جاگيرداڻي پنجوڙ ۾ ڦاٿل سنڌ جي ترقي!
ايڪيهين صديءَ ۾ داخل ٿيل سنڌ جي آئيندي لاءِ جيڪڏهن ڪو وڏي ۾ وڏو چئلينج آهي ته اهو ان کي غلام بڻائيندڙ رياستي ڍانچو ئي نه، پر ان جون اتحادي اهي وڏيرڪيون طاقتون آهن، جن سنڌ اندر تبديليءَ جي رستي ۾ هزارين اسپيڊ بريڪر اُڀا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جيستائين ان کي اندروني طور غلام بڻائي رکندڙ جاگيرداراڻي سماجي سرشتي جي پنجوڙ کي نه ٽوڙيندي، تيستائين اها رياستي جبر جو مقابلو نه ڪري سگهندي. در حقيقت سنڌ کي داخلي طور غلام بڻائيندڙ جاگيرداراڻو ڍانچو ان رياستي مشينريءَ جو فطري اتحادي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي ان ايجنڊا کي مضبوط ڪن ٿا ته سنڌي قوم جي اوسر کي هر پاسي کان روڪجي ته جيئن اها پنهنجي اجتماعي مفادن جي بچاءُ لاءِ ڪا به بامعنيٰ ڪوشش نه ڪري سگهي.
1980ع جو ڏهاڪو سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو اهم ترين ڏهاڪو آهي. ان ڏهاڪي ۾ سنڌ جي عوام رياستي مشينري ۽ وڏيرڪي سماجي ڍانچي ٻنهي جي خلاف يادگار بغاوتون ڪيون. پهرين 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ وسيلي سنڌي عوام رياستي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف شاندار سياسي مزاحمت ڪئي ۽ پنج سال پوءِ 1988ع ۾ ان ووٽ جي طاقت وسيلي رياستي مشينريءَ جي اتحادي وڏيرڪي راڄ خلاف بغاوت ڪندي جاگيرداريت جي وڏن بتن کي ڪيرايو. انهن ٻنهي فخر جوڳين سوڀن کي ملڪ جي واڳ ڌڻين پاران نظرانداز ڪرڻ ممڪن نه هو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي اسرندڙ وچولي طبقي کي چٿڻ لاءِ منظم رٿابندي ڪئي وئي. سمورين مصلحتن ۽ مفادپرستين جي باوجود وچولي طبقي ۾ سنڌ جي سماجي ڍانچي کي بدلائڻ جي صلاحيت موجود هئي، اهوئي سبب آهي جو 80ع ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ سنڌ اندر ڌاڙيل گردي ۽ دهشتگرديءَ کي منظم طور اوسر ڏني وئي ۽ سنڌ جي پرائمري توڙي اعليٰ تعليم کي برباد ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي. پرائمري اسڪولن ۾ سفارشي ماسترن جي ڀرتين ۽ يونيورسٽين ۾ هٿيارن جي کلي ڇوٽ ڏني وئي. ڌاڙيل، دهشتگردي ۽ تعليم جي بربادي ۽ سفارشي ڀرتيون سنڌ جي اسرندڙ وچولي طبقي جي اوسر کي چوکنڀو ٻڌڻ جو پئڪيج هيو. انهن ڪمن ۾ رياستي ڍانچي ۽ جاگيردارن جو گڏيل مفاد شامل هو. اهوئي سبب آهي جو 88ع وارين چونڊن ۾ عوام هٿان ڍير ٿيل وڏيرڪي طبقي کي ايندڙ سالن ۾ مڪمل رياستي سرپرستيءَ هيٺ عوام