تعليم جي تباهي انتظامي نه پر سياسي مسئلو آهي
سنڌ جي تعليم جي برباديءَ جا ايترا ته گهڻا پاسا آهن، جو انهن سمورن کي هڪ مضمون ۾ سمائڻ ممڪن ناهي. اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ڪتابن جي کوٽ کان وٺي استادن جي غير حاضريءَ تائين انيڪ رخ آهن، جن تي بحث جي ضرورت آهي. ان بحث کان اڳ اچو ته سنڌ جي تعليمي صورتحال سان لاڳاپيل ڪجهه بنيادي انگن اکرن وسيلي سنڌ ۾ تعليمي برباديءَ جي صورتحال جي سنگينيءَ کي سمجهون.
پاڪستان ۾ تعليمي صورتحال بابت 2011ع جي جاري ڪيل هڪ ASER جي رپورٽ ۾ هيٺيون حقيقتون ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
* پنجن کان سورنهن سالن جي ڄمار وارن ٻارن ۾ مادري زبان بابت سکيا جي سطح ۾ سنڌ، پاڪستان اندر ستين نمبر تي آهي. رڳو فاٽا جي قبائلي علائقن جا ٻار ان معاملي ۾ سنڌ کان پٺتي آهن، باقي جنگي حالت وارن صوبن يعني بلوچستان ۽ پختونخوا جا ٻار به ان معاملي ۾ سنڌ جي ٻارن کان اڳڀرا آهن.
* پنجين درجي جي ٻارن ۾ پڙهڻ جي صلاحيت جي حوالي سان سنڌ ڇهين نمبر تي آهي. رڳو خيبر پختونخوا ۽ فاٽا جا قبائلي علائقا سنڌ کان ان ڏس ۾ پٺتي آهن.
* پنجين درجي ۾ رياضيءَ جي سکيا ۾ سنڌ، ملڪ اندر سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. ان اهڃاڻ هيٺ سنڌ جي 42 سيڪڙو ٻارن ۾ صحيح نموني سان ڪٽ ۽ ونڊ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جڏهن ته بلوچستان جهڙي صوبي ۾ به اها شرح 74 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي.
* ٽئين درجي جي ٻارن ۾ انگريزي جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت جي معاملي ۾ به سنڌ سڀني کان آخري يعني اٺين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ اها صلاحيت 25.3 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ 36.7 سيڪڙو ٻارن ۾ ۽ فاٽا ۾ 46.4 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
* ساڳي طرح پنجين درجي جي ٻارن ۾ انگريزيءَ جا لفظ ۽ جملا پڙهڻ جي صلاحيت ۾ به سنڌ سڄي ملڪ اندر آخري نمبر تي آهي. صوبي اندر اها صلاحيت 48 سيڪڙو ٻارن ۾ آهي، جڏهن ته بلوچستان اندر اها صلاحيت 64.5 سيڪڙو ٻارن ۾، پختونخوا ۾ 68.6 سيڪڙو ۽ فاٽا جي 67.8 سيڪڙو ٻارن ۾ اها صلاحيت آهي.
20 مارچ 2011ع جي هڪ انگريزي اخبار موجب، تڏهوڪي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ناهيد دراني هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي هيٺيون حقيقتون بيان ڪيون:
* سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک ٻار اسڪول وڃڻ جي ڄمار ۾ آهن، پر انهن مان رڳو 64 لک ٻار اسڪول ۾ داخل آهن، يعني لڳ ڀڳ 46 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.
* سنڌ جي تعليم کاتي جي سالياني بجيٽ 70 ارب رپيا آهن، جنهن جو 85 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ 59.5 ارب رپيا رڳو پگهارن تي خرچ ٿي وڃن ٿا. ان ۾ ڏيڍ لک استاد به شامل آهن.
* صوبي اندر 49،600 اسڪولن مان 61 سيڪڙو يعني 000،32 اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد پڙهائڻ لاءِ مقرر آهي.
