شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ادب جو متحرڪ ڪردار

سنڌي ادب جو متحرڪ ڪردار


زاهد راڄپر

اهي سال 1991ع جا ڏينهن هئا جڏهن سياسي سرگرمين جي حوالي سان حيدرآباد تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، سياست سان گڏ ادب سان دلچسپيءَ سبب گاڏي کاتي جي ڪتاب گهرن ڏانهن چڪر پيا لڳندا هئا، جنهن ڪري يوسف سنڌي جو نالو منهنجي لاءِ اوپرو نه هو، ٻيو اڳ ۾ ئي هو پنهنجي اباڻي شهر دڙو ۾ ٻارڙن جي سياسي تنظيم ’سجاڳ ٻار تحريڪ‘ ۾ پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪري چڪو هو، جنهن ڪري ادبي توڙي سياسي حوالي سان پرپُٺ ئي ساڻس سڃاڻپ هئي، پر هڪ ڀيري انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي هائوس ڀرسان عوامي ڪتاب گهر تي ساڻس منهنجي پهرين ملاقات ٿي. پهرين ملاقات ۾ ئي هو مون کي تمام گهڻو ٻاجهارو لڳو، قد بت ۾ گهڻو ئي نه سهي، پر ڪجهه ڀريل هو، پوءِ ساڻس اڪثر مختصر ملاقات ٿيندي هئي، ۽ پوءِ منهنجو حيدرآباد وڃڻ گهٽجي ويو.
ڪيترن سالن کان پوءِ سال 2006ع ۾ جڏهن يوسف سنڌي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏيل گروپ ٺاهي اليڪشن ۾ بيٺا ۽ اليڪشن کٽي، تڏهن مان به سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۾ سرگرم هُيس ۽ شاخ اندر دوستن ۾ اختلافن سبب مون ۽ مظهر خاصخيلي وڃي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو پاسو ورتو، جنهن ڪري نوشهروفيروز شاخ جو الحاق بچي ويو ۽ اسان چونڊيل باڊيءَ کي نوشهروفيروز ۾ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ يوسف سنڌي به ساڻن گڏ آيل هو، ان بعد هڪ وڏي عرصي کان پوءِ يوسف سنڌي سان سڌو رابطو بحال ٿيو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻن سالن واري عرصي کان پوءِ يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو ۽ تاج جويي گروپ کي شڪست آئي، ان وقت يوسف سنڌيءَ مون کي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي پريس ترجمان مقرر ڪيو، جنهن ڪري سنگت ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت ۾ ٻن سالن دوران ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ثابت ڪيو ته هو بهترين اڳواڻ پڻ آهي. هن پهرين آگسٽ 2008ع کان 31 آگسٽ تائين پهريون دفعو سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلائي سنڌي ٻولي واري تحريڪ ۾ ڄڻُ ساهه ڦوڪي ڇڏيو، پهرين ۽ ٻئين سال سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم کي تيزي ۽ ڪاميابي سان هلائڻ ۾ يوسف سنڌي اڻ ٿڪ محنت ڪئي، نوان نوان آئيڊياز ۽ رخ متعارف ڪرايا ۽ سڄي سنڌ ۾ سنڌيءَ ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هڪ تحريڪ بڻجي اُڀري، جنهن ڪري قومي اسيمبلي ۾ به ان جو چوٻول ٿيو. پنجابي ادبي سنگت به جاڳي پئي، جنهن ڪري پاڪستان اندر مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ وارو ڪيس مضبوط بڻجي اڀريو. اهو ڪمال يوسف سنڌي جي اڻ ٿڪ محنت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان غير مشروط محبت جي ڪري ئي ٿيو ۽ ان ۾ يوسف سنڌي پاڻ کي ثابت قدم بيهاريو، جنهن مان سندس شخصيت جي مستقل مزاجي ظاهر ٿئي ٿي. هو سڄي سنڌ ۾ سنگت جي سرگرمين ۾ پهچندو هو ۽ پروگرام يا گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد وري سفر ڪري پنهنجي گهر دڙي پهچندو هو، جيئن پنهنجي گهروارن کي به وقت ڏيڻ سان گڏ پنهنجي ڊيوٽي وارو فرض به ادا ڪري سگهي. يوسف سنڌي، سنڌي علم ادب جو باڪمال ڪردار آهي.
