منهنجو بابا
پارس ميمڻ
جڏهن به بابا کي لِکندي ڏسندي هُيس ته سوچيندي هُيس ايتري گوڙ جي باوجود به بابا جو ڌيان لِکڻ کان نٿو هٽي؟
۽ اڪثر اهوئي پُڇندي هيس بابا توهان گهر ۾ ايتري گوڙ هئڻ باوجود به ڪيئن لکندا پڙھندا آھيو؟
بس اسان ليکڪ ايئن هوندا آھيون، پنهنجي لکڻ ۾ گم......
بابا مونکي چوندو آھي اوهان به ڪوشش ڪريو ته لکو ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪريو ! بابا جا کوڙ سارا ڪتاب ڏسي مون کي خوشي ٿيندي ھئي، اڄ تائين ٿيندي اچي، بابا سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو تاريخ جي سونهري ورقن ۾ اڳتي هلي تاج محل جيان روشن بڻبو!
بابا جڏهن به شهر ڏانهن ويندو آھي ته منهنجي لاء هڪ يا ٻه ڪتاب ضرور وٺي ايندو آھي، جنهنڪري منهنجي به دلچسپي ڪتابن جي مطالعي لاءِ ٿي! هزارين مسئلن ۽ پريشانين هوندي به بابا سائين ڪڏھن به لکڻ ڪين ڇڏيو! مونکي بابا جي اڄ به اها ادا وڻندي آهي ته هزارين مشڪلاتن ۽ پريشانين هجڻ باوجود به ڪڏھن نه اُداس نه ٿيو نه ئي دلشڪسته بڻجي اسانجي سامهون بزدلي جهڙيون ڳالهيون سليائين، بس هميشه چهري مٿان مسڪراهٽ سجائي گلابن جيان ٽڙندو رهيو آھي.
بابا خوش مزاج ۽ حساس دل جو مالڪ آھي، اهي پل اڄ به مونکي چڱي ريت ياد آھن، جڏهن ڪنهن گهرج خاطر پنهنجي لائبريري مان ڪتاب پئي کپايائين ۽ ڪتابن کي محبت مان کوکي ۾ بند پئي ڪيو ۽ اُن ڏينهن بابا بلڪل اُداس ٿي ويو هو، جن ڪتابن سان پنهنجي اولاد جيان محبت ڪندو هجي، جيڪي ايئن سنڀاليا هئائين، جيئن ڪنهن ماءُ ڊوڙندڙ پنهنجي ٻچي کي ڇاتي ۾ پناھ ڏئي سمائي ڇڏيو هجي، ان ويل ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪتاب نه بلڪه پنهنجي اولادن مان ڪنهن کي غير جي حوالي ڪندو هجي. بابا اسان اولادن ۾ به ڪڏهن فرق محسوس نه ڪيو ته ڌيءَ سان ڪيئن پيش اچجي ۽ پُٽ سان ڪيئن ؟ اسان ڌيئرن کي به هڪ ئي نگاھ سان ڏٺو اٿس.
يونيورسٽيءَ ۾ هڪ دفعو بابا سان فون تي ساهيڙين جي سامهون پي ڳالهايم، ايتري ۾ هڪ ساهيڙيءَ پڇيو: توهان پنهنجي بابا سان پئي ڳالهايو؟
چيم: جي هائو، پر ڇو؟
چوڻ لڳي: پنهنجي بابا سان تو جيان دوستاڻي انداز ۾ اسان ڪڏھن به ڳالهائڻ جي همت نه ساري آهي نه ئي ڳالهائڻ جي اجازت آھي!
بابا هميشه اسان سان دوستن جيان هليو آھي، پيءُ جيان نه، ڇوجو بابا چوندو آھي پهرين دوست آھيان پوءِ توهان جو بابا……انڪري بابا منهنجو سٺو دوست به آھي، جنهن سان هر ڳالھه بنا ڪنهن هٻڪ جي ونڊيندي آھيان ۔۔۔ مونکي فخر آھي پنهنجي بابا تي، جو سنڌي ادب لاءِ پنهنجي محنت برقرار رکندو ٿو اچي ۽ پڙھندڙ کي نوان ڪتاب وقت سِر ڏيندو ٿو رهي.
اڄ لکندي خوشي پئي محسوس ڪريان ته پهريون ڀيرو مونکي بابا چيو ته هڪ دوست سندس ادبي خدمتن تي ڪتاب سهيڙي رهيو آهي، جي تون لکڻ چاهين ته لکي سگهين ٿي! مون به دير نه ڪئي ۽ ها ڪيم! منهنجي ڪمري ۾ منهنجي هڪ ننڍڙي لائبريري آھي، جڏهن بابا منهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ ڪتاب ڏٺائين ته چوڻ لڳو ايترا ڪتاب اٿئي، چيومانس جي. پوءِ ڏسڻ لڳو تڏهن به خوشي ٿي. منهنجو بابا بلڪل سادو آھي. ان ڏينهن بعد منهنجي ڪمري جي ننڍڙي لائبريري ۾ روز هڪ ٻه ڪتاب رکي ويندو آھي، ياد اٿم ته هڪ دفعو چيو هئائين هاڻ ڪتاب تون سنڀالجانءِ! ايترو ئي نه بابا هميشه مونکي پنهنجو وڏوي پُٽ جيان سمجهيو آھي، هر پريشاني مون سان ونڊيندو آھي، جڏهن به مونکي ڪاوڙ ايندي آھي ته بابا کي ڏسندي منهنجي ڪاوڙ گم ٿي ويندي آھي، آءٌ بابا جي جيتري به تعريف ڪريان، جيترو به بابا جي شخصيت ۽ ڪردار تي لکان، سو گهٽ آھي، ڇوجو مون وٽ اهڙا لفظ ناهن جنهن سان بابا سائين کي ڀيٽا ڏئي سگهان.
جت به بابا جو ذڪر ٻڌندي آھيان، فخر محسوس ڪندي آھيان، خوشنصيب آھيان جو مون هڪ ليکڪ پيءُ (يوسف سنڌي) جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ فخر اٿم بابا تي ۽ بابا جي هن محنت تي جيڪو سنڌي ٻوليءَ سان ايتري محبت ڪري ٿو.