* ان نوعيت جي ٻين انيڪ شاهدين ۽ انگن اکرن سان سنڌ ۾ تعليم خاص طور پرائمري تعليم جي تباهيءَ کي ثابت ڪري سگهجي ٿو. ان برباديءَ جا نتيجا ڪهڙا نڪرن ٿا، ان لاءِ هيٺين حوالن تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي:
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ راڻا ڀڳوان داس طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته گهربل معيار جا اميدوار نه هجڻ سبب فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌ صوبي جي 19 سيڪڙو ڪوٽا جي ابتڙ صرف 6 سيڪڙو سيٽون ڀرجي سگهيون.
ويجهڙ ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن هن سال ملڪ اندر سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ درجي بندي ڪئي آهي. يونيورسٽين جي ان درجي بنديءَ ۾ هيٺيون حقيقتون غور ڪرڻ جوڳيون آهن:
* زرعي شعبي جي ڇهن يونيورسٽين ۾ سنڌ مان ٽنڊو ڄام يونيورسٽي پنجين نمبر تي آهي؛ جنهن جو اسڪور 35 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي 75 پوائنٽس کان گهڻو هيٺ آهي.
* ڪمپيوٽر جي شعبي ۾ ڇهن يونيورسٽين ۾ سنڌ جو ڪو به ادارو شامل ناهي.
* بزنيس ايجوڪيشن جي تيرنهن يونيورسٽين ۾ سنڌ جا 7 ادارا شامل آهن، جن مان ڇهه ڪراچيءَ جا آهن. آءِ بي اي سکر چوٿين نمبر تي آهي، جنهن جو اسڪور 39.64 آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ لمس لاهور جو اسڪور 69.21 آهي.
* انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ڪل 16 يونيورسٽين ۾ سنڌ جون پنج يونيورسٽيون شامل آهن، جن مان ٽي ڪراچي ۾ واقع آهن، انهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو اٺين نمبر تي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي اين اي ڊي جي نائين نمبر کان اها هڪ درجو مٿي آهي، پر ان جو اسڪور 30.53، پهرين نمبر تي ايندڙ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ اينڊ اپلائيڊ سائنسز جي 81.79 پوائنٽس کان گهڻو گهٽ آهي.
* ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ 9 يونيورسٽين مان 6 سنڌ مان آهن، جن مان چار ڪراچيءَ سان تعلق رکندڙ آهن. ڄامشوري جي لياقت يونيورسٽي نوَن مان اٺين نمبر تي آهي ۽ ان جو اسڪور 24 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ آغا خان يونيورسٽي ڪراچيءَ جي 63 کان گهڻو گهٽ آهي.
* 13 وڏين جنرل يونيورسٽين ۾ جتي ڪراچي يونيورسٽي ٻئي نمبر تي آهي، اتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اٺين نمبر تي آهي ۽ ان جو اسڪور 25 آهي، جيڪو پهرين نمبر تي ايندڙ پنجاب يونيورسٽي جي 45 جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي.
هي ته سڀ حوالا هئا، سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جا. پر آخر اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ڇو پيو ٿئي؟ آخر ڪهڙا سبب آهن، جو سنڌ جي پرائمري تعليم بلوچستان، فاٽا ۽ خيبر پخونخوا کان به معيار ۾ ڪريل آهي، جتي ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي، بم ڌماڪن، اغوا ۽ ڪرائيم جو راڄ آهي. ان سوال جو اڪثر ڪري سادو جواب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ماستر نه ٿا پڙهائين يا وري اهو چيو ويندو آهي ته تعليم کاتي جا آفيسر ڪرپٽ آهن. ان قسم جا حوالا ڏئي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي رڳو انتظامي مسئلو آهي. ان معاملي کي سمجهڻ لاءِ هيٺين سوالن تي غور ڪريو.
