سنڌ جي قومپرست هلچل ۽
بين الاقوامي سياست جي شطرنج
ننڍي کنڊ جي سياسي ۽ علمي ادبي تاريخ سائين جي ايم سيد جي ذڪر کان سواءِ هميشه اڻپوري رهندي. بلاشڪ هو گذريل صديءَ جي انهن چند شخصيتن مان هڪ هو، جنهن سان اختلاف راءِ رکندڙ ماڻهو به سندس شخصي وڏائيءَ کان انڪار نه ڪري سگهندا. سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ جي قومپرست جدوجهد ته سندس ذڪر کان سواءِ ممڪن ئي ناهي. سندس وفات وقت ڪجهه حلقن جو خيال هو ته سندس لاڏاڻي سان هاڻي سنڌ جي آجپي واري تحريڪ به يا ته بنهه ختم ٿي ويندي يا وري ايتري وکري ويندي جو اها عملي طور پنهنجو وجود وڃائي ويهندي. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ ڌڙابندي ته سائين جي ايم سيد جي زندگيءَ ۾ ئي ٿيندي رهي، پر سندس قدآور شخصيت جي موجودگيءَ ڪارڻ اهي ڌڙا ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ سندس اڳواڻيءَ هيٺ ان تحريڪ کي جاري رکندا آيا. سندس وفات کان پوءِ جيئي سنڌ تحريڪ اندر جيڪي ڪجهه وڏا نالا موجود هئا، اهي به آهستي آهستي عوامي صفن کان اوپرا ٿيندا ويا. البته بشير قريشي پنهنجي مستقل مزاجي ۽ لڳاتار محنت وسيلي ڪجهه ئي سالن اندر جيئي سنڌ هلچل جو هڪ نمايان نالو ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ شاگرد سياست واري زماني ۾ بشير قريشي اهڙي ئي نوعيت جي شاگرد سياست جو حصو رهيو، جنهن تي سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن هميشه تنقيد ڪئي آهي. اها تنقيد ڪيتري قدر ٺيڪ آهي يا نه، اهو الڳ بحث آهي، پر بشير قريشيءَ جي سياسي جدوجهد تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئن هن شاگرد اڳواڻ مکيه ڌارا واري عوامي سياست شروع ڪئي ته وقت سان گڏ سندس شخصيت ۾ ڪيئي هاڪاري تبديليون به آيون. قومپرست سياست ۽ بشير قريشيءَ جي شخصيت تي ڪيئي تنقيدون جائز به هونديون، پر مٿس تنقيد ڪندڙ يا ساڻس سياسي اختلاف راءِ رکندڙ به سندس ڪردار جي ڪجهه رخن جي اهميت کان انڪار نه ٿا ڪري سگهن. هو سائين جي ايم سيد جي سياسي نظرئي کي ڪيترو اڳتي وڌائي سگهيو يا عوامي سطح تي ڪيترو مقبول اڳواڻ ٿي سگهيو، ان بابت مختلف رايا ٿي سگهن ٿا، پر قومي ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت وارن سوالن تي سندس اڳڀرايون نهايت ڏور رس سياسي اهميت واريون هيون. سنڌ ۾ قبيلائي جهڳڙن ختم ڪرائڻ ۽ ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪيءَ وارن نهايت اهم سياسي معاملن تي هن گذريل ڪجهه سالن ۾ انتهائي واکاڻ جوڳيون اڳڀرايون ڪيون هيون. عوامي سطح تي سندس سياسي سڃاڻپ جي عمر ته گهڻي وڏي نه هئي، پر شاگرد سياست ۽ نوجوانن ۾ سندس مقبوليت جا قصا ڪافي پراڻا آهن.
