يوسف سنڌي: نجم عباسي
هڪڙي همراهه ٻُڌايو ته يوسف سنڌي، ادبي ميدان کي صفا ڇڏي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي، جيڪي لکن ٿا سو ڪن ڪو نه ٿا ۽ جيڪي ڪن ٿا، سو لکن ڪو نه ٿا. يعني يوسف جي چوڻ موجب اديبن جي چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي.
اهو يوسف سنڌيءَ جو عجيب منطق آهي. جيڪڏهن ٻيا ايئن ڪن ٿا ته پاڻ ايئن نه ڪري، ڪاوڙجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ پاڻ اهو لکي جو ڪري ٿو ۽ جو ڪجهه ڪري ٿو، اهو لکي، ايئن ڪرڻ سان ڪير هن کي روڪيندو؟
ماڻهو رڳو پنهنجي لاءِ ڪو نه لکندو آهي، پر ٻين لاءِ به لکندو آهي، پاڻ ٻين لاءِ وڌيڪ لکندو آهي. ٻين کي ڪجهه ڪرڻ جون صلاحون ڏيندو آهي. ضروري ناهي ته اهي صلاحون پنهنجي پاڻ لاءِ به هجن. ڪي اديب اهڙا ٿيندا آهن، جن جو چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق ٿيندو آهي. چوندا هڪڙي ڳالهه آهن ۽ ڪندا ٻي ڳالهه آهن. اهي صفا پڌرا هوندا آهن. اهي سرڪار جا خريد ڪيل هوندا آهن يا سرمائيدارن، جاگيردارن يا زميندارن جا زر خريد ايجنٽ ٿيندا آهن.
يوسف سنڌيءَ ادب ۾ وڏو پورهيو ڪيو آهي. ’سچائي اشاعت گهر‘ ان جو ثبوت آهي. مسڪيني حال هوندي به هو ايترا ڪتاب ڇپائي سگهيو آهي. پاڻ به ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا اٿائين. عجب آهي ته اهو شخص هينئر چوي ٿو ته ادب ۾، ليکڪ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق رکن ٿا.
منهنجي خطن جو ڪتاب “جبل مٿي باهڙي” به يوسف سنڌيءُ ئي سهيڙي ڇپايو آهي. ٻڌائي سگهندو ته ان ۾ چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ان ڪري ادب جو ميدان ئي ڇڏي وڃڻ، سچ پچ ته اعتبار جهڙي ڳالهه ڪانهي.
ٻُڌو اٿم ته يوسف سنڌيءَ جو پنهنجي چاچي عبدالغفور الستيءَ سان جهڳڙو ٿي پيو آهي. چاچهنس جي سڄِي عمر پَٽ سَٽ ۾ گذري آهي. سندس اولاد کي به ٻين پڙهايو آهي. ڪراچي ۾ رهي بنا مسواڙ مفت ۾، ٻين جي جڳهه ۾ ٿو. هينئر ڇوڪرين جا سوين اسڪول پيو هلائي، ان ۾ هن جي ڪيتري سچائي آهي، تنهن تي به شڪ ڪري سگهجي ٿو. ڪٿي يوسف سنڌي انهي جهڳڙي جي ڪري ادب ته نه ٿو ڇڏي وڃي؟
]ڪراچي 6 جون 1995[