سنڌ ۾ سياسي قيادت جو خال ڀرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪجي
سنڌي سماج اندر قيادت جي کوٽ ۽ ان جي پورائي لاءِ نين حڪمت عملين جي ضرورت بابت بحث دوران هيٺيان اهم نڪتا سامهون اچن ٿا.
* پاڪستان جي ڇهن ڏهاڪن واري تاريخ ۾ سويلين ۽ غير سويلين اسٽيبلشمينٽ مان سنڌين کي منظم طريقي سان ٻاهر رکيو ويو آهي، جنهن ڪري ملڪي سطح تي ٿيندڙ اهم فيصلن ۾ سنڌين جي مفادن جي ڪا به نمائندگي نه ٿي سگهي آهي.
* ڀارت کي ٽي نديون وڪڻڻ کان وٺي ناڻي ورهاست واري فارمولي جي تعين تائين اهم قومي فيصلن ۾ سنڌ جا مفاد ننڌڻڪائپ جو شڪار رهيا آهن. وفاقي سطح تي سنڌين جي نمائندگي جو اڪيلو ذريعو پيپلز پارٽي رهي آهي. جيتوڻيڪ ملڪي ڍانچي اندر ان وٽ به سنڌين جي مفادن جي تحفظ لاءِ نهايت محدود وقت ۽ موقعا ميسر رهيا آهن، پر وري به ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتن ۾ سنڌين کي ساهه کڻڻ جي مهلت ملي ويندي آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ سنڌي محسوس ڪن ٿا ته هاڻي ملڪي اقتدار جي ايوانن ۾ سندن نمائندگيءَ جو آخري وسيلو به ختم ڪيو ويو آهي.
* سنڌ ۾ وچولي طبقي جون جماعتون ڇڙوڇڙ آهن ۽ مختلف سببن جي ڪري عام سنڌي ماڻهو سندن قيادت ۾ ويساهه نه ٿو رکي، جنهن ڪري اهي به سنڌ کي ڪا اثرائتي قيادت فراهم نه ڪري سگهيون آهن.
انهن ٽنهي نقطن جو تت ڪڍجي ته ڳالهه اتي اچي بيهي ٿي ته سنڌين وٽ ڪا به اثرائتي قيادت موجود ناهي، جنهن جي پٺيان لڳي هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اجگر جهڙين آفتن کي منهن ڏئي سگهن. سوال اهو آهي ته ان صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ گهٽ ۾ گهٽ، ڪجهه نه ڪرڻ ۽ سماج ۾ آئيڊيل قيادت جي پيدا ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ ان سوال جو جواب ناهي. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته قومن جي تاريخ ۾ اهڙا مونجهارا ڪا انوکي ڳالهه ناهن. يقينن اها هڪ بحران جهڙي صورتحال آهي، پر بحران جو حل وري به رڳو تحرڪ ۾ ئي آهي. جيڪڏهن سماج سرگرم ۽ متحرڪ رهندو ته اهو وقت سان گهربل قيادت کي به جنم ڏيندو. تنهن ڪري پهريون شرط مستقل مزاجيءَ سان تحرڪ کي جاري رکڻ آهي. ان صورتحال جو هڪ ٻيو جواب آهي، زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي قيادت پيدا ڪرڻ مثال طور پنجاب اندر ڪا به اجتماعي سياسي قيادت يا غير معمولي طور منظم تنظيم موجود ناهي. جيڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سياسي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ جي فيڪٽرين مان مينوفيڪچر ٿي سياسي مارڪيٽ ۾ پهچن ٿا، انهن وٽ ڪا به وسيع تر عوامي حمايت به موجود ناهي، پر ان جي باوجود پنجاب جي مفادن کي ڪو به ڇيهو نه ٿو رسائي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته فوجي ۽ غير فوجي اسٽيبلشمينٽ ان جي مفادن جو هر وقت تحفظ ڪرڻ لاءِ موجود آهي، پر ان سان گڏوگڏ پنجاب وٽ هر شعبي ۾ ادارا ۽ فرد پڻ موجود آهن، جيڪي سماج ۾ قيادت جي اڻ هوند کي محسوس ٿيڻ نه ٿا ڏين. پنجاب وٽ صنعت، زراعت، ڪاروبار، تعليم وغيره جهڙن اهم شعبن ۾ انتهائي منظم ادارا ۽ فرد موجود آهن. خود اهي ادارا ۽ ٽيڪنوڪريٽ به ڇهن ڏهاڪن دوران ننڍين قومن جا وسيلا ڦٻائي پيدا ۽ مضبوط ٿيا آهن، پر بهرحال اهي هاڻي پنجاب جي سماج لاءِ ٿوڻين وانگر بيٺا آهن ۽ وڏي ۾ وڏو سياسي بحران به کين پريشان نه ٿو ڪري.
