سرد جنگ جي نئين دور ۾ ڪراچيءَ جي اهميت
جڏهن کان پاڪستان اندر نوَن صوبن ٺاهڻ جي ڳالهه شروع ٿي آهي، سرائيڪي ۽ هزاره صوبي جي تحريڪ کان پوءِ سنڌ اندر مهاجر صوبي جي ڊرامي کي به آهستي آهستي اڳتي وڌايو پيو وڃي. شهر جي مخصوص آباديءَ وارن علائقن ۾ شروع ٿيل ننڍن ننڍن مظاهرن ۽ پوسٽرن جو سلسلو وڌي ريڊ زون ۾ عورتن جي جلوسن تائين پهچايو ويو آهي. ريڊ زون، جتي رڳو غريب ماستر به ڪو مظاهرو ڪن ته سندن آجيان ڏنڊن ۽ ڳوڙها گيس سان ڪئي ويندي آهي، اُتي شهر مان بسن ۾ ڀري آندل سوين عورتن کي سنڌ ورهائڻ لاءِ ان مظاهري جي موڪل ڪنهن ڏني؟ ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن وڏي فهم جي ضرورت ناهي. شهر ۾ لڳندڙ بل بورڊ ۽ چاڪنگ جو نوٽيس وٺڻ واري ڪارروائيءَ ۾ ايترا ڏينهن لڳائيندڙ سنڌ حڪومت جي خاموش رضامنديءَ جو هڪ ئي مقصد آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌي ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري ووٽ وٺو ته جيڪڏهن سنڌين جا ووٽ پيپلز پارٽي کي ملڻ بجاءِ ورهائجي ويا ته حڪومت انهن ماڻهن کي ملڻ جو انديشو آهي، جيڪي سنڌ ورهائڻ گهرن ٿا. اتحادين سان مفاهمت جي اهڙي ئي سنڌ دشمن سياست جو هڪ مظاهرو گذريل سال صوبي اندر ٻه انتظامي ڍانچا ڏيڻ ذريعي ڪيو ويو هو، جنهن کي سنڌ واسين جي ٻڌي ۽ قومي شعور سبب واپس وٺڻو پيو هو. پيپلز پارٽي پنهنجي ڪجهه مهينن جي بچيل اقتدار خاطر اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ سياسي طور ڪيترو هيٺ لهي اچي ٿي، ان جو اندازو به نٿو لڳائي سگهجي. جيڪڏهن پارٽي قيادت خلاف ڪو بئنر لڳي، مظاهرو ٿئي يا چاڪنگ ٿئي ها ته سڄي سنڌ حڪومت چند ڪلاڪن ۾ متحرڪ ٿي وڃي ها ۽ چڱا ڀلا اڳواڻ پاڻ برش ۽ چونو کڻي ڀتيون صاف ڪرڻ لاءِ پهچي وڃن ها، پر سنڌ جي ورهاڱي جي ان بدبودار مهم تي هفتن تائين اختيار ڪيل ماٺ کي سنڌ جا ماڻهو ڇا سمجهن؟ سندن اتحادي شهري ڌر هونئن ته سنڌ جي جاگرافيائي سڄائيءَ تي سر گهورڻ ۽ پاڻ کي ڌرتيءَ جو پٽ سڏائڻ کان نه ٿي ٿڪجي، پر هن سڄي ڪارروائيءَ تي سندن ماٺ ۽ مڪمل رضامندي سندن اصليت کي پڻ وائکو ڪري ٿي. صوبائي اسيمبليءَ ۾ ان مهم خلاف ٺهراءَ تي صحيحون ڪرڻ ۽ اها مهم هلائيندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ جا مشورا ڏيندڙ اها ڌر سنڌي ماڻهن کي الائي ڇو ايڏو اٻوجهه تصور ڪري ٿي. ساڳي طرح سندن حمايتي قومپرست سڏائيندڙ هڪ جماعت جي قيادت جي ماٺ به نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي.
