شخصيتون ۽ خاڪا

سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هاڪارو معروف مشھور اديب، ڪھاڻيڪار، مترجم، ناول نگار، پبلشر ايڊيٽر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل يوسف سنڌي ڪنھن بہ تعارف جو محتاج ناهي، يوسف گهڻ پاسائين شخصيت آهي. ھن ڪتاب جي پھرين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ جو تعارف، سندس ڪتابن جو تعارف ۽ سندس ڪتابن جي ڪھاڻي سندس زباني شامل آھي. ٻئي حص ۾ يوسف سنڌيءَ جي شخصيت، فن ۽ ڪتابن تي مختلف اديبن جا لکيل مضمون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ يوسف سنڌيءَ کي لکيل خط ۽ ھڪ رپورٽ شامل آھي.

Title Cover of book سرھا ڏِٺم سي (يوسف سنڌي: فن ۽ شخصيت)

يوسف سنڌي- گهڻ پاسائين شخصيت

يوسف سنڌي- گهڻ پاسائين شخصيت

وفا صالح راڄپر

مون جڏهن ادب ۾ اڃا نئون نئون پير پاتو هو ته مون کي سڀ کان پهريائين دوستن ٻن ليکڪن کي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ تي زور ڏنو هو. هڪ خليل جبران ۽ ٻيو امر جليل. سڀ کان پهريائين مون خليل جبران جو جيڪو ڪتاب پڙهيو هو. اهو ڪتاب يوسف سنڌيءَ جو ترجمو ٿيل هو ۽ پوءِ ايئن يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون پڙهڻ جو مون کي گهڻو اشتياق ٿيو. جتي سٺي ترجمي نگار جو ذڪر نڪرندو هو ته آءٌ يوسف سنڌيءَ جو نانءُ سڀ کان اول کڻندو هوس. جيڪڏهن ڪوئي ٻيو دوست ٻئي ڪنهن ترجمي نگار جو نانءُ کڻي چوندو هو ته وفا اهو تمام سٺا ترجما ڪندو آهي ته آءٌ کائنس پُڇندو هئس ته توهان يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهيا آهن، چوندا هئا ته نه، ته پوءِ آءٌ کيس چوندو هوس ته اول يوسف سنڌيءَ جا ڪيل ترجما پڙهي ڏسو ۽ پوءِ وري ٻيهر اچي راءِ ڏجو ته سٺو ترجما نگار ڪير آهي. سچ پچ انهن جڏهن يوسف جا ڪيل ترجما ڪتابن جي صورت ۾ پڙهيا ته هو واهه واهه ڪرڻ لڳا.
ترجمو ڪرڻ ڪو ايترو آسان ڪونهي، جو هر ماڻهو ترجمو ڪري سگهي. ترجمي ڪرڻ لاءِ وسيع مطالعي ۽ وسيع ذهن جو هجڻ لازمي آهي ۽ اهي سموريون خوبيون يوسف سنڌيءَ ۾ آهن.
يوسف سنڌيءَ کي گهڻو پڙهڻ جي ڪري منهنجي يوسف سان محبت ٿي وئي هئي. آءٌ يوسف جي محبت ۾ ايترو ته گهائجي ويو هوس، جو يوسف سان ملڻ جي اُڪير ۽ تانگهه هر پل، هر گهڙي مون کي ستائيندي ۽ تڙپائيندي رهي. مون يوسف سان اڻ ڏٺو عشق ڪيو هو.
