ذميوار مڊل ڪلاس جي قيادت لاءِ ڀٽڪندڙ سنڌ
سنڌ کان ٻاهر پڙهيل لکيل ماڻهو ان ڳالهه جو کليل لفظن ۾ اعتراف ڪندا آهن ته سياسي ۽ سماجي ساڃهه ۾ سنڌ جو هن ملڪ ۾ ڪو به مٽ ناهي. ملڪ جا اڪثر صحافي، اديب، سياستدان، ترقي پسند خيال رکندڙ عام ماڻهو ۽ اين جي اوز ورڪر، سڀ ان ڳالهه تي سهمت نظر ايندا آهن ته ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي تحريڪ ۾ سنڌ جا ماڻهو هميشه اڳڀرا رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن جو ته اهو به خيال آهي ته بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ئي آهي، جنهن ملڪ اندر ناانصافي ۽ جبر خلاف مزاحمت وسيلي ملڪ جي باقي خطن ۾ به مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن کي ڏڍ ڏنو آهي، پر ان ڳالهه تي سڀ سواليه نشان هوندا آهن ته ايڏي ساري مزاحمتي سگهه رکندڙ قوم پنهنجي داخلي بحرانن کي منهن ڇو نه ڏئي سگهي آهي؟ قبائلي جهيڙا، وڏيرڪي راڄ جو نه کٽندڙ سلسلو، ٿاڦيل حڪمران، خودڪشيون ۽ قتل، بدحال تعليمي ادارا، عوامي سهولتن جي اڻهوند ۽ وڌندڙ سياسي ويڳاڻپ مسئلن جي ڊگهي لسٽ جا چند نقطا آهن. ان ڳالهه جو جواب شايد ايترو مشڪل ناهي، جيترو ان جو حل. ٿورن لفظن ۾ چئجي ته سنڌ جي داخلي بحران جا ڪارڻ داخلي کان وڌيڪ خارجي آهن. سنڌ ۾ وڄندڙ موسيقيءَ جون ڌنون سنڌ کان ٻاهر ترتيب ڏنيون وينديون آهن، جن کي مقامي فنڪارن کان نهايت مهارت سان ڳارايو ويندو آهي. ان ڳالهه جا هڪ نه، پر سؤ دليل ڏيئي سگهجن ٿا، تنهن ڪري ان بحث ۾ اڳتي نٿا وڃون. هونئن ته هن بحث جا ڪيترائي رخ ٿي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن ان بحث جو مرڪز سنڌي مڊل ڪلاس جو ڪردار کي بڻائي ڳالهائجي ته ڳالهه سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي.
مجموعي طور تي مڊل ڪلاس جو ڪردار ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو خاصيتي تعين ڪرڻ لاءِ بهترين اهڃاڻ سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن سماجي ترقيءَ جي مکيه ميدانن جهڙوڪ سياست، سماجي ۽ معاشي ترقي (Socio-economic development) ۽ سول سوسائٽي ۾ مڊل ڪلاس جي ڪردار ۽ افاديت جو ڇيد ڪجي ته سنڌ جي مجموعي سماجي اوسر کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. انهن ٽنهي شعبن ۾ به سياست هڪ اهڙو اڪيلو اهڃاڻ آهي، جيڪو باقي هر شعبي جي صحت جو تعين ڪري سگهي ٿو. سنڌ جي سياست کي ٻن مکيه خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ سياست اقتدار جي ايوانن اندر ٿي رهي آهي، ٻي سياست ايوانن کان ٻاهر گهٽين ۽ روڊن تي هلي رهي آهي. سنڌ جي اقتداري ايوانن واري سياست شروع کان فيوڊل ڪلاس جي قبضي هيٺ اسلام آباد جي سرپرستيءَ هيٺ انهن اڪابرن جي حوالي رهي آهي، جن پهرئين ڏينهن کان هن ملڪ کي مال غنيمت ڪري لٽيو آهي. سنڌ جي بدقسمتي اها رهي آهي ته اقتداري سياست ۾ اها هميشه اسلام