سنڌ اندر هڪ ٻيو لساني صوبو ٺاهڻ جو مطالبو هونئن ته نئون ناهي، ماضيءَ ۾ جناح پور جي نقشن کان به اڳ 1972ع ۾ مرزا جواد بيگ طرفان شهر اندر ميٽروپوليٽن حڪومت جو اهو تصور مشرف پاران ڪراچيءَ کي سٽي گورنمينٽ قرار ڏئي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻائڻ کان مختلف نه هو. مرزا جواد بيگ جي ان تحريڪ ۾ به ميٽروپوليٽن حڪومت نه ٺهڻ جي صورت ۾ ڪراچيءَ کي الڳ صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هاڻي به مڪاني ادارن واري نظام ۾ ڪراچيءَ کي گهربل شهري رياست جهڙو درجو نه ملي سگهڻ کان پوءِ الڳ صوبي جو ڊرامو شروع ڪيو ويو آهي. ان سڄي مهم جي پٺيان وڏين عالمي طاقت جا ڪهڙا مفاد سلهاڙجي سگهن ٿا، ان جو جائزو هن مضمون ۾ وٺنداسين.
ڪراچيءَ کي الڳ شهري رياست ٺاهڻ پٺيان وڏين طاقتن جي مفادن کي سمجهڻ لاءِ اچو ته ٿورو ڪراچيءَ جي موجوده بيهڪ کي سمجهون:
ڪراچي ڏکڻ ايشيا ۾ هندي سمنڊ (عربي سمند) تي واقع آهي. عربي/هندي سمنڊ جي ڪناري سان ڪراچيءَ جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ايشيا ۽ پئسفڪ جا وڏا ساحلي شهر آباد آهن، جن ۾ بمبئي، مدراس، ڪولمبو، ڪلڪتو، رنگون (برما) ملاڪا (ملائيشيا)، سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان کان سواءِ چين، جاپان ۽ ڪوريا جي ساحل تي آباد اسريل جديد صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جا سرواڻ شهر شامل آهن. ڪراچيءَ جي اولهه پاسي مسقط، دبئي، ايران ۽ ان کان اڳتي سعودي عرب ڏانهن لنگهه آهن. ڏاکڻي طرف آفريقا جو کنڊ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سبب بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار بڻيل رهيو آهي، پر هوريان هوريان عالمي وڻج واپار ۾ اهم خطو ٿي اڀري رهيو آهي. انهن سمورن ساحلي ملڪن ۽ شهرن جو نقشو سامهون رکڻ سان معلوم ٿيندو ته ڪراچي پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان تمام اهم شهر آهي. شهر اندر ٻن اهم پورٽس يعني ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ان جي جاگرافيائي اهميت کي وڌائين ٿا. اولهه طرف گوادر ۽ اوڀر طرف ڪيٽي بندر جي شڪل ۾ مستقبل جو پورٽ سموري ساحلي پٽيءَ جي اهميت حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان وڌائي ڇڏين ٿا. سنڌ جي ساحلي پٽيءَ سان لاڳاپيل ٿر جو ڪوئلو توانائيءَ جي املهه ذخيري جي شڪل ۾ ان سڄي پٽيءَ کي سياسي توڙي معاشي لحاظ کان غير معمولي طور اهم بڻائي ڇڏي ٿو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ساحلي پٽي سڄي دنيا ۾ معيشت جي لحاظ کان اهم ترين علائقو هجي ٿي. هن وقت ست ارب آدم جي دنيا ۾ اٽڪل 3 ارب ماڻهو ساحلي پٽيءَ جي 200 ڪلوميٽرن جي اندر آباد آهن ۽ ساحلي شهرن ۾ آباديءَ جي گهاٽائي 80 ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي، جيڪا سراسري آدم گهاٽائيءَ جو ٻيڻو تعداد آهي. دنيا جي سڀ کان وڏن 17 شهرن مان 14 ساحلي پٽيءَ تي آباد آهن. ان پسمنظر ۾ ڪراچيءَ جي معاشي ۽ سياسي اهميت تمام وڏي آهي.