مٿان مڙهيو ويو. ان مقصد لاءِ ناظمي نظام، نوڪرين جي ڪوٽا، ٿاڻن تي قبضي، اسيمبلي ميمبرن کي ترقياتي فنڊن جو مالڪ بڻائڻ جهڙا طريقا عام ڪري ان طبقي کي رياستي وسيلن جو قانوني طور مالڪ بڻايو ويو ته جيئن اهي سماجي اوسر جي هر راهه تي قبضو ڪري عوام کي پنهنجو غلام بڻائي رکن. ٿاڻو، نوڪريون، بدليون ۽ ٺيڪا سڀ وڏيرن جي ماتحت ڪري انگريز دور جي ان بيٺڪي راڄ کي ورجايو ويو، جنهن ۾ وڏيرا رياست جا غلام ۽ عوام وڏيرن جو غلام بڻيل هو. انهن سمورين رنڊڪن جي باوجود گذريل ٻن ڏهاڪن دوران سنڌي وچولي طبقي غير معمولي ڇال ڏنو آهي. سول سوسائٽي جي مختلف ادارن جهڙوڪ ميڊيا ۽ اين جي اوز کان وٺي ننڍن ۽ وچولن شهري ڪاروبارن ۾ پير رکندڙ سنڌي وچولي طبقي جي هن نسل سماج اندر پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ٻهراڙين ۾ بدامني ۽ معاشي زوال جي نتيجي ۾ شهرن ڏانهن 80ع ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ جن سنڌين لڏپلاڻ ڪئي هئي، انهن جو اڄوڪو نسل روايتي سنڌي نوجوان کان گهڻو مختلف آهي. مکيه ڌارا جي ميڊيا کان وٺي بئنڪنگ ۽ انشورنس جهڙن شهري معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪندڙ ان اسرندڙ شهري وچولي طبقي کي ڪا به سياسي واهر حاصل ناهي، قومپرست پارٽيون پنهنجي غلط حڪمت عملين سبب پاڻ کي ان طبقي جي نمائندا ڌر نه بڻائي سگهيون ۽ سندن ووٽ تي حڪومتون ماڻيندڙ پيپلز پارٽي عوام دشمن وڏيرڪي طبقي ۽ نئين مان وڏيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ ڪرپٽ وچولي طبقي جي هٿان يرغمال بڻجي سنڌي سماج ۾ بنيادي تبديلين کي هٿي ڏيڻ بجاءِ خود رياستي ڍانچي جي اتحادي بڻجي سنڌين کي سفارشي نوڪرين، ٺيڪن، بدلين ۽ مقررين ۽ خيراتي پروگرامن جي لولي پاپ تي هلائي ساڻن تمام وڏي ويساهه گهاتي ڪئي. 2008ع ۾ سنڌين جي ووٽ سان اقتدار ۾ آيل پيپلز پارٽي وٽ هڪ تاريخي موقعو هو ته 1996ع ۾ آخري حڪومت وڃائڻ کان پوءِ ٻارنهن سالن اندر جنهن نئين سوچ واري وچولي طبقي سنڌ ۾ پير کوڙيا هئا، ان کي سياسي سرپرستي ڏئي هڪ نئين سنڌ جا بنياد رکي ها. اهو ڪم جيڪو ذوالفقار علي ڀٽي 70ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ کي وچولي طبقي جو پهريون نسل فراهم ڪري ڪيو هو، ان کي چار ڏهاڪا پوءِ پيپلز پارٽي تاريخ جي هڪ نئين موڙ تي آڻي سگهي پئي، پر قومي تاريخ ۾ سماجي تبديلين جي بنيادي اهميت کان لاپرواهه ۽ لاتعلق بڻيل پيپلز پارٽي ان تاريخي موقعي کي بي درديءَ سان لتاڙي سنڌ سان بدترين ويساهه گهاتي ڪئي.