آباد جي تجربيگاهه ۾ ڪلوننگ ڪيل روبوٽ نما ماڻهن جي هٿ ۾ رهي آهي. موقعي پرست، ڪمزور ۽ نااهل ماڻهن جي هڪ وڏي قطار سنڌ جي اقتداري ايوانن تي قابض رهي آهي. سنڌي مڊل ڪلاس کي ان سياست اندر پير رکڻ ئي نه ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وچولي ڪلاس جا ماڻهو اقتداري ايوانن تائين پهتا، تن سالن کان اندر ۾ دٻيل محرومين جون سموريون ڪسرون ڪڍندي سنڌ کي محب وطن مڊل ڪلاس واري قيادت فراهم ڪرڻ بجاءِ، موقعي پرستيءَ ۾ فيوڊل ڪلاس کي به مات ڏئي ڇڏي. ڪن ٿورن کي ڇڏي، باقي مڊل ڪلاس جي انهن همراهن هڪ ئي وڏي تبديلي آندي، سا هئي پنهنجو ڪلاس تبديل ڪرڻ. سنڌ جي اقتداري سياست ڪندڙن جي سماج سان ڪمٽمينٽ يا سنڌ جي ترقيءَ سان ڪيتري دلچسپي رهي هوندي، ان جي ٻين تفصيل ۾ وڃڻ بجاءِ رڳو اڄ تائين سنڌ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز، سينيٽرز ۽ ناظم رهندڙن جي لسٽ کڻي انهن جي ننڊ مان جاڳڻ جي ٽائيم جو سروي ڪيو وڃي ته به پتو پئجي ويندو ته انهن ۾ سنڌ کي قيادت فراهم ڪرڻ جي ڪيتري نيت ۽ صلاحيت رهي آهي. چونڊجڻ کان پوءِ سالن جا سال تڪ جو منهن نه ڏسندڙ ۽ ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن کي ملاقات لاءِ ڏينهن جا ڏينهن ڌڪا کارائيندڙ سنڌ جا چونڊيل عيوضي سنڌ کي ڪهڙي ترقي ڏياريندا، ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن وڏي سائنسي ڄاڻ جي ضرورت ناهي، اهڙي طرح سنڌ هن ملڪ جو حصو بڻجڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ دوست وچولي طبقي جي قيادت کان عملي طور محروم رهي آهي.
اقتداري ايوانن کان ٻاهر جدوجهد ڪندڙ سياسي ميدان ۾ سنڌ جي وچولي طبقي سچ ته جدوجهد ۽ قربانين جي هڪ شاندار تاريخ لکي آهي، پر انهن جي اها سموري جدوجهد اڪثر ڪري موقعي پرست قيادتن جي هٿن ۾ يرغمال ٿيل رهي آهي. جيتوڻيڪ اهڙين تنظيمن ۾ هيٺين سطح تي سنڌ سان پوري سچائيءَ سان عشق رکندڙ ڪارڪنن پنهنجي وسان ڪو نه گهٽايو آهي، پر قيادتن جي موقعي پرستي ۽ ڪوتاهه نظريءَ جي نتيجي ۾ سڄاڻ ماڻهن جو ويساهه انهن تنظيمن مان گهٽجي ويو آهي. جدوجهد جي جديد تقاضائن کان وانجهيل ۽ عوام جي اعتماد کي ڇيهون ڇيهون ڪندڙ قيادت، اڄ نه رڳو خود ڪارڪنن جي صفن کان محروم ٿي رهي آهي، پر انهن جي ڪوتاهه نظريءَ جي نتيجي ۾ پڙهيل لکيل سنڌي وچولو طبقو انهن تنظيمن ۽ مجموعي طور سياست کان به لاتعلق ٿي رهيو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جي مسئلن تي اڄ به انهن پارٽين جي سڏ تي سنڌي ماڻهو ڳوٺ ڳوٺ مان اٿي اچي ٿو، پر انهن عام ماڻهن جي اڪثريت انهن تنظيمن ۾ سرگرم ٿي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيتوڻيڪ ڪجهه تنظيمن جا اڳواڻ سنڌي ماڻهن کي ووٽ ۽ موٽ نه ڏيڻ جون ميارون به ڏيندا رهن ٿا، پر هنن ڪڏهن به ان معاملي جي گهرائي ۾ وڃي ان جا ڪارڻ سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.
