سنڌ جي ورهاڱي جون خواهشون ۽ زميني حقيقتون
پنهنجي گذريل مضمون ۾ مون بين الاقوامي سياست ۽ عسڪري مفادن جي حوالي سان ڪراچيءَ جي آئيندي بابت بحث ڪيو هو. ان مضمون جي موٽ ۾ تمام گهڻن پڙهندڙن ۽ دوستن فون ۽ اي ميل ذريعي ان بابت ويچار ونڊيا. ان تسلسل ۾ هيٺيون حقيقتون ذهن ۾ رکڻ گهرجن ته جيئن ان بحث کي اڳتي وڌائي سگهجي.
مضمون ۾ ڪيل بحث ڪنهن صحافتي ڄاڻ جي آڌار نه پر ڪيترن ئي لاڳاپيل دستاويزن جي اڀياس آڌار ڪيل تجزيو هو. تنهن ڪري ان بحث کي صرف هڪ نقطئه نظر سمجهڻ گهرجي، جنهن بابت هڪ کان وڌيڪ رايا رکڻ ۾ ڪو هرج ناهي. عالمي طاقتون هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي آپشنز تي ڪم ڪنديون آهن. ڪراچيءَ بابت منهنجو تجزيو هڪ ممڪنه آپشن طور آهي. اهو به ممڪن آهي ته بدلجندڙ زميني حقيقتن آڌار عالمي طاقتون ڪنهن ٻئي آپشن کي ڪتب آڻين ۽ بحث هيٺ آندل آپشن ڊرائنگ بورڊ تان مٽجي وڃي. ايئن کڻي چئجي ته اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ ممڪن ته آهي، پر ضروري ناهي ته ايئن ئي ٿئي. ٽئين ۽ نهايت اهم ڳالهه اها ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو آئيندو ڇا ٿيندو؟ ان جو فيصلو رڳو عالمي طاقتون، ملڪي حڪومت يا سنڌ جي ورهاڱي جي خواهش رکندڙ ڌريون نه ڪنديون. ڪراچيءَ جي آئيندي جو اصل فيصلو سنڌي عوام جو ردعمل ڪندو. دنيا جي تاريخ ۾ قومي شعور ۽ ٻڌي وسيليءَ سنڌين کان وڌيڪ ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ قومن عالمي طاقتن جي ايجنڊا کي شڪست ڏني آهي. سمورين ڪمزورين ۽ اوڻاين جي باوجود ٽي کان چار ڪروڙ سنڌي هڪ سگهاري، باشعور ۽ وطن پرست قوم آهي، جن کي آسانيءَ سان شڪست ڏئي پنهنجا فيصلا مٿن مڙهي نه ٿا سگهجن. هن مضمون ۾ اسان اهو بحث ڪنداسين ته سنڌي قوم کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن.
سنڌ ۾ الڳ صوبي واري هاڻوڪي لهر کي رڳو ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ واري سياسي چالاڪيءَ تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي. منهنجي نظر ۾ 2014ع ۾ افغانستان مان نيٽو فوجن جي واپسيءَ کان اڳ هن خطي ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جي توقع آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادي هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏاکڻي چيني سمنڊ اندر پنهنجي فوجي سگهه کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان به ڏيندا ۽ ان معاملي ۾ چين ۽ ڀارت سان سندن لاڳاپا نئين شڪل اختيار ڪندا. آمريڪا، چين ۽ ڀارت هن خطي ۾ پنهنجي فوجي ۽ معاشي سگهه کي مضبوط ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ هن خطي اندر هڪ نئين سرد جنگ جي شروعات ڪري چڪا آهن. ان پسمنظر ۾ ملڪ جي چئني صوبن ۾ نوان صوبا ٺاهڻ واري هڪ ئي وقت تيز ٿيل مهم جي مساوات ان سرد جنگ سان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳنڍيل آهي. پيپلز پارٽي حڪومت ان سڄي گيم ۾ شعوري طور ملوث آهي، جنهن لاءِ مون وٽ هيٺيان دليل آهن.
سرائيڪي صوبي جي قيام لاءِ، 18 هين ترميم جيان سڀ ڪنهن جي شراڪت ۽ هم خيالي پيدا ڪرڻ واري سياسي واٽ وٺڻ بجاءِ پ پ حڪومت مهم جوئي وارو رستو اختيار ڪيو ۽ سڌو سنئون قومي اسيمبليءَ ۾ قرارداد آڻي نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ شارٽ ڪٽ وارو طريقو اختيار ڪيو. اهڙي طرح سڀاڻي ٻين ڌرين کي به نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آئيني طريقن بجاءِ مهم جوئي وارو طريقو واپرائڻ جو دڳ ڏنو ويو.
