ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ۾ حساس رُخن کي سمجهڻ جي ضرورت!
سنڌ ۾ هڪ پاسي ڌارين جي آمد جي نئين لهر جاري آهي ته ٻئي طرف سنڌ جا ماڻهو هر ممڪن طريقي سان احتجاج وسيلي حڪومت کي اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سنڌ هاڻي وڌيڪ ڌارين جو وزن برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ جي اُترين علائقن ۽ سرحد صوبي ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ جيڪي 25 لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. اهي هر طرح جي همدردي ۽ سهائتا جا مستحق آهن، حڪومت توڙي عوام کي سندن هر طرح جي واهر ڪرڻ گهرجي، پر ان جو مطلب هرگز اهو نه هجڻ گهرجي ته اهي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ سنڌ ڏانهن منهن ڪن، جتي انساني آباديءَ جي غير قانوني ٻوڏ مقامي آباديءَ جي ثقافت کان وٺي گذر جي وسيلن تائين هر شيءِ تي والار ڪري چڪي آهي. سوات ۽ مالاڪنڊ جي ماڻهن جي لڏپلاڻ جتي انساني لحاظ کان حساس معاملو آهي، اتي سندن سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ به انتظامي ۽ سياسي لحاظ کان ايترو ئي حساس معاملو آهي. تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو ان معاملي تي بلڪل چٽي راءِ رکن ٿا ته متاثرين جي واهر ۾ هو هر طرح سان هٿ ونڊائڻ لاءِ تيار آهن، باقي سندن سنڌ آمد تي سندن خدشا بنهه رد نٿا ڪري سگهجن. ان معاملي جي حساسيت کي سمجهندي جنهن متوازن ۽ ساڃاهه ڀري حڪومتي پاليسيءَ جي ضرورت آهي، اها بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت وٽ نظر نٿي اچي. سنڌ حڪومت جو ان معاملي بابت موقف هينئر تائين هيٺين ٻن نقطن تي ٻڌل رهيو آهي.
(1) ڏتڙيلن جي سنڌ ۾ اچڻ آئيني لحاظ کان درست ۽ انساني لحاظ کان ضروري آهي، تنهن ڪري کين سنڌ اچڻ کان نٿو روڪي سگهجي، البت سنڌي ماڻهن جي خدشن کي نظر رکندي کين رجسٽر ڪري ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو ته جيئن هو حالتون صحيح ٿيڻ شرط پنهنجي گهرن ڏانهن واپس روانا ٿي وڃن.
(2) سنڌ جي ماڻهن ۽ قومپرست تنظيمن اڳي ايندڙ پرڏيهين ٻين صوبن مان ايندڙن جي آمد تي احتجاج ڇو نه ٿي ڪيا، جو هاڻي هڙتالون ۽ تحريڪون شروع ڪيون ويون آهن.
اچو ته انهن ٻنهي دليلن تي هڪ نظر وجهون. 1973ع جي آئين ۾ جتي ملڪ جي مختلف علائقن ڏانهن ماڻهن جي چرپر جي اجازت ڏنل آهي، اتي ڪجهه شرط لاڳو ڪري صوبن جي حڪومتن کي ڪنهن جي آمد کي روڪڻ لاءِ اختيار به ڏنا ويا آهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت جڏهن چاهيندي آهي ته محرم مهيني ۾ ٻين صوبن مان عالمن جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏيندي آهي يا سندن اتحادي نه چاهيندا آهن ته پوءِ عمران خان کي ڪراچي اچڻ نه ڏنو ويندو آهي. اهڙن ساڳين اختيارن هيٺ حڪومت چاهي ته سنڌ ۾ ٻين علائقن مان ٿيندڙ لڏپلاڻ کي روڪي سگهي ٿي. هلو ڀلا حڪومت جي پنهنجي موقف تي ٿا هلون ته سوات ڏتڙيلن کي انسانيت جي ناتي وقتي طور ڪيمپن ۾ رهائي سندن رجسٽريشن ڪئي ويندي. حڪومت سنڌ جي عوام کي ٻڌائي ته آپريشن- ڏتڙيلن جي سنڌ ۾ آمد کي ذري گهٽ مهينو اچي ٿيو آهي، هينئر تائين گهڻيون ڪيمپون لڳائي کين شهرن ڏانهن اچڻ کان روڪيو ويو آهي؟ سنڌ سرڪار پنهنجي اعلانيل انتظامن تي ئي عمل نٿي ڪري ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي خدشن کي ڪيئن ٿي رد ڪري؟ سرڪار وٽ رجسٽر ٿيل ڏتڙيلن جو انگ مس سوَن ۾ آهي، جڏهن ته اصل انگ بابت اندازو آهي ته اهو لک کان مٿي آهي. ان صورتحال ۾ ماڻهو حڪومت جي دعوائن تي ڪيئن ڀروسو ڪن. جيستائين سنڌ جي وڏي وزير جو اهو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ قومپرستن ڌارين جي آمد تي احتجاج ڇو نه ڪيا ته ان ڳالهه ۾ ڪو گهڻو وزن ناهي. سنڌ ۾ شايد ئي ڪا اهڙي ڪانفرنس، جلسو يا سيمينار هجي، جنهن ۾ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف آواز نه اُٿاريو ويو هجي.