سنڌ ۾ کاٻي ڌر واريون پارٽيون ۽ قومپرست تنظيمون اقتدار کان ٻاهر واري سياسي ميدان ۾ سنڌي مڊل ڪلاس لاءِ جدوجهد جو اهم مرڪز بڻجي ٿي سگهيون، پر هڪ اڌ کي ڇڏي ڪري انهن تنظيمن جي سرگرمين جو مرڪز سالن تائين انهن جون شاگرد وِنگز بڻيل رهيون. شاگرد تنظيمن جي مخصوص مزاج سبب انهن سياسي تنظيمن ۾ مڊل ڪلاس ڪو سرگرم ڪردار ادا نه ڪري سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ (يا گهٽ ۾ گهٽ ان جي دعويٰ ڪندڙ) انهن تنظيمن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، تعليمي ماهر، بئنڪر، يا وڪيل آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به نٿا ملن. نه رڳو اهو ته مڊل ڪلاس انهن تنظيمن جو حصو نه بڻيو، پر انهن جي اڪثريت انهن تنظيمن جي ڪم ڪرڻ واري طريقيڪار سان سخت اختلاف رکندي رهي. هڪ طرف مڊل ڪلاس انهن تنظيمن کي ڀتي خورن، وات ڳاڙهن ۽ ڇڙواڳن جون تنظيمون ڪوٺي انهن کان لاتعلق رهي سنڌ جو سياسي نقصان ڪيو ته ٻئي طرف انهن تنظيمن جي قيادت مڊل ڪلاس جي ان اهم حصي کي بزدل ۽ موقعي پرست ڄاڻائي ان کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. نتيجي ۾ اقتداري ميدان کان ٻاهر واري سياست ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جو ڪو نمايان فعال ڪردار نه رهيو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ کاٻي ڌر ۽ قومپرست نظرئي هيٺ هلندڙ تحريڪون سنڌي مڊل ڪلاس جي گهڻ رخي قيادت ماڻي نه سگهيون. نتيجي ۾ ڪجهه خاص چهرا سالن کان قيادت تي موجود آهن. قيادت جي يڪسانيت سبب انهن تنطيمن جو اندروني تحرڪ به جمود جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ سچائيءَ سان جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن جي اڪثريت ٿڪاوٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي. البته سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي انهن تنظيمن جڏهن به سڏ ڏنو هوندو، سنڌ جي وچولي طبقي مختلف طريقن سان ساڻن هميشه سڏ ۾ سڏ ملايو هوندو. اهوئي سبب آهي جو ڪالاباغ ڊيم ۽ پاڻيءَ جي مسئلي تي لکين ماڻهن جي نڪتل ريلين ۾ سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن کان وڌيڪ سنڌ جو عام ماڻهو رستن تي نڪتو آهي. ان حقيقت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته جيستائين محب وطن ۽ روشن خيال پڙهيل لکيل سنڌي وچولو طبقو اقتداري توڙي غيراقتداري سياست ۾ جڳهه نه ٺاهيندو، تيستائين سنڌ جي سياست سنڌ واسين جي ڀلي وٽان ڪو اثرائتو ڪردار ادا نه ڪري سگهندي.