۽ پوءِ يوسف سان منهنجي پهرين ملاقات پياري منٺار سولنگيءَ جي معرفت سکر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ’سنڌ ڪائونسل‘ جي اجلاس ۾ ٿي هئي. اجلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ مون، منٺار سولنگي ۽ يوسف سنڌيءَ گڏجي سکر جي هوٽل ۾ وڃي چانهه به پيتي ۽ خوب ڪچهري به ڪئي. منهنجي ذهن ۾ يوسف لاءِ جيڪو خاڪو هو، بلڪل يوسف اهڙو ئي نڪتو. يوسف سان ملندي مون کي ايئن لڳو ته منهنجي خوابن کي ساڀيان ملي وئي هجي، يوسف سان ملندي ۽ ساڻس ڪچهري ڪندي مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته يوسف ۽ آءٌ جنمن کان هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هجون. يوسف پهرين ئي ملاقات ۾ مون کي جيڪو پيار ڏنو هو، ان پيار کي وقت ۽ حالات جي دز به لٽي ڪونه سگهي. يوسف جي سادي طبيعت ۽ جهجهي خلوص ويتر مون کي يوسف جو ديوانو بنائي ڇڏيو. يوسف سان ڪچهري ۽ ملاقات کان پوءِ مون منٺار سولنگيءَ کي چيو ته، يار يوسف سنڌي پيارو ۽ محبتي ماڻهو آهي. يوسف مون کي پهرين نهار ۾ ئي پنهنجي سادگي ۽ پنهنجي خلوص سان موهي وڌو آهي ۽ اهڙا تمام ٿورڙا ۽ اڻ لڀ ماڻهو ٿيندا، جيڪي پهرين ملاقات ۾ ڪنهن تي پنهنجي شخصيت جي اڻ مَٽ ڇاپ ڇڏي وڃن ۽ ان کان علاوه يوسف ڪيترن ئي ڳالهين ۾ مون کي پنهنجي ويجهو ويجهو لڳو آهي.
ان ملاقات کان پوءِ ستت ئي اسانجي ٻي ملاقات مشتاق ڀرڳڙيءَ جي دڪان تي دادوءَ ۾ ٿي هئي. ان ملاقات کان پوءِ يوسف سنڌي ۽ آءٌ دوستيءَ جي ٻنڌڻ ۾ هميشه جي لاءِ ٻڌجي وياسين ۽ يوسف اڃا تائين ان دوستيءَ جو نَباهه ڪندو پيو اچي. يوسف منهنجو پيارو بلڪ انتهائي پيارو دوست آهي ۽ آءٌ اها دعويٰ ڪري سگهان ٿو ته مون يوسف سان دوستيءَ ۾ ڀرپور نباهه ڪيو آهي، ڪريان پيو ۽ ڪندو رهندس، يوسف جيڪو منهنجي سٺي دوست هجڻ سان گڏوگڏ تمام سٺو ليکڪ به آهي، پر آءٌ اها دعويٰ نٿو ڪري سگهان ته آءٌ يوسف جي ادبي قدبت ۽ لکڻين سان نباهه ڪري سگهندس.
يوسف سنڌي گهڻ پاسائون ماڻهو آهي، هو جيڪڏهن سٺو ترجمي نگار آهي ته ساڳي وقت تمام سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. يوسف سنڌيءَ جون لکڻيون جنهن به پڙهندڙ هڪڙو ڀيرو پڙهيون ته اهو پڙهندڙ هميشه لاءِ يوسف جي لکڻين پڙهڻ جو عادي ٿي ويندو. سندس ڪهاڻين ۾ ايترو ته گهرو اثر ۽ تاثر آهي، جو پڙهندڙ کي کن پل ۾ پاڻ ڏانهن مائل ڪري ڇڏينديون آهن. منهنجو هڪ ليکڪ دوست زاهد جاني جوڻيجو، يوسف سنڌيءَ جي ڪهاڻي ’مئل نوڙيون‘ پڙهڻ کان هر ڀيري مون کان يوسف جي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ڊمانڊ ڪندو آهي ته وفا، يوسف جي ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ ڇپيل اٿئي ته مونکي ڏي. يوسف سنڌي هڪ سٺي ڪهاڻيڪار کان علاوه هڪ بهترين پبلشر پڻ آهي. هن پنهنجي اشاعتي اداري طرفان کوڙ سارا نثر توڙي نظم جا معياري ڪتاب پڙهندڙن کي ڏنا آهن. ان کان علاوه ”سنجها“ مخزن جهڙي معياري رسالي جو اُجراء ڪيائين ٻاراڻي ادب جي حوالي سان به يوسف جو نانءُ مٿان مٿان آهي. هن ٻارن لاءِ تمام سٺيون ۽ بهترين ڪهاڻيون ’شهيد جي ماءُ‘ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ ڏنيون آهن. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان جتي ذڪر نڪرندو ته ان ذڪر ۾ به يوسف جو نانءُ ضرور نڪرندو، ڇو ته سنڌي ادبي سنگت ۾ يوسف جون ڪاوشون، ڪوششون ۽ محنتون شامل آهن. سچ پچ يوسف سنڌي هر حوالي سان پيار ڪندڙ شخص آهي. ادبي حوالي سان يوسف سنڌي، سنڌي ادب ۾ موتيءَ جو داڻو آهي ۽ دوستيءَ جي حوالي سان يوسف جهڙو سچو، پُرخلوص ۽ محبتي ماڻهو ٻيو ڪوبه نٿو ٿي سگهي.