2010ع ۽ 2011ع ۾ آيل ٻوڏن جي تباهيءَ سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻه اهم قدرتي موقعا فراهم ڪيا هئا. ٻنهي سالن دوران ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل سنڌي لکن جي انگ ۾ ٻهراڙين مان شهرن ڏانهن ڌڪجي پهتا هئا. کين رواجي نوعيت جي حڪومتي پرستيءَ سان شهرن ۾ زمين ۽ روزگار جا وسيلا فراهم ڪري نه رڳو لکين ماڻهن کي شهري ماحول سان ڳنڍي کين بدبودار جاگيرداراڻي غلاميءَ مان نجات ڏياري پئي سگهجي، پر ساڳي وقت سنڌ جي شهرن اندر آباديءَ جي توازن کي سنڌين جي حق ۾ ڪجهه بهتر به بڻائي پيو سگهجي. اها تبديلي نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي شهري اتحادين کي قبول نه هئي، پر پارٽيءَ اندر قابض وڏيرن کي به قبول نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو قرضن ۽ وڏيرڪي غلاميءَ جي بيزار ٿيل انهن لکين ماڻهن کي زبردستي انهن ماڳن ڏانهن موٽايو ويو، جتي جاگيرداريت جي گهڻ. منهين بلا سندن اوسيئڙي ۾ ويٺل هئي، جن ماڻهن ٻوڏ ستايلن جي ڪيمپن ۾ امدادي ڪم ۾ حصو ورتو هو، تن کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته شهري علائقن ۾ پهتل اهي ماڻهو ڳوٺن ڏانهن واپس وڃڻ ۾ راضي نه هئا. سندن هڪ وڏي گهڻائي شهرن ۾ رهائش ۽ روزگار ملڻ لاءِ آتي هئي. حڪومتي ڌر جي وڏيرن انهن ٻوڏ ستايلن کي ٻهراڙين ۾ پنهنجي غلاميءَ ڏانهن واپس ورڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ٻه ڪم ڪيا. هڪ ته سرڪار کان فيصلو ڪرائي وطن ڪارڊ تي ملندڙ رقم رڳو انهن ئي ضلعن جي بئنڪن مان ملڻ جو شرط لاڳو ڪرايو ويو، جتان اهي متاثرين لڏي ڪيمپن ۾ پهتا هئا. شروع ۾ نادرا پاران وطن ڪارڊ وسيلي ڪٿان به بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ جي سهولت جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن کي سرڪاري وڏيرن جي مطالبي تي حڪومت تبديلي ڪرايو. ان فيصلي سان ٻوڏ سٽيلن کي اها لالچ ڏني وئي ته پنهنجي ضلعن ۾ واپس اچي ويهن هزارن جي پهرين قسط وٺو ته اجها ٿي 80 هزار جي ٻي قسط پهچي. حڪومت کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ان وٽ 80 هزارن جي ٻي قسط ڏيڻ جيترا پئسا موجود به ناهن، پر جيئن ته ماڻهن کي وڏيرن جي غلاميءَ ۾ واپس هڪلڻو هو، تنهن ڪري هڪ لک رپيا في گهراڻي جا ڏٽا ڏئي ماڻهن کي پنهنجن ضلعن ڏانهن واپس آڻڻ جو ڍونگ رچايو ويو. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏيرن جي فرمائش تي ٻيو ڪم اهو ڪرايو ويو، جو اڃا ٻوڏ سٽيل علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي به نه نڪتو هو ته سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڪيمپن ۾ ماڻهن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ وارو سلسلو بند ڪرايو ويو. لکين ماڻهن کي هٿين خالي بي يارومددگار زبردستي ڪيمپون خالي ڪرائي ڪڍيو ويو ته جيئن اهي مجبور ٿي وڏيرن جي شڪار گاهن ڏانهن واپس ورن. ڪيترين ئي غير سرڪاري