سنڌ جي Socio-economic development کي ٻن خانن يعني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هن شعبي جا سمورا اهڃاڻ (Indicators) ٻڌائن ٿا ته سنڌ، ملڪ جي باقي سمورن صوبن کان (سواءِ بلوچستان جي) پٺتي پيل آهن. ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ يو اين ڊي پي توڙي پاڪستان سرڪار جي مختلف رپورٽن ۾ اها ڳالهه انگن اکرن جي ثابتين سان مڃي وئي آهي. سرڪاري شعبي هيٺ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي ترقي ان ڪري ڪا سڌريل شڪل اختيار نه ڪري سگهي، جو ان جي مٿان اقتداري سياست وارو ”هڙکائو طبقو“ قابض هيو. هڪ طرف خراب حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ سنڌ جي ترقي رڳو رئيسن جي اوطاقن ۽ ٻنين تائين محدود رهي ته ٻئي طرف سنڌ جي نوڪرشاهي پڻ نااهلي ۽ بي ايماني جي هر مراٿن ريس ۾ سوڀ ماڻيندي رهي. هونئن ته نوڪرشاهيءَ جو باقي ملڪ ۾ به حال ڪو چڱو نه رهيو آهي، پر جيڪڏهن اهليت ۽ ايمانداريءَ جي بنيادن تي سنڌ جي نوڪر شاهيءَ جي باقي صوبن سان ڀيٽ ڪجي ته سنڌ جو حال سڀني کان خراب ملندو. اقرباپروري، ذهني وڏيرائپ، ڪميشن ڪلچر، ڳاڙهو فيتو ۽ صلاحيت نه وڌائڻ واري روش سبب سنڌ جي نوڪرشاهي سنڌ جي ترقيءَ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ رهي آهي. سنڌ جي ڪاموراشاهيءَ جي ان ڪردار سبب نه رڳو سنڌ کي ملندڙ اڌو گابرا وسيلا سنڌ جي بهتري وٽان استعمال نه ٿي سگهيا، پر بين الاقوامي ادارا ۽ ڊونرز پڻ سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لڳا آهن. بدقسمتيءَ سان صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي، زراعت، ماهيگيري، چوپائي مال جي ترقي، سول انفراسٽرڪچر، ٻيلن جي واڌ، آبپاشي ۽ فارم ٽو مارڪيٽ روڊن وغيره جي شعبن ۾ ڊونرز وٽان مليل اربين رپيا نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪامورڪي ڌٻڻ هڙپ ڪري وئي ۽ سنڌ ۾ انهن شعبن اندر سالن کان هلندڙ ايتري سيڙپڪاريءَ جي باوجود ڪا بهتري نه اچي سگهي. ان نيڪيءَ جي ڪم ۾ اهي ڄاتل سڃاتل ڪامورا به شامل رهيا، جيڪي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪجن ئي نٿا. انهن مان ڪي ته سنڌ جي ترقيءَ جا وڏا چيمپئن پڻ بڻيل آهن ۽ اهڙن ادارن جون سربراهيون ماڻي چڪا آهن، جن جي صحيح ڪردار ادا ڪرڻ سان سنڌ جي سورن ۾ ڪافي گهٽتائي اچي ها، پر سروس دور ۾ انهن صاحبن ادارن وسيلي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ وٽان شايد ئي ڪو جوڳو ڪم ڪيو هجي. انهن همراهن اقربا پروري، ڪرپشن ۽ پنهنجا قد وڌائڻ لاءِ سنڌ کي هميشه ڏاڪڻ طور استعمال ڪيو. هڪ پاسي سنڌ جي ترقيءَ جي ڀينگ ڪيائون ته ٻئي طرف سنڌ جي سورن ۾ اکيون به آليون ڪندا گهمن. ان قطار ۾ مختلف شعبن جا فني ماهر، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ اديب دانشور پڻ شامل آهن، جيڪي پٺيان ادارن ۾ اهڙا داستان ڇڏي آيا آهن، جيڪي ماڻهن کان سالن تائين نه وسرندا.