شاگرديءَ واري زماني ۾ قومپرست هلچل جي حوالي سان جيڪي فرد ديو مالائي ڪردارن جيان ياد اچن ٿا، انهن ۾ بشير قريشي ان لحاظ کان هڪ منفرد ڪردار هو، جو هن قومپرست هلچل سان پنهنجو ناتو شاگرديءَ تائين محدود نه رکيو. شاگرد سياست جا ڪيترائي قدآور نالا، جيڪي ان وقت لڳندو رهيو ته پنهنجي زندگي سنڌ جي سياسي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري چڪا آهن، اهي شاگردي واري زماني کان پوءِ سياسي منظر تان اهڙا گم ٿيا، ڄڻ ڪڏهن سياست ۾ رهيا ئي نه هجن. جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فرد ان ڪنڊيدار واٽ تي پنهنجو سفر جاري رکندا رهيا، انهن ۾ بشير قريشي قومپرست تحريڪ جو انتهائي هر دل عزيز ڪردار رهيو. سندس پراسرار موت هڪ ڳجهارت بڻيل آهي. حڪومتي ادارن جهڙيءَ ريت سندس موت جا ڪارڻ طئي ڪرڻ واري معاملي کي منجهايو آهي، ان مان اهو شڪ هاڻي وڌيڪ پختو ٿيندو پيو وڃي ته سندس موت غير فطري آهي. سواءِ سيد قائم علي شاهه جي ڪير به سندس پوسٽ مارٽم رپورٽ کي درست نه ٿو سمجهي.
پاڪستان ۾ اهم شخصيتن جي غيرفطري موتن جي تاريخ به پراڻي آهي. ان جي شروعات ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پراسرار موت کان ٿئي ٿي. سندس ڀيڻ محترمه فاطمه جناح ڪيترائي ڀيرا سندس موت کي قتل قرار ڏيندي رهي. قدرت الله شهاب پنهنجي مشهور ڪتاب ”شهاب نامي“ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي ته، ڪهڙي طرح فاطمه جناح سندس ڀاءُ ۽ ملڪ جي ابي جي موت جو ذميوار تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان کي قرار ڏيندي رهي. اڳتي هلي لياقت علي خان جو قتل، سندس قتل جو ٿڏي تي قتل پڻ پراسراريت جي دز ۾ ڍڪيل آهن. ساڳي طرح خود محترمه فاطمه جناح جي موت کي به ڪيئي حلقا قتل قرار ڏين ٿا. شريف الدين پيرزادي، جنرل مشرف جي دور ۾ خود ان تڪراري موت جا ڪيئي رخ سامهون آندا، جنهن کان پوءِ ان تاثرکي هٿي ملي ٿي ته فاطمه جناح جو موت به دل جي دوري سبب نه ٿيو هو. فاطمه جناح رات دير سان ڪنهن شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي سمهي رهي ۽ صبح جو سندس ڌوٻيءَ دروازي کڙڪائڻ تي ورندي نه ملڻ تان بيگم هدايت الله کي اهڙو اطلاع ڏنو. چيو وڃي ٿو ته فاطمه جناح جي کير جو گلاس گم هو ۽ ڪمري جي دري به کليل هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ سندس تبديل ڪيل بورچي پڻ گم ٿي چڪو هو. ڪجهه ماڻهو اهو به چون ٿا ته محترمه فاطمه جناح کي غسل ڏيندڙ ڪجهه عورتن سندس ڳچيءَ تي رهنڊن جا نشان پڻ نوٽ ڪيا. نوابزادو نصرالله خان پڻ سندس موت کي قتل قرار ڏيندو رهيو. سرڪار البته سندس موت کي دل جي دوري ڪارڻ ٿيل موت قرار ڏيندي رهي. فاطمه جناح جي ڀيڻ شيرين ٻائي ۽ سندس ڀاڻج اڪبر پير ڀائي صدر ايوب کان فاطمه جناح جي لاش جو ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ ۽ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، پر صدر ايوب هوشياريءَ سان اهي ٻئي مطالبا ٽاري ويو. ايئن ملڪ جي ابي ۽ سندس ڀيڻ، جنهن کي ملت جي امڙ جو خطاب مليل هو، انهن جا پراسرار موت تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويا. ساڳي طرح 80ع واري ڏهاڪي ۾ شاهنواز ڀٽي جي فرانس ۾ ٿيل پراسرار موت کي پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان زهر وسيلي ٿيل قتل قرار ڏين ٿا. ملڪي فوج جي سربراهه آصف نواز جنجوعا جي ورزش دوران ٿيل موت کي به سندس خاندان قتل قرار ڏئي جاچ جو مطالبو ڪيو. جنجوعا ۽ تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ اختلاف ڪي ڍڪيل ڇپيل ناهن. سندس ڀاءُ شجاع نواز پنهنجي ڪتاب Crossed Swords ۾ تفصيل سان لکيو آهي ته ڪهڙي طرح نوازشريف ۽ شهباز شريف جي پيءُ وچ ۾ پئي سرچاءُ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي ڪوهه مريءَ ۾ نوازشريف پاران آصف نواز کي بي ايم ڊبليو ڪار گفٽ ڪرڻ کي هن ڪيئن ٿڏي ڇڏيو. آصف نواز جي موت کي دل جو دورو قرار ڏنو ويو، پر سندس ڪٽنب پريس ڪانفرنس ڪري کيس زهر وسيلي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي جاچ جو مطالبو ڪيو، پر اهو قتل به ايئن ئي پراسرار نموني گم ٿي ويو.