عربي، هندي ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ جي معاشي ۽ فوجي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو دنيا جون ٽي سگهاريون معاشي ۽ فوجي طاقتون ان خطي ۾ واقع آهن، ان ۾ چين، جاپان ۽ ڀارت شامل آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران چين نه رڳو هڪ زبردست معاشي طاقت ٿي اڀريو آهي، پر فوجي ۽ سفارتي طاقت وسيلي هو ايشيا پئسفڪ ۽ آفريقا اندر آمريڪي مفادن لاءِ هوريان هوريان ڳڻتيءَ جي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. پنهنجي آس پاس ۾ جاپان، فلپائن، تائيوان، ڪوريا ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ وارا سرحدي ناتا رکڻ سان گڏ چين انهن سمورن ملڪن، پاڪستان، روس، ايران ۽ ڪيترن ئي آفريقي ملڪن سان تمام گهرا اقتصادي ناتا قائم ڪري هن خطي اندر آمريڪي مفادن لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏو خطرو نه، تڏهن به ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ضرور بڻيل آهي. افغانستان ۽ پاڪستان هن خطي ۾ واحد ٻه وڏا ملڪ آهن، جتي آمريڪا جا پير ڪنهن حد تائين کتل آهن ۽ هزارين ميل پري هجڻ جي باوجود اهو هن خطي اندر هڪ اهم فوجي طاقت بڻيل آهي. فلپائن ۽ جاپان سان فوجي ناتا بهتر بڻائي هن خطي اندر چين جي پکڙجندڙ فوجي طاقت کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۽ عربي/هندي/چيني سمنڊ ۾ پنهنجي فوجي سگهه جو توازن بهتر بڻائڻ لاءِ هرممڪن قدم کڻي رهيو آهي. پنهنجي فوجي ۽ سفارتي سگهه جو وڏو حصو افغانستان ۾ سڌي جنگ ۽ ايران سان سردجنگ ۾ خرچ ڪندڙ آمريڪا هوريان هوريان هن خطي ۾ چين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف حڪمت عملين ٺاهڻ ۽ انهن کي عمل هيٺ آڻڻ ۾ رڌل آهي. هن خطي جي سامونڊي نقشي کي غور سان ڏسڻ سان ٻه اهم سامونڊي لنگهه نظر اچن ٿا، اوڀر طرف ملاڪا جو لنگهه (Strait of Malacca) آهي، جنهن جي هڪ طرف سماترا جو ٻيٽ آهي ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۽ سنگاپور آهن. اولهه طرف هرموز جي سامونڊي لنگهه (Strait of Hormuz) آهي، جيڪو عربي سمنڊ کي ايراني نار (Persian Gulf) سان ڳنڍي ٿو. انهن ٻنهي سامونڊي لنگهن جي وچ ۾ ڪراچي واقع آهي. ڪراچي البته هرموز جي لنگهه کي وڌيڪ ويجهو آهي.
هاڻي اچو ته انهن ٻنهي لنگهن جي اهميت کي سمجهون. ملاڪا جو لنگهه ڏاکڻي چيني سمنڊ کي عربي/هندي مکيه سمنڊ سان ڳنڍي ٿو. وڏن کنڊن وچ ۾ ٿيندڙ واپار جو 90 سيڪڙو سمنڊ وسيلي ٿئي ٿو ۽ تيل جي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سپلاءِ سامونڊي رستي تان ٿئي ٿي. هڪ ڪاٿي موجب سامونڊي رستي سان ٿيندڙ واپار جا 50 سيڪڙو جهاز ملاڪا جي لنگهه مان گذرن ٿا، جيڪي اڳتي هلي هندي سمنڊ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ هڪ ڪاٿي موجب دنيا جا اڌ سامونڊي ٽئنڪر هن سامونڊي خطي کي استعمال ڪن ٿا. ايراني نار کان وچ اوڀر ۽ پئسفڪ وچ ۾ سمنڊ وسيلي پيٽروليم شين جو 70 سيڪڙو واپار