سنڌي ادب جو شهزادو
اسد گوپانگ
مون ادب جي پهرين وک پنهنجي انتهائي پياري دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار وفا صالح راڄپر جي سڃاڻپ ۽ واقفيت کان پوءِ کنئي ۽ اُن جي معرفت سنڌي ادبي سنگت باڊهه جو ميمبر ۽ پوءِ عهديدار ٿيس. ايئن ادبي دنيا ۾ آيس. وفا صالح سان جيڪي به منهنجون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون هيون انهن ڪچهرين ۾ هُو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي پنجن دوستن جو ذڪر نه ڪري ته کيس مزو ئي نه اچي، اهڙي ڪا به ڪچهري نه هئي، جنهن ۾ هُو انهن بابت نه ڳالهائي، شايد ڪو به عابد اهڙو ذڪر پنهنجي خدا جو به نه ڪندو هجي. جيترو ذڪر وفا جي واتان مون سندس دوستن جو ٻُڌو هو. يقينن توهان انتظار ۾ هوندو ته اهي پنج دوست ڪهڙا آهن؟ اسان به پڙهون ۽ ٻڌون، ها ٿورو انتظار ڪريو ته نالا کڻان ٿو، پر نانءُ کڻڻ کان اڳئي هڪڙي ڳالهه اها ته وفا سان دوستيءَ جي دامن ۾ رهڻ ڪري اُهي پنج ئي نالا منهنجي دوستيءَ جي دامن ۾ به اچي ويا ۽ مان به انهن سان ايترو ئي پيار ڪريان ٿو، جيترو پيار وفا کين ڪندو آهي، وفا جي پيار ۾ دادلي ٻار جيان انگل به هوندا آهن ۽ هوڏي ٻار جيان ضد به هوندو آهي. انهيءَ انگل ۽ ضد ۾ به پيار جو سمنڊ ڀريل هوندو آهي.
اوهان جو انتظار ختم ڪندي اهي نالا کڻان ٿو، هڪ سڪرنڊ شهر جي ادبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو ۽ ٻيو دادو ۾ آ جادو جي شهر سان تعلق رکندڙ سنڌ جو اربيلو ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ شاعر مرحوم مشتاق ڀرڳڙي، ٽيون نالو آهي، شهيدن جي شهر نئون ديرو سان واسطو رکندڙ سنڌ جي اعليٰ پائي جو شاعر پنهنجي نالي سان من + ٺار يعني من جو ٺار، منٺار سولنگي، چوٿون نانءُ آهي سانگهڙ جهڙي تاريخي شهر مان سنڌ جو يگانو ڪهاڻيڪار راجن مڱريو. پنجون ۽ آخري نانءُ آهي منهنجي دل جي ڌڙڪن يوسف سنڌي.
هڪ اهو يوسف هو، جيڪو مصر جو شهزادو هو ۽ ٻيو هي يوسف آهي جيڪو سنڌي ادبي دنيا جو شهزادو آهي. يوسف سنڌي. يوسف سنڌيءَ سان ملاقات کان اڳ ئي وفا جي ذڪر منهنجي دل ۾ يوسف سنڌي لاءِ محبت جا ڏيئا ٻاري ڇڏيا هئا. يوسف سان جيستائين ملاقات ٿئي، تيستائين وفا صالح مون کي يوسف جا درجن کن ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏئي ڇڏيا. انهن ۾ ٻه چار ترجمو ۽ ٻيا طبعزاد ڪتاب هئا، يوسف جون لکڻيون پڙهڻ کان پوءِ ويتر ملڻ لاءِ من بي قرار ٿي پيو، يوسف جي لکڻين مون کي يوسف جي زليخان بنائي ڇڏيو. زليخان، يوسف جو حسن ڏسي ان تي فدا ٿي پئي هئي، مان وري يوسف سنڌي جون لکڻيون پڙهي مٿس فدا ٿي پيو هيس. منهنجي يوسف سنڌي سان ملڻ واري تڙپ ڏينهن به ڏينهن گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وئي، مان وفا کي ستائيندو رهيس ته مون کي يوسف سنڌيءَ سان ملاءِ. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو ڏينهن آيو. جو يوسف سنڌي ڪنهن پروگرام ۾ نئون ديرو آيو ۽ پوءِ وفا سان گڏجي باڊهه آيو، اسان رات باڊهه ۾ رهياسين ۽ يوسف سنڌي سان ڀرپور ڪچهري ٿي. پهرئين ملاقات ۾ ساڻس ڪچهري ڪندي ايئن پئي محسوس ٿيو ته يوسف ۽ مان هڪ ٻئي جا پراڻا يار آهيون، يوسف سنڌي پنهنجي لکڻين جو اولڙو لڳو هو.
سنڌ جو هيڏو وڏو ليکڪ، ترجمي نگار، اديب سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايترو سادو ۽ فقيراڻي طبعيت وارو ڏسي مان اڃا به يوسف جو ديوانو ٿي ويس. ان کان پوءِ ٻه چار دفعا يوسف سنڌيءَ سان ملاقاتون ٿيون. سچ پچ ته يوسف سنڌي پنهنجي اعليٰ انساني صفت ۽ فقيري طبعيت جي ڪري منهنجي دل مان نه نڪري سگهيو آهي، شايد ڪڏهن نڪري به نه سگهندو.
يوسف جون ادب ۽ ادبي سنگت جي لاءِ خدمتون ڏسي مان کيس سنڌي ادبي دنيا جو شهزادو سڏيندو آهيان. هو ڀل مصر جو يوسف نه هجي، پر ادبي دنيا جو شهزادو ضرور آهي. يوسف سنڌي لاءِ دعا ته هو سنڌي ادب ۽ ٻولي جي بهتريءَ لاءِ سدائين ڪم ڪندو رهندو.
]سڦلتا-جنوري 2015ع [