ضلعي ٺٽي جي شهر دڙي ۾ محمد هاشم ميمڻ جي گهر ۾ اک کوليندڙ محمد يوسف ميمڻ هاڻي سنڌ ته ڇا پر ملڪ ۽ هند ۾ به پنهنجي ادبي خدمتن سبب يوسف سنڌيءَ جي نالي سان مشهور آهي.
يوسف سنڌي لڳ ڀڳ 1979،80 ۾ ٻاراڻين لکڻين ذريعي ادب جي دنيا ۾ پير پاتو بعد ۾ سندس سڃاڻپ هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم ۽ پبلشر طور ٿي هن پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي ”عظيم سوکڙي“ 1979ع ۾ ٻارڙن جي ماهوار رسالي “گل ڦل” ۾ ڇپيل ڏٺي ته ان هن جي اندر ۾ وڌيڪ لکڻ جو جذبو جاڳايو ۽ يوسف سنڌي جي اندر ۾ لڪيل ليکڪ جاڳي پيو.1982ع ۾ هن مئٽرڪ پڙهڻ دوران پنهنجي هم ڪلاسي دوستن سان ”هوشو پبليڪيشن“ قائم ڪري ٻارن جو هڪ ڪتاب ”هوشوءَ سندي هام“ مرتب ڪيو. 1984ع ۾ ڪجهه دوستن سان گڏجي وري ”شيرازي پبليڪيشن“ قائم ڪري ”جي هانءُ نه هارين“ نالي پرچو شايع ڪيو. 1991ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دڙو پاران ڪتابي سلسلي جا ٻه ڪتاب ”تون تون، مان مان“ ۽ ”امن جي تلاش“ شايع ڪيا، بعد ۾ ’سنجها‘ نالي ادبي مخزن جا چار پرچا شايع ڪيا. يوسف سنڌي جو هڪ سولو پلي ”سونهن وڃايم سومرا“ جي نالي سان ڪي ٽي اين تان ٽيلي ڪاسٽ ٿي چڪو آهي. روزانه هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ”ڏات“ جو 3 جولاءِ 2002ع کان 14 سيپٽمبر 2004ع تائين انچارج رهيو. ٻه سال 2003،4ع روزانه هلال پاڪستان جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ جو انچارج رهيو. ماهوار ادب جا ٻه خاص نمبر مارچ 1996ع ۽ آڪٽوبر 1997ع ۾ بطور ايڊيٽر مرتب ڪيا.91-1990ع ۾ عبرت گروپ جي ماهوار رسالي ”هزار داستان جو ايڊيٽر رهيو. 2006ع کان سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان پرچي ”سنگت“ جو ايڊيٽر رهيو.
يوسف سنڌي هڪ وڏي مقابلي کانپوءِ 27 اپريل 2008ع تي سندس مقابلي ۾ بيٺل تاج جويي کي هارائي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو، 1991ع ۾ ضلعي ٺٽي جو رابطه سيڪريٽري رهيو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي آئين ڪميٽي جو ميمبر ۽ 1996ع ۾ مرڪزي چونڊ ڪميٽي جو ميمبر رهيو. يوسف سنڌي ادب جي خدمت سان گڏ سماجي خدمتن لاءِ اسٿان لطيف سماجي تنظيم ”الست“ ۽ پيغام ڊولپمينٽ سوسائٽي جو فائونڊر ميمبر ۽ صدر رهيو ۽ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي انسان دوستي واري جذبي سان سرشار ٿيو.
يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ پبلشرن جي کوٽ کي محسوس ڪندي سچائي اشاعت گهر دڙو جو بنياد رکي هيستائين 100 شاهڪار ڪتاب سنڌي ادب کي ڏٺي چڪو آهي. 2006ع کان 2010ع تائين سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعتي شعبي جي انچارج جي حيثيت ۾ 30 ڪتاب شايع ڪرايا، جڏهن ته يوسف سنڌي جا لِکيل ۽ ترجمو ڪيل لڳ ڀڳ 50 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن کي پڻ تمام گهڻي پذيرائي ملي.