سماجي ترقيءَ ۾ غيرسرڪاري ترقياتي شعبو مڊل ڪلاس جي ڪردار ادا ڪرڻ جو هڪ ٻيو اهم موقعو ثابت ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ان شعبي (يعني اين جي اوز) جي ڄمار اڃا هڪ ڏيڍ ڏهاڪي جيتري مس آهي ۽ اهو شعبو اڃا پنهنجي اوسر جي مرحلن ۾ آهي. هينئر تائين سنڌ ۾ معياري پروفيشنل بنيادن تي ڪم ڪندڙ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ آرگنائيزيشن مس نظر اچي ٿي، باقي فردن جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ تنظيمون آهن، جن مان ڪن ته ڪرپشن ۽ نااهليءَ ۾ سرڪاري شعبي سان وڃي ڪلهو ملايو آهي. سنڌي مڊل ڪلاس لاءِ سنڌ جي سماجي ترقي خاص طور تي انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هي شعبو نهايت ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ وڏو نالو رکندڙ ڪجهه همراهن هن شعبي اندر ڪرپشن، پنهنجا نوازڻ، ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جي خدمت ۽ ترقيءَ لاءِ مليل وسيلن جو غلط استعمال ڪرڻ جي شاندار شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سڄي راند ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل انهن ادارن جا اهم عملدار به برابر جا شريڪ آهن ۽ اهڙي طرح هيٺين وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ سڄڻن ڪجهه عرصي اندر وچولي ۽ مٿئين طبقي جيترا ذاتي وسيلا گڏ ڪري نمايان ترقي ماڻي آهي ۽ سنڌ ۾ غربت جي خاتمي ۽ ماڻهن جي حقن جي جدوجهد جا چيمپيئن پڻ بڻجي چڪا آهن، پر بدقسمتيءَ سان انهن ادارن جون اندروني حقيقتون شرمناڪ آهن. ان جو مقصد اهو به ناهي ته سؤ سيڪڙو اين جي اوز ۽ انهن جا اڳواڻ اهڙو ڪردار رکن ٿا. ڪي اميد جا ڪرڻا پڻ نظر اچن ٿا. مجموعي طور اين جي اوز وٽ سنڌي مڊل ڪلاس جي قيادت پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ميدان موجود آهي، پر ان لاءِ جنهن سطح جي مضبوط ادارن ۽ باصلاحيت ماڻهن جي گهرج آهي، ان کي پيدا ٿيڻ ۾ اڃا وقت لڳندو. ڪنهن به شعبي جي اوسر وارن مرحلن جيان اين جي اوز به تمام گهڻين اوڻاين ۽ ڪمزورين جو شڪار آهن ۽ مٿن ٺيڪ ٺاڪ جائز تنقيد به ٿيندي رهي آهي، پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ان شعبي وسيلي سنڌ جي سماجي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، جنهن لاءِ اڃا هن شعبي ۾ پروفيشنلزم جي وڌيڪ ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ جتي ڊونرز جون آفيسون آهن، تن ۾ فيصلا ڪندڙن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي نظر اچي ٿو، جنهن ڪري هن شعبي جي وسيلن جو وڏو حصو پڻ پنجاب ۽ سرحد ۾ وڃي رهيو آهي. جيڪو ٿورو گهڻو پئسو سنڌ ۾ پهچي رهيو آهي ان کي وڌيڪ بهتر ۽ اثرائتي نموني سان ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ وڌيڪ ايماندار ڪئاليفائيڊ ۽ ٽرينڊ هيومن رسورسز جي ضرورت آهي. حڪومتي ادارن جي ڪرپشن ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهچ نه هجڻ ڪري سماجي ترقيءَ ۾ هڪ وڏو خال موجود آهي، جنهن کي ڀرڻ سان عام ماڻهن جي آزارن ۾ جوڳي گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. گذريل ٽن چئن سالن کان سنڌي مڊل ڪلاس هن شعبي ۾ ڪافي جڳهه ٺاهي آهي ۽ هڪ طرف ٻهراڙين ۾ ٿوريون گهڻيون سهولتون پهچايون آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي سماجي ۽ معاشي محروميءَ کي سنڌ کان ٻاهر ويٺل ادارن تائين پهچايو آهي. في الحال پروفيشنلزم نه هجڻ ڪري ئي اڃا تائين سنڌ جون اڪثر اين جي اوز فردن جي قبضي ۾ آهن. جيڪڏهن سنڌي مڊل ڪلاس هن شعبي کي سياڻپ ۽ ذميواريءَ سان استعمال ڪيو ته سنڌ جي ترقيءَ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر لاءِ ٽيون اهم مرڪز هڪ مضبوط ۽ متحرڪ سنڌي سول سوسائٽي بڻجي سگهي ٿو. خاصيتي اعتبار کان ڏسجي ته اين جي اوز به سول سوسائٽي جو هڪ حصو آهن. اها الڳ ڳالهه آهي ته اين جي اوز ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن کي اها غلط فهمي آهي ته سول سوسائٽي اين جي اوز نيٽ ورڪ کي چيو ويندو آهي. هي وسيع اصطلاح متحرڪ مڊل ڪلاس جي هر شعبي کي پاڻ ۾ سمائي ٿو، جنهن ۾ اين جي اوز، تعليمي ماهر، وڪيل، استاد، صحافي، شاعر، اديب، ڊاڪٽر، انجنيئر، فنڪار، ثقافتي تنظيمون، پورهيت تنطيمون، شهري ۽ ڳوٺاڻيون تنظيمون وغيره سڀ شامل آهن. سنڌ ۾ جيئن ته مڊل ڪلاس اهم شعبن ۾ قيادت وارو ڪردار ادا نه ڪيو آهي، تنهن ڪري سنڌ جي سول سوسائٽي به مجموعي طور منتشر، غير متحرڪ ۽ ڪمزور رهي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي مختلف ڪنڊن پاسن ۾ ان جون سرگرميون ادبي ميڙاڪن، بدامني خلاف روڊن تي ڌرڻن، پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاج، ذاتي ناانصافين خلاف بک هڙتالن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿيون، پر اها ڪنهن اهڙي متحرڪ فورم جي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي، جيڪا سنڌ جي گڏيل مفادن واري معاملي تي ڪو سرگرم يا فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري سگهي. پاڻي واري مسئلي تي جدوجهد کي هڪ پاسي رکي سنڌ جي ٻين زندگي ۽ موت جي مسئلن تي سنڌي سول سوسائٽي ڪو مضبوط ڪردار ادا نه ڪيو آهي. مثال طور: سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ، ماحولياتي تباهه ڪاري يا سنڌ ۾ تباهه حال انفراسٽرڪچر ۽ عوام دشمن قانونن جهڙن مسئلن تي ڪا عوامي هلچل نظر نٿي اچي ۽ نه ئي گهڻن ماڻهن کي انهن مسئلن بابت ڪا گهري ڄاڻ حاصل آهي، ڇو ته انهن مسئلن تي نه ڪا سنجيده ريسرچ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فورم اهڙن مسئلن بابت عوام کي ڄاڻ رسائي انهن جي ڪا تربيت ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم ڪردار سنڌ جي يونيورسٽين کي ادا ڪرڻو هيو، جيڪي سول سوسائٽي جو مستقل جنم گهر هونديون آهن، بدقسمتيءَ سان سنڌ جا اعليٰ ادارا نااهل گريجوئيٽس پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري بڻيل رهيا آهن ۽ چند نوجوانن کي ڇڏي هر سال هزارن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو گريجوئيشن ۽ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن، جن جي مئٽرڪ به مشڪوڪ لڳندي آهي. دنيا ۾ يونيورسٽين جا استاد ڄاڻ، روين ۽ ڪردار جا اتساهه ڏيندڙ مينار هوندا آهن ۽ اسان وٽ استادن جي اڪثريت سالن جا سال رڳو پنهنجي سبجيڪٽ جا نوٽس تبديل ڪرڻ جي زحمت به نه ڪندي آهي. ڪرپشن، ڪم چوري، سهل پسندي، غيرصحتمند سياست ۽ علم دشمنيءَ واري ان ماحول ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا باضمير ماڻهو عزت بچائي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. ان صورتحال ۾ يونيورسٽيون سنڌ جي سول سوسائٽيءَ لاءِ ڪي باڪردار ۽ برجستا ماڻهو پيدا ڪرڻ بجاءِ بيروزگارن ۽ اڌ پڙهيل گريجوئيٽس جي لشڪر کي هر سال نيڪال ڪن ٿيون، جيڪي سماج تي چٽي بڻجي جيئن ٿا. علمي ۽ اخلاقي تربيت توڙي ڄاڻ کان وانجها اهڙا هزارين نوجوان اڳتي هلي ڪرپشن، سفارش ۽ نااهلي وسيلي سنڌ جي ترقيءَ جو جنازو ڪڍن ٿا ۽ مجموعي طور سنڌي سوسائٽي لاءِ بدناموسيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مڊل ڪلاس جا سول سوسائٽيءَ وارا فورم سماج جي ترقيءَ بجاءِ گروهي مفادن جي جنگ جا ميدان بڻيل آهن. مثال طور استاد تنظيمون سدائين الائونسز ۽ پروموشنز لاءِ بائيڪاٽ ۽ مظاهرا ڪنديون آهن. ڪڏهن ايئن نه ٿيو هوندو ته هنن ان ڳالهه لاءِ مظاهرو ڪيو هجي ته ٻارن جا ڪتاب ۽ اسڪالر شپ وقت تي فراهم ڪيون وڃن. جيڪڏهن ڪو ايماندار آفيسر ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر يا پيرا ميڊيڪل عملي تي قدم کڻندو ته سڄي سنڌ جي اسپتالن جي تالابندي ٿي ويندي، پر مريضن جي کاڌي ۽ دوائن جا پئسا هڙپ ٿيڻ خلاف کين ڪڏهن به مظاهرو ڪندي نه ڏٺو ويو آهي. سول سوسائٽيءَ جا اهي مهندار شعبا، سنڌي مڊل ڪلاس جي اهڙن ليڊرن جي حوالي آهن، جن جو مقصد عوام لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ يا عوامي خدمتن وارن ادارن کي سڌارڻ نه پر صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ آهي. اهڙي طرح پنهنجي حقن جي فل ٽائيم ويڙهاند ۾ مصروف اهي تنظيمون ڪڏهن به پنهنجي پروفيشنل فرضن ۽ ذميوارين جو سوچڻ لاءِ تيار ناهن. سول سوسائٽي جي انهن سمورن ڪردارن جي تربيت انهن يونيورسٽين ۾ ٿي رهي آهي، جتي ”علم، اُجالا“ بجاءِ ”بي علم، انڌيري“ جو راڄ آهي.
ظاهر آهي ته جڏهن سول سوسائٽي جو جنم گهر قابليت ۽ ڪردار جو قبرستان بڻيل هجي ته ڪهڙي ذهني روش رکندڙ مڊل ڪلاس انهن مان جنم وٺندو ۽ اهو سنڌ کي ڪهڙي قيادت فراهم ڪندو. اهڙا سڀ ماڻهو (جيڪي چٽي اڪثريت ۾ هوندا آهن) سي پروفيشنل زندگيءَ ۾ رڳو شارٽ ڪٽ ڳولهڻ، حرام جي ڪمائي جا رستا ٺاهڻ، پنهنجن مائٽن ۽ دوستن کي نوازڻ ۽ صاحبن جون چاپلوسيون ڪرڻ ۾ مشغول رهندا آهن. وٽن ايتري فرصت يا ڄاڻ ئي نه هوندي ته قابليت ۽ صلاحيت وڌائي چٽاڀيٽيءَ ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ ڪجهه هٿ پير هڻن يا بيمار سماج جي شفا لاءِ ڪي وکر ونڊين. اهوئي سبب آهي جو سياست ۽ سماجي ترقيءَ جي شعبن جيان سنڌ جي سول سوسائٽي به روشن خيال، ايماندار، اصول پسند ۽ اهل مڊل ڪلاس جي قيادت کان گهڻي ڀاڱي محروم آهي. چٽاڀيٽي ۽ اهليت جي ڊوڙ واري هن دور ۾ جيستائين سنڌي مڊل ڪلاس پنهنجو ڪردار نه سڌاريندو، تيستائين سنڌ جا سور گهٽ نه ٿي سگهندا. سنڌ جي مڊل ڪلاس تي ان سڄي تنقيد کي هڪ طرف رکندي مان انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اهل، ايماندار ۽ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ پرخلوص جاکوڙ ڪندڙ سنڌ دوستن جي ڪردار کي ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه جو ذريعو سمجهان ٿو، پر بدقسمتيءَ سان اهڙا ڪردار بنهه گهٽ آهن. ٿورن لفظن ۾ جيستائين سنڌ جو مڊل ڪلاس اهليت، ايمانداري، اصول پسندي، ميرٽ ۽ محنت کي بنياد نه بڻائيندو اهو سنڌ کي ڪا به لائق قيادت فراهم نه ڪري سگهندو ۽ سنڌ بحرانن جي هن ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري نه سگهندي.
(روزانه ڪاوش، 10 جون 2006ع)