سنڌ جو بدلجندڙ سماجي ڍانچو
جيئن فردن جي زندگيءَ ۾ ڪي اڻ وڻندڙ واقعا زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي خدا جي نعمت ثابت ٿيندا آهن، تيئن قومن جي زندگيءَ لاءِ به ڪي حادثا وقتي طور تڪليف ڏيندڙ هوندا آهن، پر ڊگهي مدي ۾ قومي سطح تي اهي ڪي فائدا به ڏئي ويندا آهن. ساڳي طرح قومن جي تاريخ ۾ ڪي وقتي طور فائديمند نظر ايندڙ واقعا ڊگهي مدي ۾ وڏي سطح جا قومي نقصان ثابت ٿيندا آهن. هن قسم جي واقعن جو هڪ مثال ننڍي کنڊ جو ورهاڱو آهي. ننڍو کنڊ ورهائجڻ وقت سنڌ جا اڳواڻ خوش هئا ته سنڌ کي انگريزن جي غلاميءَ مان آجپو ملي رهيو آهي، پر وقت ٻڌايو ته اها خوشي بنهه عارضي هئي ۽ ملڪ ٺهڻ وقت 50 رپيا في ماڻهو آمدني رکندڙ سنڌ ۾ اڄ في ماڻهو آمدني 20 رپيا آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت جي شرح سڄي ملڪ جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ وارن علائقن کان وڌيڪ آهي.
ساڳي طرح پهرين نوعيت جي واقعن جا پيرا کڻجن ته پتو لڳندو ته ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ اندر ٻه تڪليف ڏيندڙ اهڙا واقعا ٿيا آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ سنڌين کي وڏو فائدو ڏئي سگهن ٿا. انهن ۾ سنڌ اندر ڌاڙيل فيڪٽر جو پيدا ٿيڻ ۽ سرڪاري نوڪرين تي بندش لاڳو ٿيڻ شامل آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته انهن ٻن ڳالهين انفرادي توڙي اجتماعي طور اسان کي وڏو نقصان پهچايو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن خاص طور ڌاڙيل فيڪٽر جي نتيجي ۾ بي انتها اذيت به ڀوڳي آهي، پر وقت گذرڻ سان اجتماعي سطح تي انهن جا هاڪاري اثر به نظر اچڻ لڳا آهن. ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته اسان ڌاڙيل فيڪٽر يا سنڌين لاءِ سرڪاري نوڪريءَ تي بندش جي حمايت ڪريون، پر اسان رڳو سماجي تبديليءَ جي حوالي سان انهن جي ڪجهه اهڙن رخن تي نظر وجهي رهيا آهيون، جن سان سنڌي سماج ۾ ڪي هاڪاري تبديليون اينديون.
پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ ۾ هندو مڊل ڪلاس جي شڪل ۾ سنڌي سماج ۾ هڪ تحرڪ موجود هو. ورهاڱي کان پوءِ هندو لڏي وڃڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر مڊل ڪلاس جو هڪ وڏو خال پيدا ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج هڪ ڊگهي جمود جو شڪار ٿي ويو. شهرن ۾ هندستان کان آيل نسبتن پڙهيل لکيل ۽ هنرمندن هٿن قبضو ڪري ورتو. اهي وڏيرا جيڪي اڳي هندو سيٺين جا قرضي هوندا هئا، اهي سنڌ جي ٻهراڙين جا حڪمران بڻجي ويا. ملڪي ڪاروهنوار ۾ طاقت ڌڻين جو فطري اتحادي هجڻ سبب کين رياستي ڍانچي جي به مڪمل مدد حاصل هئي ۽ پهريون ڀيرو ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌي مڊل ڪلاس ڪجهه شڪل اختيار ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کلڻ لڳيون، سنڌين کي ڪوٽا سسٽم وسيلي نوڪرين ۾ پير رکڻ جو موقعو مليو ۽ هوريان هوريان سنڌي ملڪي مکيه ڌارا جو حصو بڻجڻ لڳا. ڀٽي جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ شروع ٿيل آمريتي راڄ جا ظلم اڃا تائين ماڻهن کان ناهن وسريا. 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ کان پوءِ طاقت ڌڻين کي صاف نظر اچي ويو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سياسي طور باشعور مڊل ڪلاس جي مزاحمتي سگهه هنن لاءِ ڪيتري خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح طاقت ڌڻين سنڌ ۾ سنڌي مڊل ڪلاس جي اوسر کي روڪڻ لاءِ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن ۽ شهرن دهشتگردن کي بڇيو.
سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪيئي ناٽڪ رچايا ويا. مثال طور مارچ 1986ع ۾ سکر سينٽرل جيل کي ٽوڙي 34 بدنام ڏوهاري فرار ٿي ويا، جن کي موت جي سزا ٻڌايل هئي. اهي ڀڳوڙا ڏوهاري اڳتي هلي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگيون عذاب ڪندڙ ڌاڙيلن ۾ تبديل ٿي ويا، جن پنهنجا ٽولا منظم ڪري ٻهراڙين ۾ رڻ ٻاري ڏنو. ڪجهه انگن اکرن مطابق هڪ ڏهاڪي اندر سنڌ ۾ اٽڪل ساڍا يارنهن هزار ماڻهو ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا. 1991ع جي ڪجهه رپورٽن موجب سنڌ ۾ اٽڪل 20 هزار ڌاڙيل سرگرم هئا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ زندگي ايتري غير محفوظ بڻجي وئي، جو ماڻهن مجبور ٿي ڍور ڍڳا وڪڻي نيم شهري ۽ شهري علائقن ڏانهن رخ ڪيو.
جيڪڏهن سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته 80ع جي ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ اڄ انهن جي پکيڙ ۽ آبادي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي. ان جو سبب ڪچي ۽ ڏورانهن علائقن وارن ڳوٺن مان ماڻهن جي ويجهن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ آهي. ساڳئي طرح اندرين سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۽ ٻين نيم شهري علائقن مان ماڻهن حيدرآباد ۽ ان سان ڳنڍيل شهرن جهڙوڪ ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ڏانهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي. ٻهراڙين جي بدامني، بيروزگاري، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي اڻ هوند سنڌ جي وچولي طبقي کي شهرن ڏانهن منهن ڪرڻ تي مجبور ڪيو. شهري علائقن ۾ دهشتگرديءَ جي لهر جيتوڻيڪ ان منتقليءَ کي ڪنهن حد تائين متاثر ڪيو، پر ان جي نتيجي ۾ شهرن اندر سنڌي آباديءَ جا علائقا قائم ٿيا. حيدرآباد اندر قاسم آباد ان جو هڪ مثال آهي، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ سنڌين جو پهريون باقاعدي شهر ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙي طرح بدامنيءَ جي نتيجي ۾ جتي ٻهراڙين جي معيشت کي هاڃو رسيو ۽ هزارين گهراڻا بي گهر ٿيا. اُتي تاريخ جي جبر هيٺ ٻهراڙين سان چنبڙيل رهندڙ سنڌي ماڻهو نيم شهري ۽ شهري زندگيءَ جو حصو بڻيو. اتفاق جي ڳالهه آهي ته انهن ئي سالن ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽ رهيو ۽ ٻهراڙين جي زرعي بنياد واري معيشت کي شديد لوڏو آيو. وڌندڙ آبادي، سم ۽ ڪلر جي تباهڪاري ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ سبب ٻهراڙين ۾ بيروزگاري پنهنجي انتها تي پهچي وئي. ان صورتحال پڻ ٻهراڙين مان ماڻهن کي شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ تي مجبور ڪيو. 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ جيڪي ماڻهو شهرن ڏانهن منتقل ٿيا، تن نهايت ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو، پر اڄ سندن هڪ نسل بنهه نئين دنيا ۾ پير رکي چڪو آهي. شهري ماحول بهتر، تعليمي سهولتون ۽ ڄاڻ جي وسيلن ڏانهن بهتر پهچ جي نتيجي ۾ هي نسل سنڌ جو اهو مڊل ڪلاس ٿي اڀري رهيو آهي، جيڪو رڳو احساس محروميءَ جي نالي تي پِٽڪو ڪرڻ بجاءِ مختلف ميدانن ۾ چٽاڀيٽي ڪري پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهي. جيئن ته هي نسل هڪ مختلف ماحول مان نڪتو آهي، تنهن ڪري ان جو منهن مهانڊو، خيال ۽ انهن جي ادائگي، رويا ۽ سوچون روايتي سنڌي نوجوان کان مختلف آهن ۽ اهو شهرن جي احساس برتري رکندڙ غير سنڌين سان مقابلو ڪرڻ لڳو آهي، جيڪي اڳي سنڌين کي ٻهراڙيءَ جو ڄٽ ۽ وڏيرن جو غلام قرار ڏئي مٿن چٿرون ڪندا هئا. ايئن سنڌ کي هڪ Fight Back ڪندڙ نسل ملي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي سماج جي شڪل تبديل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