ڪجهه سال اڳ تائين اهم ساکائتين رپورٽن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ ۾ 41 هزار پرائمري اسڪولن مان 7 هزار اسڪول بنهه بند آهن. جيڪڏهن انهن اسڪولن ۾ رڳو هڪ استاد به مقرر هجي ته گهٽ ۾ گهٽ 7 هزار استاد بنا ڊيوٽي ڪرڻ جي پگهار کڻي رهيا آهن. اهڙا ٻيا هزارين استاد آهن، جيڪي کليل اسڪولن مان گم آهن. ڇا سرڪاري ملازمن لاءِ اهو ممڪن آهي ته اهي هزارن جي تعداد ۾ بنا نوڪري ڪرڻ جي سرڪاري پگهار کڻندا رهن؟ ڇا ڪنهن سپروائيزر يا ضلعي آفيسر لاءِ ممڪن آهي ته انهن استاد جي گم ٿيڻ عيوض لکين رپين جي ملندڙ ”رزق حلال“ جو حصو ”مٿي“ پهچائڻ کان سواءِ اهو ڪاروبار جاري رکي سگهن؟ سنڌ جا اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ايترا ته سگهارا آهن، جو سندن تڪن ۾ پکي به سندن مرضيءَ کان سواءِ اُڏار نه ٿو ڪري سگهي. پٽيوالي کان ڊپٽي ڪمشنر تائين ضلعي اندر ڪنهن سرڪاري آفيسر جي مقرري ۽ بدلي سندن مرضيءَ کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. اهڙن سگهارن صاحبن جي هوندي هي هزارين ماستر اسڪولن مان گم هجن ۽ گهر ويٺي پگهارون به کڻن، اهو ڀلا وڏن جي مرضي يا ماٺ کان سواءِ ممڪن آهي؟ هونءَ ته ڪو سپاهي به جيڪڏهن اسيمبلي ميمبر جي گاڏي لنگهندي ڏسي سلوٽ نه ڪري ته ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ استحقاق مجروح ٿيڻ جي رٿ پيش ٿي ويندي، پر انهن هزارين ماسترن جي گم ٿيڻ سان سندن تڪن جي لکين ٻارن جو مستقبل مجروح ٿيڻ تي ڪا به رٿ ڪڏهن پيش ٿي آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڳولهڻ لاءِ ڪنهن وڏي ڊگري حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڳالهه ڏاڍي سادي آهي ته سنڌ جو آئيندو اونداهو ڪرڻ جي ماسٽر پلان ۾ هي سڀ چونڊيل نمائندا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ برابر جا شريڪ آهن. ان معاملي سان سمورين سياسي ڌرين جا مفاد ايئن ته سلهاڙيل آهن، جو سرڪاري ڌر هجي يا عوامي مفادن جي نگهبانيءَ جي دعويدار مخالف ڌر هجي، اسڪولن مان غائب هزارين ماسترن تي سڀئي مطمئن ۽ خاموش رهن ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته گذريل پاءُ صديءَ کان انهن سمورن همراهن واري واري سان پنهنجي حڪومتن دوران هزارن جي تعداد ۾ آڱوٺي ڇاپ ماڻهو اسڪولن ۾ ڀرتي ڪرايا آهن ۽ اسڪولن مان گم ماسترن کي انهن سڀني عوامي نمائندن جي مڪمل رضامندي ۽ مدد حاصل آهي. جڏهن هڪٻئي پٺيان تعليم کاتي جا سمورا وزير ۽ صوبي جا سمورا وڏا وزير صوبي جي تعليمي برباديءَ لاءِ هر طرح جي مفاهمت لاءِ آتا هجن ته پوءِ انهن هزارين گوسڙو ماسترن تي ڪو به قدم ڪيئن کڄندو؟ ويزا تي ويندڙ انهن استادن مان هر مهيني هر ضلعي ۾ لکين رپين جي آمدني هيٺين کان مٿين سطح تائين نهايت ايمانداريءَ سان ورهائجندي هجي ته پوءِ ان ”خير جي ڪم“ کي ڀلا ڪير ڇو بند ڪندو؟! هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هونءَ ته تعليمي معيار جي برباديءَ جا درجنين ٻيا ڪارڻ هوندا، پر انهن سڀني ۾ سڀ کان بنيادي ۽ اهم ترين ڪارڻ سفارشي ماسترن جي لشڪر جي ڀرتي ۽ سندن اسڪولن مان گم هجڻ آهي. باقي اسڪولن ۾ چوديوارين، باٿ رومز ۽ بجلي وغيره جي اڻ هوند شايد ايڏا غير معمولي مسئلا ناهن. 1980ع جي ڏهاڪي تائين سنڌ جي پرائمري تعليم مثالي هئي. ان وقت ته اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون سهولتون اڄ جي ڀيٽ ۾ نه هجڻ جي برابر هيون. پرائمري استادن جون پگهارون به اڄ کان گهڻيون گهٽ هيون ۽ سوَن جي ڳاڻيٽي ۾ اسڪول وڻن جي هيٺ هلندا هئا. ان جي باوجود ٻهراڙين توڙي شهرن مان انتهائي قابل ۽ سلڇڻا شاگرد نڪرندا هئا. اڄ ٻيون سهولتون انيڪ آهن، پر باڪردار ۽ ذميوار استاد جي اڻ هوند سبب اڄ سنڌ جي تعليم فاٽا ۽ بلوچستان کان به پٺتي آهي. ڇا بلوچستان، فاٽا ۽ پختونخوا جي اسڪولن جو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون سهولتون سنڌ کان وڌيڪ بهتر آهن؟ انهن صوبن ۾ به تعليم کاتي اندرڪرپشن ۽ سياسي مداخلت غيرمعمولي آهي، پر جهڙو انڌير سنڌ ۾ آهي، اهو ڪٿي نه ٿو ٻڌجي. خاص طور تي استادن جي ڀرتين ۾ ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو اهڙو بمپر فصل ٻين صوبن ۾ نه ٿو نظر اچي. هاڻي آڱوٺي ڇاپ، ڪوڙين ڊگرين جي مالڪ ۽ اسڪولن کان مهينن تائين غائب رهندڙ ماسترن جي ٽريننگ تي آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي قرضن ۽ امدادن مان ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ۽ اسڪولن ۾ مفت ڪتاب ورهائڻ ۽ وظيفا ڏيڻ جو فائدو ڪهڙو نڪرندو؟ گٽر ۾ کير جا ڪنٽينر وجهڻ سان به اهو گٽر ئي رهندو. ان قسم جي تعليم دشمنيءَ واري سياسي سرشتي ۾ سنڌ جي تعليم جي برباديءَ کي سکڻو انتطامي مسئلو سمجهڻ جيڪڏهن تعليم دشمني جو حصو بڻجڻ نه ته گهٽ ۾ گهٽ انتها درجي جي سادگي ضرور آهي.
سياست ڪنهن به سماج جو مدر- انسٽيٽيوٽ هوندو آهي. جيڪڏهن سياست غيرذميوار ۽ ڪرپٽ ٿي وڃي ته پوءِ ڪرپشن ۽ غيرذميداريءَ جي سڀ کان هيٺين سطح تائين منتقليءَ ۾ ڪا به رڪاوٽ ممڪن ناهي رهندي. تنهن ڪري منهنجي راءِ ۾ سنڌ جي اڄوڪي تعليمي برباديءَ جي سموري ذميواري 1980ع جي ڏهاڪي ۽ ان کان پوءِ مقرر ٿيل سمورن وڏن وزيرن ۽ تعليم جي وزيرن تي لاڳو ٿئي ٿي. تعليم کاتي اندر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اهل ۽ ايماندار آفيسرن ۽ استادن کي اڳتي وڌي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي بچائڻ جي ڪوششن کان به انهن ئي سياسي اڳواڻن روڪيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تعليم کاتي اندر ڪو به اهل ۽ ايماندار ماڻهو سيڪريٽريءَ کان وٺي سپروائيزر تائين ڪنهن به عهدي تي جٽاءُ نه ٿو ڪري سگهي. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ عوام دوست آفيسر ۽ استاد ڏورانهن ڪنڊن ۾ لڪي ڇپي پساهه کڻي رهيا آهن، پر انهن جي چوڌاري به ڪرپٽ ۽ مفادن جي ڳيجهو ماڻهن جو اهڙو گهيرو آهي، جو ان برباديءَ کي روڪڻ سندن وس کان به ٻاهر ٿي رهيو آهي.