حڪومتي سطح تي به ڏسجي ته ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين جو انگ حدون اورانگهي ويو، تڏهوڪي وزيراعليٰ ايوب کهڙي ان تي سخت موقف اختيار ڪيو هو. مئي 1948ع تائين سنڌ ۾ ڪل 7 لک پناهگير اچي چڪا هئا، جڏهن ته پنجاب ۾ اڃا به 9 لک کن ماڻهو ڪيمپن ۾ هئا، جن جي وڏي حصي کي سنڌ آڻڻ لاءِ سانباها ٿي رهيا هئا، ڇو ته انهن مان اڍائي لک اڃا تائين آسمان هيٺ رهيل هئا. ايوب کهڙي هڪ لک کان وڌيڪ نوان پناهگير سنڌ ۾ آڻن کان انڪار ڪيو، هن چيو ته سنڌ مان لڏيندڙ هر هندوءَ جي جاءِ تي ٻه مسلمان هتي پهتا آهن ۽ هاڻي وڌيڪ ماڻهن کي سنڌ ۾ آڻڻ لاءِ وسيلا موجود ناهن. سندس ان موقف تي سندس حڪومت ختم ڪري پير الاهي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير ڪيو ويو هو. ان لحاظ کان ڏسجي ته اڄ جنهن ڪرسيءَ تي سيد قائم علي شاهه ويٺو اهي، ان تي 60 سال اڳ ويٺل ڪنهن شخص ڌاري آبادڪاريءَ تي نه رڳو مزاحمت ڪئي، پر ان جي قيمت به ڀريائين. ويجهي ماضيءَ ۾ به ڏسجي ته بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين حڪومت ۾ به بهارين کي آڻن جو اعلان ڪيو ويو ته سنڌ جي قومپرستن اسٽار گيٽ وٽ لکين ماڻهن گڏ ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو هو. ان وقت به سنڌ جو وزيراعليٰ قائم علي شاهه هو. تنهن ڪري سنڌ واسين پنهنجي وت آهر هميشه ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن احتجاج ڪيو آهي. هن ڀيري کين اها غلط فهمي هئي ته سندن ووٽ سان چونڊيل حڪومت سندن خدشن کي ذهن ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ پنجاب حڪومت جيتري همت ساريندي جتي اصل آباديءَ جي ٿورائيءَ ۾ تبديل ٿيڻ جو به ايترو وڏو خطرو موجود ناهي. سنڌ حڪومت طرفان ان معاملي تي قبوليت جوڳي حڪمت عملي نه جوڙڻ سبب جيئن جيئن سنڌ ۾ ڌاري آباديءَ جي نئين لوڌ جي آمد تيز ٿي ته سنڌ ۾ ان جي خلاف هڪ لهر اُڀري ۽ قومپرست تنظيمن طرفان هڙتالن جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ جي گهرو کاتي جي وزير جو ردعمل ضرورت کان وڌيڪ شديد ۽ ٻوليءَ جو استعمال اهڙو هيو، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ پ پ حڪومت لاءِ ويتر خراب تاثر پيدا ٿيو. مثال طور وزير صاحب اهو چيو ته ”هڙتال دوران وڳوڙين کي ڏسندي ئي گولي هڻبي ۽ بجاءِ ان جي ته ڪنهن شريف ماڻهو جو لاش گهر وڃي، چڱو ٿيندو ته ڪنهن بدمعاش جو لاش گهر وڃي. اصولي طور تي ته ڳالهه صيح آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وزير صاحب اها ڳالهه ان وقت ڇو نٿي ڪئي، جڏهن حڪومت ۾ شامل سندن اتحادي ڌريون 12 مئي تي هڙتال جو سڏ ڏئي رهيون هيون. حڪومت ان وقت ڪنهن بدمعاش کي گولي هڻڻ واري همت ڏيکارڻ بجاءِ 12 مئي تي عام موڪل ڪري جان ڇڏائي. هيءَ نئين روايت آهي ته هڙتال کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ عام موڪل ڪري ڇڏجي. گهڻو پٺتي نٿا وڃون رڳو گذريل اپريل جي 28 ۽ 29 هين تاريخن تي ڪراچيءَ ۾ دهشت جو راڄ هئو ۽ ٻن ڏينهن ۾ چاليهارو کن شهرين کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، تڏهن سنڌ حڪومت ڪيترن بدمعاشن کي گوليون هنيون؟ ان کان اڳي هن حڪومت جي دور ۾ رڳو ڪراچيءَ اندر جيترا معصوم شهري ماريا ويا آهن، تن مان ڪنهن هڪ جي ذميوار بدمعاش کي گولي هڻڻ ته پري حڪومت هڪ لٺ به نه هنئي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪو ڏينهن خالي ناهي، جڏهن ڌاڙيلن هٿان ماڻهو نٿا اغوا ٿين. جيڪي ڀُنگ نٿا ڀري سگهن، تن کي قتل ڪري لاش موڪليا ٿا وڃن. ويندي حڪومت ۾ ويٺل هڪ ايم اين اي جي ڀاءُ بابت خبرون ڇپيون ته هو ڳرو ڀُنگ ڀري ڌاڙيلن کان جند ڇڏائي آيو، ڇو ته بدمعاشن کي گوليون هڻڻ جا اعلان ڪندڙ حڪومت انهن ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن اڳيان بيوس آهي. لاقانونيت جي هن انڌي راڄ ۾ ته هر طرح جو ڏوهاري سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، پر سياسي ۽ قومي معاملن تي احتجاج ڪندڙن لاءِ سمورا قانون سرگرم ٿيو وڃن ۽ گوليءَ جو آرڊر جاري ٿيو وڃي. سنڌ جو گهرو وزير اسيمبليءَ جي فلور تي پنهنجي بيوسيءَ جي کليو اعتراف ڪندي چئي چڪو آهي ته سنڌ ۾ 15 لک غير قانوني پرڏيهي آباد آهن، پر اتحادي ساٿ نٿا ڏين ته کين ملڪ نيڪالي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجي زبان سان مڃيل 15 لک غيرقانوني ڌارين کي جهلي ملڪ مان نٿي ڪڍي سگهي ته پوءِ عوامي ردعمل طور ٿيندڙ هڙتالن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي گوليون هڻن جا حڪمناما جاري ڪرڻ جو ان وٽ ڪيترو اخلاقي جواز آهي؟
سنڌ ۾ ٻن ڏينهن جي ٿيل هڙتالن ان ڳالهه کي واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ واسي مهمان نوازيءَ جا نوان تمغا پائڻ بجاءِ ڌاري آبادڪاريءَ جي هر ڪوشش جي مخالفت ڪرڻ کي اوليت ڏين ٿا. سنڌ ۾ سمورين قومپرست ڌرين وٽ جيتوڻيڪ ان معاملي تي ساڳي راءِ آهي، پر هينئر تائين اهي ڪا گڏيل هڙتال يا احتجاج جو ڪو ٻيو اهڙو طريقو استعمال نه ڪري سگهيا آهن، جنهن مان سنڌ جي ماڻهن کي اُتساهه ملي ته سنڌ جون قومپرست ڌريون ان نوعيت جي مسئلي تي ڪا گڏيل جدوجهد به ڪري سگهن ٿيون. البته هميشه جيان تنظيمن ۾ اتحاد نه هجڻ جي باوجود عوامي سطح تي سنڌ واسين ڀرپور اتحاد جو مظاهرو ڪندي انهن احتجاجن کي موٽ ڏني. تنهن هوندي سنڌ ۾ ٻن تنظيمن طرفان به الڳ هڙتالون ڪرڻ جو ڪو سٺو تاثر پيدا نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اڃا به اهو احتجاجي سلسلو جاري آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ احتجاج ڪندڙ ٻين ڌرين کي هيٺيون حقيقتون ضرور ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي ماڻهن جو احتجاج مجموعي طور تي ڌاري آبادڪاري خلاف آهي، ڇو ته ان سان هڪ طرف صوبي جي محدود وسيلن تي دٻاءُ سموريون حدون اورانگهي رهيو آهي، ٻئي طرف سنڌي قوم لاءِ عددي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌي رهيو آهي. ان احتجاج کي رڳو سوات يا مالاڪنڊ مان ايندڙ ڌارين خلاف جدوجهد تائين محدود ڪرڻ سياسي طور غلط ٿيندو. تنهن ڪري سنڌ جي قومپرستن کي اها ڳالهه واضح طور چوڻ گهرجي ته سندن جدوجهد سوات مان ايندڙ ماڻهن جي آمد رڪجڻ سان ختم نه ٿي ويندي، بلڪه هاڻي هڪ مستقل سياسي ايجنڊا طور سندن حڪمت عمليءَ جو حصو رهندي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ دوست ڌريون هڪ نڪتي تي ڪنهن گڏيل حڪمت عملي لاءِ گڏ ويهن ۽ احتجاجي مظاهرا ۽ هڙتالون ان حڪمت عمليءَ جو رڳو هڪ حصو هجڻ گهرجن. پرامن سياسي جدوجهد کي هڪ ڊگهي حڪمت عملي هلائڻ گهرجي ۽ ان کي اشو- بيسڊ احتجاج واري روايتي انداز کان مختلف طريقي سان هلائجي. ويجهي ماضيءَ ۾ قادرپور گئس فيلڊ جي خانگائڻ خلاف جدوجهد وقت به مون هڪ مضمون ۾ اها گذارش ڪئي هئي ته احتجاج کي منظم ڪري سنڌ ۾ قدرتي وسيلن جي مالڪي واري جدوجهد کي اڳتي وڌايو وڃي. ساڳي طرح هن احتجاج کي به سنڌ ۾ ڊيموگرافي جي بنيادي مسئلي سان ڳنڍي ان جدوجهد جو دائرو وڌايو وڃي. سوات ۽ بنير مان ايندڙن خلاف هڙتالن ۾ ساٿ ڏيندڙ سنڌ جي شهري علائقن جي تنطيمن کان به اهو سوال ڪجي ته هو سنڌ ۾ باقي ڌاري آبادڪاريءَ خلاف به ساڳئي موقف تي بيهندا يا نه؟ ان مسئلي تي هر ڌر جي موقف جي چٽائي ۽ هر ڌر بابت سنڌين جي موقف جي چٽائي تمام ضروري آهي. ٻيو جنهن ڳالهه جو خيال رکڻ جي ضرورت آهي، سا آهي ڌاري آبادڪاري مخالف جدوجهد جو نسلي ٽڪراءُ ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو. سنڌ جي قومپرستن ۽ عوام کي ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ان جدوجهد کي ڪجهه طاقتون سنڌين ۽ پٺاڻن وچ ۾ نسلي ٽڪراءُ ڏانهن به موڙي سگهن ٿيون، جنهن کان بچڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته سنڌين جي ان جدوجهد جو بنياد ڌاري آبادڪاري آهي ۽ نه ڪي رڳو پٺاڻ آبادڪاري پختونن جي سياسي قيادت اڳيان ان بابت راءِ کي بنهه چٽو رکڻ جي ضرورت آهي.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پشتو ڳالهائيندڙن جي آبادين ۽ ملڪيتن کي نقصان رسائڻ سان اها اهم جدوجهد نسلي ٽڪراءَ ۾ تبديل ٿي ويندي، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ بهتر ناهي. ڪراچيءَ ۾ پختون آبادي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندا تنظيم ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءَ ۾ آهي، تنهن ڪري قومپرست ڌرين کي پنهنجي احتجاج ۾ ايم ڪيو ايم کان هلي وڃي مدد گهرڻ بجاءِ پنهنجي ٻانهن جي ٻَل تي احتجاج ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم پاڻ مرادو حمايت ڪري ته اها الڳ ڳالهه آهي، باقي هلي وڃي ان احتجاج لاءِ مدد گهرڻ جو نتيجو لساني ٽڪراءُ ۾ ڌر بڻجڻ آهي، جنهن کان سنڌ واسين کي بچڻ گهرجي. اها ڳالهه واضح رکڻ گهرجي ته اسان مجموعي طور سنڌ ڏانهن ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ جي حق ۾ ناهيو، پر ڪنهن ٻئي جي حصي جي جنگ به نه وڙهنداسين. اها اچرج جي ڳالهه آهي ته ڪجهه هفتا اڳ تائين سنڌ ۾ طالبان جي آمد واري مسئلي کي ايترو ته اُڀاريو ويو جو ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي سڏ ڏنو ويو ته هو ٻيهر هٿيار وٺن، گهٽين ۾ پهرا لڳائين، پنهنجي حفاظت جو بندوبست ڪن ۽ قربانيءَ لاءِ تيار ٿين پر هاڻي جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جا ڪٽڪ عملي طور تي اچڻ لڳا آهن ته خاموشي آهي. سنڌ جي قومپرست تنظيمن کي ان معاملي کي جذباتي نه پر عقلي بنيادن تي سمجهندي، اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هو ڪنهن جي به هٿن ۾ استعمال نه ٿيندا.
اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته آپريشن متاثرين جي آمد کي عام طور تي هڪ انساني مسئلو سمجهيو پيو وڃي. سنڌ جي مخالفت بابت تڪراري رايا عام ڪيا پيا وڃن. اردو ۽ انگريزي ميڊيا ان معاملي کي بنهه ٻيو رنگ ڏيئي رهيا آهن. ان ڏس ۾ احتجاج سان گڏ هڪ ڀرپور ڪيس تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن سان اهو واضح ڪري سگهجي ته ڪهڙي طرح ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌين کي منظم طريقي سان هڪ ثقافتي ٿورائي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. ساڳئي طرح ان ڌاري آبادڪاري سنڌ ۾ قدرتي وسيلن ۽ گذر جي ٻين ذريعن تي ڪيئن والار ڪئي آهي. ڪهڙي طرح سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ غربت ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿيا آهن. اهي تفصيل به سنڌ جي ڪيس کي مضبوط بڻائيندا ۽ ان جدوجهد کي هٿي ڏيندا. سنڌ جي قومپرست ڌرين ۽ ساڃاهه وندن کي سنڌ جي ان نقطئه نظر بابت مضبوط دليل عام ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ساڳي وقت ان ڳالهه تي به زور ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هن صورتحال جي ذميوار حڪومتي مشينري آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت انهن متاثرن لاءِ ڪا درست ۽ وقتائتي رٿابندي ڪري ها ته کين سرحد جي مختلف علائقن ۾ وقتي طور آباد ڪري پيو سگهجي، جنهن سان نه کين سنڌ اچڻ لاءِ ڏيڍ هزار ميلن جي سفر جا ڪشالا ڪٽڻا پون ها ۽ نه مقامي آباديءَ جو اهڙو ردعمل سامهون اچي ها. تنهن ڪري وقت جي حڪومت هن سڄي ٽڪراءُ واري صورتحال کي پيدا ڪرڻ لاءِ عملي طور ذميوار آهي. ٿوري سنجيدگي ۽ بهتر رٿابندي سان نه رڳو متاثرن جي اهنجن کي گهٽائي پيو سگهجي، پر ساڳئي وقت سنڌ ۾ انهن حالتن کي پيد اڪرڻ کان روڪي پيو سگهجي، جتي ڪي هٿ ان کي غلط رخ ۾ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. ساڳئي ريت سنڌ سرڪار به جيڪڏهن پنهنجي انتظامي اهليت جو مظاهرو ڪندي بنا دير سنڌ-پنجاب جي دنگ وٽ متاثرين کي روڪي ڪئمپن ۾ ترسائڻ ۽ کين سهولتون ڏيڻ جو اثرائتو انتظام ڏيکاري سگهي ها ته سنڌ ۾ ايترو ردعمل شايد پيدا نه ٿئي ها، پر ان جي ابتڙ سنڌ سرڪار رڳو ڪئمپون ٺاهڻ ۽ متاثرين جي رجسٽريشن جا سکڻا اعلان ڪندي رهي، ۽ سنڌ واسين کي مجبور ٿي سخت ردعمل جو مظاهرو ڪرڻو پيو، جنهن سان حالتن کي غلط رخ ڏانهن موڙڻ جي خواهش رکندڙ ڌرين کي هڪ موقعو مليو آهي. سنڌ سرڪار هن معاملي جي سياسي حساسيت کي محسوس ڪري ها ته ايترو ئي سنجيده تحرڪ به وٺي ها، جيڪو نظر نه آيو.
سنڌ واسين کي ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجهد ۾ انهن سمورن رخن کي خبرداريءَ سان سامهون رکڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي قومي بقا ۽ حقن جي جدوجهد درست رخ ۾ اڳتي وڌي سگهي ۽ ڪنهن ٻئي جي مفادن لاءِ ميدان ۾ تبديل نه ٿي وڃي.