تنظيمن جي ڪيمپن کي به اهو چئي سرڪاري مشينريءَ وسيلي خالي ڪرايو ويو ته هاڻي رليف جو مرحلو ختم ٿي چڪو آهي ۽ حڪومت ماڻهن کي ٻني کيڙڻ لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ جي مدد سان گڏ گهر اڏڻ لاءِ به پئسا فراهم ڪري رهي آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي ڇڏيو ته هو پنهنجي بحاليءَ جي ڪم کي لڳن. ڪجهه هفتن اندر ئي پتو پئجي ويو ته نه حڪومت پاران هارين کي زمين جي بحالي ۽ ٻج ڀاڻ جي مڪمل سهولت ملي ۽ نه ئي کين وطن ڪارڊ جي ٻي قسط نصيب ٿي. ان سڄي ٺڳيءَ وسيلي چالاڪ وڏيرن حڪومتي مشينري ۽ وسيلن کي استعمال ڪري ماڻهن کي شهرن ۾ آباد ٿي سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ ڪا تبديليءَ جي لهر آڻڻ بجاءِ کين پنهنجي علائقن ڏانهن واپس ورايو، جتي کين پنهنجي شهنشاهيت برقرار رکڻ لاءِ لکين غلامن جي هر وقت ضرورت رهي ٿي. انهن ئي ماڻهن جا ووٽ آهن، جن جي بنياد تي اهي وڏيرا اقتداري ايوانن ۾ پير رکن ٿا. اهو ڪيئن ممڪن هو ته هو انهن لکين ووٽن جي به قرباني ڏين ۽ لکين ماڻهن کي پنهنجي غلاميءَ جا ٻنڌڻ ٽوڙي شهرن جي نسبتن باعزت معاشري جو حصو ٿيڻ ڏين. جيڪڏهن اهي هزارين سنڌي ڪٽنب ڪنهن طرح شهرن ۾ آباد ٿي وڃن ها ته ڪجهه سالن اندر سنڌ ۾ شهري وچولي طبقي جي هڪ ٻي وڏي لهر جنم وٺي ها، جيڪا سنڌي سماج جي بنيادن کي بدلائڻ ۾ ڪو غير معمولي ڪردار ادا ڪري سگهي ها. اهو ئي سبب آهي جو وڏيرڪي طبقي اهو ممڪن ٿيڻ نه ڏنو. اهڙي طرح حڪومت وڏيرن توڙي شهري اتحادين ٻنهي کي خوش ڪيو.
حڪومت تي قابض ان وڏيرڪي طبقي سنڌ ۾ سماجي تبديليءَ جي عمل کي روڪڻ لاءِ ٽي ٻيا اهم ڪم ڪيا، هڪ ته سنڌ جي ٻهراڙين لاءِ تمام گهڻن اعلانن ۽ واعدن جي باوجود مکيه روڊ نيٽ ورڪ کي هٿي ڏيڻ بجاءِ ننڍا ننڍا لنڪ روڊ ٺاهڻ کي اوليت ڏنائون. هونءَ ته لنڪ روڊ به اهم سهولت آهن ۽ ضرور ٺهڻ گهرجن، پر مکيه روڊ نيٽ ورڪ وسيلي ٻهراڙيءَ کي شهرن سان ڳنڍڻ بجاءِ لنڪ روڊن وسيلي ڳوٺن کي ڳوٺن سان ڳنڍڻ جو مقصد ڳوٺن ۽ شهرن جي لهه وچڙ ۾ تيزي واري عمل کي روڪڻ هو. هن دليل جو مقصد بنهه اهو ناهي ته ڳوٺن کي ڳوٺن يا ننڍن شهرن سان نه ڳنڍڻ گهرجي، اهو عمل به تمام ضروري آهي پر سماجي تبديليءَ لاءِ ان کان به وڌيڪ اهم سيڙپ ڳوٺن کي شهرن سان ڳنڍڻ وارو مکيه روڊ نيٽ ورڪ ٺاهڻ آهي. مکيه رستن جي ڄار سان جڏهن ٻهراڙيون شهرن سان ڳنڍجنديون ته نه رڳو ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ شهري رنگ ايندو، پر ساڳي وقت ٻهراڙيءَ جي آبادي شهري آباديءَ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان سندن سياسي سوچ جا بنياد به بدلجندا. ٿوري غور ڪرڻ سان نظر ايندو ته گذريل چئن سالن دوران سنڌ اندر نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي جي سڌارڻ لاءِ ڪا به نمايان اڳڀرائي نه ڪئي وئي. ساڳي طرح ڪراچي ۽ حيدرآباد کي باقي سنڌ سان ڳنڍڻ لاءِ ڪن به وڏين شاهراهن جون نمايان رٿائون عمل هيٺ نه آنديون ويون.