قومي اسيمبليءَ ۾ ايم ڪيو ايم کي اهڙو بل آڻڻ جي اجازت ڏني وئي، جيڪو سڌو سنئون 18 هين ترميم جي روح جي ابتڙ آهي. ان بل موجب قومي اسيمبلي سڌو سنئون صوبا ورهائڻ جا اختيار پاڻ وٽ رکي سگهي ٿي، جنهن جو ڪو به اصولي ۽ اخلاقي جواز نه ٿو نظر اچي. ان بل ۾ چٽن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته صوبن جون سرحدون مقدس ناهن. هڪ طرف اهڙو عوام دشمن بل اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏني وئي ته ٻئي طرف سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسرور جتوئيءَ جي ٺهراءُ کي ڪميٽي جي سرد خاني ۾ اڇليو ويو. اهو ٻٽو معيار صاف ظاهر ڪري ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت شعوري طور ان سڄي ڪارروائيءَ ۾ شامل آهي. گذريل سال اڌ رات جو سنڌ اندر ٻه انتظامي ڍانچا ڏيڻ جو اعلان ڪري پيپلز پارٽي عملي طور سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. ياد رهي ته ان اعلان ٿيڻ وقت سنڌ جو وڏو وزير به موجود هئو، تنهن ڪري رڳو بابر اعواڻ کي ان جو ذميوار قرار ڏئي پيپلز پارٽي سنڌ واسين جي اکين ۾ ڌوڙ نه ٿي وجهي سگهي.
مهاجر صوبي واري مهم شروع ٿيڻ کان پوءِ ڀتين تي چاڪنگ، بل بورڊ ۽ بئنر سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ لڳل رهيا، پر ڪيترن ئي هفتن تائين پيپلز پارٽي حڪومت ان تي اکيون ٻوٽي ويٺي رهي ۽ انهن کي هٽائڻ جو حڪم تڏهن جاري ڪيو ويو، جڏهن اها مهم پاڙون، پڪڙي چڪي هئي ۽ ان جو نتيجو ”محبت سنڌ“ جو پرامن ريليءَ مٿان دهشتگردن جي حملي ۽ چوڏهن شهادتن جي شڪل ۾ نڪتو. پ پ حڪومت جي مجرماڻي ماٺ ان سڄي مهم ۽ خونريزيءَ جو ڪارڻ بڻي.
سنڌ کي ورهائڻ جي ان سڄي مهم جي ٻي اهم ذميواري پيپلز پارٽيءَ جي اتحاد ڌر ايم ڪيو ايم تي لاڳو ٿئي ٿي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر ايم ڪيو ايم سنڌ جي ماڻهن کي ايترو اٻوجهه ۽ ناسمجهه ڇو ٿي سمجهي. هڪ طرف اها سنڌ جي ورهاڱي خلاف اعلان ٿي ڪري، ٻئي طرف سندس ذميوار اڳواڻ ٽي وي چئنلز تي ڏينهن رات الڳ صوبي واري مهم جو هر طرح سان دفاع به ڪندا رهن ٿا. ان مهم کي آئيني حق ۽ عوام جي جذبن جو اظهار قرار ڏيندڙ سندن ذميوار اڳواڻ ايتري حد تائين به وڃن ٿا، جو ان مهم جي نتيجي ۾ ڪنهن ممڪنه وڏي رتوڇاڻ کي جسٽيفاءِ ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم جي هڪ سينئر اڳواڻ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته رتوڇاڻ ته پاڪستان ٺهڻ وقت به ٿي هئي، پوءِ ڇا پاڪستان نه ٺاهڻ گهرجي ها؟ ايم ڪيو ايم نه رڳو اهو ته ان مهم جي کليل لفظن ۾ مذمت ۽ مخالفت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بلڪه هاڻي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته اها مهم سندن ئي فيڪٽريءَ جي پراڊڪٽ آهي. ورهين تائين ماٺ رهندڙ ماڻهو اوچتو ٻرن مان نڪري پراڻيون تنظيمون بحال ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي مهم ڪراچيءَ جي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت کان سواءِ هلائي رهيا هجن، اها ڳالهه ناممڪن آهي. ايم ڪيو ايم هڪ عرصي کان چوندي رهي آهي ته اها سنڌ ۾ سمورن سنڌين سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿي، اردو ڳالهائيندڙ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهن ٿا ۽ پاڻ کي سنڌي سمجهن ٿا. سندن اهڙن خيالن جو سنڌ واسين هميشه هاڪاري آڌرڀاءُ ڪيو آهي. ان جي باوجود ڪيترن ئي معاملن تي سندن عملي رويو مختلف رهيو آهي. گذريل سال سنڌ کي ٻن انتظامي ڍانچن هيٺ آڻڻ واري اعلان وقت سندن گورنر عشرت العباد به موجود هئو، ساڳئي طرح صوبو ورهائڻ واري هاڻوڪي مهم بابت سندن ٻٽي پاليسي انهن سنڌ واسين لاءِ ڪئين سوال اڀاري ٿي، جيڪي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌ جو مستقل رهواسي ۽ سنڌ جي وارثيءَ جو حقدار تصور ڪن ٿا. ٻن ٻيڙين ۾ پير رکڻ واري ان سياسي غيردانشمنديءَ جا نتيجا سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙ آبادين، ٻنهي لاءِ سٺا نه نڪرندا. ايم ڪيو ايم کي گهرجي ته ان معاملي ۾ پنهنجو ڪردار چٽو ڪري، نه ته هاڻوڪي صورتحال ۾ سنڌ کي ورهائڻ واري ان مهم ۾ سندن حمايت ۽ ڀائيواريءَ کان انڪار ڪرڻ سندن لاءِ ممڪن نه رهندو ۽ نتيجو سنڌ اندر هڪ ڀوائتي لساني ڇڪتاڻ جي شڪل ۾ نڪري سگهي ٿو، جيڪا ڳالهه سنڌ جي ڪنهن به رهواسيءَ جي حق ۾ بهتر ناهي.
ان سموري پسمنظر ۾ البته اها ڳالهه ورجائڻ ضروري آهي ته ڪراچي جي قسمت جو اصل فيصلو عالمي طاقتون، پيپلز پارٽي يا ايم ڪيو ايم نه پر سنڌ واسين جو سياسي ردعمل ڪندو. سڄي سنڌ ۾ هڪ به سنڌي اهڙو ناهي، جيڪو سنڌ جي ورهاڱي کي قبول ڪرڻ ته پري، ان لاءِ سوچيندو به هجي. ساڳي طرح اردو ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ لکين سنڌ واسي پڻ سنڌ جي ورهاڱي جي سخت خلاف آهن ۽ هو ان کي سنڌ ۾ هڪ خطرناڪ رتوڇاڻ جي سازش جو ذريعو سمجهن ٿا. ان ڪري سنڌ جي ورهاڱي جي خواهشمند ڌرين کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هنن هڪ اهڙي ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، جنهن جو نه رڳو پورو ٿيڻ ممڪن ناهي، پر ساڳئي وقت اهو سندن پنهنجو آئيندو به برباد ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ڪيترن ئي موقعن تي اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ واسي گڏيل شعور، پرامن جدوجهد ۽ سياسي ٻڌيءَ سان سندن مفادن خلاف هر سازش ۽ طاقت کي شڪست ڏيندا رهيا آهن، تنهن ڪري سنڌ جي ورهاڱي واري هن مهم جو انجام به مختلف نه نڪرندو. منهنجي راءِ ۾ سنڌ واسين ۽ خاص طور تي قومپرست ڌرين کي ان مهم کي روڪڻ لاءِ هيٺيان طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن:
ڪنهن به قيمت تي سنڌ ۾ لساني ٽڪراءُ ٿيڻ کان روڪيو وڃي. صوبو ورهائڻ جون خواهشمند ڌريون چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿيون ته آئيني طريقن سان صوبو ورهائجي نه سگهندو، تنهن ڪري هو هرممڪن ڪوشش ڪندا ته سنڌ ۾ رهندڙ ڪروڙين پرامن اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادين ۾ ٽڪراءُ ٿئي. اهڙي ئي ڪوشش ڪراچيءَ ۾ ”محبتِ سنڌ“ ريلي تي حملي وسيلي ڪئي وئي ۽ سنڌ واسين پنهنجي روايتي شعور جو مظاهرو ڪندي دهشتگرديءَ جي ان عمل کي لساني رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿيڻ نه ڏنو.
سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا ڪيترائي ساڃاهه وند فرد الڳ صوبي واري مهم جي کليل لفظن ۾ مخالفت ڪري رهيا آهن. اهڙن سمورن سنڌ دوست ماڻهن سان رابطا رکيا وڃن ۽ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي اهڙين شخصيتن کي سنڌ جي جاگرافيائي سڄائي برقرار رکڻ واري سنڌ دوست مهم جو حصو بڻايو وڃي.
شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ عوامي جاڳرتا وسيلي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم تي دٻاءُ وڌو وڃي ته اهي سنڌ جي جاگرافيائي سڄائيءَ بابت پنهنجي قول ۽ عمل جي ٻيائيءَ کي ختم ڪن. جيڪڏهن اهي ڌريون ڪنهن عالمي طاقت جي ايجنڊا جي پورائي لاءِ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ڪنهن رٿابنديءَ تي عمل ڪري رهيون آهن ته پوءِ عوام اڳيان پنهنجو اصل مهانڊو سامهون آڻين. ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ اندر سڀاڻي ٿيندڙ ڪنهن به نقصان يا انساني المئي جي ذميواري انهن ٻنهي ڌرين تي لاڳو ٿيندي.پيپلز پارٽي عوام کي ڀلي اهي لطيفا ٻڌائي ته ان مهم پٺيان نوازشريف جو هٿ آهي، پر ظاهر آهي ته سنڌ جا ماڻهو ايترا سادا ۽ اٻوجهه ناهن، جيترو اهي ٻه ڌريون کين سمجهن ٿيون.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اندر ويٺل سمجهدار ۽ سنڌ دوستيءَ جي دعويدار اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پارٽيءَ اندر ان سوال تي قيادت کان چٽن لفظن ۾ پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. چونڪه.....چنانچه......۽ جيئن ته....جهڙا کوکلا دليل ٻڌڻ بجاءِ کين پنهنجي قيادت کان جرئت ڪري سڀ سچ پڇڻ گهرجي ۽ مطمئن نه ٿيڻ جي صورت ۾ کين پارٽي ۽ سنڌ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻ گهرجي. ان سوال تي چٽي راءِ رکڻ ۽ اظهار ڪرڻ کان سواءِ سنڌ واسي کين سنڌ جي ورهاڱي جي سازش ۾ ڀائيوار سمجهڻ تي مجبور هوندا.
ڪراچي تاريخي طور سنڌ واسين جو شهر آهي، تنهن ڪري روزگار، رهائش، واپاري ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ اڳي کان اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. هر سنڌ واسيءَ کي سمجهڻ گهرجي ته روزگار جي حوالي سان ڪراچي سنڌ جو سڀ کان اسريل شهر آهي، جتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ پرڏيهه مان لکين ماڻهو انهن سهولتن مان فائدو وٺي رهيا آهن. تنهن ڪري کين محنت مزدوريءَ لاءِ ضرور ڪراچيءَ جو رخ ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪراچيءَ ۾ پنهنجون سرگرميون اڳي کان وڌيڪ تيز ڪن ۽ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ امن دوست ڪراچي واسين کي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو حصو بڻائين، سنڌي ثقافت کي ڪراچيءَ جي سڃاڻپ بنائڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي.
سنڌ جي سمورين سياسي تنظيمن کي گهرجي ته اهي ڪراچيءَ ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪن. سندن قيادت اتي وقت ڏئي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي توڙي ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت لاءِ متحرڪ ڪري. دهشتگرديءَ جي ستايل ڪراچي واسين کي هر طرح جي سياسي واهر فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. قومپرست تنظيمن کي خاص طور تي پنهنجي پرامن سياسي جدوجهد جو مرڪز ڪراچيءَ کي بنائڻ گهري. هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولو، جيڪو زبان ۽ قوميت جي سڃاڻپ سان ڪو به تعلق نه ٿو رکي، ان لکين پرامن ڪراچي واسين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، جنهن لاءِ ڪراچي واسين ۾ سياسي مالڪيءَ جو احساس اڀارڻ جي ضرورت آهي. دهشتگرديءَ جو شڪار ماڻهو ڀلي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، ان کي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي جدوجهد ۾ ساڻ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
سنڌ جي قومپرست ڌرين کي گهرجي ته اهي سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جهڙي غير معمولي اهميت واري سوال تي ڇڙوڇڙ رد عمل ڪرڻ بجاءِ سپنا جي گڏيل پليٽ فارم کي استعمال ڪن. سنڌ جي هن انتهائي حساس سوال تي ڪانفرنس، جلسا يا بيان ڪوشش ڪري سپنا جي پليٽ فارم تان ڪيا وڃن ته جيئن ان آواز ۾ سگهه نظر اچي. هونئن ته هر قومپرست پارٽيءَ جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ عوامي سگهه موجود آهي، پر معاملي جي حساسيت ۽ سنگينيءَ جي تقاضا آهي ته سمورين ڌرين جي سگهه کي گڏائي استعمال ڪجي. سپنا جي پليٽ فارم تان ڪراچيءَ ۾ هڪ رابطا سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي معاملي تي ڪراچيءَ مان ويهي جدوجهد جي سرواڻي ڪري. سپنا ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙن معاملن تي گڏيل پليٽ فارم طور نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان پليٽ فارم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ نهايت ضروري آهي.