جنرل مشرف جي دور ۾ سندس ڪابينا جي اهم وزير۽ سماجي شعبي جي ڄاتل سڃاتل شخصيت عمر اصغر جو آپگهات به اهڙو ئي ناٽڪ هو. سندس ڪٽنب پاران ڪرايل جاچ ۾ به اهڙيون ثابتيون مليون ته عمر اصغر خان آپگهات نه ڪيو هو، پر کيس قتل ڪيو ويو. ان قتل جي پٺيان هٿ ايترا ته سگهارا هئا، جو هوائي فوج جو اڳوڻو سربراهه ۽ عمر اصغر جو پيءُ اصغر خان سڀ ڪجهه ڄاڻندي به چپ ٿي ويو. بين الاقوامي سطح تي اهڙو هڪ مثال فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جو موت آهي. بظاهر طبي قرار ڏنل موت بابت سندس پارٽي فتح جو چوڻ هو ته کيس هڪ اسرائيلي ايجنٽ وسيلي پئرس ۾ ان وقت دوائن ذريعي زهر ڏنو ويو، جڏهن هو علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل هو. اهڙا ٻيا ڪيئي حوالا موجود آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عوامي سطح تي مقبول اڳواڻن کي بظاهر فطري نظر ايندڙ موت وسيلي قتل ڪرايو وڃي ٿو. اهڙن اڳواڻن کي ظاهري نظر ايندڙ قتل واري طريقي سان مارائڻ جو سياسي ردعمل ۽ ڊگهي مدي وارا سياسي اثر ايترا ته گهرا ٿين ٿا، جو کين ختم ڪندڙ قوتن لاءِ ضروري ٿي پوندو آهي ته سندن موت لاءِ اهڙو رستو چونڊيو وڃي، جنهن سان فوري عوامي ردعمل نه ٿي سگهي. مثال طور 33 سال اڳ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏئي رياستي طاقتن هڪ اهڙي عوامي قوت کي جنم ڏئي ڇڏيو، جنهن کان جان ڇڏائڻ هنن لاءِ هاڻي ممڪن نه رهيو آهي. ساڳي طرح بينظير ڀٽو کي دهشتگرديءَ وسيلي قتل ڪرائڻ جو عوامي ردعمل ايترو ته شديد هو، جو سندس پارٽي ايندڙ ڪيئي ڏهاڪا ان تي سياست ڪندي رهندي. اهڙي طرح جيڪڏهن بشير قريشيءَ کي رستي تان هٽائيندڙ طاقتون کيس سڌو سنئون قتل ڪن ها ته سنڌ ۾ محدود سطح تي هلندڙ آزاديءَ واري تحريڪ هڪ زبردست عوامي لهر ۾ تبديل ٿي وڃي ها. تنهن ڪري انهن طاقتن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي کيس اهڙي طرح قتل ڪرايو ۽ سندس موت کي ايترو ته منجهائي ڇڏيو، جو ڪو خطرناڪ عوامي ردعمل فوري طور تي اُڀري نه سگهيو. جيتوڻيڪ سندس موت جي اصليت کي منجهائڻ سان پڻ هڪ ردعمل جنم وٺي رهيو آهي، پر ان جي شدت ان صورتحال کان گهڻي گهٽ آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي طريقي سان کيس قتل ڪرڻ جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ها.