سنڌ هن وقت جنهن سياسي يتيميءَ جو شڪار ٿيل آهي، ان کي به هاڻي ڪجهه ڏهاڪا سياسي عمل سان گڏ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ گهڻ رخي اهل قيادت پيدا ڪرڻ تي لڳائڻ جي ضرورت آهي. خوش قسمتيءَ سان هن وقت عالمي وايو منڊل ان قسم جي حڪمت عملين کي عمل هيٺ آڻڻ لاءِ سازگار بنيل آهي. سرحدن جي کلڻ ۽ ٽيڪنالاجيءَ وسيلي ڄاڻ جي ڦهلاءَ ۽ رابطن جي مضبوطيءَ وارن موقعن ان حڪمت عمليءَ کي عمل جوڳو بنائڻ لاءِ ڪيئي موقعا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف ڇهن ڏهاڪن کان حڪومتي ڏاڍ وارو نظام ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿي رهيو آهي. عالمي سطح تي ملڪ مٿان قابض قوتن جو اميج تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيو آهي ۽ مارڪيٽ جي چٽاڀيٽيءَ سبب ان جو معاشي ڍانچو به کوکلو ٿي رهيو آهي. گذريل ڏهن سالن کان سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري (Foreign Direct Investment) جي نالي تي پنهنجا اڪثر اثاثا وڪڻي ۽ قرضن جي ڳرن انبارن هيٺان دٻجي هن ملڪ تي والار ڪري ويٺل قوتون ان ڪمزور ڀت جيان بڻجي چڪيون آهن، جن کي رڳو هڪ وڌيڪ ڌڪي جي ضرورت آهي. هٿن مان سڀ ڪجهه ويندي ڏسي اهي طاقتون هاڻي ڇتائپ جي ان انتها تي پهچي چڪيون آهن، جتي هاڻي پنهنجي ملڪ واسين کي ماري ڏهڪاءُ پکيڙي مٿن پنهنجو قبضو قائم رکڻ کانسواءِ هاڻي وٽن ڪو به ذريعو نه بچيو آهي. تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اهي سندس پڇاڙڪيون ڇڙهيون آهن، جن کانپوءِ سندن چراغن ۾ روشني نه رهندي. يقيني اهو پڄاڻيءَ وارو مرحلو رت ۽ بارود سان ڀرپور هوندو، ڇو ته هنن قوتن وٽ ته سوشلسٽ سوويت يونين جيتري اخلاقيات به ناهي، جو بنا رتوڇاڻ جي ماڻهن کي پنهنجي حصي جي زندگي مرضي موجب گذارڻ جي اجازت ڏين. هن مرحلي تي سنڌ کي گهڻ رخي قيادت جي ان ڪري به شديد ضرورت آهي، جو ان وٽ سياسي قيادت جو هڪ وڏو خال موجود آهي. بدقسمتيءَ سان ڏهاڪن تائين سنڌي ماڻهن کي عمل لاءِ تيار ڪرڻ جا درس ڏيندڙ ڌريون ان مهل قيادت فراهم ڪرڻ کان لاچار آهن، جڏهن عمل جي گهڙي اسان جي گهٽين تائين اچي پهتي آهي ۽ اسان جون مخالف قوتون بدترين اندروني ڀڃ ڊاهه مان گذري رهيون آهن. گهڻ پاسائين قيادت واري تصور تي اسان وٽ تمام گهٽ بحث ٿيو آهي، تنهن ڪري ان تصور کي به چٽو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هونءَ ته سماج جا انيڪ رخ آهن ۽ ان مان هر رخ جي سماجي ترقيءَ ۾ پنهنجي اهميت