سچ پڇو ته يوسف هر حوالي سان منهنجو پرين رهيو آهي. ادبي حوالي سان به پرين آهي، دوستيءَ جي حوالي سان به پرين آهي ۽ ادبي سنگت جي حوالي سان به. انڪري آءٌ کيس هر خط ۾ پرين يا معشوق ڪري مخاطب ٿيندو آهيان. اڪثر معشوق بي وفا ٿيندا آهن، پر هي معشوق بي وفا ڪونهي. ڪنهن کي اعتراض هجي ته آءٌ کيس هزارين دليل ڏئي ثابت ڪري ڏيکاريان ٿو، يوسف بيوفا معشوق ڪونهي، شال يوسف سان ڪيل پيار هميشه برقرار رهي.
]ماهوار ادب، نومبر 2002ع[
سنڌي ادبي سنگت ۽ يوسف سنڌيءَ جا ٻه سال
سنڌي ادبي سنگت جنهن کي ٻين لفظن ۾ (س - ا - س) ۽ سنگت به چوندا آهن. انهيءَ ادبي سنگت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هيءَ ننڍي کنڊ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جو اصل قيام 47_1946ع ۾ پيو. ان ڪري هن سنگت جي پهرين سيڪريٽري جو اعزاز گوبند مالهي ڏانهن وڃي ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ پهريون سيڪريٽري گوبند مالهي ئي لکيو ويو آهي. هيءَ تنظيم نه سياسي آهي، نه سماجي آهي، نه ئي اين جي او آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن پير، وڏيري ۽ مير جي ذاتي ميراث آهي، هيءَ صرف ئي صرف شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي تنظيم آهي.
ڪن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت هاڻي نالي ۾ وڃي رهي آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت پنهنجو ڪارج وڃائي ويٺي آهي. ڪن جو چوڻ هو ته سنڌي ادبي سنگت مُئل گهوڙو آهي، اهڙين فتوائن اچڻ کانپوءِ يوسف سنڌي پنهنجو پئنل ٺاهي ميدان ۾ لٿو، پر هر ڀيري هن کي ان گروپ جي سامهون ڪاميابي نه ملي، ڇو ته اهو گروپ سنڌي ادبي سنگت تي مڪمل طور قابض هو ۽ ڪو به قبضو ٽوڙڻ ايترو سولو ناهي هوندو، پر پوءِ به يوسف سنڌيءَ همت نه هاري ۽ هر دفعي ان گروپ سان مقابلو ڪندو رهيو. 1983ع کان وٺي اهو گروپ سنڌي ادبي سنگت تي قابض رهندو پئي آيو. هو ڪڏهن پاڻ کي سيڪريٽري جنرل چونڊرائيندو هو ته ڪڏهن پنهنجا من پسند ماڻهو چونڊرائيندو رهيو. نيٺ يوسف سنڌيءَ جي ڪوشش ۽ محنتن رنگ لاٿو. 22 مئي 1992ع واري مرڪزي چونڊن ۾ سواءِ سيڪريٽري جي عهدي جي باقي ٻين ٽن عهدن تي يوسف سنڌي پئنل جا اميدوار منٺار سولنگي، غلام نبي ناشاد ۽ نعيم شيخ ڪامياب ٿيا ۽ ان کان علاوه مختلف ضلعن ۾ به ڪجهه ماڻهو يوسف سنڌي پئنل جا ضلعي رابطه سيڪريٽري طور کٽي آيا ۽ پوءِ مختلف يونٽن ۾ به يوسف سنڌيءَ پئنل جي دوستن ۾ اضافو ٿيو. يوسف سنڌيءَ جي محنت ۽ ڪوشش ايتري قدر سڦلتا ماڻي جو 19 جنوري 2006ع جي چونڊن ۾ يوسف سندس پئنل جو سيڪريٽري جنرل جو اميدوار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي ٻن ساٿين ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ معشوق ڌاريجو سميت ڪامياب ٿي ويو. اهي چونڊون سنڌ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيون هيون.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي پيرڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ وري 27 اپريل 2008ع تي نيون چونڊون ٿيون. جنهن ۾ تاج جويو سيڪريٽري جنرل تي عهدي تي يوسف سنڌيءَ سان مقابلي ۾ بيٺو ته هو پنهنجي ٽيم سميت يوسف سنڌي جي پينل هٿان هارائي ويو ۽ يوسف پنهنجي پئنل سميت ڪاميابي ماڻي.