هلي ٿو. جيئن جيئن ڀارت ۽ چين اقتصادي طاقت طور اڀري رهيا آهن، تيئن تيئن هن سامونڊي خطي مان پيٽروليم ۽ واپاري شين جي سامونڊي ٽرانسپورٽ ۾ واڌ اچي رهي آهي. هڪ ڪاٿي موجب 2030ع تائين دنيا اندر توانائيءَ جو اڌو اڌ واهپو رڳو چين ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيو هوندو. هن وقت آمريڪا کان پوءِ چين دنيا ۾ ٻيو نمبر وڏي معيشت آهي ۽ ان حساب سان ان جون توانائي گهرجون وڌي رهيون آهن، جڏهن ته توانائي جي ڊوڙ ۾ جاپان ٽيون ۽ ڀارت چوٿون نمبر ملڪ آهي. 90 سيڪڙو تيل تي توانائي جو دارومدار رکندڙ ڀارت ۽ چين لاءِ اهم ترين سامونڊي لنگهه ملاڪا ۽ هرموز لنگهه آهن. 2025ع تائين ڀارت ان ڊوڙ ۾ جاپان کي پٺتي ڇڏي ٽيون نمبر ٿي ويندو. اهڙي طرح دنيا اندر توانائي جا ٽي وڏا مرڪز هن سامونڊي خطي ۾ واقع هوندا. چين اٽڪل 30 سالن کان ساليانو ڏهه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ معاشي واڌ حاصل ڪري رهيو آهي. 1995ع کان 2005ع جي وچ ۾ ان جي تيل جي کپت ٻيڻي ٿي آهي. سعودي عرب جي تيل جي پيداوار جو اڌ حصو چين ڏانهن برآمد ٿئي ٿو. مجموعي طور چين جي تيل جو 85 سيڪڙو گذر هرموز ۽ ملاڪا جي سامونڊي لنگهن مان ٿئي ٿو. هندي ۽ چيني سمنڊن کي ڳنڍيندڙ ملاڪا جي سامونڊي لنگهه کي ٻيون اهم علائقائي معاشي طاقتون ڪاروباري ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ جاپان، ڪوريا، تائيوان، فلپائن، هانگ ڪانگ، سنگاپور، چين، ڪمبوڊيا، ويٽنام، ٿائلينڊ، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا شامل آهن. يعني ايشيائي ٽائيگر سڏائيندڙ آسيان (ASEAN) جون ڏکڻ اوڀر ايشيا جون اهم تجارتي طاقتون ان لنگهه تي تمام گهڻو دارومدار رکن ٿيون. اولهه طرف وري بنگلاديش ۽ سريلنڪا ان پٽي تي واقع آهن. جتي پڻ اهم ڪاروباري پورٽ يا ته موجود آهن يا ٺهي رهيا آهن.
ٻئي طرف سعودي عربي، ايران ۽ متحده عرب امارات جي تيل جو گذر هرموز جو سامونڊي لنگهه مان آهي. هي خطو هن وقت تيل جي فراهميءَ جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ۽ دنيا جي تيل جو لڳ ڀڳ چاليهه سيڪڙو هن لنگهه مان گذري ٿو. هرموز جي سامونڊي لنگهه مان 2011ع ۾ سراسري طور روزانو پوڻا ٻه ڪروڙ بيرل تيل ٽرانسپورٽ ٿيندو رهيو آهي. ان تيل جو 85 سيڪڙو ايشيائي ملڪن جاپان، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا ۽ چين ڏانهن ويندو رهيو آهي. ان لحاظ کان ڏسجي ته هرموز جو لنگهه حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام حساس آهي. هرموز جي لنگهه کان اٽڪل 240 ميلن جي مفاصلي تي گوادر جو پورٽ آهي. ياد رهي ته 250 ملين ڊالرن جي لاڳت واري گوادر پورٽ رٿا جو 80 سيڪڙو چين طرفان فراهم ڪيو ويو هو. گوادر ۾ چين جي موجودگيءَ جو مطلب آهي عملي طور هرموز جي لنگهه مان گذرندڙ تيل جي ڪنٽينرز جي نگهباني ڪرڻ. ٿورو هيٺ اوڀر طرف سريلنڪا جي ساحلي شهر همبنٽوٽا (Hambantota) وٽ ڪولمبو کان به بهتر ۽ جديد پورٽ تعمير ٿي رهيو آهي. ڪروڙين ڊالرن جي ان رٿا