نه رڳو سنڌ پر ملڪي سطح تي ان راءِ کي هموار ڪجي ته سنڌ جو ورهاڱو چاهيندڙ ڌريون درحقيقت پاڪستان کي ٽوڙڻ جي خواهش رکندڙ پرڏيهي طاقتن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن. ملڪي سطح جي هڪ اهڙي جدوجهد وسيلي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪندڙ طاقتن کي اڪيلو ڪرڻ گهرجي. حقيقت اها آهي ته نسلي بنيادن تي تحريڪون قائم ڪري سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا ڪندڙ ماڻهن جو ڪردار انتهائي مشڪوڪ آهي. ايڏي وڏي مهم جي اوچتي شروعات پٺيان بنا شڪ شبهي جي اهي طاقتون ملوث آهن، جيڪي پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري هن خطي ۾ پنهنجا عسڪري، سياسي ۽ معاشي مفاد حاصل ڪرڻ گهرن ٿيون.
سنڌ جي سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ کي گهرجي ته اقوام متحده ۽ نيٽو ملڪن جي سفارتڪارن سان لهه وچڙ ۾ اچي، کين چٽن لفظن ۾ ٻڌائين ته سنڌ جي ورهاڱي جي ڪنهن به ڪوشش پٺيان سندن هٿ هجڻ وارو تاثر سنڌ واسين ۾ عام ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري کين هن خطي ۾ پائيدار امن خاطر ان قسم جي ڪنهن به سوچ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن خطي اندر سندن ڪي به مفاد واسين کي ناراض ڪرڻ سان پورا نه ٿي سگهندا. جيڪڏهن انهن مان ڪو به ملڪ ڪنهن مفاد خاطر سنڌ جي ورهاڱي واري سوچ رکندڙ ڌرين جي ڪا به سڌي يا اڻ سڌي واهر ڪري رهيو آهي ته کين ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ايئن ڪرڻ سان هو انهن ڪروڙين سنڌين جي مخالفت کڻي رهيا هوندا، جيڪي امن پسند، دهشتگردي مخالف، سهپ ۽ رواداري جا امين ۽ عالمي امن ۾ يقين رکندڙ قوم آهن. هن وقت جڏهن آمريڪا ۽ اولهه جا ملڪ سڄي دنيا ۾ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهاند ۾ آهن ته کين هن خطي جي سڀ کان وڏي دهشتگردي مخالف ۽ پرامن بقاءِ باهمي ۾ ويساهه رکندڙ قوم کي پٺي ڏيڻ بجاءِ کين پنهنجو اتحادي بڻائڻ گهرجي.
ڪراچي سنڌ واسين لاءِ رڳو جذباتي معاملو نه پر اصولي معاملو آهي. ملڪي آئين ۽ قانون قومن جي تاريخي حقن ۽ سڃاڻپ کان مٿانهان نه هوندا آهن، تنهن ڪري سنڌ واسي جمهوريت جي نالي ۾ ڪنهن به اهڙي آئين سازي ۽ قانون سازيءَ کي تسليم نه ڪندا، جيڪا سندن تاريخي وطن کي ٽڪرا ڪرڻ جا بنياد ۽ دليل فراهم ڪري. سنڌ واسين لاءِ جمهوريت ۽ پيپلز پارٽيءَ لاءِ محبت ۽ احترام سنڌ سان واڳيل آهي. جڏهن ۽ جتي سندن ڌرتي، ثقافتي ۽ قومي وجود لاءِ جمهوريت ۽ پيپلز پارٽي سوال اڀارينديون، سنڌ واسي انهن کي ڀرپور طاقت سان جواب ڏيندا.
(روزانه ڪاوش، سومر 4 جون 2012)