يوسف سنڌيءَ پنهنجي ٻن سالن جي پيرڊ ۾ ايترو ته تيزيءَ سان ڪم ڪيو جو سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ ايترو تيزيءَ سان، گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪنهن به سيڪريٽري جنرل نه ڪيو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جا هيل تائين 13 سيڪريٽري ٿي چڪا آهن ۽ 14 هون سيڪريٽري يوسف سنڌي آهي. يوسف سنڌيءَ جو ڪم ۽ ڪارڪردگي سڀني سيڪريٽرين کان سٺي ۽ بهتر رهي آهي. جيئن سنڌي ادبي سنگت سنڌ (مرڪز) جي پهرين سيڪريٽرين کان هجڻ جو اعزاز گوبند مالهي ڏانهن وڃي ٿو تيئن سنگت جي آفيس قائم ڪرڻ جو اعزاز يوسف سنڌيءَ ڏانهن به وڃي ٿو. جڏهن ته وقت به وقت ٻين سيڪريٽرين جو به ٿورو گهڻو سنگت جي آفيس لاءِ ڪردار رهيو به آهي، پر آفيس کي مڪمل ڪرڻ ۽ افتتاح جو ڪريڊٽ وري به يوسف سنڌي ڏانهن وڃي ٿو.(1)
يوسف سنڌيءَ پنهنجي دور ۾ سنگت جي ڀلي لاءِ ايترو ته گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آهي جو ايندڙ نئين سيڪريٽري جنرل لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو. شايد آئينده سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ يوسف سنڌيءَ جهڙو ۽ جيترو تيزيءَ سان ڪم ٻيو ڪو به سيڪريٽري جنرل نه ڪري سگهي. يوسف سنڌي پنهنجا ذاتي ڪم ڪاريون ڇڏي ڪري سنڌي ادبي سنگت جي ڪمن ۾ پاڻ ارپي ڇڏيو. هن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان بيمار اديبن جي سهائتا لاءِ مالي مدد لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ پاڻ پتوڙيو. نانء ڪنهن جا کڻي ڪنهن جا کڻان. هن يار سنڌي ادبي سنگت طرفان ٻه ماهي سنگت جا 26 معياري پرچا به شايع ڪيا. ڪي اهڙيون شاخون به هيون جيڪي (سنگت) مئگزين خريد به نه ڪنديون هيون. اهي شاخون چاهينديون هيون ته سنگت مئگزين بند ٿئي.