بشير قريشي پنهنجي طبيعت ۾ هڪ سادو سودو ورڪر قسم جو ماڻهو هو، جيڪو سياسي اڳواڻن واري روايتي وصف کان گهڻو مختلف هو. سائين جي ايم سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ سنڌ جي الڳ سڃاڻپ واري تحريڪ ۾ هو ماضيءَ جي گهڻن قدآور اڳواڻن کان اڳتي نڪري ويو هو. ورڪرن کان وٺي ٻهراڙين ۾ عوامي سطح تي سندس مقبوليت گذريل پنجن سالن دوران تمام گهڻي وڌي هئي. خاص طور ڪراچيءَ جي سنڌي آباديءَ لاءِ سندس موجودگي تمام وڏو ڏڍ هئي. درحقيقت سندس سياسي ڪردار جو سڀ کان سگهارو پاسو ڪراچيءَ جي سياست ۾ سنڌين کي هڪ ڌر بڻائڻ واري ڪامياب اڳڀرائي هو. گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچيءَ ۾ هلندڙ لساني رتوڇاڻ دوران عام تاثر اهو ملڻ لڳو هوته ڪراچيءَ ۾ سنڌي ڄڻ ته ڪو وجود ئي نه ٿا رکن. سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ايئن محسوس ڪندا هئا ته ڪراچي بس رڳو انتظامي طور سنڌ جو حصو آهي، باقي شهر جي عملي زندگيءَ ۾ سنڌين جو ڪو به وجود ناهي. بشير قريشي جهڙي طرح هڪ پرامن پر نهايت مستقل مزاجيءَ واري سياسي تحرڪ وسيلي ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي منظم ڪيو ۽ سڄي سنڌ مان لکين سنڌين کي شهر ۾ آڻي عوامي ۽ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، ان سان ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو وجود ڀرپور طريقي سان نظر اچڻ لڳو هو. ڪراچيءَ ۾ جتي هڪ طرف ٻهراڙين ۾ عوام لاءِ زندگيون رت ڪندڙ وڏيرا اسيمبلين ۾ چپن کي چونو هڻي پنهنجي بي عزتيءَ تي ماٺ ڪيو ويٺل هئا، اتي بشير قريشي سڄي سنڌ مان ورڪنگ ڪلاس جا لکين سنڌي ساڻ کڻي ڪراچيءَ جي شاهراهن تي سنڌين جي حق جو عملي اعلان ڪري رهيو هو. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڪراچيءَ ۾ بشير قريشيءَ جو سياسي ڪردار شهر اندر پاور پاليٽڪس جي هٿ ٺوڪي مساوات کي للڪارڻ وارو هو. هن جي سياسي عمل سان شهر کي پنهنجي ملڪيت سمجهندڙ طاقتن کي ايندڙ سالن ۾ هڪ زبردست للڪار اڀرندي نظر اچي رهي هئي. آمريڪا ۽ اولهه کي جيڪي ڌريون اهو تاثر ڏينديون رهن ٿيون ته سندس مفادن جي چوڪيداري ڪرڻ جي صلايت وٽن ئي موجود آهي؛ انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه خاموشيءَ سان برداشت ڪرڻ ممڪن نه هو ته هو ڪراچيءَ ۾ وري هڪ ٻي اهڙي طاقت کي اُڀرندي ڏسن، جيڪا شهر مٿان سندن حاڪميت واري کوکلي دعويٰ کي للڪاري سگهي.