سياسي مداخلت جي اها مهرباني رڳو پرائمري تعليم تائين محدود ناهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شخص جي ڪرسي بچائڻ لاءِ هفتن تائين اداري کان لاتعلقي اختيار ڪئي وئي. سنڌ جون يونيورسٽيون ارڙهين ترميم کان پوءِ به مفاهمت جي مهربانيءَ سان گورنر جي حوالي آهن ۽ جڳ جهان کي خبر آهي ته سنڌ ۾ وائيس چانسلر جي ڪرسي گهڻي لکين نيلام ٿئي ٿي. هڪ استاد ۽ شاگردن جي قتل کان پوءِ استادن جي احتجاجي تحريڪ کان سنڌ جا حڪمران ايئن لاتعلق ويٺل رهيا، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ نه پر ڪنهن ٻئي گرهه تي ٿي رهيو هجي. رڳو هڪ شخص جي ڪرسي بچائڻ لاءِ هفتن تائين اهو تماشو جاري رهيو. ڇا اهو همراهه سڄي سنڌ ۽ ملڪ جو اهل ترين انمول پروفيشنل هو، جنهن جي نوڪريءَ جو تسلسل هزارين سنڌي شاگردن جي آئيندي کان به وڌيڪ اهم هو؟! صاف ظاهر آهي ته سياسي ڪرپشن ۽ اقرباپروريءَ کان سواءِ ان لاتعلقيءَ جي پٺيان ڪجهه به نه هو. ڪير مڃيندو ته اهو سکڻو انتظامي معاملو آهي؟ ويجهڙ ۾ سنڌ اندر ميٽرڪ جا امتحان ٿيا ۽ ٽي وي چئنلز کان وٺي سمورين اخبارن تائين ميڊيا جي هر اداري سنڌ جي امتحانن جا اهي منظر ڏيکاريا. هن وقت به سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان هلي رهياآهن، اهي منظر پڻ ميڊيا ڏيکاري رهي آهي، جنهن کان پوءِ سنڌين جي نااهليءَ جو وڌيڪ هوڪو ڏيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي رهي. ڇا سنڌ سرڪار جو امتحاني مرڪزن ۾ ڪاپي نه روڪڻ سکڻو انتظامي اهليت جو مسئلو آهي؟ هونئن سرڪار جي حڪم تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار بيروزگار ٿيندڙن ملازمن جي احتجاجي مظاهرن تي جيئن ڪڙڪي پوندا آهن، ان طاقت جو هزارون حصو به امتحاني مرڪزن تي لاڳو ٿئي ها ته ڪنهن ۾ مجال هئي جو ڪاپي ڪري سگهي. اهو سڌو سنئون ان سياسي کيڏ جو حصو آهي ته سنڌين کي جاهل ۽ نااهل رکڻ لاءِ کين ڇوٽ ڏيو ته اهي ڪاپي ۽ سفارش وسيلي ڄٽن جو هڪ انبوهه سماج ۾ پيدا ڪن ته جيئن اهي ڪنهن به صحتمند چٽاڀيٽيءَ جي قابل نه رهن. هي سڄو ناحق هڪ سوچيل سمجهيل سٽاءُ جو حصو آهي ته جيئن سنڌي قوم جا ترا ڪڍڻ لاءِ ڪنهن لٺ بندوق جي ضرورت ئي نه رهي. امتحانن ۾ ڪاپيءَ جي ڇوٽ، ماسترن کي گُسائڻ جي مڪمل اجازت، يونيورسٽين ۾ تابعدار مافيا جو راڄ ۽ ميرٽ جو عام ڪوس سنڌ جي برباديءَ جو هڪ مڪمل پئڪيج آهي ۽ ان پئڪيج تي صدقِ دل سان عمل ڪرائڻ لاءِ سنڌين جي چاليهن سالن جي قربانين جي صلي ۾ مليل حڪومت هر طرح سان چست ۽ باعمل آهي.
(روزانه ڪاوش، اربع 9 مئي 2012ع)