يوسف سنڌي ادبي سنگت طرفان مختلف اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جي مختلف صنفن تي 20 ڪتاب ڇپرايا. هر هڪ يونٽ ۾ وڃي دورا ڪيا ۽ هر يونٽ ۾ وڃي چيو ته پنهنجي يونٽن کي سرگرم ڪيو يوسف سنڌيءَ جي دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هر شاخ ۾ نه رڳو باقائده دستوري گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، پر شاخن طرفان ننڍا وڏا پروگرام به ٿيندا رهيا. هن پنهنجي دور ۾ سنڌي اردو شاعرن کي گڏ ڪيو. ان کان علاوه ڪتابن تي ايوارڊ ڏيڻ سان گڏوگڏ شاخن ۽ ضلعي رابطه سيڪريٽرين کي بهتر ڪارڪردگيءَ تي به ايوارڊ ڏنا ۽ شاخن جي سيڪريٽرين کي بهترين ڪارڪردگيءَ تي به ايوارڊ ڏنا. ڪنهن به شاخ کي بهترين ۽ سٺي ڪم ڪرڻ تي مرڪز ايوارڊ ڏئي ته اهو ان شاخ لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي. هن نه رڳو ڪتابن تي ايوارڊ ڏنا، پرڪتابن جون مهورتون پڻ ڪرايون. هن نه رڳو سنڌي ادبي سنگت سان واڳيل دوستن لاءِ حيدرآباد جهڙي خوبصورت ۽ دل جي تارن کي ڇهندڙ شهر ۾ سنگت طرفان بهتر کان بهتر ڪم ڪري ڏيکاريو. هن سنگت طرفان ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جاڳرتا مهم هلائي. آگسٽ 2008ع جو سڄو مهينو ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ مهم هلائي. ان سڄي مهيني دوران سڄي سنڌ ۾ ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي“ جي سري هيٺ مختلف شهرن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻولي ڪانفرنسون ۽ ريليون ٿي گذريون، انهن ڪانفرنس ۽ ريلين ۾ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ۽ ان جي دفتري زبان واري حيثيت بحال ڪئي وڃي. نجي اسڪولن ۾ لازمي سنڌي پڙهائي وڃي. جاڳرتا مهم جي پهرين ڪانفرنس 2 آگسٽ تي نوشهروفيروز ۾ ٿي ۽ آخري ڪانفرنس 31 آگسٽ تي سانگهڙ ۾ ٿي. انهن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن، عالمن، دانشورن، صحافين، پورهيتن، شاگردن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن شرڪت ڪئي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي حوالي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 28 آگسٽ تي ”سنڌي لئنگويج اٿارٽي“ جي هال ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت محترم محمد ابراهيم جويي ڪئي ۽ خاص مهمانن ۾ سنڌ جو ڏاهو رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر هدايت پريم، قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر اعجاز قريشي، جامي چانڊيو ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جن شاخن ٻولي ڪانفرنسون ڪرايون هيون، تن کي مرڪز پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سنڌي ادبي سنگت مرڪز ۽ شاخن پاران ’سنڌي ٻولي قومي ٻولي‘جا اسٽيڪر ڇپرائي مختلف شهرن جي جاين، دڪانن، ڀتين، بسن ۽ ٻين جڳهن تي هنيا ويا ۽ مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي چاڪنگ ڪئي وئي.
ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ٻي مرحلي ۾ مرڪز پاران هزارين ڪارڊ ڇپرائي سنڌ جي مختلف سياسي، سماجي ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کان ڀرائي صدر پاڪستان ڏانهن پوسٽ ڪيا ويا. يوسف سنڌيءَ جو دور سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۾ سونهري دور لکيو ۽ چيو ويندو.
يوسف سنڌي پئنل جي دوستن جنوري 2007ع تي ڪراچي واري سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ آئين ۾ ترميم ڪري عورت جوائنٽ سيڪريٽري جو عهدو به رکيو. جنهن تي سڀني دوستن جي گڏريل راءِ سان 27 اپريل 2008ع تي ٿيل مرڪزي چونڊن ۾ عمل ٿيو ۽ پوءِ عورت جوائنٽ سيڪريٽري زيب نظاماڻي بنا مقابلي ڪامياب ٿي. سنڌي ادبي سنگت ۾ عورت جو عهدو رکڻ جو اعزاز به يوسف سنڌيءَ جي باڊيءَ ڏانهن وڃي ٿو. يوسف سنڌي ٻن سالن ۾ سنڌي ادبي سنگت لاءِ جيڪو تاريخي ڪم ڪيو آهي، ان تاريخي ڪم کي وقت ۽ حالات جي دز ڪڏهن به لٽي نٿي سگهي.

] نوٽ: وفا صالح راڄپر جي مختلف وقتن تي لکيل ٻن مضمونن کي ٿوري ايڊيٽنگ سان هتي هڪ مضمون جي صورت ڏني ويئي آهي. [ مرتب