سنڌ جو يوسف سنڌي
مور ساگر
شاهه لطيف روڊ بدين تي قائم پنھنجي ’ساگر پريس‘ تي ويٺي ’سوجهرو مئگزين‘ پڙهي رهيو هئس، پياري دوست نواز کٽي سان گڏ هِڪڙو همراهه گڏيو آيو جيڪو مونکي بدين جو نه پيو لڳي، هن جي شخصيت به متاثر ڪُن لڳي رهي هئي. نواز کٽي سلام ورائي هٿ ملائيندي تعارف ڪرايو، ’هي يوسف سنڌي آهي‘، يوسف سان منھنجو تعارف ڪرائيندي ’هي نوجوان شاعر مور ساگر آهي.‘
پياري دوست نواز ٻُڌايو ته ’يوسف سنڌي، سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي سيڪريٽري جنرل جي عھدي لاءِ اميدوار آهي ۽ ووٽ جي سلسلي ۾ آيو آهي، مون ته ساڻس واعدو ڪيو آهي، باقي اڳيان تلھار ۾ آصف جمالي آهي ۽ ماتلي ۾ مقبول ’مارو‘ آهي، سو هاڻي يوسف سنڌي تنھنجي حوالي، تون هِن کي آصف جمالي ۽ مقبول ’مارو‘ سان ملاقات ڪرائجان‘. (منھنجي رهائش ماتلي ۾ هئي ۽ آءٌ روزانو ماتلي کان بدين ايندو ويندو هئس). اسان ٽنھي جي ڪچھري جو موضوع، ادب ۽ ادبي سنگت هئي، انھن ئي موضوعن تي خوب ڳالھايوسين ۽ مونکي تمام گهڻي خوشي به ٿي رهي هئي. يوسف سنڌي جنھن جا ڪِتاب اسان پڙهندا آهيون، سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، جيڪو اڄ مون سان گڏ ڪچھري ڪري رهيو آهي، ان ڳالھه جي خوشي ٿي رهي آهي. اهو 1998ع جو دﺂر هو، جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو نواز کٽي سيڪريٽري هو ۽ آءٌ ڪائونسلر هئس، اسان ٻنھي جو ووٽ هو.
يوسف سنڌي سان منھنجي اِها پھرين ملاقات هئي، اسان ٽيئي ڪچھري ڪري اُٿياسين، نواز به اسان سان بس اڏي تائين گڏ آيو، پوءِ يوسف سنڌي ۽ آءٌ تلھار پھتاسين ته يوسف چيو آصف منھنجو ويجهو دوست آهي، اُن وٽ هلڻ جي ضرورت ناهي، پاڻ مقبول ماروءَ ڏانھن ٿا هلون، پوءِ تلھار ڪِراس ڪري سِڌو اچي ماتلي مقبول ماروءَ جي اسپتال اڳيان لٿاسين. مقبول ’مارو‘ به پنھنجي اسپتال تي موجود هو، اُن سان ڪچھري ٿي حال احوال ٿيو ۽ يوسف ٻُڌايو ته آءٌ ووٽ جي لاءِ آيو آهيان، مقبول ’مارو‘ به يوسف سان واعدو ڪيو ووٽ ڏيڻ جو. پوءِ يوسف موڪلائي روانو ٿيو دڙي لاءِ ۽ آءٌ آيس پنھنجي گهر. ايئن منھنجي يوسف سنڌي سان پھرين ملاقات ٿي هئي.
اُن اليڪشن ۾ اليڪشن هلڻ دوران ئي تاج جويو گروپ وارن ڌانڌلي ڪري يوسف سنڌي کي هارائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ يوسف سنڌي اُتي ئي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اُن ڌانڌلي جو آءٌ پُڻ اُن ڪري گواهه آهيان ته اُن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو آءٌ ڪائونسلر هئس، پر منھنجي جاءِ تي تاج جويو ۽ جمن احمداڻي جيڪو اُن وقت رابطه سيڪريٽري ضلع بدين هو، اُنھن ٻنھي پنھنجي ماڻھو ظفر خاصخيلي جو نالو لکي ڇڏيو هو، اها خبر مونکي اُن ڏينھن اليڪشن دوران ئي پئي، جڏهن ظفر کان مون پُڇيو ته تون هِتي ڪيئن! اليڪشن ڏسڻ آيو آهين؟ ظفر مونکي ٻُڌايو ته شاخ بدين جو آءٌ ڪائونسلر آهيان ۽ ووٽ ڏيڻ آيو آهيان، ته اُن وقت ظفر خاصخيلي، جمن احمداڻي ۽ منھنجي وچ ۾ به تلخ ڪلامي ٿي هئي، جمن کي چيم ڪھڙي حِساب سان تون هِن کي ووٽ ڪرائيندي، ووٽ ڪرائي ته ڏِسان ۽ ساڳي نموني ظفر کي به چيم ووٽ ڪندس ته آءٌ ڪندس، نه ته تون به نه ڪندي، جهيڙو ته جهيڙو ئي ڪار، ظفر مونکي ووٽر لسٽ ڏيکاريندي چيو ته جڏهن هِتي نالو ئي منھنجو لِکيل آهي ته تون ڪيئن ووٽ ڪندين، چيم ڀلي شاخ کي سڏ ٿئي ته پوءِ ٻُڌائيندس ته آءٌ ڪيئن ٿو ووٽ ڪريان. پر پوءِ اليڪشن جو ئي بائيڪاٽ ٿي ويو ۽ اسان جي ووٽ وارو معاملو به ختم ٿي ويو.
