند ڪري ڇڏيم.
جڏهن پيارو انعام عباسي غيباتي قوتن کان جند ڇڏائي خير سان موٽي آيو ۽ ساڻس ملاقات ٿي ته چيائين: ”ٽرين ٽو پاڪستان جي وڏي ڊمانڊ آهي، ڪتاب ڏي ته ٻن اڍائن مهينن ۾ ٿو ڇپرايان.“ مون به دير نه ڪئي، ڪتاب کيس ڏياري موڪليم. هُن به اصل دير نه ڪئي، ترت ڪمپوز ڪرائي پروف ڏياري موڪليائين. پروف پڙهي موڪلڻ ۾ مون به ديرنه ڪئي. ٻن اڍائي مهينن جي آسري ۾ ويو وقت گذرندو ويو. انعام عباسي منهنجو پيارو دوست آهي. ساڻس نه ليکا آهن، نه شڪايتون. هاڻ پاڻ ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو آهي، جتان جلد واندڪائيءَ جو آسرو ڪونهي. شل هو، پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي ماڻي.
اهو ڪتاب پوءِ روشني پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.
’ٽرين ٽو پاڪستان‘ منهنجو ترجمو ڪيل ستون ناول آهي، جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو اُن کان اڳ منهنجا ترجمو ڪيل ڇهه ناول ”بُک“ (ليکڪ: نٽ همسن) گولڊ فنگر (ليکڪ: آئين فليمنگ)، ڳجهو دستاويز (ليکڪ: ارونگ ويلس)، ڏيئو ۽ دريا (ليکڪ: افضل احسن رنڌاوا)، انقلابيءَ جو موت (ليکڪ: انل بروي) ۽ هڪ گڏهه جي ڪهاڻي (ليکڪ: ڪرشنچندر) ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪا آهن.
1. نه وڃڻ جو پڇتاءُ ۾ ليکڪ پاران،
2. عالمي تاريخ: واقعا، شخصيتون ۽ عجائبات- ’سنڌيڪار پاران‘
3. مسواڙي زال – سنڌيڪار پاران،
4. ورهاڱو، ريل ۽ پاڪستان – سنڌيڪار پاران،
]يوسف سنڌي جي مٿين چئن ڪتابن جي مهاڳن کي ترتيب ڏيئي، سندس هيءَ ادبي سفر جي ڪٿا مرتب ڪئي ويئي آهي. مرتب[