لاءِ موڙي چين جي چائنا امپورٽ ايڪسپورٽ بئنڪ کان ورتي وئي آهي. بظاهر ڪاروباري نوعيت جي اُن رٿا وسيلي چين ان خطي ۾ پنهنجي موجودگيءَ کي وڌيڪ سگهارو بڻائي سگهي ٿو. بنگلاديش جي سامونڊي شهر چٽاگانگ ۾ ڪنٽينرز لاءِ هڪ وڏي سهولت جي اڏاوت ۾ به چين شامل آهي. برما جتي باقي دنيا جي سخت تنقيد هيٺ رهيو آهي، اتي فوجي ڊڪٽيٽرن کي چين دل کولي امداد ڏيندو رهيو آهي ته جيئن ان سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري سگهي. برما ۾ روڊن ۽ پائيپ لائين منصوبن کان علاوه سامونڊي اڏا ٺاهڻ لاءِ پڻ چين مالي سهائتا ڪندو رهيو آهي. چين ان سڄي سامونڊي خطي ۾ پنهنجا پير مضبوط رڪڻ واري پرامن ترقيءَ واري پاليسي کي String of pearls (موتين جي مالها) جو عنوان ڏنو آهي. موتين جي اها مالها دراصل سياسي ۽ معاشي طاقت جي پکيڙڻ جي پاليسي آهي. آفريقا اندر پڻ چين پنهنجي معاشي پکيڙ خاطر تمام وڏا تجارتي معاهدا ڪيا آهن. 2004ع ۾ آفريقا اندر چين 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. ان کان اڳ 2000ع ۾ چين، آفريقا کي 1.2 ارب ڊالرن جو قرض معاف ڪيو ۽ 2003ع ۾ وڌيڪ 750 ملين ڊالرن جو قرض معاف ڪيائين. 2006ع ۾ چين طرفان ان خطي ۾ 60 ارب ڊالرن جا واپاري ٺاهه ڪيا ويا. 2007ع تائين چين ان علائقي ۾ 100 ارب ڊالرن جي سڌي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي. نتيجي ۾ چين اڄڪلهه تيل جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو آفريقي ملڪن مان درآمد ڪري رهيو آهي. سوڊان، گني، ڪانگو، نائيجيريا ۽ انگولا چين لاءِ تيل جا تمام مکيه ذريعا آهن. تيل جي ان لنگهه لاءِ به هندي سمنڊ ۽ اڳتي هلڪي ملاڪا جو لنگهه استعمال ٿئي ٿو.
هاڻي عربي/هندي سمنڊ جي ان سڄي نقشي ۾ ڪراچيءَ جي بيهڪ کي غور سان ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا ۽ چين ان خطي ۾ هڪ شديد سرد جنگ ۾ رُڌل آهن. افغانستان جي ويڙهه جو نبيرو ڪرڻ کان پوءِ آمريڪا ان جنگ لاءِ وڌيڪ وقت ۽ وسيلا ڪڍي سگهندو. هرموز جي لنگهه وٽ ايران سان آمريڪا جو تڪرار ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جڏهن ته فلپائن ۽ تائيوان جي چين سان ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا سڌي سنئين ڌر بڻيل آهي. ڏکڻ ايشيائي عربي/هندي سمنڊ ۾ هندستان، پاڪستان، ايران ۽ متحده عرب امارتن مان آمريڪا جي بهتر سياسي ۽ فوجي پهچ پاڪستان ۽ عرب امارتن سان آهي، پر بهرحال پاڪستان جي سياسي اهميت تمام مختلف آهي. تنهن ڪري هن خطي ۾ چين جو سياسي، معاشي ۽ فوجي اثر روڪڻ لاءِ پاڪستان، آمريڪا لاءِ سردجنگ جي هن نئين دور ۾ نهايت اهم آهي. اها ئي سياسي بارگيننگ آهي، جو آمريڪا جي ڪانگريس جي خاص ڪاميٽيءَ واري گڏجاڻيءَ ۾ بلوچستان بابت بحث دوران بلوچ نمائندن آمريڪا کي خاطري ڏني ته جيڪڏهن سندن آجپي ۾ مدد ڪئي وڃي ته هو گوادر پورٽ جو انتظام آمريڪا حوالي ڪرڻ ۽ پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين رٿا ختم ڪرڻ ۾ آمريڪا جي واهر