يوسف سنڌيءَ جي ڪتابن جو محور انسان دوستي، ترقي پسند سوچ رهي آهي، جنهن ڪري ترجمي توڙي ڇپائيءَ ۾ يوسف هميشه اهو خيال رکيو آهي، نه ته پبلشر پئسي خاطر مذهبي توڙي لساني انتها پسنديءَ جهڙا ڪتاب ڇپائي نفرت پکيڙڻ ۾ ويرم نه ٿا ڪن، پر يوسف سنڌي ان سلسلي ۾ با اصول ليکڪ، مترجم ۽ پبلشر رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍي هوندي کان ئي کيس ترقي پسند سوچ جا سياسي ساٿي مليا، جنهن سبب هن جي ذهن ۽ سوچ جي اُڏار سدائين ترقي پسند رهي آهي. جيڪا سندس لکڻين مان به جهلڪي ٿي. سندس ادبي ڪردار تي پورو ڪتاب لکي سگهجي ٿو، ان ڪري پاڻ سندس مختصر ادبي خاڪو پيش ڪري سگهيا آهيون، جيڪو ساڻس انصاف ته نه آهي، پر ساڻس انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته يوسف سنڌي سنڌي ادب جو اهڙو ته متحرڪ شخص آهي جنهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو علم ۽ ادب جي خدمت ۾ ئي گذريو آهي ۽ هن وقت جڏهن يوسف سنڌي کي ڏسجي ٿو ته ڏينهن ۽ رات کي گڏائي هن جو ڪوئي اهڙو وقت هوندو جيڪو هو علمي ۽ ادبي سرگرمين کان پري رهندو هوندو. يوسف سنڌي ٻڌايو ته هن ڪڏهن به ان لالچ ۾ اچي ناهي لکيو ته کيس پنهنجي لکڻيءَ تي ايوارڊ ملندو يا پئسا ڪمائيندو، پر ان باوجود به سنڌي ادبي سنگت سنڌ، 2011ع ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون“ ۽ 2012ع ۾ ”هل ته دهلي گهمون“ سفرنامي تي ايوارڊ ڏنو. هو ٻڌائي ٿو ته هن کي پڙهندڙن وٽان ملندڙ موٽ ئي هن لاءِ وڏو اعزاز آهي. يوسف ٻڌائي ٿو ته هن کي پنهنجي جنهن ڪم تي سڀ کان وڌيڪ خوشي ۽ دلي اطمينان ملندو آهي، اهو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل هجڻ دوران ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم“ هلائڻ تي آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت به مجبور ٿي ”سنڌي ٻولي ڪميٽي“ ٺاهي مرڪزي سرڪار کي سفارشون موڪليون. هن ٻڌايو ته هو سنگت جو پرچو اڄ به ريگيولر ڪڍي رهيو آهي ۽ ان جا 13 نوان پرچا ۽ 20 ڪتاب پبلش ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته هن عهديدار هجڻ دوران ملڪ جي ٻين ادبي تنظيمن سان رابطه وڌايا، جنهن سبب ٻولي جو مسئلو ملڪي سطح تائين کڄي ويو. هن ٻڌايو ته هن سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس لاءِ 10 لک رپيا فنڊ گڏ ڪري نئين باڊي جي حوالي ڪيو، جنهن مان ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي ڪوششن سان سنگت جي آفيس ٺهي. هن ٻڌايو ته هن پنهنجي زندگي ۾ هندوستان، ايران ۽ سعودي عرب جا سفر ڪيا ۽ انهن جا سفرناما لکي نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن کي انهن ملڪن بابت ڄاڻ ڏني. هن ٻڌايو ته سندس آتم ڪهاڻي جو پهريون ڀاڱو ”اقرار به انڪار به“ اچڻ وارو آهي. جڏهن ته هندستان ۾ مشهور گائيڪ ”جگجيت سنگهه“ سان ملاقات زندگي جي يادگار ملاقات هئي.
يوسف سنڌي ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ادبي سڏ تي پهچي، وڃي ٿو، جيڪو سندس سنڌي ادب ۽ ٻولي سان ڪمٽمينٽ ۽ پيار ئي آهي، نه لطيف وانگر هوند ”ڪير ڪري هيڏا پنڌ پهاڙ جا“. يوسف سنڌي اڄ به جواني جي دور وانگر سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ هو سنڌي ادب جو هڪ متحرڪ ڪردار آهي.