بين الاقوامي سياست جي شطرنج کي ٿورو به سمجهندڙ ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته ڪراچي هن خطي ۾ سپر پاورز جي هلندڙ نئين سرد جنگ جو اهم مرڪز آهي. تنهن ڪري اتي طاقت جو توازن تبديل ڪرڻ جي ڪا به سنجيده ڪوشش ڪرڻ نانگن جي ٻر ۾ هٿ وجهڻ آهي. سنڌ جي قومپرست سياسي تنظيمن جي قيادت يقينن ان سڄي گيم کان اڻ ڄاڻ نه هوندي، پر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي حق جي دعويٰ ڪرڻ لاءِ اهڙي جرئت هينئر تائين بشير قريشيءَ ئي ڏيکاري، جنهن جو کيس ملهه ڀرڻو پيو. ڪراچيءَ کي مالِ غنيمت سمجهي ان تي جهيڙيندڙ ڌرين توڙي الڳ صوبي جا پوسٽر ورهائيندڙ ڌرين لاءِ هن وقت بشير قريشيءَ جي سياسي حڪمت عملي ايندڙ سالن ۾ هڪ خطرناڪ چئلينج جي شڪل اختيار ڪري رهي هئي. بظاهر سادي سودي ۽ ملنگ صفت بشير قريشي اُٺ ڪتابن جا نه پڙهڻ جي باوجود ان سادي حقيقت کي سمجهي ورتو هو ته سنڌ ۽ سنڌين جي آئيندي جو فيصلو ڪراچيءَ جي ميدان ۾ ٿيڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن باقي قومپرست تنظيمن جي ابتڙ پنهنجي سياسي تحريڪ جو مرڪز ڪراچي شهر کي بڻايو. جيتوڻيڪ هو اتان ويهي سڄي سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن توڙي قبيلائي سردارن سان سنڌ جي سياست لاءِ لهه وچڙ ۾ هو، پر ڪراچيءَ ۾ هن جي موجودگي حڪمت عمليءَ جي اعتبار کان نهايت ساڃاهه وند فيصلو هئي. ان لحاظ کان ڏسجي ته بشير قريشي آزادي پسند تحريڪ جي حوالي سان طاقتور ڌرين لاءِ ويجهي مستقبل ۾ ايترو خطرناڪ نه هو، پر ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي حق حاڪميت لاءِ سنجيده اڳڀرائي هنن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ قدم هئي. اهوئي ڪارڻ آهي جو 23 مارچ وارو سندس ڪامياب فريڊم مارچ سنڌين جي ويري طاقتن لاءِ سهپ کان مٿي هو. پنهنجي عوامي رنگ ڍنگ واري زندگي گذاريندڙ ذاتي زندگيءَ ۾ فقير طبيعت رکندڙ بشير قريشيءَ لاءِ پنهنجي ذات جي حفاظت بنيادي اونو نه هئي، جو ان لاءِ هو چوويهه ڪلاڪ الرٽ رهي زندگي گذاري سگهي ها. اهو عملي طور هن لاءِ ممڪن نه هو. لٺ بندوق واري حملي کي ته شايد هو وري به منهن ڏئي وڃي ها، پر هن قسم جي ڳجهن حملن کي روڪڻ عوامي سياست ڪندڙ اڳواڻن لاءِ مشڪل ئي نه پر ناممڪن هو. ايئن هي سنڌ جو سچار پٽ پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جي حقن جي ويڙهاند ۾ زندگيءَ کان ڊگهو جيون ماڻي موت جي هنج ۾ هليو ويو. سندس تنظيمي ساٿي ڪراچيءَ کي مرڪز بڻائي ڪيل سندس سياسي جدوجهد کي ڪيتري قدر ساڳي ساڃاهه، جذبي ۽ سگهه سان جاري رکن ٿا، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو، پر اها ڳالهه سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سمورين قومپرست ڌرين کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي حقن ۽ جاگرافيائي وحدت واري جاکوڙ لاءِ کين سياسي مرڪز ڪراچي منتقل ڪرڻو پوندو. ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي سڄي سنڌ ۾ ڪيتري به سگهاري تحريڪ موجود ڇو نه هجي، اها سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي درپيش خطرن کي منهن نه ڏئي سگهندي. عدم تشدد ۽ پرامن سياسي موبلائيزيشن وسيلي ڪراچيءَ ۾ آباد لکين سنڌين جي ايڪي سان عالمي طاقتن کي اهو پيغام ڏئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي آئيندي بابت فيصلا ڪرڻ لاءِ لکين سنڌين جي حقيقي عوامي نمائندن سان ڳالهائڻو پوندو. کين اهو سمجهائڻو پوندو ته سنڌ جي اصل نمائندگي قومي غيرت کان وانجهيل، ٻوٿ ٻڌل وڏيرا نه پر ورڪنگ ڪلاس ۽ وچولي ڪلاس جا عوامي اڳواڻ ڪن ٿا. ووٽن ذريعي اسيمبلين ۾ پهچڻ ۽ عوامي احساسن جي نمائندگي ٻه الڳ حقيقتون آهن. گهٽ ۾ گهٽ بشير قريشي ڪراچيءَ جي رستن تي اها ڳالهه ثابت ڪري چڪو آهي.
(روزانه ڪاوش، اربع 25 اپريل 2012ع)