آهي، پر ان ۾ ڪي پاسا ان لحاظ کان وڌيڪ اهم هوندا آهن ته انهن ۾ کنيل هڪ وک باقي ميدانن ۾ کنيل هڪ هزار وکن جي مفاصلي کي اورانگهي سگهي ٿي. ان حقيقت کي هن ريت سمجهڻ گهرجي ته ڪيئي ٽن وزني ٽرڪ کي هونءَ ته سئو ماڻهو به گڏجي نه کڻي سگهندا پر هڪ ننڍڙو جيڪ جيڪڏهن ٺيڪ جڳهه ته رکي رڳو هڪ ماڻهو پنهنجي طاقت کي حڪمت عمليءَ هيٺ منتقل ڪري ته اها ساڳي ٽرڪ سيڪنڊن ۾ مٿي کڄي وڃي ٿي. سماج جي ترقيءَ ۾ به اهڙين جيڪ پوائنٽس کي تلاش ڪري تُز حڪمت عمليون جوڙڻ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن سان رواجي صلاحيت ۽ قوت سان به بحرانن جا ڳرا بار مٿي کڄي سگهن. سماج جي مختلف شعبن ۾ موجود اهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر شعبي ۾ قيادت جي ضرورت آهي. ان کي اجتماعي طور گهڻ پاسائين قيادت چئي سگهجي ٿو. سياسي ۽ سماجي سطح تي ڏاهپ ڀري قيادت جو اهوئي ڪردار هوندو آهي ته قوم لاءِ انهن حڪمت عملين کي چونڊي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ قوم کي متحرڪ ڪري. يقينن اهي جيڪ پوائنٽس تاريخ جي هر دور ۾ تبديل ٿينديون رهنديون، ڇو ته جدوجهد جون حڪمت عمليون به ويڙهه جي اوزارن جيان وقت سان تبديل ڪرڻيون پون ٿيون. تلوارن ۽ ڀالن کان وٺي توپن ۽ ميزائيلن تائين ۽ هاڻي ٽيڪنالاجي ۽ مارڪيٽ تائين دنيا جدوجهد ۽ ترقي جي حڪمت عملين ۾ نت نيون تبديليون آنديون آهن. جيڪڏهن ڪا به سياسي قيادت انهن تبديلين ۽ ويڙهاند جي بدلجندڙ طور طريقن ۽ هٿيارن کان اڻ ڄاڻ آهي ته پوءِ اها ان ميدان ۾ به ڍال کڻي پهچندي جتي ميزائيل هلي رهيا هوندا ۽ اهڙي قيادت پنهنجي پوئلڳن کي ڍالن سميت پرزا پرزا ڪرائي ڇڏيندي. ان اهم سوال کي اسان پنهنجي سياسي قيادتن جي ڏاهپ کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪري سگهون ٿا ۽ ان پٽاندڙ اهو فيصلو ڪري سگهون ٿا ته ڇا اسان جي قيادت جي دعويدارن ۾ ايتري اهليت آهي، جو اسان هنن جي آسري گهٽين ۾ بينر ۽ جهنڊا کڻي نعرا هڻندا رهون يا وري پنهنجي وجود جي بقا ۽ اوسر لاءِ ڪي ٻيون حڪمت عمليون جوڙڻ لاءِ به هٿ پير هڻون؟ منهنجي ناقص ڄاڻ موجب ايڪڙ ٻيڪڙ فردن کي ڇڏي اسان جي اڪثر سياسي اڳواڻن ۽ تنظيمن وٽ دنيا ۾ ايندڙ تيز رفتار تبديلين جو ادراڪ گهٽ آهي، جنهن ڪري سندن تنظيمي حڪمت عمليون ان رستي ڏانهن نه پيون وڃن، جن جي منزل اسان جي گڏيل نجات هجي. مان پنهنجي ان راءِ لاءِ ڪيئي دليل هتي ڏئي سگهان ٿو، پر هن وقت ان کان وڌيڪ اهميت ان بحث کي اڳتي وڌائڻ جي آهي.