ڪندا. چين جي اثر هيٺ آيل گوادر پورٽ کي ڇڏائڻ لاءِ آمريڪا کي اها آڇ ظاهري طور موهيندڙ لڳندي. جيڪڏهن ان کان ڪجهه سئو ميلن جي مفاصلي تي ڪراچي پورٽ به اهڙي ئي ڪنهن وفادار طاقت جي هٿ ۾ هجي ته پوءِ آمريڪا کي ٻيو ڇا کپي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچيءَ اندر ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي، ٻئي ڪراچيءَ جي مالڪيءَ جي دعويداريءَ تي رتوڇاڻ ۾ رُڌل آهن. ٻئي ڌريون آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ گهرن ٿيون ته ڪراچيءَ ۾ اصل طاقت جي مالڪي انهن وٽ آهي. جيستائين اي اين پي ڪراچيءَ اندر سياسي مالڪيءَ جي دعويداري نه پئي ڪئي، ايم ڪيو ايم کي پٺاڻن سان ايڏا شديد مسئلا نه هئا. هاڻي ڪراچي الڳ صوبو بڻائي ان کي ساحلي پٽي ۽ ٿر تائين پکيڙڻ جي ڳالهه ڪري هڪ ڌر آمريڪا کي اهو نياپو ڏيڻ گهري ٿي ته اسان کي هي شهر ۽ ساحلي پٽي ملي وڃي ته عربي سمنڊ ۾ هڪ وڌيڪ وفادار طاقت توهان جي واهر لاءِ حاضر هوندي. گوادر ۽ ڪراچي جهڙا اهم پورٽ سٽي جيڪڏهن آمريڪي وفادار طاقت وٽ هجن ته ڏکڻ ايشيا ۾ چين جي فوجي پکيڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آمريڪا وٽ هڪ مضبوط سهولت موجود هوندي. هتان ويهي ايران کي به اکيون ڏيکاري سگهبيون ته چين کي به داٻي ۾ رکي سگهبو. ان تصوراتي خاڪي اندر ڪراچيءَ سميت سڄي ساحلي پٽيءَ جي الڳ ڪرڻ واري مامري کي سمجهي سگهجي ٿو. پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي مڪمل ڀروسو نه هجڻ سبب آمريڪا لاءِ سامونڊي شهر ڪنهن وفادار طاقت وٽ هجڻ سياسي ۽ عسڪري لحاظ کان نهايت اهم آهي. جيئن جيئن پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان آمريڪا جا ناتا خراب ٿي رهيا آهن، بلوچستان جي آجپي جي تحريڪ به نوان رخ اختيار ڪري رهي آهي ته سنڌ اندر الڳ صوبي جو ڊرامو به زور وٺي رهيو آهي. صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن موڙ تي اهڙو فيصلو ڪيو ته پوءِ اهو رڳو الڳ صوبو نه پر الڳ ساحلي رياست جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. ڏکڻ ايشيا جي عربي/هندي سمنڊ ۾ عالمي طاقتن جي ان نئين سردجنگ ۾ ڪراچي هڪ اهم مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اوچتو ئي اوچتو ڪراچيءَ جي محروميءَ جو بي بنياد راڳ شروع ڪيو ويو آهي. اهو سمورو ڊرامو ان وڏي رٿابنديءَ ۾ حصو پتي وٺڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. عملي طور اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن هوندو، ان سان سئو سوال سلهاڙيل آهن، پر اهو سڀ ڪجهه رڳو ڪجهه غير معروف ماڻهن جي دماغ جو فتنو ناهي، ان مطالبي واري ڊرامي پٺيان تمام گهرا مفاد سلهاڙيل آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ وائکا ٿيندا. ياد رکڻ گهرجي ته عالمي طاقت جا ناتا ۽ فيصلا اصولن يا قدرن آڌار نه پر مفادن آڌار ٿيندا آهن. ڪراچي مفادن جي ان راند ۾ هڪ اهم ميدان بڻجي سگهي ٿو.
(روزانه ڪاوش، اڱارو مئي 2012ع)