2001ع ۾ جڏهن آءٌ بدين کي ڇڏي حيدرآباد اچي پنھنجي ڀاءُ منظور احمد سان گڏ ڪمپوزنگ سينٽر تي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ڪم ڪيم، اُن دوران يوسف سنڌي سان ٽيون ڀيرو ملاقات ٿي، چانھه پيتي ڪچھري ڪئيسن، پوءِ يوسف چيو ته مور ساگر منھنجو حيدرآباد هفتي ۾ هِڪ ٻه چڪر اچڻ ٿيندو آهي، منھنجا ڪِتاب ڪمپوزنگ ۾ هلندڙ هوندا آهن، هاڻي جڏهن ايندس ته هِڪ ڪِتاب تولاءِ به کڻيو ايندس، ايئن پوءِ آهستي آهستي يوسف سنڌي پنھنجي ڪِتابن جو سمورو ڪم مون ڏانھن منتقل ڪيو، جيڪو 2021ع (اڄ تائين) ساڳين نموني هلندو رهيو آهي.
يوسف سنڌيءَ کي مون سنڌي ادب جو خاموش خدمتگار ئي ڏِٺو/سمجهو آهي، جنھن جو ڪم ڪيترن ئي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻي پاڻ کي سنڌي ادب جا ڊاڪٽر سڏائيندڙن کان تمام گهڻو آهي. هن جو تخليقي ڪم هجي يا ترجمو هجي، پر معيار کي برقرار رکيو اچي، يوسف سنڌي جو اهڙو مونکي ته ڪو به ڪِتاب پڙهڻ لاءِ ناهي مِليو، جنھِن کي پڙهي چئجي ته اجايو وقت وڃايو. هِن جيڪو ڪجهه سنڌي ادب کي مواد ڏِنو آهي، تخليق جي صورت ۾ يا ترجمي جي صورت ۾ ڪارائتو مواد ئي ڏِنو آهي، جنھن کي پڙهي پڙهندڙ کي لاڀ ضرور مِلندو.
يوسف سنڌيءَ کي پنھنجي ڪيل ڪم جي حِساب سان اسان موٽ ناهي ڏِني، (منھنجي پنھنجي راءِ آهي)، هِن نه صرف سنڌي ادب، سنڌي ٻولي کِي ڪارائتا ڪِتاب ڏِنا آهن پر هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل ڪم سنڌي ادبي سنگت لاءِ ڪيل ڪم، اوهان سنڌي ادبي سنگت جو سمورو رڪارڊ چيڪ ڪريو، يوسف سنڌيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي دﺂر ۾ جيترا سنڌي ادبي سنگت طرفان پروگرام ڪيا ويا، جيترا سنڌي ادبي سنگت جي اشاعتي اداري پاران ڪِتاب ڇپايا ويا يا جيترا سنگت جا پرچا شايع ڪيا ويا، ٻي ڪنھن به سيڪريٽري جنرل جي دﺂر ۾ نه ٿيا آهن. هِن ۾ هڪ لفظ جو به وڌاءُ ناهي، ثبوت طور سنڌي ادبي سنگت جو رڪارڊ موجود آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريڻ لاءِ هِن پورو مھينو ٻوليءَ تي سيمينار ڪرايا، ۽ هڪ لک ڪارڊ ڇپرائي سڀني شاخن جي سيڪريٽرين طرفان پاڪستان جي تڏهوڪي صدر آصف زرداري ڏانھن پوسٽ ڪيا ويا ۽ اسٽيڪر ڇپرائي گاڏين تي، ۽ خاص پبلڪ جڳهين تي هنيا ويا، جنھن جو آءٌ نه صرف شاهد آهيان، پر ڪجهه حِصو پرنٽنگ جي حوالي سان مون به مِلايو هو، جنھن جي عيوض مونکي ٻوليءَ جي خدمت طور سنڌي ادبي سنگت طرفان هڪ نشان (ايوارڊ) پڻ ڏِنو ويو هو. اهڙي نموني آءٌ دوستن کي چوندو آهيان ته يوسف سنڌي جو دﺂر ئي سنڌي ادبي سنگت جو سنھري دﺂر هو، ٻي اهم ڳالھه ته يوسف سنڌي جي ئي دﺂر ۾ سنڌي ادبي سنگت کي مرڪزي آفيس به مھيا ٿي. جيڪا اڳ ۾ڪڏهن به نه هئي. ايترن سارن ڪمن ۽ خدمتن عيوض اسان هِن کي ڇا ڏِنو آهي مڃتا طور؟!
يوسف سنڌي گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، هي پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل به آهي، پر اُن ۾ اڳتي وڌڻ جو شوق هِن کي ناهي، کوڙ ڀيرا چيومانس ته ايم اي سنڌي ڪري، ليڪچراري جو امتحان ڏي يا پي ايڇ ڊي ڪر، هن جو چوڻ آهي ته منھنجو ڪم پي ايڇ ڊي وارن کان گهڻو آهي، مونکي ڪم ڪرڻو آهي، ڊگرين ۽ پوسٽن جي لوڙ ناهي رهي، زندگي جو ڪھڙو ڀروسو، جيترو وقت آهيان ۽ جيترو ڪم ڪري سگهان ٿو ڪم ڪريان. انھي جواب ٻُڌڻ کانپوءِ لاجواب ٿي ويندو آهيان ۽ گُفتگو جو موضوع مٽائي ڇڏيندو آهيان.
يوسف سنڌيءَ کي ته شايد اِن ڳالھه جي ضرورت به نه هجي، ڇو ته جنھن جو مقصد قوم کي ڪجهه نه ڪجهه ڏئي وڃڻ هجي ته اُهو ماڻھو پُٺ تي لوڻو ڦيري ناهي ڏِسندو، هو اڳتي ئي وڌندو رهندو آهي. شال سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي اهڙا اڻ ڳڻيا ڪِردار مِلندا رهن. شال منھنجي سنڌڙي آباد رهي.
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
(شاهه)