سياسي ادارن جي اندر قوم کي قيادت فراهم ڪرڻ واري ان خال کي منهن ڏيڻ لاءِ سماج کي متبادل قيادت ۽ ادارن جي ضرورت آهي، جيڪي مختلف شعبن ۾ سنڌ واسين جي مفادن جو تحفظ ڪن ۽ انهن کي اڳتي وڌائن. اهڙن شعبن ۾ ڪي شعبا ته اهڙا آهن، جن ۾ سرڪاري پاليسين، رعايتن ۽ امداد کانسواءِ وڏي پيماني تي فرق آڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، جهڙوڪ زراعت ۽ صنعت، پر ٻئي طرف گذريل ڏهاڪي ڏيڍ دوران عالمي سطح جي آيل تبديلين ڪجهه اهڙن شعبن کي مکيه ڌارا ۾ آندو آهي، جن ۾ اڳڀرائي لاءِ سرڪاري سرپرستيءَ جي ڪا خاص ضرورت ناهي ۽ مڊل ڪلاس پاڻ انهن شعبن ۾ اڳڀرائي ڪري سماج جي بهتريءَ لاءِ اثرائتا ادارا فراهم ڪري سگهي ٿو. اتي بهرحال ان حقيقت کي وسارڻ نه گهرجي ته اهڙا ادار سياسي تنظيمن ۽ قيادت جو متبادل نه ٿا ٿي سگهن. اهي رڳو سياسي ادارن ۽ قيادت جي خال کي ڀرڻ لاءِ هڪ عارضي متبادل بڻجي سگهن ٿا. يقينن اها حڪمت عملي سياسي جدوجهد ۽ ادارن جو متبادل ناهي پر اها هڪ منظم سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ اثرائتو سماجي ڍانچو فراهم ڪري سگهي ٿي، جنهن جي سنڌي سماج ۾ کوٽ آهي ۽ اها کوٽ سياسي ادارن جي ڪمزوريءَ جو هڪ اهم ڪارڻ پڻ آهي. ويجهن سالن دوران پاڻيءَ واري مسئلي تي سنڌ واسين جي جدوجهد جهڙي طرح سنڌ کان ٻاهر همدردي ۽ عملي حمايت حاصل ڪئي آهي، ان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌي وچولو طبقو پنهنجي اجتماعي قومي مفادن لاءِ ڪامياب جدوجهد ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. پاڻيءَ واري مسئلي تي جدوجهد سنڌ ۾ گهڻ پاسائين قيادت جي گڏيل جدوجهد جو هڪ نمونو پڻ آهي، جنهن ۾ سياستدانن، ميڊيا، ٽيڪنوڪريٽس ۽ اين جي اوز سميت هر شعبي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ تعليم وغيره جهڙن ميدانن ۾ نه رڳو وچولو طبقو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت انهن شعبن ۾ ترقيءَ سان سنڌ اندر وڌيڪ منظم ۽ سگهارو وچولو طبقو پڻ جنم وٺي سگهي ٿو. جهڙيءَ ريت سنڌ جي وچولي طبقي جو اڄوڪو نسل، شهيد ڀٽي جي دور ۾ ورهاڱي کانپوءِ جنم وٺندڙ سنڌي مڊل ڪلاس جي پهرين نسل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم، ڪميٽيڊ ۽ سگهارو آهي، تيئن ايندڙ ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ سماج جون واڳون سنڀاليندڙ مڊل ڪلاس جو نئون نسل اڃا به وڌيڪ منطم ۽ سگهارو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان ريت اڄ جا هي بحران اسان کي وقت گذرڻ سان ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط بنائي سگهن ٿا. جنرل ايوب کان وٺي مشرف جي دور تائين هڪ پاسي سنڌ کان ڀُٽي ۽ بينظير جهڙا اڳواڻ کسيا ويا