2010ع جي برساتن ۽ ٻوڏن کان پوءِ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارا سمورا روڊ برباد ٿي ويا هئا. انڊس هاءِ وي، جيڪو سيوهڻ کان سکر تائين اڳي ئي سفر جوڳو نه هو، ان جا وڏا حصا کڏ کوٻن ۾ تبديل ٿي ويا، جن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻيڻو ڪرڻ جا اعلان ٿيندا رهيا، پر عمل ڪو به نظر نه آيو. انڊس هاءِ وي جو حال خراب ٿيڻ کان پوءِ ٽريفڪ جو سمورو وزن نيشنل هاءِ وي ڏانهن منتقل ٿي ويو، جنهن سبب بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ ٻيڻو ڪيل ان مکيه رستي جو حال هاڻي انتهائي خراب ٿي چڪو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ملائيندڙ سپر هاءِ وي کي ڪاغذن ۾ موٽروي جو درجو ڏنو ويو، پر ان جو حال لنڪ روڊن جهڙو آهي. ٿر ۾ گذريل حڪومت دوران بهتر معيار جي تعمير ٿيل روڊن کي برساتن سبب تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي پنجاب مان جيئن سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو، ان جو حال ڪچي رستي کان به خراب ٿي وڃي ٿو. چئن سالن دوران ان جي سڌاري لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو. ان جي ابتڙ لنڪ روڊن جي روزانو ٿيندڙ افتتاحن تي زور رکيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ ٻئي قسم جي سياست ڪم ڪري ٿي. جڏهن ڊاڪٽر قيصر بنگالي سنڌ ۾ ترقيات کاتي جو صلاحڪار هو ته هن سنڌ سرڪار کي مکيه رستن جي ڄار جو هڪ ماسٽر پلان ٺاهي پيش ڪيو هو. ان نيٽ ورڪ هيٺ 8 مکيه روڊ تعمير ٿيڻا هئا، جنهن سان سنڌ جي ٻهراڙين جا اهم ضلعي مرڪز هڪ ٻئي سان ڳنڍجي سگهن ها. اهو ماسٽر پلان سنڌ سرڪار منظور به ڪري ڇڏيو، پر ان تي عملي اڳڀرائي اڃا ٿيندي نظر نه ٿي اچي، ڇو ته ان جي پٺيان ڪا سياسي ڪمٽمينٽ ناهي. گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ حڪومت رڳو موجوده روڊن جي مرمت ۽ بحاليءَ تي هڪ کرب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي. ضلعي حڪومتون سالياني پروگرام ۾ لنڪ روڊن تي الڳ رقمون رکن ٿيون، اهو سڀ ڪجهه سطحي رٿابندي ۽ مال ڪمائڻ جي چڪر ۾ سنڌ جي ٻهراڙين کي عملي طور ڪا به ترقي نه ٿو ڏياري سگهي. رورل ڊولپمينٽ هڪ مڪمل سائنس آهي، جنهن جي مهارت ته موجود آهي، پر ان کي اڳڀرائي ڏيڻ لاءِ سياسي نيت جي ضرورت آهي. وڏيرڪو ٽولو ٻهراڙين کي شهرن سان ڳنڍڻ لاءِ مکيه روڊن جي ان ڄار کي آسانيءَ سان ٺهڻ نه ڏيندو، باقي لنڪ روڊن جون رقمون رکڻ ۾ سندن سخاوت اڳي کان اڳري رهندي. سڀني کي خبر آهي ته اهي لنڪ روڊ ڪمائيءَ جو نهايت سڻڀو ذريعو آهي. انهن رٿائن وسيلي نه رڳو سياسي بنيادن تي ٺيڪا ڏيڻ جو ڪاروبار جاري رهي ٿو، پر ساڳي وقت چڱي چوکي آمدني به ڪامورن توڙي سياستدانن جا کيسا آباد رکي ٿي. ٻيو اهم ڪم اهو ڪيو ويو جو ٻهراڙين جي انفراسٽرڪچر ۾ ڪو به سڌارو نه آندو ويو. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ضلعي توڙي تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ رستن، نالين، برساتي پاڻيءَ جي نيڪال جي سهولتن ۽ بجلي جي نظام کي سڌارو ڏيارڻ بدران گذريل سالن جيان ساڳي طرح برباد رکيو ويو. انهن جو رهيو سهيو نور به برساتن ۽ ٻوڏن ۾ چٽ ٿي ويو. هڪ طرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري تنظيم پنهنجي علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر کي ڏسڻ جوڳو بڻايو ته ٻئي طرف باقي سڄي سنڌ عملي طور اهڙي ئي کنڊر بڻيل آهي، جهڙي مشرف جي دور ۾ هئي، جنهن کي ان دور جي مخالف دور ۾ ويٺل پيپلز پارٽي روز سنڌ دشمنيءَ جا طعنا ڏيندي هئي.