ان ساڳي عرصي دوران 90ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري سرڪار نوڪرين تي پابندي لاڳو ٿيڻ سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جي هڪ نئين لهر کي جنم ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ وارن سالن ۾ سرڪاري نوڪري، خاص طور تي ڳوٺ ۾ ڪلارڪي ۽ ماستري ڪرڻ سنڌي نوجوان جو محبوب مشغلو رهي آهي. مئٽرڪ يا انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي نوجوان ڏينهن رات وڏيرن جي اوطاقتن تي سندن ڪمدار ۽ خاص ماڻهن جي درن جا چڪر ڪاٽي درخواست تي سفارشي نوٽ لڳرائڻ لاءِ جتن ڪندا هئا. اسيمبليءَ ۾چونڊيل رئيسن جون او طاقون هميشه درخواستون کڻي آيل سائلن سان آباد هونديون هيون ۽ اهڙي طرح اڻ پڙهيل ڳوٺاڻا پوليس ڪيسن لاءِ ۽ پڙهيل لکيل نوجوان ماستريءَ جي نوڪريءَ لاءِ رئيس جي اوطاق ٻاهران قطار ڪيو بيٺا هوندا هئا. ان آسري تي سنڌي نوجوان محنت ڪرڻ يا پڙهڻ بجاءِ ڪاپي ۽ سفارش وسيلي ڊگري حاصل ڪرڻ پويان لڳو پيو هو ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڊگريون رديءَ جي ڪاغذ وانگر تور تي وڪامجي رهيون هيون. نتيجي ۾ سواءِ سرڪار جي ٻي ڪنهن کاتي ۾ سنڌي نوجوان جو پير ئي نه کپندو هو. جيڪڏهن ڀلجي ڪو سنڌي گريجوئيٽ ڪنهن پرائيويٽ اداري جي نوڪريءَ لاءِ پهچندو هو ته انٽرويو جي پهرين ٽن منٽن ۾ آئوٽ ٿي ويندو هو ۽ ٻاهر نڪري سنڌين سان زيادتيءَ جو پٽڪو پٽي وري رئيس جي اوطاق تي اچي منزل ڪندو هو. سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ ٻهراڙين جي نوجوانن ۾ هڪ طرف مايوسيءَ جنم ورتو ته ٻئي طرف کين اها حقيقت به سمجهه ۾ اچي وئي ته هاڻي کين پنهنجا طور طريقا تبديل ڪرڻا پوندا. کين اهو سمجهه ۾ اچي ويو ته جيڪڏهن تعليمي ڪيريئر دوران هو سچ پچ ته ڪا محنت ڪندا ته کين اڳتي به ڪجهه حاصل ٿيندو. ساڳي طرح نوڪريون نه ملڻ کان پوءِ سنڌي نوجوانن مجبور ٿي اهي هنر به سکڻ شروع ڪيا، جيڪي اڳي سندن مزاج وٽان نه هوندا هئا. بدقسمتيءَ سان اسان جي نوجوانن ڪڏهن به اهو نه سوچيو هو ته ڪراچي شهر جي ٽن وڏن صنعتي مرڪزن ۾ اٽڪل 12 لک نوڪريون پيون آهن، جن جون پگهارون ماسترين ۽ ڪلارڪين کان گهڻيون بهتر آهن ۽ انهن لاءِ رئيس جي اوطاق تي جتيون به نه ٿيون گسائڻيون پون. ساڳي طرح سنڌ جي نيم شهري مرڪزن ۾ پان ٻيڙيءَ جي ڪئبن کان وٺي اليڪٽريشن به سنڌي نه ملندو هو، ڇو ته اسان جي منزل سرڪاري نوڪريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هئي. ان سڄي عمل ۾ سالن جا سال اسان وڏيرن جي ذهني غلاميءَ جو شڪار بڻيل رهياسين. هاڻي سرڪاري نوڪرين تي بندش کان پوءِ سنڌي نوجوان ڪنهن حد تائين هٿ جي هنر، ننڍي ڪاروبار ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ڏانهن وک وڌائي آهي. اهڙي طرح ڌاڙيل فيڪٽر ۽ سرڪاري نوڪرين جي بندش هڪ اهڙي سنڌي مڊل ڪلاس کي جنم ڏنو آهي، جيڪو مدي خارج روايتن ۽ ڏهاڪن جي ذهني غلاميءَ مان وڏي حد تائين آجو آهي ۽ شارٽ ڪٽ بدران چٽاڀيٽيءَ واري عمل جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهي. گلوبلائيزيشن جي نتيجي ۾ جتي سڄي دنيا ۾ چٽاڀيٽيءَ جو هڪ نئون جهان جنم وٺي رهيو آهي ۽ شارٽ ڪٽ وارا طريقا ترقيءَ لاءِ غير جٽادار ثابت ٿي رهيا آهن. اتي سنڌي سماج کي هڪ نئين رويي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ مدي خارج طريقن ۽ روين مان پاڻ کي تيزيءَ سان آجو ڪرڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻي ڪا به واهه ناهي.
(پندرنهن وار افيئر، مارچ 2007)