ته ٻئي طرف زندگيءَ جي هر شعبي ۾ سنڌين کي چيڀاٽيو ويو پر ڇهن ڏهاڪن جي ان سڄي بربريت ۽ زيادتين جو انت وري به اهوئي نڪتو آهي ته سنڌي سماج اڳي کان وڌيڪ اڳڀرو ٿيو آهي، تمام گهڻن نقصانن ۽ تڪليفن جي باوجود سنڌ جو ڪيس اڄ اڳي کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سنڌ واسي اڳ کان وڌيڪ منظم ۽ اڳڀرا ٿيا آهن ۽ سنڌي سماج تمام گهڻي اندروني ۽ ٻاهرين مڙهيل ڀڃ ڊاهه جي باوجود هر رخ کان نه رڳو مزاحمت ڪئي آهي پر نيون وکون به کنيون آهن. جڏهن ته سنڌ سان زيادتيون ڪندڙ قوتون اڳ کان وڌيڪ اڪيليون ۽ خوار ٿيون آهن. ان لحاظ کان سنڌين جو آئندو ڪنهن هارايل يا گوڏا کوڙيل قوم وارو نه پر حالتن سان مقابلو ڪندڙ هڪ زندهه قوم وارو نظر اچي رهيو آهي. مٿئين سڄي بحث کي مختصر ڪجي ته ايندڙ سالن جي حڪمت عملي جو محور هيٺيان نقطا بڻجن ٿا.
* سنڌ ۾ سياسي عمل کي وڌيڪ جوابده بنائي ان کي سڌارڻ لاءِ اندروني دٻاءُ جاري رکجي ته جيئن ايندڙ سالن ۾ سنڌين جي مفادن لاءِ ايماندار ۽ اهل قيادت ۽ ادارا جنم وٺن.
* ان عمل سان گڏ وچولي طبقي جا سنڌ واسي سماج کي گهڻ پاسائين قيادت ۽ گهڻ پاساوان ادارا فراهم ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪن. اها اڳڀرائي لاشعوري طور اڳي ئي شروع ٿي چڪي آهي، ان کي رڳو بهتر طريقي سان منظم ڪرڻ جي گهرج آهي.
* سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف وچولي طبقي جي سياسي ۽ غير سياسي محاذن کي لڳاتار جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي ويري قوتن کي وڌيڪ اڪيلو ۽ وائکو ڪري مٿن سنڌ واسين جي جائز حقن جي تحفظ لاءِ دٻاءُ وڌائي سگهجي. ان جدوجهد کي نئين دور جي طور طريقن ۽ وسيلن جي استعمال جي شديد گهرج آهي.
* سنڌ ۾ منظم سنڌ دوست سياسي قيادت ۽ ادارن پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪبو رهجي، ڇو ته مضبوط سياسي ادارا ۽ قيادت پيدا ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جا مسئلا مڪمل طور حل نه ٿي سگهندا. اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جتي طاقت جو توازن پنهنجي حق ۾ نه هجي، اتي ڏاهپ جو توازن پنهنجي پاسي رکڻ سان طاقت کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ ڄاڻ ۽ سمجهداري تي ٻڌل هڪ اهڙي لهر کي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، جيڪا هزارين ٽن وزني مسئلن کي سوچ ۽ عمل جي هڪ ننڍي جيڪ سان مٿي کڻي سگهي. پڪ ڄاڻو ته ناانصافي ۽ جبر تي ٻڌل هي ديوار هاڻي سوچ ۽ عمل جي صرف هڪ ڌڪي جي محتاج آهي ۽ بدلجندڙ عالمي وايو منڊل ۾ اسان جي سمجهداري ۽ مستقل مزاجيءَ تي ٻڌل جدوجهد جو لازمي نتيجو سنڌ جي شاندار آئيندي جي صورت ۾ نڪرندو.
(روزاني ڪاوش- 27 جنوري 2008ع)