ان ڏس ۾ ٽيون ڪم اهو ڪيو ويو ته هن حڪومت ۾ شامل وڏيرن، ٻهراڙين اندر سماجي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ تمام وڏن اعلانن جي باوجود صنعتڪاريءَ کي هٿي نه ڏني. موجوده حڪومت جي سربراهن پاران ڪيئي ڀيرا اهي اعلان ڪيا ويا ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ صنعتي زون قائم ڪيا ويندا، پر هاڻي جڏهن حڪومت پنهنجو مدو ذري گهٽ اچي پورو ڪيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نه رڳو اهو ته ڪا نمايان نئين صنعتي سيڙپ نه ٿي آهي، بلڪه نيم شهري ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ هلندڙ ننڍن وڏن ڪاروبارن کي به بدامني ۽ لوڊشيڊنگ هٿان اڳي کان وڌيڪ بدحال ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ نوجوانن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ اهليت ۽ چٽاڀيٽيءَ وسيلي اسرڻ جا موقعا ڏيڻ بجاءِ کين روايتي شارٽ ڪٽ تائين محدود رکڻ لاءِ سفارشي نوڪرين جي پٺيان ڊوڙايو ويو ۽ سياسي آڌار تي ملندڙ سرڪاري وظيفن وارن پروگرامن ۾ اربين رپيا ٻوڙيا ويا. جيئن ته حڪومتي وڏيرا سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بنيادي تبديليءَ جا روحاني مخالف آهن، تنهن ڪري ڏيڍ مهيني کان بند پيل سنڌ يونيورسٽيءَ جي کين ٽڪي جي پرواهه نه آهي. کين ان ڳالهه سان ڪو تعلق ئي ناهي رهيو ته سنڌ جي مستقبل جا مفاد ڪهڙن ڪمن ۾ آهن. جاگيرداراڻي قيادت جي هرممڪن ڪوشش آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ شهري ترقيءَ وارو ماحول عام نه ٿئي ۽ نه ئي وري ٻهراڙين مان ماڻهو شهرن ۾ آباد ٿي سگهن. تنهن ڪري هو ٻهراڙين جي پيداواري سرشتي کي مدي خارج زرعي نظام هٿان مفلوج رکڻ گهرن ٿا. اهوئي ڪارڻ آهي جو ٻهراڙين ۾ مينوفيڪچرنگ ته ڇڏيو، زرعي بنيادن واري صنعتڪاريءَ کي به پير رکڻ نه ٿو ڏنو وڃي. سنڌي وچولي طبقي جي اوسر لاءِ نهايت ضروري آهي ته وچولي طبقي جا سياسي ۽ غيرسياسي ادارا متبادل حڪمت عمليون جوڙي سرڪاري ڍانچي کان ٻاهر سنڌ جي سماجي اوسر جا رستا ڳولين.
(روزانه ڪاوش، اڱارو 28 فيبروري 2012ع)