يوسف سنڌي: هڪ ڪامياب انسان
محمد يوسف ڀُٽو
سنڌ جي ادبي تاريخ ڪيترن ئي اهڙن اديبن ۽ شاعرن سان ڀري پئي آهي. جن پنھنجي دؤر ۾ سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ فخر جوڳو ڪِردار ادا ڪيو ۽ جيڪي، ان جي ارتقا، وُسعت، جدت ۽ مسلسل فروغ جو سبب بڻيا ۽ بڻجندا رهيا. بنا شڪ جي يوسف سنڌي به اُنھن منجهان هڪ اهم نالو آهي، جنھن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي. منھنجي لاءِ يقينن اِها خوشيءَ جھڙي ڳالھه آهي ته مون کي ”يوسف“ تي ڪجهه لکڻ جو موقعو مِليو آهي. انھي موقعي جي مناسبت سان اها ڳالھه به ڪندس ته يوسف سنڌي ادبي کيتر ۾ هڪ اهم مقام رکندڙ اُهو نالو آهي، جنھن مسلسل جدوجھد ذريعي پنھنجي جڳھه پاڻ ٺاهي آهي. جنھن ۾ سندس اڻٿڪ محنتون، شوق، جذبو ۽ صلاحيتون شامل آهن ۽ اڄ هو سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندڙ ستارو بڻجي چُڪو آهي.
سندس هونئن ته ادبي لحاظ کان ڪيترائي پاسا آهن، پر هن جي اها ڳالھه اهم آهي ته پاڻ هڪ پبلشر جي حيثيت سان ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب پڻ ڇپرائي پڌرا ڪيا، جن اُهي ڪِتاب ڇپرائي سگهڻ جي سگهه نٿي رکي ۽ اِهو ته پاڻ ڪيترن ئي ماڻھن کي ادبي دُنيا ۾ متعارف پڻ ڪرايائين. نه صرف اِهو پر مون کي به س. ا. س دڙي شاخ ۾ وٺي اچڻ جو باعث بڻيو. ۽ مونکي ٻه دفعا سنگت دڙي جو جوائنٽ سيڪريٽري پُڻ مقرر ڪرايائين. تازو سنگت پبليڪيشن تحت ”سنگت“ جا پنج پرچا ڇپرائي پڌرو ڪرڻ جو سھرو به سندس ئي سر تي وڃي ٿو. مختصر وقت ۾ سنگت جا پنج پرچا آڻڻ ۽ ايڏو وڏو ڪم ڪرڻ واقعي قابل قدر آهي. سندس هڪ اهم ۽ خوبصورت ڪاوش اها به آهي ته پاڻ دڙي جي سينيئر توڙي جونيئر شعراءُ تي تحقيق ڪري گهر گهر وڃي اُنھن جو مواد هٿ ڪري هڪ شاهڪار ڪِتاب لکيو اٿس. جنھن جو نالو آهي ”پسي تنھنجي تجلي“، کيس هي ڪِتاب لِکندي مواد لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئي، سا بيشڪ ساراهه لائق آهي.
شھر دڙو جيڪو ضلعي ٺٽي ]هاڻ سجاول[ بلڪِ سنڌ ۾ ادبي لحاظ کان پنھنجي الڳ سُڃاڻپ ۽ حيثيت رکي ٿو، اتي جون ڪئين اهم شخصيتون جيڪي هن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويون، اُنھن جو مواد ۽ حالات زندگي هٿ ڪرڻ ڪا سولي ڳالھه نه هئي، پر يُوسف وسان نه گهٽايو ۽ لڳاتار ڪوششن ۽ محنتن سان اُنھن جي تاريخ جوڙي ورتي ۽ سڀني ڏِٺو ته پاڻ اڪيلي سر انھيءَ ڪم ۾ ڪامياب ويو ۽ خوشقسمتيءَ سان کيس انھيءَ ڪم تي ڪافي مڃتا پڻ مِلي رهي آهي ۽ انشاءَالله مِلندي رهندي، پاڻ دڙي سميت سڄي سنڌ مان انھيءَ شاهڪار تصنيف تي ڏاڍو مان ماڻيو. اميد آهي ته ايندڙ نسل به کيس انھيءَ ڪم تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندا.
هڪ ٻي دِلچسپ ڳالھه اِها آهي ته سنڌ جا ماڻھو به يوسف کي چاهين ٿا. حيدرآباد هُجي يا ڪراچي ڪڏهن ڪڏهن ڪنھن اخبار يا ڪنھن مئگزين جي آفيس ڏانھن وڃڻ ٿيندو آهي يا فون تي ڳالھه ٻولھه ٿيندي آهي ته اُتي موجود ماڻھن کي جڏهن ٻُڌائيندا آهيون ته دڙي کان آيا آهيون ته دڙي جو ذڪر ٿيندي ئي اُهي هڪدم يوسف جي پُڇا ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان پاران کيس سلام ۽ دُعائون ڏيندا.
يوسف عملي طور تي هڪ جاکوڙيندڙ شخص آهي. سندس ڪم، محنت ۽ صلاحيت يقينن قابلِ قدر آهن. ساڻس ايئن ملڻ ٿيندو رهندو آهي ۽ هو اڪثر ڪچھرين دوران اسانکي چوندو رهندو آهي، ”ماٺ ڪري نه ويھو، لکو، پڙهو ڪم ڪريو ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو.“ سندس اِهي لفظ اسان لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ بڻجندا رهندا آهن. يوسف جيتوڻيڪ ادبي دُنيا جو هڪ وڏو نالو بڻجي چُڪو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته هن ڪڏهن به اسان آڏو وڏ ماڻھپي يا اسٽينڊرڊ رکڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هو سدائين سادگي سان ئي مِلندو رهندو آهي ۽ مِلڻ وقت سندس چھري تي مُرڪ نمايان نظر ايندي آهي.
اسان جي دُعا آهي ته يوسف جي ڪاميابين جو سلسلو اڳتي لاءِ به ايئن جاري رهي، ڇو جو اسين سندس ڪاميابين کي پنھنجون ڪاميابيون سمجهون ٿا.